سورة الحجر الحجر
٩٩ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٥٤
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ الٓر تِلْكَ ءَايَٰتُ ٱلْكِتَٰبِ وَقُرْءَانٍ مُّبِينٍ
Taj Mehmood Amrotiالٓرٰ، ھي آيتون ڪتاب ۽ پڌري قرآن جون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
رُّبَمَا يَوَدُّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَوْ كَانُوا۟ مُسْلِمِينَ
Taj Mehmood Amrotiڪافر گھڻو ئي (ھيءَ) خواھش ڪندا ته جيڪر مُسلمان ھُجون ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَرْهُمْ يَأْكُلُوا۟ وَيَتَمَتَّعُوا۟ وَيُلْهِهِمُ ٱلْأَمَلُ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) کين ڇڏي ڏي ته (دُنيا ۾) کائن ۽ (لذتن ۾) آسودا رھي گذارين ۽ کين آسرو رينجھائي ڇڏي ۽ سگھوئي ڄاڻندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَهْلَكْنَا مِن قَرْيَةٍ إِلَّا وَلَهَا كِتَابٌ مَّعْلُومٌ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪنھن ڳوٺ کي ويران نه ڪيوسون (سندن بڇڙن ڪمن جي ڪري) پر اُن لاءِ مُقرّر حڪم ڪيل ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَّا تَسْبِقُ مِنْ أُمَّةٍ أَجَلَهَا وَمَا يَسْتَـْٔخِرُونَ
Taj Mehmood Amrotiڪائي ٽولي پنھنجي ٺھرايل مُدّت کان نڪي تڪڙ ڪندي ۽ نڪي پوءِ تي رھي سگھندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالُوا۟ يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِى نُزِّلَ عَلَيْهِ ٱلذِّكْرُ إِنَّكَ لَمَجْنُونٌ
Taj Mehmood Amroti۽ (ڪافرن) چيو ته اي شخص جنھن تي قرآن لاٿو ويو آھي بيشڪ تون ضرور چريو آھين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّوْ مَا تَأْتِينَا بِٱلْمَلَٰٓئِكَةِ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّٰدِقِينَ
Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان وٽ ملائڪ ڇو نه آڻيندو آھين؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَا نُنَزِّلُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةَ إِلَّا بِٱلْحَقِّ وَمَا كَانُوٓا۟ إِذًا مُّنظَرِينَ
Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) کين چؤ ته ملائڪ پڪي رٿ کانسواءِ نازل نه ڪندا آھيون ۽ (جيڪڏھن نازل ڪريون ۽ نه مڃين ته) اُنھيءَ مھل اُنھن کي مُھلت نه ڏني ويندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا نَحْنُ نَزَّلْنَا ٱلذِّكْرَ وَإِنَّا لَهُۥ لَحَٰفِظُونَ
Taj Mehmood Amrotiاسان نصيحت (يعني قرآن) نازل ڪيو ۽ اسين ضرور ان جي حفاظت ڪندڙ آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ فِى شِيَعِ ٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ توکان اڳي پھرين ٽولين ۾ پيغمبر موڪلياسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا يَأْتِيهِم مِّن رَّسُولٍ إِلَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪو پيغمبر وٽن نه ايندو ھو جو انھن سان ٺـٺوليون ڪرڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه ڪندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَذَٰلِكَ نَسْلُكُهُۥ فِى قُلُوبِ ٱلْمُجْرِمِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ اھڙي طرح ڏوھارين جي دلين ۾ (اھڙو خيال) وجھندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا يُؤْمِنُونَ بِهِۦ وَقَدْ خَلَتْ سُنَّةُ ٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amrotiجو اُن کي نه مڃيندا ۽ بيشڪ اڳين جي ريت ھلي ايندي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَوْ فَتَحْنَا عَلَيْهِم بَابًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِ فَظَلُّوا۟ فِيهِ يَعْرُجُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو دروازو مٿن کوليون ھا ته ان ۾ سدائين چڙھندا رھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَقَالُوٓا۟ إِنَّمَا سُكِّرَتْ أَبْصَٰرُنَا بَلْ نَحْنُ قَوْمٌ مَّسْحُورُونَ
Taj Mehmood Amrotiضرور چون ھا ته رڳو اسان جون بند ڪيون ويون آھن بلڪ اسين جادو ڪيل قوم آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ جَعَلْنَا فِى ٱلسَّمَآءِ بُرُوجًا وَزَيَّنَّٰهَا لِلنَّٰظِرِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ آسمان ۾ بُرج بڻاياسون ۽ اُن کي ڏسندڙن لاءِ سينگاريو سون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَحَفِظْنَٰهَا مِن كُلِّ شَيْطَٰنٍ رَّجِيمٍ
Taj Mehmood Amroti۽ اُن کي سڀڪنھن تڙيل شيطان کان بچايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا مَنِ ٱسْتَرَقَ ٱلسَّمْعَ فَأَتْبَعَهُۥ شِهَابٌ مُّبِينٌ
Taj Mehmood Amrotiپر جيڪو چوريءَ ٻڌي تنھن جي پويان پڌرو اُلنبو پوندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْأَرْضَ مَدَدْنَٰهَا وَأَلْقَيْنَا فِيهَا رَوَٰسِىَ وَأَنۢبَتْنَا فِيهَا مِن كُلِّ شَىْءٍ مَّوْزُونٍ
Taj Mehmood Amroti۽ زمين کي پکيڙيوسون ۽ منجھس جبل کوڙيا سون ۽ منجھس ھر شيءِ اندازي سان ڄمائي سون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيهَا مَعَٰيِشَ وَمَن لَّسْتُمْ لَهُۥ بِرَٰزِقِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ منجھس اوھان لاءِ (قسم قسم جي) روزي (پيدا) ڪئي سون جن کي (اوھين) روزي ڏيندڙ نه آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِن مِّن شَىْءٍ إِلَّا عِندَنَا خَزَآئِنُهُۥ وَمَا نُنَزِّلُهُۥٓ إِلَّا بِقَدَرٍ مَّعْلُومٍ
Taj Mehmood Amroti۽ اھڙي شيءِ آھي ئي ڪانه جنھن جو خزانون اسان وٽ نه آھي، انھن شين کي اسين ٺھرايل اندازي کانسواءِ نه لاھيندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَرْسَلْنَا ٱلرِّيَٰحَ لَوَٰقِحَ فَأَنزَلْنَا مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً فَأَسْقَيْنَٰكُمُوهُ وَمَآ أَنتُمْ لَهُۥ بِخَٰزِنِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ وائِن ڪڪرن کڻندڙن کي موڪليندا آھيون پوءِ آسمان مان پاڻي وسائيندا آھيون پوءِ اُھو اوھان کي پياريندا آھيون، ۽ اُھو اوھين گڏ ڪرڻ وارا نه آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّا لَنَحْنُ نُحْىِۦ وَنُمِيتُ وَنَحْنُ ٱلْوَٰرِثُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اسين ئي جياريندا آھيون ۽ ماريندا آھيون ۽ اسين سڀڪنھن جا وارث آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ عَلِمْنَا ٱلْمُسْتَقْدِمِينَ مِنكُمْ وَلَقَدْ عَلِمْنَا ٱلْمُسْتَـْٔخِرِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اوھان کان اڳ وارا ڄاڻندا آھيون ۽ بيشڪ (اوھان کان) پوءِ ايندڙ (به) ڄاڻندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ رَبَّكَ هُوَ يَحْشُرُهُمْ إِنَّهُۥ حَكِيمٌ عَلِيمٌ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار کين کڙو ڪندو، ڇوته اُھو حڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ خَلَقْنَا ٱلْإِنسَٰنَ مِن صَلْصَٰلٍ مِّنْ حَمَإٍ مَّسْنُونٍ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اسان آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْجَآنَّ خَلَقْنَٰهُ مِن قَبْلُ مِن نَّارِ ٱلسَّمُومِ
Taj Mehmood Amroti۽ ھن کان اڳ جنن کي ڄَرَ واريءَ باھ مان بڻايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذْ قَالَ رَبُّكَ لِلْمَلَٰٓئِكَةِ إِنِّى خَٰلِقٌۢ بَشَرًا مِّن صَلْصَٰلٍ مِّنْ حَمَإٍ مَّسْنُونٍ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن کي چيو ته آءُ آدم کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻائيندڙ آھيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِذَا سَوَّيْتُهُۥ وَنَفَخْتُ فِيهِ مِن رُّوحِى فَقَعُوا۟ لَهُۥ سَٰجِدِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن کيس پورو ڪري رھان ۽ منجھس پنھنجي روح مان ڦوڪيان ته کيس سجدو ڪندڙ ٿي ڪري پئجو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَسَجَدَ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ كُلُّهُمْ أَجْمَعُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُنھن مڙني ملائڪن گڏجي سجدو ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّآ إِبْلِيسَ أَبَىٰٓ أَن يَكُونَ مَعَ ٱلسَّٰجِدِينَ
Taj Mehmood Amrotiسواءِ ابليس جي، سجدي ڪندڙن سان گڏ ھجڻ کان انڪار ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ يَٰٓإِبْلِيسُ مَا لَكَ أَلَّا تَكُونَ مَعَ ٱلسَّٰجِدِينَ
Taj Mehmood Amroti(الله) چيو ته اي ابليس توکي ڇا ٿيو جو سجدي ڪرڻ وارن مان نه ٿئين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ لَمْ أَكُن لِّأَسْجُدَ لِبَشَرٍ خَلَقْتَهُۥ مِن صَلْصَٰلٍ مِّنْ حَمَإٍ مَّسْنُونٍ
Taj Mehmood Amroti(ھن) چيو ته مون کي نه جڳائيندو آھي ته آءٌ اھڙي ماڻھوءَ کي سجدو ڪريان جنھن کي کڙڪندڙ مٽيءَ مان جا ڳوھيل گندي ٿيل ھئي بڻايو اٿئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ فَٱخْرُجْ مِنْهَا فَإِنَّكَ رَجِيمٌ
Taj Mehmood Amroti(الله) فرمايو ته اُن (بھشت) مان نڪر ڇوته تون تڙيل آھين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ عَلَيْكَ ٱللَّعْنَةَ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلدِّينِ
Taj Mehmood Amroti۽ توتي قيامت تائين لعنت آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ رَبِّ فَأَنظِرْنِىٓ إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ
Taj Mehmood Amroti(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي قيامت جي ڏينھن تائين مُھلت ڏي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ فَإِنَّكَ مِنَ ٱلْمُنظَرِينَ
Taj Mehmood Amroti(الله) فرمايو ته تون بيشڪ مُھلت ڏنلن مان آھين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْوَقْتِ ٱلْمَعْلُومِ
Taj Mehmood Amrotiٺھرايل وقت واري ڏينھن تائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ رَبِّ بِمَآ أَغْوَيْتَنِى لَأُزَيِّنَنَّ لَهُمْ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَأُغْوِيَنَّهُمْ أَجْمَعِينَ
Taj Mehmood Amroti(ابليس) چيو ته اي منھنجا پالڻھار تو جو مون کي گمراہ ڪيو آھي تنھنڪري آءٌ انھن لاءِ زمين ۾ (گناھن کي) ضرور سينگاريندس ۽ (ٻـين) سڀني کي گمراہ ڪندس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا عِبَادَكَ مِنْهُمُ ٱلْمُخْلَصِينَ
Taj Mehmood Amrotiسواءِ اُنھن تنھنجن ٻانھن جي جي سچا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ هَٰذَا صِرَٰطٌ عَلَىَّ مُسْتَقِيمٌ
Taj Mehmood Amroti(الله) فرمايو ته ھيءَ سڌي واٽ آھي مون تائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ عِبَادِى لَيْسَ لَكَ عَلَيْهِمْ سُلْطَٰنٌ إِلَّا مَنِ ٱتَّبَعَكَ مِنَ ٱلْغَاوِينَ
Taj Mehmood Amrotiگمراھن مان جن تنھنجي تابعداري تنھن کان سواءِ (ٻـين) منھنجن ٻانھن تي تنھنجو ڪو زور نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ جَهَنَّمَ لَمَوْعِدُهُمْ أَجْمَعِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُنھن مڙني گمراھن جي انجام واري جاءِ دوزخ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَهَا سَبْعَةُ أَبْوَٰبٍ لِّكُلِّ بَابٍ مِّنْهُمْ جُزْءٌ مَّقْسُومٌ
Taj Mehmood Amrotiاُن کي ست دروازا آھن، ھر ڪنھن دروازي لاءِ انھن مان وراھيل ڀاڱو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّٰتٍ وَعُيُونٍ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱدْخُلُوهَا بِسَلَٰمٍ ءَامِنِينَ
Taj Mehmood Amroti(کين چئبو ته) انھن ۾ بي فڪر ٿي سلامتيءَ سان گھڙو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَنَزَعْنَا مَا فِى صُدُورِهِم مِّنْ غِلٍّ إِخْوَٰنًا عَلَىٰ سُرُرٍ مُّتَقَٰبِلِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ سندن سينن ۾ جيڪي ڪينو ھوندو سو انھن مان ڪڍنداسين (ھڪ ٻئي جا) ڀائر ٿي آمھون سامھون تختن تي ويٺا ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا يَمَسُّهُمْ فِيهَا نَصَبٌ وَمَا هُم مِّنْهَا بِمُخْرَجِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُتي کين نڪو ڏک پھچندو ۽ نڪي اُتان ڪڍيا ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
نَبِّئْ عِبَادِىٓ أَنِّىٓ أَنَا ٱلْغَفُورُ ٱلرَّحِيمُ
Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) منھنجن ٻانھن کي خبر ڏي ته آءٌ بخشڻھار مھربان آھيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَنَّ عَذَابِى هُوَ ٱلْعَذَابُ ٱلْأَلِيمُ
Taj Mehmood Amroti۽ منھنجو عذاب ئي ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَنَبِّئْهُمْ عَن ضَيْفِ إِبْرَٰهِيمَ
Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) انھن کي ابراھيمؑ جي مھمانن جي خبر ڏي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذْ دَخَلُوا۟ عَلَيْهِ فَقَالُوا۟ سَلَٰمًا قَالَ إِنَّا مِنكُمْ وَجِلُونَ
Taj Mehmood Amrotiجنھن مھل وٽس پھتا (تنھن مھل) چيائون سلام، ابراھيم چيو ته اسين اوھان کان ڊڄندڙ آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوا۟ لَا تَوْجَلْ إِنَّا نُبَشِّرُكَ بِغُلَٰمٍ عَلِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiچيائون ته نه ڊڄ اسين توکي علم واري پُٽ جي مبارڪ ڏيون ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ أَبَشَّرْتُمُونِى عَلَىٰٓ أَن مَّسَّنِىَ ٱلْكِبَرُ فَبِمَ تُبَشِّرُونَ
Taj Mehmood Amroti(ابراھيم) چيو ته مون کي ھن ھوندي به مبارڪ ڏيو ٿا جو مون کي ٻڍاپڻ پھتي آھي پوءِ ڪھڙي طرح مُبارڪ ڏيو ٿا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوا۟ بَشَّرْنَٰكَ بِٱلْحَقِّ فَلَا تَكُن مِّنَ ٱلْقَٰنِطِينَ
Taj Mehmood Amrotiچيائون ته توکي جائي مبارڪ ڏيون ٿا تنھنڪري نا اُميدن مان نه ٿيءُ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ وَمَن يَقْنَطُ مِن رَّحْمَةِ رَبِّهِۦٓ إِلَّا ٱلضَّآلُّونَ
Taj Mehmood Amroti(ابراھيمؑ) چيو ته پنھنجي پالڻھار جي رحمت کان گُمراھن کانسواءِ (ٻيو) ڪير نا اُميد ٿيندو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ فَمَا خَطْبُكُمْ أَيُّهَا ٱلْمُرْسَلُونَ
Taj Mehmood Amroti(وري ابراھيمؑ) چيو ته اي موڪليل (ملائڪو) اوھان جو ڪھڙو ڪم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوٓا۟ إِنَّآ أُرْسِلْنَآ إِلَىٰ قَوْمٍ مُّجْرِمِينَ
Taj Mehmood Amrotiچيائين ته اسين ڏوھارين جي قوم ڏانھن موڪليل آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّآ ءَالَ لُوطٍ إِنَّا لَمُنَجُّوهُمْ أَجْمَعِينَ
Taj Mehmood Amrotiمگر لُوط جي گھر وارا، جن مڙني کي اسين ڇوٽڪارو ڏيندڙ آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا ٱمْرَأَتَهُۥ قَدَّرْنَآ إِنَّهَا لَمِنَ ٱلْغَٰبِرِينَ
Taj Mehmood Amrotiسواءِ سندس زال جي جنھن لاءِ ٺھراء ڪيوسون ته اُھا رھيلن مان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمَّا جَآءَ ءَالَ لُوطٍ ٱلْمُرْسَلُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن مھل موڪليل (ملائڪ) لُوط جي گھراڻي وارن ڏانھن آيا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ إِنَّكُمْ قَوْمٌ مُّنكَرُونَ
Taj Mehmood Amroti(تنھن مھل لُوط) چيو ته اوھين اوپري قوم آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوا۟ بَلْ جِئْنَٰكَ بِمَا كَانُوا۟ فِيهِ يَمْتَرُونَ
Taj Mehmood Amrotiچيائون ته (نه) بلڪ تو وٽ اُھو (عذاب) وٺي آيا آھيون جنھن ۾ (ڪافر) شڪ ڪندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَتَيْنَٰكَ بِٱلْحَقِّ وَإِنَّا لَصَٰدِقُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ تو وٽ سچ سان آندو اٿون ۽ بيشڪ اسين ضرور سچا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَسْرِ بِأَهْلِكَ بِقِطْعٍ مِّنَ ٱلَّيْلِ وَٱتَّبِعْ أَدْبَٰرَهُمْ وَلَا يَلْتَفِتْ مِنكُمْ أَحَدٌ وَٱمْضُوا۟ حَيْثُ تُؤْمَرُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ پنھنجي ڪٽنب سميت راتو واھ نڪر ۽ (تون) سندن پويان ھل ۽ اوھان مان ڪو ھڪڙو (به) پوئتي نه واجھائي ۽ جتي حُڪم ڪيو اَٿون اتي وڃو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَضَيْنَآ إِلَيْهِ ذَٰلِكَ ٱلْأَمْرَ أَنَّ دَابِرَ هَٰٓؤُلَآءِ مَقْطُوعٌ مُّصْبِحِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ لُوط ڏانھن ھن حُڪم جو وحي ڪيوسون ته انھن جي پاڙ پرڀات مھل پٽي ويندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَآءَ أَهْلُ ٱلْمَدِينَةِ يَسْتَبْشِرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ ڳوٺ وارا خوشيون ڪندا آيا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ إِنَّ هَٰٓؤُلَآءِ ضَيْفِى فَلَا تَفْضَحُونِ
Taj Mehmood Amroti(لُوط) چيو ته ھي منھنجا مھمان آھن پوءِ مون لڄي نه ڪريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَلَا تُخْزُونِ
Taj Mehmood Amroti۽ الله کان ڊڄو ۽ خوار نه ڪريوم.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوٓا۟ أَوَلَمْ نَنْهَكَ عَنِ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amrotiچيائون ته توکي جھان وارن (جي مھماني) کان نه جھليو ھوسون ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ هَٰٓؤُلَآءِ بَنَاتِىٓ إِن كُنتُمْ فَٰعِلِينَ
Taj Mehmood Amroti(لوط) چيو ته جيڪڏھن اوھين (منھنجو چيو) ڪندڙ ٿيندؤ ته ھي منھنجون ڌيون حاضر آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَعَمْرُكَ إِنَّهُمْ لَفِى سَكْرَتِهِمْ يَعْمَهُونَ
Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) تنھنجي حياتيءَ جو قسم آھي ته اھي (ڪافر) گمراھيءَ ۾ حيران رھن ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَخَذَتْهُمُ ٱلصَّيْحَةُ مُشْرِقِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ سج اُڀرڻ مھل ڪَڙڪي ورتن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَجَعَلْنَا عَٰلِيَهَا سَافِلَهَا وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِمْ حِجَارَةً مِّن سِجِّيلٍ
Taj Mehmood Amroti۽ اُن شھر جو مٿيون پاسو ان جي ھيٺ ڪيوسون ۽ مٿن پڪل مٽيءَ جا پھڻ وساياسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَٰتٍ لِّلْمُتَوَسِّمِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ان ۾ عِبرت وٺندڙن لاءِ نشانيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّهَا لَبِسَبِيلٍ مُّقِيمٍ
Taj Mehmood Amroti۽ اِھو ڳوٺ ھميشه (جي اچ وڃ) واري واٽ تي ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّلْمُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُن ۾ مؤمنن لاءِ نشانيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِن كَانَ أَصْحَٰبُ ٱلْأَيْكَةِ لَظَٰلِمِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ ايڪه (جي ڳوٺن) وارا ظالم ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱنتَقَمْنَا مِنْهُمْ وَإِنَّهُمَا لَبِإِمَامٍ مُّبِينٍ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ کائن بدلو ورتوسون، (لُوطين ۽ ايڪه وارن جا) ٻئي ڳوٺ پڌري رستي تي ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ كَذَّبَ أَصْحَٰبُ ٱلْحِجْرِ ٱلْمُرْسَلِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ حِجر وارن پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَءَاتَيْنَٰهُمْ ءَايَٰتِنَا فَكَانُوا۟ عَنْهَا مُعْرِضِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ کين پنھنجون نشانيون ڏنيون سون پوءِ اُنھن کان مُنھن موڙيندڙ ٿيا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَانُوا۟ يَنْحِتُونَ مِنَ ٱلْجِبَالِ بُيُوتًا ءَامِنِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بي فڪر ٿي جبلن مان ٽُڪي گھر ٺاھيندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَخَذَتْهُمُ ٱلصَّيْحَةُ مُصْبِحِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ کين پرڀات مھل ڪڙڪي (اچي) ورتو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَآ أَغْنَىٰ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ سندين ڪمائي کائن ڪجھ به ٽاري نه سگھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا خَلَقْنَا ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَآ إِلَّا بِٱلْحَقِّ وَإِنَّ ٱلسَّاعَةَ لَـَٔاتِيَةٌ فَٱصْفَحِ ٱلصَّفْحَ ٱلْجَمِيلَ
Taj Mehmood Amroti۽ آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي منجھن آھي سو رِٿ کانسواءِ نه بڻايو اٿون، ۽ قيامت ضرور اچڻي آھي پوءِ (سندن بي ادبين کان) سھڻي طرح ٽارو ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ رَبَّكَ هُوَ ٱلْخَلَّٰقُ ٱلْعَلِيمُ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو پيدا ڪندڙ ڄاڻندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَٰكَ سَبْعًا مِّنَ ٱلْمَثَانِى وَٱلْقُرْءَانَ ٱلْعَظِيمَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ توکي ٻٽيون ست آيتون (يعني سُورة فاتحة) ۽ وڏو قرآن ڏنوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا تَمُدَّنَّ عَيْنَيْكَ إِلَىٰ مَا مَتَّعْنَا بِهِۦٓ أَزْوَٰجًا مِّنْهُمْ وَلَا تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَٱخْفِضْ جَنَاحَكَ لِلْمُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُنھن کي ھر جنس جي سامان مان جيڪي شيون ڏنيوسون تن ڏانھن پنھنجيون اکيون نه کول ۽ نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ مؤمنن لاءِ پنھنجون ٻانھون جھڪيون ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقُلْ إِنِّىٓ أَنَا ٱلنَّذِيرُ ٱلْمُبِينُ
Taj Mehmood Amroti۽ چؤ ته بيشڪ آءٌ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَمَآ أَنزَلْنَا عَلَى ٱلْمُقْتَسِمِينَ
Taj Mehmood Amrotiجھڙي طرح اُنھن وراھيندڙن تي (عذاب) نازل ڪيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ جَعَلُوا۟ ٱلْقُرْءَانَ عِضِينَ
Taj Mehmood Amrotiجن قرآن کي پرزا پرزا ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَوَرَبِّكَ لَنَسْـَٔلَنَّهُمْ أَجْمَعِينَ
Taj Mehmood Amroti(تھڙي طرح) تنھنجي پالڻھار جو قسم آھي ته انھن مڙني کان ضرور پڇنداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَمَّا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amrotiجيڪي ڪندا ھوا تنھن بابت.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱصْدَعْ بِمَا تُؤْمَرُ وَأَعْرِضْ عَنِ ٱلْمُشْرِكِينَ
Taj Mehmood Amrotiجيڪي توکي حُڪم ڪجي ٿو سو کولي ٻُڌاءِ ۽ مُشرڪن کان مُنھن موڙ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا كَفَيْنَٰكَ ٱلْمُسْتَهْزِءِينَ
Taj Mehmood Amrotiاسان تنھنجي طرفان انھن چٿر ڪندڙن جي پورائي ڪئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ يَجْعَلُونَ مَعَ ٱللَّهِ إِلَٰهًا ءَاخَرَ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amrotiجي الله سان ٻيو معبود مُقرّر ڪندا آُھن، پوءِ سگھوئي ڄاڻندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ نَعْلَمُ أَنَّكَ يَضِيقُ صَدْرُكَ بِمَا يَقُولُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته جيڪي چوندا آھن تنھن سببان تنھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ وَكُن مِّنَ ٱلسَّٰجِدِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ تون پاڪائيءَ سان پنھنجي پالڻھار جي ساراھ ڪر ۽ سجدي ڪندڙن مان ھُج.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱعْبُدْ رَبَّكَ حَتَّىٰ يَأْتِيَكَ ٱلْيَقِينُ
Taj Mehmood Amroti۽ ايستائين پنھنجي پالڻھار جي عبادت (پيو) ڪر جيسين توکي موت پھچي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→