caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة المزمل المزمل

٢٠ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٣

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ يَٰٓأَيُّهَا ٱلْمُزَّمِّلُ

Taj Mehmood Amrotiاي (پاڻ تي) ڪپڙي ويڙھڻ ورا مڙس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُمِ ٱلَّيْلَ إِلَّا قَلِيلًا

Taj Mehmood Amrotiرات جو کڙو ٿيءُ پر ٿورو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

نِّصْفَهُۥٓ أَوِ ٱنقُصْ مِنْهُ قَلِيلًا

Taj Mehmood Amrotiرات جو اڌ يا اڌ رات کان ٿورو گھٽاءِ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوْ زِدْ عَلَيْهِ وَرَتِّلِ ٱلْقُرْءَانَ تَرْتِيلًا

Taj Mehmood Amrotiيا اڌ رات تي وڌاءِ ۽ قرآن ٺاھي ٺاھي پڙھ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّا سَنُلْقِى عَلَيْكَ قَوْلًا ثَقِيلًا

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسين توتي ھڪ ڳرو حُڪم نازل ڪنداسين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ نَاشِئَةَ ٱلَّيْلِ هِىَ أَشَدُّ وَطْـًٔا وَأَقْوَمُ قِيلًا

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ رات جو اُٿڻ (نفس جي) جھڪي ڪرڻ ۾ تمام سخت آھي ۽ لفظن (چوڻ) ۾ تمام پڪو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ لَكَ فِى ٱلنَّهَارِ سَبْحًا طَوِيلًا

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ توکي ڏينھن ۾ گھڻو ڌنڌو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱذْكُرِ ٱسْمَ رَبِّكَ وَتَبَتَّلْ إِلَيْهِ تَبْتِيلًا

Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪر ۽ سڀني پاسن کان ھڪ طرفو ٿي چڱي طرح ڏانھس متوجه ٿيءُ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَّبُّ ٱلْمَشْرِقِ وَٱلْمَغْرِبِ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ فَٱتَّخِذْهُ وَكِيلًا

Taj Mehmood Amrotiجو اوڀر ۽ اولھ جو پالڻھار آھي ان کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري تون کيس ڀرجھلو ڪري وٺ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱصْبِرْ عَلَىٰ مَا يَقُولُونَ وَٱهْجُرْهُمْ هَجْرًا جَمِيلًا

Taj Mehmood Amroti۽ (ڪافر) جيڪي چوندا آھن تنھن تي صبر ڪر ۽ چڱي طرح انھن کي ڇڏي ڏي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَذَرْنِى وَٱلْمُكَذِّبِينَ أُو۟لِى ٱلنَّعْمَةِ وَمَهِّلْهُمْ قَلِيلًا

Taj Mehmood Amroti۽ مون کي ۽ جيڪي ڪوڙ ڀائيندڙ آسودا آھن تن کي ڇڏي ڏي ۽ اُنھن کي ٿوري مُھلت ڏي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ لَدَيْنَآ أَنكَالًا وَجَحِيمًا

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان وٽ (ڳرا) نيل ۽ ٻاريل باھ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَطَعَامًا ذَا غُصَّةٍ وَعَذَابًا أَلِيمًا

Taj Mehmood Amroti۽ نڙي گھٽيندڙ طعام ۽ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ تَرْجُفُ ٱلْأَرْضُ وَٱلْجِبَالُ وَكَانَتِ ٱلْجِبَالُ كَثِيبًا مَّهِيلًا

Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن زمين ۽ جبل ڌٻندا ۽ جبل واريءَ جا ڍڳ ھاريل ٿيندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّآ أَرْسَلْنَآ إِلَيْكُمْ رَسُولًا شَٰهِدًا عَلَيْكُمْ كَمَآ أَرْسَلْنَآ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ رَسُولًا

Taj Mehmood Amroti(اي ماڻھو) بيشڪ اسان اوھان ڏانھن ھڪ پيغمبر اوھان تي شاھدي ڏيندڙ موڪليو جھڙي طرح فرعون ڏانھن (موسى) پيغمبر (ڪري) موڪليوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَعَصَىٰ فِرْعَوْنُ ٱلرَّسُولَ فَأَخَذْنَٰهُ أَخْذًا وَبِيلًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ فرعون اُن پيغمبر جي نافرماني ڪئي تنھنڪري اُن کي سخت پڪڙ ۾ پڪڙيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَكَيْفَ تَتَّقُونَ إِن كَفَرْتُمْ يَوْمًا يَجْعَلُ ٱلْوِلْدَٰنَ شِيبًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪڏھن (اوھين) ڪافر رھندؤ ته اھڙي ڏينھن کان ڪيئن بچندو جيڪو ٻارن کي ٻڍو ڪندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلسَّمَآءُ مُنفَطِرٌۢ بِهِۦ كَانَ وَعْدُهُۥ مَفْعُولًا

Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ۾ آسمان ڦاٽندو، الله جو انجام (ضرور پورو) ٿيڻو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ هَٰذِهِۦ تَذْكِرَةٌ فَمَن شَآءَ ٱتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ سَبِيلًا

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ھيءَ نصيحت آھي، پوءِ جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ رَبَّكَ يَعْلَمُ أَنَّكَ تَقُومُ أَدْنَىٰ مِن ثُلُثَىِ ٱلَّيْلِ وَنِصْفَهُۥ وَثُلُثَهُۥ وَطَآئِفَةٌ مِّنَ ٱلَّذِينَ مَعَكَ وَٱللَّهُ يُقَدِّرُ ٱلَّيْلَ وَٱلنَّهَارَ عَلِمَ أَن لَّن تُحْصُوهُ فَتَابَ عَلَيْكُمْ فَٱقْرَءُوا۟ مَا تَيَسَّرَ مِنَ ٱلْقُرْءَانِ عَلِمَ أَن سَيَكُونُ مِنكُم مَّرْضَىٰ وَءَاخَرُونَ يَضْرِبُونَ فِى ٱلْأَرْضِ يَبْتَغُونَ مِن فَضْلِ ٱللَّهِ وَءَاخَرُونَ يُقَٰتِلُونَ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ فَٱقْرَءُوا۟ مَا تَيَسَّرَ مِنْهُ وَأَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتُوا۟ ٱلزَّكَوٰةَ وَأَقْرِضُوا۟ ٱللَّهَ قَرْضًا حَسَنًا وَمَا تُقَدِّمُوا۟ لِأَنفُسِكُم مِّنْ خَيْرٍ تَجِدُوهُ عِندَ ٱللَّهِ هُوَ خَيْرًا وَأَعْظَمَ أَجْرًا وَٱسْتَغْفِرُوا۟ ٱللَّهَ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌۢ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ تنھنجو پالڻھار ڄاڻندو آھي ته تون ٻن ٽھائن رات جي ويجھو اُٿندڙ آھين ۽ اڌ رات جو ۽ ٽھائي رات جي ۽ جيڪي تو ساڻ آھن تن مان به ھڪ ٽولي (اٿندي آھي)، ۽ الله رات ۽ ڏينھن جو اندازو ڪندو آھي، الله ڄاتو ته اوھين رات جو اُٿڻ پورو ڪري نه ٿا سگھو تنھنڪري اوھان تي (ٻاجھ سان) موٽيو پوءِ جيترو آسان ٿي سگھي سو قرآن مان پڙھو، الله ڄاڻي چڪو ته اوھان مان ڪي بيمار ٿيندا ۽ ٻيا جي زمين ۾ مسافري ڪن ٿا الله جي فضل مان (روزيءَ جي) طلب ڪن ٿا ۽ ٻيا الله جي واٽ ۾ (ڪافرن سان) وڙھن ٿا، تنھنڪري جيترو قرآن مان آسان ٿي سگھي سو پڙھو ۽ نماز کي قائم رکو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چڱيءَ طرح قرض ڏيو، ۽ جيڪي پاڻ لاءِ چڱائي مان اڳي موڪليندؤ تنھن کي الله وٽ وڌيڪ چڱو ۽ اجر ڪري تمام وڏو لھندؤ، ۽ الله کان بخشش گھرو، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70