سورة القيامة القيامة
٤٠ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٣١
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ لَآ أُقْسِمُ بِيَوْمِ ٱلْقِيَٰمَةِ
Taj Mehmood Amrotiقيامت جي ڏينھن جو قسم کڻان ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَآ أُقْسِمُ بِٱلنَّفْسِ ٱللَّوَّامَةِ
Taj Mehmood Amroti۽ ملامت ڪرڻ واري نفس جو قسم ٿو کڻان (ته قيامت ۾ سڀ اُٿندا).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَيَحْسَبُ ٱلْإِنسَٰنُ أَلَّن نَّجْمَعَ عِظَامَهُۥ
Taj Mehmood Amrotiماڻھو ڀائيندو آھي ڇا ته سندس ھڏا ڪڏھن گڏ نه ڪنداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلَىٰ قَٰدِرِينَ عَلَىٰٓ أَن نُّسَوِّىَ بَنَانَهُۥ
Taj Mehmood Amrotiھائو! سنديس آڱرين جي ڏوڏين جي سڌي ڪرڻ تي وسوارا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلْ يُرِيدُ ٱلْإِنسَٰنُ لِيَفْجُرَ أَمَامَهُۥ
Taj Mehmood Amrotiبلڪ ماڻھو ھي گھرندو آھي ته پنھنجي اڳ (جي وقت) لاءِ گناھ ڪري.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَسْـَٔلُ أَيَّانَ يَوْمُ ٱلْقِيَٰمَةِ
Taj Mehmood Amrotiپڇي ٿو ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِذَا بَرِقَ ٱلْبَصَرُ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن اکيون ڦاٽي وينديون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَخَسَفَ ٱلْقَمَرُ
Taj Mehmood Amroti۽ چنڊ گرھبو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجُمِعَ ٱلشَّمْسُ وَٱلْقَمَرُ
Taj Mehmood Amroti۽ سج ۽ چنڊ (ھڪ جاءِ) گڏ ڪبا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَقُولُ ٱلْإِنسَٰنُ يَوْمَئِذٍ أَيْنَ ٱلْمَفَرُّ
Taj Mehmood Amroti(تڏھن) چوندو ماڻھو ته ڀڄڻ جي واھ ڪٿي آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّا لَا وَزَرَ
Taj Mehmood Amrotiنه نه! ڪا واھ ڪانھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَىٰ رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ ٱلْمُسْتَقَرُّ
Taj Mehmood Amrotiتنھنجي پالڻھار وٽ اُن ڏينھن ٽڪاءُ جو ھنڌ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يُنَبَّؤُا۟ ٱلْإِنسَٰنُ يَوْمَئِذٍۭ بِمَا قَدَّمَ وَأَخَّرَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ماڻھوءَ کي (انھيءَ بابت) خبردار ڪبو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ پوئتي رھايائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلِ ٱلْإِنسَٰنُ عَلَىٰ نَفْسِهِۦ بَصِيرَةٌ
Taj Mehmood Amrotiبلڪ ماڻھو پنھنجي لاءِ (پاڻ) ھڪ حُجت آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَوْ أَلْقَىٰ مَعَاذِيرَهُۥ
Taj Mehmood Amrotiتوڻيڪ پنھنجا بھانا پيش پيو ڪري.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا تُحَرِّكْ بِهِۦ لِسَانَكَ لِتَعْجَلَ بِهِۦٓ
Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر وحي جي) قرآن پڙھڻ مھل پنھنجي زبان کي (ھن لاءِ) نه چور ته اُھو جلدي (ياد ڪري) وٺين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ عَلَيْنَا جَمْعَهُۥ وَقُرْءَانَهُۥ
Taj Mehmood Amrotiڇوته (تنھنجي سيني ۾) قرآن جو گڏ ڪرڻ ۽ اُن جو پڙھڻ (آسان ڪرڻ) اسان جي ذمي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِذَا قَرَأْنَٰهُ فَٱتَّبِعْ قُرْءَانَهُۥ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن قرآن (ملائڪ کان) پڙھايون تڏھن (پنھنجي دل) اُنجي پڙھڻ جي پٺيان لڳاءِ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا بَيَانَهُۥ
Taj Mehmood Amrotiوري بيشڪ اُنجو پڌرو ڪرڻ اسان جي ذمي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّا بَلْ تُحِبُّونَ ٱلْعَاجِلَةَ
Taj Mehmood Amrotiنه نه! بلڪ (اي ڪافرؤ) دنيا کي دوست رکندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَذَرُونَ ٱلْـَٔاخِرَةَ
Taj Mehmood Amroti۽ آخرت کي ڇڏيندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَّاضِرَةٌ
Taj Mehmood Amrotiڪي مُنھن اُن ڏينھن سرھا ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَىٰ رَبِّهَا نَاظِرَةٌ
Taj Mehmood Amrotiپنھنجي پالڻھار ڏانھن ڏسندڙ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَوُجُوهٌ يَوْمَئِذٍۭ بَاسِرَةٌ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪي مُنھن اُن ڏينھن ڪارا ٿيل ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَظُنُّ أَن يُفْعَلَ بِهَا فَاقِرَةٌ
Taj Mehmood Amrotiڀانئيندا ته ساڻن پٺيءَ توڙ معاملو ڪيو ويندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّآ إِذَا بَلَغَتِ ٱلتَّرَاقِىَ
Taj Mehmood Amrotiنه نه! جڏھن (ساھ) نِڙ گھٽ تي پھچندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقِيلَ مَنْ رَاقٍ
Taj Mehmood Amroti۽ چيو ويندو ته ڪو، ڦيڻو رکڻ وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَظَنَّ أَنَّهُ ٱلْفِرَاقُ
Taj Mehmood Amroti۽ ڀانئيندو ته (ھاڻي روح جي) جُدا ٿيڻ (جو) وقت اچي ويو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْتَفَّتِ ٱلسَّاقُ بِٱلسَّاقِ
Taj Mehmood Amroti۽ ھڪ پِني ٻئي پِنيءَ سان وچڙندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَىٰ رَبِّكَ يَوْمَئِذٍ ٱلْمَسَاقُ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن تنھنجي پالڻھار وٽ ھلڻو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَا صَدَّقَ وَلَا صَلَّىٰ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ نڪي (الله جي ڪلام کي) سچو ڪيائين ۽ نڪي نماز پڙھيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَٰكِن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ
Taj Mehmood Amrotiپر ڪوڙ ڀانيائين ۽ منھن موڙيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ ذَهَبَ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦ يَتَمَطَّىٰٓ
Taj Mehmood Amrotiوري پنھنجي گھر وارن ڏانھن آڪڙجي ھليو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوْلَىٰ لَكَ فَأَوْلَىٰ
Taj Mehmood Amrotiتوتي خرابي ھجي پوءِ توتي خرابي ھجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ أَوْلَىٰ لَكَ فَأَوْلَىٰٓ
Taj Mehmood Amrotiوري (ٻيھر چوان ٿو ته) توتي خرابي ھجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَيَحْسَبُ ٱلْإِنسَٰنُ أَن يُتْرَكَ سُدًى
Taj Mehmood Amrotiماڻھو (ايئن) ڀانئي ٿو ڇا ته (کيس) بيڪار ڇڏي ڏبو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ يَكُ نُطْفَةً مِّن مَّنِىٍّ يُمْنَىٰ
Taj Mehmood Amroti(اھو) منيءَ جو ٽيپو نه ھو ڇا جو (ماءُ جي ڳڀيرڻ ۾) اڇليو ٿي ويو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ كَانَ عَلَقَةً فَخَلَقَ فَسَوَّىٰ
Taj Mehmood Amrotiوري (رت ۾) دڳ ھو پوءِ الله (اُن کي) بڻايو ۽ اُن کي سئين لڱين ڪيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَجَعَلَ مِنْهُ ٱلزَّوْجَيْنِ ٱلذَّكَرَ وَٱلْأُنثَىٰٓ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ منيءَ مان ٻه جنسون نَر ۽ مادي بڻايائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَيْسَ ذَٰلِكَ بِقَٰدِرٍ عَلَىٰٓ أَن يُحْـِۧىَ ٱلْمَوْتَىٰ
Taj Mehmood Amrotiاھو الله ھن (ڳالھ) تي وس وارو نه آھي ڇا جو مُئن کي جياري؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→