سورة الحاقة الحاقة
٥٢ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٧٨
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ ٱلْحَآقَّةُ
Taj Mehmood Amrotiقيامت.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَا ٱلْحَآقَّةُ
Taj Mehmood Amrotiڇا آھي (اھا) قيامت.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا ٱلْحَآقَّةُ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪھڙي شيءِ توکي ڄاڻايو ته قيامت ڇا آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَذَّبَتْ ثَمُودُ وَعَادٌۢ بِٱلْقَارِعَةِ
Taj Mehmood Amrotiثمود ۽ عاد (قوم) قيامت کي ڪُوڙ ڄاتو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَمَّا ثَمُودُ فَأُهْلِكُوا۟ بِٱلطَّاغِيَةِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ ثمود (قوم) سي ته ھڪڙي رڙ سان ناس ڪيا ويا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَمَّا عَادٌ فَأُهْلِكُوا۟ بِرِيحٍ صَرْصَرٍ عَاتِيَةٍ
Taj Mehmood Amroti۽ عاد سي ھڪ بيحد سخت واءُ سان ناس ڪيا ويا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَخَّرَهَا عَلَيْهِمْ سَبْعَ لَيَالٍ وَثَمَٰنِيَةَ أَيَّامٍ حُسُومًا فَتَرَى ٱلْقَوْمَ فِيهَا صَرْعَىٰ كَأَنَّهُمْ أَعْجَازُ نَخْلٍ خَاوِيَةٍ
Taj Mehmood Amroti(الله) اُن (واءُ) کي ست راتيون ۽ اٺ ڏينھن لڳولڳ مٿن کڙو ڪيو پوءِ قوم کي اُن (زمين) ۾ ڪريل ڏسين ھا ڄڻ ته اُھي ڀتي کجيءَ جا ٿُڙ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَهَلْ تَرَىٰ لَهُم مِّنۢ بَاقِيَةٍ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ انھن کي ڪجھ بچيل ڏسين ٿو ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَآءَ فِرْعَوْنُ وَمَن قَبْلَهُۥ وَٱلْمُؤْتَفِكَٰتُ بِٱلْخَاطِئَةِ
Taj Mehmood Amroti۽ فرعون ۽ جيڪي اُن کان اڳ ھوا ۽ ناس ڪيل شھرن وارا (به) گناھ (جا ڪم) ڪري آيا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَعَصَوْا۟ رَسُولَ رَبِّهِمْ فَأَخَذَهُمْ أَخْذَةً رَّابِيَةً
Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجي پالڻھار جي رسول جي نافرماني ڪيائون تنھنڪري (الله) وڏي پڪڙ سان کين پڪڙيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا لَمَّا طَغَا ٱلْمَآءُ حَمَلْنَٰكُمْ فِى ٱلْجَارِيَةِ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ جڏھن پاڻي حد کان لنگھي ويو (تڏھن) اسان اوھان کي ھلندڙ ٻيڙيءَ ۾ چاڙهيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِنَجْعَلَهَا لَكُمْ تَذْكِرَةً وَتَعِيَهَآ أُذُنٌ وَٰعِيَةٌ
Taj Mehmood Amrotiھن ڪري ته اُن (ڳالھ) کي اوھان لاءِ يادگيري ڪريون ۽ ان کي ڪو ياد رکڻ وارو ڪَنُّ ياد رکي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِذَا نُفِخَ فِى ٱلصُّورِ نَفْخَةٌ وَٰحِدَةٌ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن صُور ۾ ھڪڙي ڦوڪ ڦوڪبي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَحُمِلَتِ ٱلْأَرْضُ وَٱلْجِبَالُ فَدُكَّتَا دَكَّةً وَٰحِدَةً
Taj Mehmood Amroti۽ زمين ۽ جبل کنيا ويندا پوءِ ھڪ ڀيرو انھن کي ڪٽيو ويندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَيَوْمَئِذٍ وَقَعَتِ ٱلْوَاقِعَةُ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُن ڏينھن قيامت قائم ٿيندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱنشَقَّتِ ٱلسَّمَآءُ فَهِىَ يَوْمَئِذٍ وَاهِيَةٌ
Taj Mehmood Amroti۽ آسمان ڦاٽندو پوءِ اُھو اُن ڏينھن ڍلو ٿيل ھوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْمَلَكُ عَلَىٰٓ أَرْجَآئِهَا وَيَحْمِلُ عَرْشَ رَبِّكَ فَوْقَهُمْ يَوْمَئِذٍ ثَمَٰنِيَةٌ
Taj Mehmood Amroti۽ ملائڪ آسمان جي ڪنارن تي ھوندا، ۽ تنھنجي پالڻھار جو تخت اُن ڏينھن اٺ ملائڪ پنھنجي مٿان کڻندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَئِذٍ تُعْرَضُونَ لَا تَخْفَىٰ مِنكُمْ خَافِيَةٌ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن اوھان کي (الله جي) آڏو ڪيو ويندو اوھان جي ڪا ڳالھ ڳجھي لڪي نه رھندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَٰبَهُۥ بِيَمِينِهِۦ فَيَقُولُ هَآؤُمُ ٱقْرَءُوا۟ كِتَٰبِيَهْ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس سڄي ھٿ ۾ ڏنو ويو سو چوندو ته وٺو منھنجو اعمالنامو پڙھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنِّى ظَنَنتُ أَنِّى مُلَٰقٍ حِسَابِيَهْ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ مون يقين رکيو ھو ته آءٌ پنھنجي حساب کي پھچندس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَهُوَ فِى عِيشَةٍ رَّاضِيَةٍ
Taj Mehmood Amrotiاُھو چڱي گذران ۾ ھوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِى جَنَّةٍ عَالِيَةٍ
Taj Mehmood Amrotiمٿاھين بھشت ۾.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُطُوفُهَا دَانِيَةٌ
Taj Mehmood Amrotiجنھن جا ميوا ويجھا ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ هَنِيٓـًٔۢا بِمَآ أَسْلَفْتُمْ فِى ٱلْأَيَّامِ ٱلْخَالِيَةِ
Taj Mehmood Amroti(چئبن ته) وڻنديءَ تي کائو ۽ پيئو انھيءَ ڪري جو گذريل ڏينھن ۾ اڳي موڪليو ھيؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَٰبَهُۥ بِشِمَالِهِۦ فَيَقُولُ يَٰلَيْتَنِى لَمْ أُوتَ كِتَٰبِيَهْ
Taj Mehmood Amroti۽ جنھن کي سندس اعمالنامون سندس کٻي ھٿ ۾ ڏنو ويو، سو چوندو ھاءِ ارمان جيڪر منھنجو اعمالنامون مون کي نه ملي ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَمْ أَدْرِ مَا حِسَابِيَهْ
Taj Mehmood Amrotiنه ڄاڻان ھا ته منھنجو حساب ڇا آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰلَيْتَهَا كَانَتِ ٱلْقَاضِيَةَ
Taj Mehmood Amrotiھاءِ ارمان جيڪر موت نبيريندڙ ھجي ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَآ أَغْنَىٰ عَنِّى مَالِيَهْ
Taj Mehmood Amrotiمنھنجي مال مون کي (ڪو) فائدو نه ڏنو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَلَكَ عَنِّى سُلْطَٰنِيَهْ
Taj Mehmood Amrotiمون کان منھنجي بادشاھت چٽ ٿي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
خُذُوهُ فَغُلُّوهُ
Taj Mehmood Amroti(ملائڪن کي چئبو ته) پڪڙيوس پوءِ ڳچيءَ ۾ ڳٽ ٻڌوس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ ٱلْجَحِيمَ صَلُّوهُ
Taj Mehmood Amrotiوري دوزخ ۾ وجھوس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ فِى سِلْسِلَةٍ ذَرْعُهَا سَبْعُونَ ذِرَاعًا فَٱسْلُكُوهُ
Taj Mehmood Amrotiوري اھڙي زنجير ۾ قابو ڪريوس جنھن جي ڊيگھ ستر گز ھجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُۥ كَانَ لَا يُؤْمِنُ بِٱللَّهِ ٱلْعَظِيمِ
Taj Mehmood Amrotiڇو ته اُھو (ماڻھو) الله وڏي کي نه مڃيندو ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا يَحُضُّ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلْمِسْكِينِ
Taj Mehmood Amroti۽ نڪي (ٻـين کي) مسڪينن جي کارائڻ تي تاڪيد ڪندو ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَيْسَ لَهُ ٱلْيَوْمَ هَٰهُنَا حَمِيمٌ
Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري اُن جو اڄ ھت ڪو دوست ڪونھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا طَعَامٌ إِلَّا مِنْ غِسْلِينٍ
Taj Mehmood Amroti۽ نڪي اُن جو ڦٽن جي روڳ کانسواءِ ٻيو ڪو کاڌو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّا يَأْكُلُهُۥٓ إِلَّا ٱلْخَٰطِـُٔونَ
Taj Mehmood Amroti(جو) ڏوھارين کانسواءِ (ٻيو) ڪو ان کي نه کارائيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَآ أُقْسِمُ بِمَا تُبْصِرُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪي ڏسو ٿا اُن جو قسم کڻان ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا لَا تُبْصِرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي نه ٿا ڏسو تنھن جو (به).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُۥ لَقَوْلُ رَسُولٍ كَرِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ ھي (قرآن) ھڪ سڳوري قاصد جو سنيھو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا هُوَ بِقَوْلِ شَاعِرٍ قَلِيلًا مَّا تُؤْمِنُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُھو ڪنھن شاعر جو ڪلام نه آھي، اوھين ٿورڙو يقين رکو ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا بِقَوْلِ كَاهِنٍ قَلِيلًا مَّا تَذَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ نڪي ڪنھن ڳجھ بڪندڙ جو ڪلام آھي، ٿوري نصيحت وٺو ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَنزِيلٌ مِّن رَّبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti(ھيءُ) جھانن جي پالڻھار کان نازل ٿيل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَوْ تَقَوَّلَ عَلَيْنَا بَعْضَ ٱلْأَقَاوِيلِ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن (پيغمبر) اسان تي ڪي ڳالھيون (پاڻون) ٺاھي ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَأَخَذْنَا مِنْهُ بِٱلْيَمِينِ
Taj Mehmood Amrotiته ضرور سڄي ھٿ کان کيس پڪڙيون ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ لَقَطَعْنَا مِنْهُ ٱلْوَتِينَ
Taj Mehmood Amrotiوري سندس دل جي رڳ وڍي ڇڏيون ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَا مِنكُم مِّنْ أَحَدٍ عَنْهُ حَٰجِزِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اوھان مان ڪو ھڪڙو (اسان جي عذاب کي) کانئس جھلڻ وارو نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّهُۥ لَتَذْكِرَةٌ لِّلْمُتَّقِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ ھي (قرآن) پرھيزگارن لاءِ نصيحت آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّا لَنَعْلَمُ أَنَّ مِنكُم مُّكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اسين ڄاڻون ٿا ته ڪي اوھان مان ڪوڙ ڀانئيندڙ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّهُۥ لَحَسْرَةٌ عَلَى ٱلْكَٰفِرِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ ھي (قرآن) ڪافرن لاءِ ارمان (جو سبب) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّهُۥ لَحَقُّ ٱلْيَقِينِ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ ھي (قرآن) پورو سَچو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَسَبِّحْ بِٱسْمِ رَبِّكَ ٱلْعَظِيمِ
Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري تون پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→