مُک صفحو › سورتون › سورة الملك
سورة الملك الملك
٣٠ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٧٧
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ تَبَٰرَكَ ٱلَّذِى بِيَدِهِ ٱلْمُلْكُ وَهُوَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
Taj Mehmood Amroti اُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن جي ھٿ ۾ (ساري مُلڪ جي) بادشاھي آھي، ۽ اُھو سڀڪنھن شيءِ تي وس وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلْمَوْتَ وَٱلْحَيَوٰةَ لِيَبْلُوَكُمْ أَيُّكُمْ أَحْسَنُ عَمَلًا وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْغَفُورُ
Taj Mehmood Amroti (الله اُھو آھي) جنھن موت ۽ حياتي پيدا ڪئي (انھيءَ لاءِ) ته اوھان کي پرکي ته عمل جي ڪري تمام چڱو اوھان مان ڪير آھي؟ ۽ اُھو غالب بخشڻھار آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِى خَلَقَ سَبْعَ سَمَٰوَٰتٍ طِبَاقًا مَّا تَرَىٰ فِى خَلْقِ ٱلرَّحْمَٰنِ مِن تَفَٰوُتٍ فَٱرْجِعِ ٱلْبَصَرَ هَلْ تَرَىٰ مِن فُطُورٍ
Taj Mehmood Amroti (الله اُھو آھي) جنھن ستن آسمانن کي طبقا طبقا بڻايو، (اي ڏسندڙ تون الله) ٻاجھاري جي بڻاوت ۾ ڪو فرق نه ڏسندين. پوءِ ورائي (نظر ڪري) ڏس ته (ڪٿي) ڪا ڦوٽ ڏسين ٿو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ ٱرْجِعِ ٱلْبَصَرَ كَرَّتَيْنِ يَنقَلِبْ إِلَيْكَ ٱلْبَصَرُ خَاسِئًا وَهُوَ حَسِيرٌ
Taj Mehmood Amroti پوءِ وري به ٻه ڀيرا ڏس ته (ضرور تنھنجي) نظر تو ڏانھن جھڪي ٿي ٿڪجي موٽندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ زَيَّنَّا ٱلسَّمَآءَ ٱلدُّنْيَا بِمَصَٰبِيحَ وَجَعَلْنَٰهَا رُجُومًا لِّلشَّيَٰطِينِ وَأَعْتَدْنَا لَهُمْ عَذَابَ ٱلسَّعِيرِ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ دنيا جي آسمان کي (ستارن جي) ڏيئن سان سينگاريو اٿون ۽ اُنھن کي شيطانن جي چُٽڻ لاءَ (به) بڻايوسون ۽ شيطانن لاءِ دوزخ جو عذاب تيار ڪيو اٿون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلِلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِرَبِّهِمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن پنھنجي پالڻھار جو انڪار ڪيو تن لاءِ دوزخ جي سزا آھي، ۽ اُھا جاءِ بڇڙي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذَآ أُلْقُوا۟ فِيهَا سَمِعُوا۟ لَهَا شَهِيقًا وَهِىَ تَفُورُ
Taj Mehmood Amroti جڏھن کين دوزخ ۾ اڇليو ويندو (تڏھن) اُن جون (گڏھ جھڙيون) ھينگون ٻڌندا ۽ اُھو پيو اُڀامندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَكَادُ تَمَيَّزُ مِنَ ٱلْغَيْظِ كُلَّمَآ أُلْقِىَ فِيهَا فَوْجٌ سَأَلَهُمْ خَزَنَتُهَآ أَلَمْ يَأْتِكُمْ نَذِيرٌ
Taj Mehmood Amroti جو ڪاوڙ کان (ڄڻ ته) اجھو ٿو ڦاٽي. جنھن مھل ڪنھن ٽوليءَ کي اُن ۾ پيو وجھبو (تنھن مھل) دوزخ جا داروغا انھن کان پڇندا ته اوھان وٽ ڪو ڊيڄاريندڙ (پيغمبر) نه آيو ھو ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوا۟ بَلَىٰ قَدْ جَآءَنَا نَذِيرٌ فَكَذَّبْنَا وَقُلْنَا مَا نَزَّلَ ٱللَّهُ مِن شَىْءٍ إِنْ أَنتُمْ إِلَّا فِى ضَلَٰلٍ كَبِيرٍ
Taj Mehmood Amroti چوندا ھائو! بيشڪ اسان وٽ ڊيڄاريندڙ آيو ھو، پر (اُن کي) ڪوڙو ڄاتوسون ۽ چيوسون ته الله ڪا (به) شيءِ نه لاٿي آھي، اوھين ته رڳو وڏيءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالُوا۟ لَوْ كُنَّا نَسْمَعُ أَوْ نَعْقِلُ مَا كُنَّا فِىٓ أَصْحَٰبِ ٱلسَّعِيرِ
Taj Mehmood Amroti ۽ چوندا ته جيڪڏھن اسين ٻُڌون ھا يا سمجھون ھا ته دوزخين (جي ٽوليءَ) ۾ (ڪڏھن داخل) نه ٿيون ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱعْتَرَفُوا۟ بِذَنۢبِهِمْ فَسُحْقًا لِّأَصْحَٰبِ ٱلسَّعِيرِ
Taj Mehmood Amroti پوءِ پنھنجو ڏوھ (پاڻ) مڃيندا، پوءِ دوزخين تي لعنت ھجي شال.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلَّذِينَ يَخْشَوْنَ رَبَّهُم بِٱلْغَيْبِ لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَأَجْرٌ كَبِيرٌ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ جيڪي پنھنجي پالڻھار کان پرپٺ ڊڄندا آھن تن لاءِ بخشش ۽ وڏو اجر آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَسِرُّوا۟ قَوْلَكُمْ أَوِ ٱجْهَرُوا۟ بِهِۦٓ إِنَّهُۥ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ
Taj Mehmood Amroti ۽ پنھنجي ڳالھ ڳجھي ڳالھايو يا اُھا پڌري چئو، ته بيشڪ الله سينن جو ڳُجھ ڄاڻندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَا يَعْلَمُ مَنْ خَلَقَ وَهُوَ ٱللَّطِيفُ ٱلْخَبِيرُ
Taj Mehmood Amroti جنھن پيدا ڪيو سو ڪيئن نه ڄاڻندو؟ ۽ اُھو اونھي نظر وارو خبر رکندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُوَ ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُمُ ٱلْأَرْضَ ذَلُولًا فَٱمْشُوا۟ فِى مَنَاكِبِهَا وَكُلُوا۟ مِن رِّزْقِهِۦ وَإِلَيْهِ ٱلنُّشُورُ
Taj Mehmood Amroti (الله) اُھو آھي جنھن زمين کي اوھان جي لاءِ تابع ڪيو ته ان جي رستن ۾ گھمو ۽ الله جي رزق مان کائو، ۽ (جيئرو ٿي) ڏانھس کڙو ٿيڻو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ءَأَمِنتُم مَّن فِى ٱلسَّمَآءِ أَن يَخْسِفَ بِكُمُ ٱلْأَرْضَ فَإِذَا هِىَ تَمُورُ
Taj Mehmood Amroti (اوھين) اُنھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان کي زمين ۾ ڳِھائي ڇڏي پوءِ اُتي جو اُتي زمين ڌڏي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ أَمِنتُم مَّن فِى ٱلسَّمَآءِ أَن يُرْسِلَ عَلَيْكُمْ حَاصِبًا فَسَتَعْلَمُونَ كَيْفَ نَذِيرِ
Taj Mehmood Amroti (اوھين) انھيءَ کان بي ڀَوا ٿيا آھيو ڇا ته جيڪو آسمان ۾ آھي سو متان اوھان تي پھڻ وسائيندڙ واءُ موڪلي، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ ته منھنجو ڊيڄارڻ ڪيئن آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ كَذَّبَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيرِ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن (به) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي طرح ھئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوَلَمْ يَرَوْا۟ إِلَى ٱلطَّيْرِ فَوْقَهُمْ صَٰٓفَّٰتٍ وَيَقْبِضْنَ مَا يُمْسِكُهُنَّ إِلَّا ٱلرَّحْمَٰنُ إِنَّهُۥ بِكُلِّ شَىْءٍۭ بَصِيرٌ
Taj Mehmood Amroti پنھنجي مٿاھون پکين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا؟ جي کنڀڙاٽيون ٽيڙي ھلندا آھن ۽ (ڪڏھن ڪڏھن) بند ڪندا آھن، انھن کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ (ٻيو ڪو) به جھلي نه رکندو آھي، بيشڪ اُھو سڀڪنھن شيءِ کي ڏسندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمَّنْ هَٰذَا ٱلَّذِى هُوَ جُندٌ لَّكُمْ يَنصُرُكُم مِّن دُونِ ٱلرَّحْمَٰنِ إِنِ ٱلْكَٰفِرُونَ إِلَّا فِى غُرُورٍ
Taj Mehmood Amroti اُھو اوھان جو لشڪر ڪھڙو آھي جو اوھان کي ٻاجھاري (الله) کانسواءِ مدد ڏئي؟ ڪافر رڳو ڀولي ۾ (پيل) آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمَّنْ هَٰذَا ٱلَّذِى يَرْزُقُكُمْ إِنْ أَمْسَكَ رِزْقَهُۥ بَل لَّجُّوا۟ فِى عُتُوٍّ وَنُفُورٍ
Taj Mehmood Amroti (ڀلا) اُھو ڪير آھي جو جيڪڏھن الله پنھنجو رزق جھلي ته اھو اوھان کي روزي ڏئي؟ بلڪ (ڪافر) سرڪشي ۽ (حق کان) نفرت ۾ اڙجي پيا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَمَن يَمْشِى مُكِبًّا عَلَىٰ وَجْهِهِۦٓ أَهْدَىٰٓ أَمَّن يَمْشِى سَوِيًّا عَلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ
Taj Mehmood Amroti ڀلا جيڪو پنھنجي مُنھن ڀر اونڌو ڪريل ھلندو ھجي سو وڌيڪ سڌي رستي وارو آھي يا اُھو جيڪو سڌو سنئون سڌي واٽ تي ھلندو ھجي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ هُوَ ٱلَّذِىٓ أَنشَأَكُمْ وَجَعَلَ لَكُمُ ٱلسَّمْعَ وَٱلْأَبْصَٰرَ وَٱلْأَفْـِٔدَةَ قَلِيلًا مَّا تَشْكُرُونَ
Taj Mehmood Amroti چئو ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي پيدا ڪيو ۽ اوھان جا ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين، (اوھين) ٿورڙو احسان مڃيندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ هُوَ ٱلَّذِى ذَرَأَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ وَإِلَيْهِ تُحْشَرُونَ
Taj Mehmood Amroti چئونَ ته (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پکيڙيو ۽ (اوھين) ڏانھس گڏ ڪيا ويندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا ٱلْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (ڪافر) چوندا آھن ته اھو انجام ڪڏھن (پورو) ٿيندو جيڪڏھن سچا آھيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ إِنَّمَا ٱلْعِلْمُ عِندَ ٱللَّهِ وَإِنَّمَآ أَنَا۠ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر کين) چؤ ته (اھا) خبر رڳو الله وٽ آھي، ۽ آءٌ رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمَّا رَأَوْهُ زُلْفَةً سِيٓـَٔتْ وُجُوهُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَقِيلَ هَٰذَا ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تَدَّعُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جنھن مھل ان (انجام) کي ويجھو ٿيل ڏسندا ته ڪافرن جا مُنھن ڪاراٽجي ويندا، ۽ چئبن ته جنھن کي طلبيندا ھئو سو ھيءُ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ أَرَءَيْتُمْ إِنْ أَهْلَكَنِىَ ٱللَّهُ وَمَن مَّعِىَ أَوْ رَحِمَنَا فَمَن يُجِيرُ ٱلْكَٰفِرِينَ مِنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿوَ ڇا ته جيڪڏھن مون کي ۽ جيڪي مون ساڻ آھن تن کي الله ھلاڪ ڪري يا الله اسان تي ٻاجھ ڪري ته (هر صورت ۾) ڪافرن کي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڪير ڇڏائيندو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ هُوَ ٱلرَّحْمَٰنُ ءَامَنَّا بِهِۦ وَعَلَيْهِ تَوَكَّلْنَا فَسَتَعْلَمُونَ مَنْ هُوَ فِى ضَلَٰلٍ مُّبِينٍ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ٻاجھارو آھي اُن تي ايمان آندوسون ۽ مٿس ڀروسو ڪيوسون، پوءِ سگھو ئي ڄاڻندؤ ته پڌريءَ گمراھي ۾ ڪير آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ أَرَءَيْتُمْ إِنْ أَصْبَحَ مَآؤُكُمْ غَوْرًا فَمَن يَأْتِيكُم بِمَآءٍ مَّعِينٍۭ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر کين) چؤ ته ڏٺو اٿو ڇا ته جيڪڏھن اوھان جو پاڻي ھيٺ پيھي وڃي ته اوھان وٽ وھندڙ پاڻي ڪير آڻيندو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
→ سورة التحريم
سورة القلم ←
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→
Arabic text and translations via Tanzil and QuranEnc — verbatim, unmodified · Translations belong to their translators and are not the Qur'an itself
هي تحقيق جو مددگار آهي، فتويٰ جو ذريعو ناهي.