سورة المدثر المدثر
٥٦ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٤
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ يَٰٓأَيُّهَا ٱلْمُدَّثِّرُ
Taj Mehmood Amrotiاي (پاڻتي) ڪپڙي ويڙھڻ وارا مڙس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُمْ فَأَنذِرْ
Taj Mehmood Amrotiکڙو ٿي پوءِ ڊيڄار.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَرَبَّكَ فَكَبِّرْ
Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجي پالڻھار جي وڏائي بيان ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَثِيَابَكَ فَطَهِّرْ
Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجا ڪپڙا پاڪ رک.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلرُّجْزَ فَٱهْجُرْ
Taj Mehmood Amroti۽ پليتي کان پري رھ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا تَمْنُن تَسْتَكْثِرُ
Taj Mehmood Amroti۽ (اھڙو) احسان نه ڪر جو زيادہ عوض گھرين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلِرَبِّكَ فَٱصْبِرْ
Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجي پالڻھار (جي حُڪم) لاءِ صبر اختيار ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِذَا نُقِرَ فِى ٱلنَّاقُورِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن صُور ۾ ڦوڪبو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَذَٰلِكَ يَوْمَئِذٍ يَوْمٌ عَسِيرٌ
Taj Mehmood Amrotiتڏھن اُن ڏينھن اوکو وقت ٿيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلَى ٱلْكَٰفِرِينَ غَيْرُ يَسِيرٍ
Taj Mehmood Amrotiڪافرن تي اڻ سکيو (وقت) ھوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَرْنِى وَمَنْ خَلَقْتُ وَحِيدًا
Taj Mehmood Amrotiمون کي ۽ جنھن کي اڪيلو پيدا ڪيم تنھن کي ڇڏي ڏي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَعَلْتُ لَهُۥ مَالًا مَّمْدُودًا
Taj Mehmood Amroti۽ اُن کي گھڻو مال ڏنم.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَبَنِينَ شُهُودًا
Taj Mehmood Amroti۽ (مجلسن ۾) حاضر ٿيڻ وارا پُٽ (به ڏنم).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَهَّدتُّ لَهُۥ تَمْهِيدًا
Taj Mehmood Amroti۽ ان کي پوري طرح وڌايم.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ يَطْمَعُ أَنْ أَزِيدَ
Taj Mehmood Amrotiوري (به) لالچ رکندو آھي ته (کيس) وڌيڪ ڏيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّآ إِنَّهُۥ كَانَ لِـَٔايَٰتِنَا عَنِيدًا
Taj Mehmood Amrotiائين نه آھي، بيشڪ اُھو اسان جي آيتن سان جھڳڙو ڪندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَأُرْهِقُهُۥ صَعُودًا
Taj Mehmood Amrotiجلد اُن کي وڏي سختي سان تڪليف ڏيندس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُۥ فَكَّرَ وَقَدَّرَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُن دل ۾ سوچ ڪئي ۽ ٺھراءُ ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَقُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراء ڪيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ قُتِلَ كَيْفَ قَدَّرَ
Taj Mehmood Amrotiوري به لعنت ھجيس شال ڪيئن ٺھراءُ ڪيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ نَظَرَ
Taj Mehmood Amrotiوري (غور ڪري) ڏٺائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ عَبَسَ وَبَسَرَ
Taj Mehmood Amrotiوري منھن ۾ شور وڌائين ۽ گھنڊ پاتائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ أَدْبَرَ وَٱسْتَكْبَرَ
Taj Mehmood Amrotiوري پٺيرو ٿيو ۽ وڏائي ڪيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَقَالَ إِنْ هَٰذَآ إِلَّا سِحْرٌ يُؤْثَرُ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ چيائين ته ھي (قرآن) رڳو جادو آھي جو (جادوگرن کان) ھليو اچي ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنْ هَٰذَآ إِلَّا قَوْلُ ٱلْبَشَرِ
Taj Mehmood Amrotiھي (قرآن) رڳو ماڻھوءَ جو ڪلام آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَأُصْلِيهِ سَقَرَ
Taj Mehmood Amrotiجلد اُن کي دوزخ ۾ وجھندس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا سَقَرُ
Taj Mehmood Amroti۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته دوزخ ڇا آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا تُبْقِى وَلَا تَذَرُ
Taj Mehmood Amrotiاُھو نڪي ڪجھ (گوشت) رھائي ٿو ۽ نڪي (ھڏا) ڇڏي ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَوَّاحَةٌ لِّلْبَشَرِ
Taj Mehmood Amrotiماڻھن کي (ساڙي) ڪارو ڪندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلَيْهَا تِسْعَةَ عَشَرَ
Taj Mehmood Amrotiاُن تي اُڻويہ ڄڻا دربان آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا جَعَلْنَآ أَصْحَٰبَ ٱلنَّارِ إِلَّا مَلَٰٓئِكَةً وَمَا جَعَلْنَا عِدَّتَهُمْ إِلَّا فِتْنَةً لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِيَسْتَيْقِنَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ وَيَزْدَادَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِيمَٰنًا وَلَا يَرْتَابَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْمُؤْمِنُونَ وَلِيَقُولَ ٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ وَٱلْكَٰفِرُونَ مَاذَآ أَرَادَ ٱللَّهُ بِهَٰذَا مَثَلًا كَذَٰلِكَ يُضِلُّ ٱللَّهُ مَن يَشَآءُ وَيَهْدِى مَن يَشَآءُ وَمَا يَعْلَمُ جُنُودَ رَبِّكَ إِلَّا هُوَ وَمَا هِىَ إِلَّا ذِكْرَىٰ لِلْبَشَرِ
Taj Mehmood Amroti۽ دوزخ جا دربان رڳو ملائڪ ڪيا اٿون، ۽ سندن ڳاڻيٽو رڳو ڪافرن لاءِ پرک ڪئي اٿون ته ڪتاب وارا يقين ڪن ۽ ايمان وارا پنھنجي ايمان ۾ وڌن ۽ ڪتاب وارا ۽ مؤمن شڪ ۾ نه پون ۽ ته جن جي دلين ۾ (منافقيءَ جي) بيماري آھي سي ۽ ڪافر چون ته ھن مثال ڏيڻ ۾ الله جو ڇا مطلب آھي، اھڙيءَ طرح الله جنھن کي گھري (تنھن کي) ڀلائيندو آھي ۽ جنھن کي گھري (تنھن کي) ھدايت ڪندو آھي، ۽ تنھنجي پالڻھار جا لشڪر اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪونه ڄاڻندو آھي، ۽ ھيءَ (دوزخ) سڀ ڪنھن ماڻھوءَ لاءِ رڳو نصيحت آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّا وَٱلْقَمَرِ
Taj Mehmood Amrotiسچ چوان ٿو چنڊ جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّيْلِ إِذْ أَدْبَرَ
Taj Mehmood Amroti۽ رات جو جڏھن پٺ ڦيري.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلصُّبْحِ إِذَآ أَسْفَرَ
Taj Mehmood Amroti۽ صبح جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهَا لَإِحْدَى ٱلْكُبَرِ
Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ دوزخ ھڪ وڏين شين مان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
نَذِيرًا لِّلْبَشَرِ
Taj Mehmood Amroti(سڀڪنھن) ماڻھو کي ڊيڄاريندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِمَن شَآءَ مِنكُمْ أَن يَتَقَدَّمَ أَوْ يَتَأَخَّرَ
Taj Mehmood Amrotiاوھان مان انھي لاءِ جيڪو گھري ته (بھشت) لاءِ اڳي وڌي يا (دوزخ ۾) پٺ تي رھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ رَهِينَةٌ
Taj Mehmood Amrotiسڀڪو جيءُ پنھنجي ڪئي ۾ ڳه پيل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّآ أَصْحَٰبَ ٱلْيَمِينِ
Taj Mehmood Amrotiپر سڄي پاسي وارا (ڇٽل آھن).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِى جَنَّٰتٍ يَتَسَآءَلُونَ
Taj Mehmood Amroti(بھشت جي) باغن ۾ ھوندا، گڏجي پڇندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَنِ ٱلْمُجْرِمِينَ
Taj Mehmood Amrotiڏوھارين کان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَا سَلَكَكُمْ فِى سَقَرَ
Taj Mehmood Amrotiته اوھان کي دوزخ ۾ ڪھڙي ڳالھ وڌو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوا۟ لَمْ نَكُ مِنَ ٱلْمُصَلِّينَ
Taj Mehmood Amrotiچوندا ته نڪي نمازين مان ھواسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَمْ نَكُ نُطْعِمُ ٱلْمِسْكِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ نڪي مسڪينن کي کارائيندا ھواسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكُنَّا نَخُوضُ مَعَ ٱلْخَآئِضِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بڪواتن سان گڏ بڪوات ڪندا ڪندا ھواسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكُنَّا نُكَذِّبُ بِيَوْمِ ٱلدِّينِ
Taj Mehmood Amroti۽ بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا ھواسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
حَتَّىٰٓ أَتَىٰنَا ٱلْيَقِينُ
Taj Mehmood Amrotiتان جو اسان کي موت پھتو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَا تَنفَعُهُمْ شَفَٰعَةُ ٱلشَّٰفِعِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ کين پارت ڪندڙن جي پارت نفعو نه ڏيندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَا لَهُمْ عَنِ ٱلتَّذْكِرَةِ مُعْرِضِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ انھن کي ڇا (ٿيو) آھي جو نصيحت کان منھن موڙيندڙ (ٿيا) آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَأَنَّهُمْ حُمُرٌ مُّسْتَنفِرَةٌ
Taj Mehmood Amrotiڄڻ ته اُھي ٽھندڙ گڏھ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَرَّتْ مِن قَسْوَرَةٍۭ
Taj Mehmood Amrotiجي شينھن کان ڀڳا ھجن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلْ يُرِيدُ كُلُّ ٱمْرِئٍ مِّنْهُمْ أَن يُؤْتَىٰ صُحُفًا مُّنَشَّرَةً
Taj Mehmood Amrotiبلڪ منجھائن ھر ھڪ مڙس گھرندو آھي ته کيس (آسمان) مان کليل ڪتاب ڏجن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّا بَل لَّا يَخَافُونَ ٱلْـَٔاخِرَةَ
Taj Mehmood Amrotiائين نه آھي، بلڪ آخرت کان نه ٿا ڊڄن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّآ إِنَّهُۥ تَذْكِرَةٌ
Taj Mehmood Amrotiسچ آھي ته بيشڪ قرآن ھڪ نصيحت آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪو گُھري سو اُن کي پڙھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا يَذْكُرُونَ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ هُوَ أَهْلُ ٱلتَّقْوَىٰ وَأَهْلُ ٱلْمَغْفِرَةِ
Taj Mehmood Amroti۽ الله جي گھر کانسواءِ (ان کي) ياد ڪري نه سگھندا آھن، (الله) اُھو آھي جنھن کان ڊڄڻ گھرجي ۽ اھو بخشش جو به مالڪ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→