caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة القلم القلم

٥٢ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٢

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ نٓ وَٱلْقَلَمِ وَمَا يَسْطُرُونَ

Taj Mehmood Amrotiنٓ قَلَم جو قسم آھي ۽ اُن جو به جيڪي لکندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَآ أَنتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُونٍ

Taj Mehmood Amrotiته تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان ڪو چريو نه آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ لَكَ لَأَجْرًا غَيْرَ مَمْنُونٍ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تولاءِ اڻ کٽ ثواب آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّكَ لَعَلَىٰ خُلُقٍ عَظِيمٍ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تون وڏي خُلق تي آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَسَتُبْصِرُ وَيُبْصِرُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ سگھوئي ڏسندين ۽ اُھي (به) ڏسندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بِأَييِّكُمُ ٱلْمَفْتُونُ

Taj Mehmood Amrotiته اوھان مان ڪير چريو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعْلَمُ بِٱلْمُهْتَدِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي انھيءَ کي تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان گمراھ ٿيو، ۽ اھو سنئين واٽ ويندڙن کي به تمام چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَا تُطِعِ ٱلْمُكَذِّبِينَ

Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري ڪوڙ ڀائيندڙن جو چيو نه مڃ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَدُّوا۟ لَوْ تُدْهِنُ فَيُدْهِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiاُھي گھرندا آھن ته جيڪڏھن نرمي ڪرين ته اُھي به نرمي ڪن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا تُطِعْ كُلَّ حَلَّافٍ مَّهِينٍ

Taj Mehmood Amroti۽ تون سڀڪنھن وڏي قسميءَ خوار جو چيو نه مڃ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هَمَّازٍ مَّشَّآءٍۭ بِنَمِيمٍ

Taj Mehmood Amroti(جو) گھڻو عيب لائيندڙ چغلي ھڻندڙ گھمندڙ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَّنَّاعٍ لِّلْخَيْرِ مُعْتَدٍ أَثِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiخير کان جھليندڙ حد کان لنگھيل گنھگار.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

عُتُلٍّۭ بَعْدَ ذَٰلِكَ زَنِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiبدعادتو اِن سڀنيءَ کانپوءِ (حرامي (به) ھجي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَن كَانَ ذَا مَالٍ وَبَنِينَ

Taj Mehmood Amrotiانھي ڪري جو مال ۽ اولاد وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ءَايَٰتُنَا قَالَ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن وٽس اسان جون آيتون پڙھجن (تڏھن) چوي ته اڳين جون آکاڻيون آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

سَنَسِمُهُۥ عَلَى ٱلْخُرْطُومِ

Taj Mehmood Amrotiسگھوئي کيس سونڍ تي داغ ڏينداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّا بَلَوْنَٰهُمْ كَمَا بَلَوْنَآ أَصْحَٰبَ ٱلْجَنَّةِ إِذْ أَقْسَمُوا۟ لَيَصْرِمُنَّهَا مُصْبِحِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان ھنن کي (اھڙي طرح) آزمايو جھڙي طرح باغ وارن کي آزمايو ھوسون، جڏھن قسم کنيائون ته سويرو (ئي) اُن پوک کي ضرور لُڻندا (سين).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا يَسْتَثْنُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اِنشاءَالله نه چيائون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَطَافَ عَلَيْهَا طَآئِفٌ مِّن رَّبِّكَ وَهُمْ نَآئِمُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ تنھنجي پالڻھار (جي پار) کان اُن (باغ) تي ھڪ (اھڙي) بلا پلٽي ۽ اُھي (اڃا) سمھيل ئي ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَصْبَحَتْ كَٱلصَّرِيمِ

Taj Mehmood Amrotiجو (اُھو) ناڙ وانگر ٿي پيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَتَنَادَوْا۟ مُصْبِحِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ سويرو ھڪ ٻئي کي سڏڻ لڳا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَنِ ٱغْدُوا۟ عَلَىٰ حَرْثِكُمْ إِن كُنتُمْ صَٰرِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن اوھين لاباري ڪرڻ وارا آھيو ته پوءِ پنھنجي پوک تي سويرو ھلو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱنطَلَقُوا۟ وَهُمْ يَتَخَٰفَتُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُھي ھليا ۽ ھڪ ٻئي کي ھوريان چوڻ لڳا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَن لَّا يَدْخُلَنَّهَا ٱلْيَوْمَ عَلَيْكُم مِّسْكِينٌ

Taj Mehmood Amrotiته (جئن) ھن (پوک) ۾ اڄ اوھان وٽ ڪو مسڪين اندر اچي نه سگھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَغَدَوْا۟ عَلَىٰ حَرْدٍ قَٰدِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ (پنھنجي گمان ۾) بخل (جي نيت) تي سگھارا ٿي سويرو پھتا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَمَّا رَأَوْهَا قَالُوٓا۟ إِنَّا لَضَآلُّونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن مھل اُن (پوک) کي ڏٺائون (ته) چيائون ته بيشڪ اسين رستو ڀليل آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بَلْ نَحْنُ مَحْرُومُونَ

Taj Mehmood Amroti(نه نه!) بلڪ اسين بي نصيب (ٿيل) آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ أَوْسَطُهُمْ أَلَمْ أَقُل لَّكُمْ لَوْلَا تُسَبِّحُونَ

Taj Mehmood Amrotiسندن چڱي (مڙس) چيو ته اوھان کي نه چيو ھومِ ڇا ته الله جي پاڪائي ڇونه ٿا بيان ڪريو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ سُبْحَٰنَ رَبِّنَآ إِنَّا كُنَّا ظَٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته (اسين) پنھنجي پالڻھار جي پاڪائي بيان ڪريون ٿا ۽ بيشڪ (انھي نيت ڪري) ظالم ھواسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ يَتَلَٰوَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ھڪ ٻئي کي ملامت ڪندڙ ٿي ھڪڙن ٻـين ڏانھن مھاڙ ڪئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ يَٰوَيْلَنَآ إِنَّا كُنَّا طَٰغِينَ

Taj Mehmood Amrotiچوڻ لڳا ته ويل اسان لاءِ بيشڪ اسين حد کان لنگھندڙ ھواسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

عَسَىٰ رَبُّنَآ أَن يُبْدِلَنَا خَيْرًا مِّنْهَآ إِنَّآ إِلَىٰ رَبِّنَا رَٰغِبُونَ

Taj Mehmood Amrotiمانَ اسان جو پالڻھار اسان کي ھن کان ڀلو (ٻيو باغ) بدلو ڏئي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن اُميد رکندڙ آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَٰلِكَ ٱلْعَذَابُ وَلَعَذَابُ ٱلْـَٔاخِرَةِ أَكْبَرُ لَوْ كَانُوا۟ يَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiائين ئي آفت (پوڻي) آھي، ۽ بيشڪ آخرت جو عذاب تمام وڏو آھي، ارمان! جيڪڏھن سمجھن ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ لِلْمُتَّقِينَ عِندَ رَبِّهِمْ جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ پرھيزگارن لاءِ سندن پالڻھار وٽ نعمت جا باغ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَنَجْعَلُ ٱلْمُسْلِمِينَ كَٱلْمُجْرِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiمسلمانن کي گنھگارن جھڙو ڪنداسون ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَا لَكُمْ كَيْفَ تَحْكُمُونَ

Taj Mehmood Amrotiاوھان کي ڇا ٿيو آھي؟ ڪھڙو ٺھراءُ ٿا ڪيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ لَكُمْ كِتَٰبٌ فِيهِ تَدْرُسُونَ

Taj Mehmood Amrotiاوھان وٽ ڪو ڪتاب آھي ڇا جنھن ۾ (ھيءَ ڳالھ) پڙھندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ لَكُمْ فِيهِ لَمَا تَخَيَّرُونَ

Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ جيڪي اوھين پسند ڪندا آھيو سو آخرت ۾ اوھان لاءِ ھوندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ لَكُمْ أَيْمَٰنٌ عَلَيْنَا بَٰلِغَةٌ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَٰمَةِ إِنَّ لَكُمْ لَمَا تَحْكُمُونَ

Taj Mehmood Amrotiاوھان جا اسان جي ذمي (ھن ڳالھ جا) ڪي پڪا انجام ٿيل آھن ڇا جو اُنھن جو قيامت تائين حُڪم ھلندو ته بيشڪ جيڪو ٺھراءُ ڪريو ٿا سو اوھان لاءِ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

سَلْهُمْ أَيُّهُم بِذَٰلِكَ زَعِيمٌ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) مشرڪن کان پڇ ته انھن مان ڪير ھن (ڳالھ) جو ذمي وار آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ لَهُمْ شُرَكَآءُ فَلْيَأْتُوا۟ بِشُرَكَآئِهِمْ إِن كَانُوا۟ صَٰدِقِينَ

Taj Mehmood Amrotiانھن (مشرڪن) کي (ھن ڳالھ ۾) ڪي شريڪ آھن ڇا؟ جيڪڏھن سچا آھن ته جڳائين ته پنھنجي شريڪن کي (مدد لاءِ) آڻين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ يُكْشَفُ عَن سَاقٍ وَيُدْعَوْنَ إِلَى ٱلسُّجُودِ فَلَا يَسْتَطِيعُونَ

Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن پنّي جي تجلّي ٿيندي ۽ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو پوءِ نه ڪري سگھندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

خَٰشِعَةً أَبْصَٰرُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ وَقَدْ كَانُوا۟ يُدْعَوْنَ إِلَى ٱلسُّجُودِ وَهُمْ سَٰلِمُونَ

Taj Mehmood Amrotiانھن جون اکيون جھڪيون ھونديون. (۽) کين خواري وٺي ويندي، ۽ بيشڪ اُنھن کي سجدي ڏانھن سڏبو ھو حالانڪ اُھي چڱا ڀلا (به) ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَذَرْنِى وَمَن يُكَذِّبُ بِهَٰذَا ٱلْحَدِيثِ سَنَسْتَدْرِجُهُم مِّنْ حَيْثُ لَا يَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي پيغمبر) مون کي ۽ انھيءَ کي جو ھن (قرآن جي) ڳالھ کي ڪوڙ ڀائيندو آھي ڇڏي ڏي، (اسين) انھن کي درجي بدرجي (اُتان دوزخ ۾) ڇڪينداسون جتان اُھي نه ڄاڻندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأُمْلِى لَهُمْ إِنَّ كَيْدِى مَتِينٌ

Taj Mehmood Amrotiانھن کي مُھلت ڏيان ٿو، بيشڪ منھنجي رِٿ پڪي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ تَسْـَٔلُهُمْ أَجْرًا فَهُم مِّن مَّغْرَمٍ مُّثْقَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiانھن کان ڪو اجورو گھرندو آھين ڇا جنھنڪري (ان) چٽيءَ کان ڳوري بار آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ عِندَهُمُ ٱلْغَيْبُ فَهُمْ يَكْتُبُونَ

Taj Mehmood Amroti(يا) انھن وٽ ڪو ڳجھ (جو علم) آھي ڇا جو اھي لکندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ وَلَا تَكُن كَصَاحِبِ ٱلْحُوتِ إِذْ نَادَىٰ وَهُوَ مَكْظُومٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (تون) پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ۽ مڇيءَ واري (يونس) وانگر نه ھُج، جڏھن دانھن ڪيائين ۽ اُھو ڏک ۾ ڀرجي ويو ھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَّوْلَآ أَن تَدَٰرَكَهُۥ نِعْمَةٌ مِّن رَّبِّهِۦ لَنُبِذَ بِٱلْعَرَآءِ وَهُوَ مَذْمُومٌ

Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن کيس سندس پالڻھار جي طرفان رحمت نه پھچي ھا ته ضرور سُڃ ۾ اڇليو وڃي ھا ۽ اُھو بڇڙي حال ھجي ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱجْتَبَٰهُ رَبُّهُۥ فَجَعَلَهُۥ مِنَ ٱلصَّٰلِحِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ سندس پالڻھار کيس نوازيو ۽ صالحن مان ڪيائينس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِن يَكَادُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَيُزْلِقُونَكَ بِأَبْصَٰرِهِمْ لَمَّا سَمِعُوا۟ ٱلذِّكْرَ وَيَقُولُونَ إِنَّهُۥ لَمَجْنُونٌ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ ڪافر جڏھن قرآن ٻڌندا آھن (تڏھن) توکي پنھنجن (تکين) اکين سان ٿيڙڻ تي آھن ۽ چوندا آھن ته بيشڪ ھي (پيغمبر) چريو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ (حقيقت ۾) ھي (قرآن) ته جھانن لاءِ نصيحت آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70