مُک صفحو › سورتون › سورة النحل
سورة النحل النحل
١٢٨ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٧٠
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ أَتَىٰٓ أَمْرُ ٱللَّهِ فَلَا تَسْتَعْجِلُوهُ سُبْحَٰنَهُۥ وَتَعَٰلَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
Taj Mehmood Amroti الله جو حُڪم پُھتو تنھنڪري ان جي تڪڙ نه ڪريو، الله پاڪ آھي ۽ انھيءَ شيءِ کان مٿان آھي جيڪا ساڻس شريڪ مقرّر ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يُنَزِّلُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةَ بِٱلرُّوحِ مِنْ أَمْرِهِۦ عَلَىٰ مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦٓ أَنْ أَنذِرُوٓا۟ أَنَّهُۥ لَآ إِلَٰهَ إِلَّآ أَنَا۠ فَٱتَّقُونِ
Taj Mehmood Amroti پنھنجن ٻانھن مان جنھن لاءِ گھرندو آھي تنھن تي پنھنجي ارادي سان ملائڪن کي وحيءَ سان ھن لاءِ نازل ڪندو آھي ته (ماڻھن کي) ڊيڄاريو (ته خدا ٿو فرمائي) ته مون کانسواءِ ٻيو ڪو عبادت جو لائق نه آھي تنھنڪري مون کان ڊڄو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ تَعَٰلَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ
Taj Mehmood Amroti آسمانن ۽ زمين کي رِٿ سان بڻايائين، جيڪا شيءِ ساڻس شريڪ ڪندا آھن تنھن کان اُھو پاڪ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
خَلَقَ ٱلْإِنسَٰنَ مِن نُّطْفَةٍ فَإِذَا هُوَ خَصِيمٌ مُّبِينٌ
Taj Mehmood Amroti آدميءَ کي منيءَ مان خلقيائين پوءِ اوچتوئي اُھو پڌرو جھڳڙالو ٿي پيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْأَنْعَٰمَ خَلَقَهَا لَكُمْ فِيهَا دِفْءٌ وَمَنَٰفِعُ وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ اوھان لاءِ ڍور خلقيائين انھن مان گرم پوشاڪون ۽ (ٻيا) فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَكُمْ فِيهَا جَمَالٌ حِينَ تُرِيحُونَ وَحِينَ تَسْرَحُونَ
Taj Mehmood Amroti جنھن مھل (اُھي ڍور) سھڙائيندا ايندا آھيو ۽ جنھن مھل ڇيڙيندا آھيو (تنھن مھل) اوھان لاءِ سونھن آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَحْمِلُ أَثْقَالَكُمْ إِلَىٰ بَلَدٍ لَّمْ تَكُونُوا۟ بَٰلِغِيهِ إِلَّا بِشِقِّ ٱلْأَنفُسِ إِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوفٌ رَّحِيمٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ جنھن شھر ڏانھن اوھين پنھنجي جيءُ جي اوکائيءَ کانسواءِ پھچي نه سگھندا آھيو تنھن ڏانھن اوھان جو بار کڻندا آھن، ڇوته اوھان جو پالڻھار وڏو ٻاجھارو مھربان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْخَيْلَ وَٱلْبِغَالَ وَٱلْحَمِيرَ لِتَرْكَبُوهَا وَزِينَةً وَيَخْلُقُ مَا لَا تَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ گھوڙا ۽ خچر ۽ گڏھ ھن لاءِ (بڻايائين) ته انھن تي اوھين چڙھو ۽ (انھن) کي زينت ڄاڻو، ۽ جيڪي شيون (اوھين) نه ڄاڻندا آھيو سي (به) پيدا ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَعَلَى ٱللَّهِ قَصْدُ ٱلسَّبِيلِ وَمِنْهَا جَآئِرٌ وَلَوْ شَآءَ لَهَدَىٰكُمْ أَجْمَعِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله ڏانھن سِڌو رستو پھچندو آھي ۽ اُن مان ڪي (رستا) مُڙيل آھن، ۽ جيڪڏھن (الله) گھري ھا ته اوھان مڙني کي سِڌو رستو ڏيکاري ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُوَ ٱلَّذِىٓ أَنزَلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً لَّكُم مِّنْهُ شَرَابٌ وَمِنْهُ شَجَرٌ فِيهِ تُسِيمُونَ
Taj Mehmood Amroti اُھو (الله) آھي جنھن آسمان مان اوھان لاءِ پاڻي وسايو منجھانئس ڪجھ پئڻ جو آھي ۽ منجھانئس جھنگ (پيدا ٿيندو) آھي جنھن ۾ مال چاريندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يُنۢبِتُ لَكُم بِهِ ٱلزَّرْعَ وَٱلزَّيْتُونَ وَٱلنَّخِيلَ وَٱلْأَعْنَٰبَ وَمِن كُلِّ ٱلثَّمَرَٰتِ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti اُن سان پوک ۽ زيتون ۽ کجيون ۽ ڊاکون ۽ ھر جنس جا ميوا اوھان لاءِ ڄمائيندو آھي، بيشڪ اُن ۾ پروڙيندڙ قوم لاءِ ضرور نشاني آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَسَخَّرَ لَكُمُ ٱلَّيْلَ وَٱلنَّهَارَ وَٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ وَٱلنُّجُومُ مُسَخَّرَٰتٌۢ بِأَمْرِهِۦٓ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَٰتٍ لِّقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ اوھان لاءِ رات ۽ ڏينھن سج ۽ چنڊ تابع ڪيائين، ۽ تارا سندس حُڪم سان تابع ڪيل آھن، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ ضرور نشانيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا ذَرَأَ لَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ مُخْتَلِفًا أَلْوَٰنُهُۥٓ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّقَوْمٍ يَذَّكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ قسمين قسمين رنگن جون (شيون ۽ جانور) جيڪي زمين ۾ پيدا ڪيائين سي به اوھان لاءِ آھن، بيشڪ اُن ۾ نصيحت وٺندڙ قوم لاءِ نشاني آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَهُوَ ٱلَّذِى سَخَّرَ ٱلْبَحْرَ لِتَأْكُلُوا۟ مِنْهُ لَحْمًا طَرِيًّا وَتَسْتَخْرِجُوا۟ مِنْهُ حِلْيَةً تَلْبَسُونَهَا وَتَرَى ٱلْفُلْكَ مَوَاخِرَ فِيهِ وَلِتَبْتَغُوا۟ مِن فَضْلِهِۦ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ اُھو (الله) آھي جنھن درياء کي ھن لاءِ تابع ڪيو ته اوھين منجھانئس تازو گوشت (يعني مڇي) کائو ۽ منجھانئس اُھي زيور (يعني موتي) ڪڍو جيڪي اوھين ڍڪيندا آھيو، ۽ منجھس ترندڙ ٻيڙيون ڏسندو آھين ۽ انھيءَ لاءِ ته اوھين سندس فضل ڳوليو ۽ ته مانَ اوھين شڪر ڪريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَلْقَىٰ فِى ٱلْأَرْضِ رَوَٰسِىَ أَن تَمِيدَ بِكُمْ وَأَنْهَٰرًا وَسُبُلًا لَّعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ زمين ۾ مُحڪم جبل کوڙيائين ته متان اُھا اوھان کي ڌوڏو ڏئي ۽ نديون ۽ رستا بڻايائين ته مانَ اوھين سِڌو رستو لھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَعَلَٰمَٰتٍ وَبِٱلنَّجْمِ هُمْ يَهْتَدُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ نشان (پيدا ڪيائين)، ۽ تارن سان اُھي سِڌو رستو لھندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَمَن يَخْلُقُ كَمَن لَّا يَخْلُقُ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti جيڪو پيدا ڪري سو اُنھيءَ جھڙو آھي ڇا جو (ڪي به) پيدا نه ڪري؟ پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِن تَعُدُّوا۟ نِعْمَةَ ٱللَّهِ لَا تُحْصُوهَآ إِنَّ ٱللَّهَ لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪڏھن اوھين الله جي نعمتن کي ڳڻيو ته انھن کي (ڪڏھن به) ڳڻي نه سگھندؤ، ڇوته الله بخشڻھار مھربان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱللَّهُ يَعْلَمُ مَا تُسِرُّونَ وَمَا تُعْلِنُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ يَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ لَا يَخْلُقُونَ شَيْـًٔا وَهُمْ يُخْلَقُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن کي الله کانسواءِ سڏيندا آھن سي ڪا شيء خلقي نه سگھندا آھن ۽ اُھي (پاڻ) خلقيا ويا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْوَٰتٌ غَيْرُ أَحْيَآءٍ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ
Taj Mehmood Amroti بي جان مُردا آھن، ۽ نه ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن کڙا ڪيا ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌ وَٰحِدٌ فَٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ قُلُوبُهُم مُّنكِرَةٌ وَهُم مُّسْتَكْبِرُونَ
Taj Mehmood Amroti اوھان جو معبود ھڪڙو خُدا آھي، پوءِ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جون دليون مڃڻ واريون نه آھن ۽ اُھي وڏائي ڪندڙ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا جَرَمَ أَنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ مَا يُسِرُّونَ وَمَا يُعْلِنُونَ إِنَّهُۥ لَا يُحِبُّ ٱلْمُسْتَكْبِرِينَ
Taj Mehmood Amroti (ڪافر) جيڪي لڪائيندا آھن ۽ جيڪي (ھو) پڌرو ڪندا آھن سو بلاشڪ الله ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو وڏائي ڪندڙن کي پيار نه ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا قِيلَ لَهُم مَّاذَآ أَنزَلَ رَبُّكُمْ قَالُوٓا۟ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جڏھن اُنھن کي چئبو آھي ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي؟ (تڏھن) چوندا آھن ته اڳين جون اکاڻيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِيَحْمِلُوٓا۟ أَوْزَارَهُمْ كَامِلَةً يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ وَمِنْ أَوْزَارِ ٱلَّذِينَ يُضِلُّونَهُم بِغَيْرِ عِلْمٍ أَلَا سَآءَ مَا يَزِرُونَ
Taj Mehmood Amroti (اھو سندن چوڻ) ھن لاءِ آھي جو قيامت جي ڏينھن پنھنجو پورو بار کڻندا ۽ جن کي اڻ ڄاڻائيءَ سان گمراہ ڪندا آھن تن جو (به) ڪجھ بار کڻندا، خبردار جيڪو (به) بار کڻندا سو بڇڙو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَدْ مَكَرَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَأَتَى ٱللَّهُ بُنْيَٰنَهُم مِّنَ ٱلْقَوَاعِدِ فَخَرَّ عَلَيْهِمُ ٱلسَّقْفُ مِن فَوْقِهِمْ وَأَتَىٰهُمُ ٱلْعَذَابُ مِنْ حَيْثُ لَا يَشْعُرُونَ
Taj Mehmood Amroti جيڪي کائن اڳ ھوا تن بيشڪ فريب ڪيو پوءِ الله جو حُڪم سندن اڏاوتن کي پيڙھي کان پٽيو ۽ انھن تي مٿانئن ڇت اچي ڪري ۽ کين عذاب اُتان پُھتو جتان ڄاتائون ئي نه ٿي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ يُخْزِيهِمْ وَيَقُولُ أَيْنَ شُرَكَآءِىَ ٱلَّذِينَ كُنتُمْ تُشَٰٓقُّونَ فِيهِمْ قَالَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ إِنَّ ٱلْخِزْىَ ٱلْيَوْمَ وَٱلسُّوٓءَ عَلَى ٱلْكَٰفِرِينَ
Taj Mehmood Amroti وري قيامت جي ڏينھن کين خوار ڪندو ۽ چوندو ته (اوھان جا) مون سان ٺھرايل شريڪ جن جي بابت اوھين تڪرار ڪندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ جن کي عِلم ڏنو ويو سي چوندا ته اَڄ انھن ڪافرن تي خواري ۽ بڇڙائي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ تَتَوَفَّىٰهُمُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ ظَالِمِىٓ أَنفُسِهِمْ فَأَلْقَوُا۟ ٱلسَّلَمَ مَا كُنَّا نَعْمَلُ مِن سُوٓءٍۭ بَلَىٰٓ إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌۢ بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti جن جو ملائڪ اھڙيءَ حالت ۾ ساہ ڪڍندا آھن جو پاڻ تي ظالم ھوا، اُھي صُلح پيش ڪندا (۽ چوندا ته) اسان ڪا بڇڙائي نه ڪئي ھئي، (ملائڪ چوندا ته) ھائو! جيڪي اوھين ڪندا ھيؤ سو الله ڄاڻندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱدْخُلُوٓا۟ أَبْوَٰبَ جَهَنَّمَ خَٰلِدِينَ فِيهَا فَلَبِئْسَ مَثْوَى ٱلْمُتَكَبِّرِينَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ دوزخ جي دروازن مان گھڙو منجھس سدائين رھندڙ ھجو، پوءِ وڏائي ڪندڙن جي جاءِ بڇڙي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقِيلَ لِلَّذِينَ ٱتَّقَوْا۟ مَاذَآ أَنزَلَ رَبُّكُمْ قَالُوا۟ خَيْرًا لِّلَّذِينَ أَحْسَنُوا۟ فِى هَٰذِهِ ٱلدُّنْيَا حَسَنَةٌ وَلَدَارُ ٱلْـَٔاخِرَةِ خَيْرٌ وَلَنِعْمَ دَارُ ٱلْمُتَّقِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ پرھيزگارن کي چيو ويندو ته ته اوھان جي پالڻھار ڇا نازل ڪيو آھي، چوندا ته چڱائي، جن ھن دنيا ۾ چڱائي ڪئي تن لاءِ چڱائي آھي، ۽ آخرت جو گھر ضرور ڀلو آھي، ۽ پرھيزگارن جو گھر ضرور ڀلو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
جَنَّٰتُ عَدْنٍ يَدْخُلُونَهَا تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ لَهُمْ فِيهَا مَا يَشَآءُونَ كَذَٰلِكَ يَجْزِى ٱللَّهُ ٱلْمُتَّقِينَ
Taj Mehmood Amroti جو ھميشه جي رھڻ وارا باغ آھن اُن ۾ گھڙندا انھن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن جيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس آھي، اھڙي طرح الله پرھيزگارن کي بدلو ڏيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ تَتَوَفَّىٰهُمُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ طَيِّبِينَ يَقُولُونَ سَلَٰمٌ عَلَيْكُمُ ٱدْخُلُوا۟ ٱلْجَنَّةَ بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti (اِھي اُھي آھن) جن کي ملائڪ پاڪ حالت ۾ ماريندا آھن (ملائڪ) چوندا آھن اَلسّلامُ عليڪم جيڪي ڪندا ھيؤ تنھن سببان بھشت ۾ گھِڙو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَلْ يَنظُرُونَ إِلَّآ أَن تَأْتِيَهُمُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ أَوْ يَأْتِىَ أَمْرُ رَبِّكَ كَذَٰلِكَ فَعَلَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ وَمَا ظَلَمَهُمُ ٱللَّهُ وَلَٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
Taj Mehmood Amroti ڪافر (موت جي) ملائڪن جي پاڻ وٽ اچڻ يا تنھنجي پالڻھار (جي عذاب) جي حُڪم اچڻ کانسواءِ (ٻيو) ڪو انتظار نه ڪندا آھن، جيڪي کائن اڳ ھوا تن به اھڙي طرح ڪيو ھو، ۽ الله مٿن ظلم نه ڪيو پر اُھي پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَصَابَهُمْ سَيِّـَٔاتُ مَا عَمِلُوا۟ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ کين سندن ڪرتوتن جي بڇڙائي پھتي ۽ جنھن لاءِ ٺـٺوليون ڪندا ھوا سا کين ويڙھي ويئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ ٱلَّذِينَ أَشْرَكُوا۟ لَوْ شَآءَ ٱللَّهُ مَا عَبَدْنَا مِن دُونِهِۦ مِن شَىْءٍ نَّحْنُ وَلَآ ءَابَآؤُنَا وَلَا حَرَّمْنَا مِن دُونِهِۦ مِن شَىْءٍ كَذَٰلِكَ فَعَلَ ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ فَهَلْ عَلَى ٱلرُّسُلِ إِلَّا ٱلْبَلَٰغُ ٱلْمُبِينُ
Taj Mehmood Amroti ۽ مُشرڪ چوندا آھن ته جيڪڏھن الله گھري ھا ته اُن ڌاران ڪا شيء نڪي اسين پوڄيون ھا ۽ نڪي اسان جا ابا ڏاڏا (پوڄين ھا) ۽ نڪي اُن جي حُڪم کانسواءِ ڪا شيء حرام ڪريون ھا، اھڙي طرح جيڪي کائن اڳ ھوا تن به ڪيو ھو، پوءِ پيغمبرن تي پڌري (پيغام) پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي لازم) نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ بَعَثْنَا فِى كُلِّ أُمَّةٍ رَّسُولًا أَنِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ وَٱجْتَنِبُوا۟ ٱلطَّٰغُوتَ فَمِنْهُم مَّنْ هَدَى ٱللَّهُ وَمِنْهُم مَّنْ حَقَّتْ عَلَيْهِ ٱلضَّلَٰلَةُ فَسِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَٱنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ سڀڪنھن ٽولي ۾ (ھڪ) پيغمبر موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو ۽ بتن (جي پوڄا) کان پري ٿيو، پوءِ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن کي الله ھدايت ڪئي ۽ منجھائن ڪي اھڙا آھن جن تي گمراھي ثابت ٿي، پوءِ مُلڪن ۾ گھُمو وري ڏسو ته ڪوڙن جي پڇاڙي ڪيئن ٿي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِن تَحْرِصْ عَلَىٰ هُدَىٰهُمْ فَإِنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى مَن يُضِلُّ وَمَا لَهُم مِّن نَّٰصِرِينَ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) جيڪڏھن ھنن کي ھدايت ڪرڻ لاءِ حرص ڪندين (ته منجھائن ڪوبه فائدو نه آھي) ڇوته الله جنھن کي گمراھ ڪندو آھي تنھن کي ھدايت نه ڪندو آھي ۽ انھن جو ڪوبه مددگار نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَقْسَمُوا۟ بِٱللَّهِ جَهْدَ أَيْمَٰنِهِمْ لَا يَبْعَثُ ٱللَّهُ مَن يَمُوتُ بَلَىٰ وَعْدًا عَلَيْهِ حَقًّا وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله جو پڪي طرح قسم کنيائون ته جيڪو مرندو تنھن کي الله وري نه جياريندو، ھائو! (وري جياريندو) اُن ڳالھ تي پڪ وعدو ٿي چڪو آھي مگر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِيُبَيِّنَ لَهُمُ ٱلَّذِى يَخْتَلِفُونَ فِيهِ وَلِيَعْلَمَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ أَنَّهُمْ كَانُوا۟ كَٰذِبِينَ
Taj Mehmood Amroti ھن لاءِ (وري جياريندو) ته جنھن بابت تڪرار ڪندا آھن سو انھن کي پڌرو ڪري ٻڌائي ۽ ته ڪافر ڄاڻن ته اُھي (پاڻ) ڪُوڙا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّمَا قَوْلُنَا لِشَىْءٍ إِذَآ أَرَدْنَٰهُ أَن نَّقُولَ لَهُۥ كُن فَيَكُونُ
Taj Mehmood Amroti ڪنھن به شيءِ لاءِ اسان جو چوڻ ھن (چوڻ) کانسواءِ نه آھي ته جڏھن اسين اُنکي پيدا ڪرڻ گھرندا آھيون ته اُن لاءِ چوندا آھيون ته ٿيءُ ته ٿي پوندي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ هَاجَرُوا۟ فِى ٱللَّهِ مِنۢ بَعْدِ مَا ظُلِمُوا۟ لَنُبَوِّئَنَّهُمْ فِى ٱلدُّنْيَا حَسَنَةً وَلَأَجْرُ ٱلْـَٔاخِرَةِ أَكْبَرُ لَوْ كَانُوا۟ يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن پاڻ تي ظلم ٿيڻ کانپوءِ الله (جي واٽ) ۾ وطن ڇڏيو تن کي ضرور دنيا ۾ چڱي جاءِ ڏيندا آھيون، ۽ ضرور آخرت جو اجر تمام وڏو آھي، جيڪڏھن ڄاڻن ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ صَبَرُوا۟ وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ
Taj Mehmood Amroti (اُھي نعمتون انھن کي آھن) جن صبر ڪيو ۽ (جي) پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪن ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ إِلَّا رِجَالًا نُّوحِىٓ إِلَيْهِمْ فَسْـَٔلُوٓا۟ أَهْلَ ٱلذِّكْرِ إِن كُنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ (ڪو پيغمبر) مَردن کان کانسواءِ نه موڪليو اٿون انھن ڏانھن وحي ٿي ڪيوسون پوءِ (اي ماڻھو) جيڪڏھن اوھين نه ڄاڻندا آھيو ته ڪتاب وارن کان پڇو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بِٱلْبَيِّنَٰتِ وَٱلزُّبُرِ وَأَنزَلْنَآ إِلَيْكَ ٱلذِّكْرَ لِتُبَيِّنَ لِلنَّاسِ مَا نُزِّلَ إِلَيْهِمْ وَلَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti دليلن ۽ ڪتابن سان (موڪلياسون)، ۽ اسان توڏانھن قرآن ھن لاءِ نازل ڪيو ته جيڪي ماڻھن ڏانھن نازل ڪيو ويو آھي سو اُنھن کي بيان ڪري ٻڌائين ۽ مانَ اُھي پروڙين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَأَمِنَ ٱلَّذِينَ مَكَرُوا۟ ٱلسَّيِّـَٔاتِ أَن يَخْسِفَ ٱللَّهُ بِهِمُ ٱلْأَرْضَ أَوْ يَأْتِيَهُمُ ٱلْعَذَابُ مِنْ حَيْثُ لَا يَشْعُرُونَ
Taj Mehmood Amroti جن بڇڙي رٿ رٿي سي (ھن کان) بي ڀوا ٿيا آھن ڇا ته الله کين زمين ۾ ڳھائي ڇڏي يا جتان نه ڄاڻندا ھُجن اُتان مٿن عذاب اچي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوْ يَأْخُذَهُمْ فِى تَقَلُّبِهِمْ فَمَا هُم بِمُعْجِزِينَ
Taj Mehmood Amroti يا اُنھن کي سندن گھمڻ ڦرڻ ۾ پڪڙي پوءِ اُھي عاجز ڪرڻ وارا نه آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوْ يَأْخُذَهُمْ عَلَىٰ تَخَوُّفٍ فَإِنَّ رَبَّكُمْ لَرَءُوفٌ رَّحِيمٌ
Taj Mehmood Amroti يا ڀوائتيءَ حالت ۾ کين پڪڙي، پوءِ اوھان جو پالڻھار ٻاجھارو مھربان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوَلَمْ يَرَوْا۟ إِلَىٰ مَا خَلَقَ ٱللَّهُ مِن شَىْءٍ يَتَفَيَّؤُا۟ ظِلَٰلُهُۥ عَنِ ٱلْيَمِينِ وَٱلشَّمَآئِلِ سُجَّدًا لِّلَّهِ وَهُمْ دَٰخِرُونَ
Taj Mehmood Amroti الله جيڪي شيون خلقيون تن ڏانھن ڇونه ڏسندا آھن جو سندن پاڇا سڄي ۽ کٻي (پاسي) الله کي سجدو ڪندڙ ٿي لڙندا آھن ۽ اُھي عاجزي ڪندڙ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلِلَّهِ يَسْجُدُ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ مِن دَآبَّةٍ وَٱلْمَلَٰٓئِكَةُ وَهُمْ لَا يَسْتَكْبِرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪي آسمانن ۾ آھن سي ۽ جيڪي جانور زمين ۾ آھن سي ۽ ملائڪ الله کي سجدو ڪندا آھن ۽ اُھي وڏائي نه ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَخَافُونَ رَبَّهُم مِّن فَوْقِهِمْ وَيَفْعَلُونَ مَا يُؤْمَرُونَ
Taj Mehmood Amroti (ملائڪ) پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن جو سندن مٿان غالب آھي ۽ جيڪي حُڪم ڪبو اٿن سو ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ ٱللَّهُ لَا تَتَّخِذُوٓا۟ إِلَٰهَيْنِ ٱثْنَيْنِ إِنَّمَا هُوَ إِلَٰهٌ وَٰحِدٌ فَإِيَّٰىَ فَٱرْهَبُونِ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله فرمايو آھي ته اوھين ٻه خدا ڪري نه وٺو، اُن ھڪ الله کانسواءِ ٻيو ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي، تنھنڪري اوھين خاص مون کان ڊڄندا رھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَلَهُ ٱلدِّينُ وَاصِبًا أَفَغَيْرَ ٱللَّهِ تَتَّقُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سندس آھي ۽ اُن جي عبادت سدائين (لازم) آھي، پوءِ الله کانسواءِ ٻـين کان ڇو ڊڄندا آھيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا بِكُم مِّن نِّعْمَةٍ فَمِنَ ٱللَّهِ ثُمَّ إِذَا مَسَّكُمُ ٱلضُّرُّ فَإِلَيْهِ تَجْـَٔرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪا نعمت اوھان تي ٿيل آھي سا الله جي پار کان آھي پوءِ جڏھن اوھان تي سختي پھچي ٿي ته ڏانھس دانھون ڪندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ إِذَا كَشَفَ ٱلضُّرَّ عَنكُمْ إِذَا فَرِيقٌ مِّنكُم بِرَبِّهِمْ يُشْرِكُونَ
Taj Mehmood Amroti وري جڏھن اوھان کان ڏک لاھي (تڏھن) جھٽ پٽ اوھان مان ڪا ٽولي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مُقرّر ڪندي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِيَكْفُرُوا۟ بِمَآ ءَاتَيْنَٰهُمْ فَتَمَتَّعُوا۟ فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti ھن لاءِ ته کين جيڪي ڏنوسون تنھن جي بي شڪري ڪن، پوءِ دنيا ۾ خوش گذاريو، پوءِ سِگھو ڄاڻندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَجْعَلُونَ لِمَا لَا يَعْلَمُونَ نَصِيبًا مِّمَّا رَزَقْنَٰهُمْ تَٱللَّهِ لَتُسْـَٔلُنَّ عَمَّا كُنتُمْ تَفْتَرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪي کين ڏنوسون تنھن مان (ڪافر) اُنھن (بُتن) لاءِ حصّو مُقرّر ڪندا آھن جي نه ڄاڻندا آھن، الله جو قسم آھي ته جيڪي ٺاھ ٺاھيندا آھيو تنھن بابت ضرور پڇيا ويندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَجْعَلُونَ لِلَّهِ ٱلْبَنَٰتِ سُبْحَٰنَهُۥ وَلَهُم مَّا يَشْتَهُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله لاءِ ڌيئرون مُقرّر ڪندا آھن اُھو پاڪ آھي ۽ پاڻ لاءِ جيڪي وڻندو اٿن (يعني پُٽ سو مُقرّر ڪندا آھن).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا بُشِّرَ أَحَدُهُم بِٱلْأُنثَىٰ ظَلَّ وَجْهُهُۥ مُسْوَدًّا وَهُوَ كَظِيمٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ جڏھن منجھائن ڪنھن ھڪ کي ڌيءُ (ڄمڻ) جي خبر ڏبي آھي (تڏھن) سندس مُنھن ڪارو ٿي ويندو آھي ۽ اُھو ڏک ڀريل ھوندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَتَوَٰرَىٰ مِنَ ٱلْقَوْمِ مِن سُوٓءِ مَا بُشِّرَ بِهِۦٓ أَيُمْسِكُهُۥ عَلَىٰ هُونٍ أَمْ يَدُسُّهُۥ فِى ٱلتُّرَابِ أَلَا سَآءَ مَا يَحْكُمُونَ
Taj Mehmood Amroti جيڪا کيس بڇڙي خبر ڏني وئي تنھنجي ناراضپي سببان قوم کان پيو لڪندو آھي، (ڳڻتي ۾ پوندو آھي ته) اُن ڌيءُ کي خواريءَ ۾ رکي يا اُن کي مٽيءَ ۾ دٻي ڇڏي، خبردار اُھي جيڪي نبيرو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ مَثَلُ ٱلسَّوْءِ وَلِلَّهِ ٱلْمَثَلُ ٱلْأَعْلَىٰ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Taj Mehmood Amroti جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن جو مثال بڇڙو آھي، ۽ الله جو مثال مٿاھون آھي، ۽ اھو غالب حڪمت وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَوْ يُؤَاخِذُ ٱللَّهُ ٱلنَّاسَ بِظُلْمِهِم مَّا تَرَكَ عَلَيْهَا مِن دَآبَّةٍ وَلَٰكِن يُؤَخِّرُهُمْ إِلَىٰٓ أَجَلٍ مُّسَمًّى فَإِذَا جَآءَ أَجَلُهُمْ لَا يَسْتَـْٔخِرُونَ سَاعَةً وَلَا يَسْتَقْدِمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪڏھن الله ماڻھن کي سندن ظلم سببان پڪڙي ته ڪنھن چرندڙ کي زمين تي نه ڇڏي پر اُنھن کي ٺھرايل مدّت تائين مُھلت ڏني اٿس، پوءِ جنھن مھل سندن مھلت پھچندي (تنھن مھل) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَجْعَلُونَ لِلَّهِ مَا يَكْرَهُونَ وَتَصِفُ أَلْسِنَتُهُمُ ٱلْكَذِبَ أَنَّ لَهُمُ ٱلْحُسْنَىٰ لَا جَرَمَ أَنَّ لَهُمُ ٱلنَّارَ وَأَنَّهُم مُّفْرَطُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله لاءِ اُھا شيء مقرر ڪندا آھن جيڪا (پاڻ) ناپسند ڪندا آھن ۽ سندن زبانون ڪوڙ بڪنديون آھن ته سندن لاءِ (ڇوٽڪاري جي) جي چڱائي آھي، بلاشڪ اُنھن لاءِ (دوزخ جي) باھ آھي ۽ اُھي حد کان لنگھي ويل آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَٱللَّهِ لَقَدْ أَرْسَلْنَآ إِلَىٰٓ أُمَمٍ مِّن قَبْلِكَ فَزَيَّنَ لَهُمُ ٱلشَّيْطَٰنُ أَعْمَٰلَهُمْ فَهُوَ وَلِيُّهُمُ ٱلْيَوْمَ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Taj Mehmood Amroti الله جو قسم آھي ته بيشڪ توکان اڳ اُمّتن ڏانھن (پيغمبر) موڪلياسون پوءِ کين شيطان سندن عمل چڱا ڪري ڏيکاريا پوءِ اُھو اڄ سندن دوست آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَنزَلْنَا عَلَيْكَ ٱلْكِتَٰبَ إِلَّا لِتُبَيِّنَ لَهُمُ ٱلَّذِى ٱخْتَلَفُوا۟ فِيهِ وَهُدًى وَرَحْمَةً لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اي پيغمبر) توتي ڪتاب ھن کانسواءِ نازل نه ڪيوسون ته جن بابت تڪرار ڪيو تن کي تون بيان ڪرين ۽ (پڻ) مؤمن قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱللَّهُ أَنزَلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً فَأَحْيَا بِهِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَآ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّقَوْمٍ يَسْمَعُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله آسمانن کان (مينھن جو) پاڻي وسايو پوءِ اُن سان زمين کي سندس ويرانيءَ کانپوءِ آباد ڪيائين، بيشڪ اُن ۾ ٻڌندڙ قوم لاءِ نشاني آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ لَكُمْ فِى ٱلْأَنْعَٰمِ لَعِبْرَةً نُّسْقِيكُم مِّمَّا فِى بُطُونِهِۦ مِنۢ بَيْنِ فَرْثٍ وَدَمٍ لَّبَنًا خَالِصًا سَآئِغًا لِّلشَّٰرِبِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ ڍورن ۾ اوھان لاءِ عبرت آھي، جيڪي سندن پيٽن ۾ آھي تنھن مان ڇيڻن ۽ رت جي وچون نج کير اوھان کي پيارينديون آھن جو پيئندڙن کي وڻندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمِن ثَمَرَٰتِ ٱلنَّخِيلِ وَٱلْأَعْنَٰبِ تَتَّخِذُونَ مِنْهُ سَكَرًا وَرِزْقًا حَسَنًا إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّقَوْمٍ يَعْقِلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ کجين جي ۽ ڊاکن جي ڦرن مان ڪو (اھڙو قسم) آھي جو اُن مان شراب ۽ سٺي روزي بڻائيندا آھيو، بيشڪ اُن ۾ ڄاڻندڙ قوم لاءِ نشاني آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَوْحَىٰ رَبُّكَ إِلَى ٱلنَّحْلِ أَنِ ٱتَّخِذِى مِنَ ٱلْجِبَالِ بُيُوتًا وَمِنَ ٱلشَّجَرِ وَمِمَّا يَعْرِشُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار ماکيءَ جي مَک ڏانھن الھام ڪيو ته ڪن جبلن ۾ ۽ وڻن ۾ ۽ جن شين مان (ماڻھو گھرن جون) ڇتيون جوڙيندا آھن تن ۾ گھر بڻاءِ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ كُلِى مِن كُلِّ ٱلثَّمَرَٰتِ فَٱسْلُكِى سُبُلَ رَبِّكِ ذُلُلًا يَخْرُجُ مِنۢ بُطُونِهَا شَرَابٌ مُّخْتَلِفٌ أَلْوَٰنُهُۥ فِيهِ شِفَآءٌ لِّلنَّاسِ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti وري ھر ڪنھن جنس جي ميون مان کاءُ پوءِ پنھنجي پالڻھار جي واٽن تي عاجزيءَ سان ھل، سندس پيٽن مان رنگارنگ پئڻ جي شيء (يعني ماکي) نڪرندي آھي منجھس ماڻھن لاءِ شفا آھي، بيشڪ اُن ۾ سوچ ڪندڙ قوم لاءِ عبرت آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱللَّهُ خَلَقَكُمْ ثُمَّ يَتَوَفَّىٰكُمْ وَمِنكُم مَّن يُرَدُّ إِلَىٰٓ أَرْذَلِ ٱلْعُمُرِ لِكَىْ لَا يَعْلَمَ بَعْدَ عِلْمٍ شَيْـًٔا إِنَّ ٱللَّهَ عَلِيمٌ قَدِيرٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله اوھان کي خلقيو ۽ وري اوھان کي ماريندو ۽ اوھان مان نڪميءَ عُمر ڏانھن ھن لاءِ موٽايو ويندو آھي ته ڄاڻڻ کانپوءِ ڪُجھ نه ڄاڻي، ڇوته الله ڄاڻندڙ وس وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱللَّهُ فَضَّلَ بَعْضَكُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ فِى ٱلرِّزْقِ فَمَا ٱلَّذِينَ فُضِّلُوا۟ بِرَآدِّى رِزْقِهِمْ عَلَىٰ مَا مَلَكَتْ أَيْمَٰنُهُمْ فَهُمْ فِيهِ سَوَآءٌ أَفَبِنِعْمَةِ ٱللَّهِ يَجْحَدُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله اوھان مان ھڪڙن کي ٻـين کان وڌيڪ روزي ڏني آھي، پوءِ اُھي وڌ ڏنل روزيءَ وارا پنھنجي روزيءَ کي پنھنجن ٻانھن تي موٽائڻ وارا نه آھن ته اُھي (سڀ) منجھس برابر ھُجن، پوءِ الله جي نعمتن جو ڇو انڪار ڪندا آھن؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِّنْ أَنفُسِكُمْ أَزْوَٰجًا وَجَعَلَ لَكُم مِّنْ أَزْوَٰجِكُم بَنِينَ وَحَفَدَةً وَرَزَقَكُم مِّنَ ٱلطَّيِّبَٰتِ أَفَبِٱلْبَٰطِلِ يُؤْمِنُونَ وَبِنِعْمَتِ ٱللَّهِ هُمْ يَكْفُرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله اوھان لاءِ اوھان جي جنس مان زالون پيدا ڪيون ۽ اوھان جي زالن مان پُٽ ۽ پوٽا پيدا ڪيائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين، پوءِ ڇو ڪوڙ کي مڃيندا آھن ۽ اُھي ڇو الله جي نعمتن جو انڪار ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ مَا لَا يَمْلِكُ لَهُمْ رِزْقًا مِّنَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ شَيْـًٔا وَلَا يَسْتَطِيعُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله ڌاران انھن جي عبادت ڪندا آھن جيڪي آسمانن ۽ زمين مان کين روزي ڏيڻ جو ڪجھ اختيار نه رکندا آھن ۽ نڪي (ڪجھ ڪري) سگھندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَا تَضْرِبُوا۟ لِلَّهِ ٱلْأَمْثَالَ إِنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ وَأَنتُمْ لَا تَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ الله لاءِ (بڇڙا) مثال بيان نه ڪريو، ڇوته الله ڄاڻندڙ آھي ۽ اوھين نه ڄاڻندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ضَرَبَ ٱللَّهُ مَثَلًا عَبْدًا مَّمْلُوكًا لَّا يَقْدِرُ عَلَىٰ شَىْءٍ وَمَن رَّزَقْنَٰهُ مِنَّا رِزْقًا حَسَنًا فَهُوَ يُنفِقُ مِنْهُ سِرًّا وَجَهْرًا هَلْ يَسْتَوُۥنَ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti الله ھڪ خريد ٿيل ٻانھي جو مثال بيان ڪري ٿو جنھن جو ڪنھن شيءِ تي وس نه ھُجي ۽ (ٻيو) اُھو جنھن کي پاڻ وٽان چڱي روزي ڏنيسون پوءِ اُھو اُن سان (اسان جي واٽ ۾) ڳجھو ۽ پڌرو خرچ ڪري، (اھي ٻئي پاڻ ۾) برابر آھن ڇا؟ سڀ ساراھ الله کي جڳائي، پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَضَرَبَ ٱللَّهُ مَثَلًا رَّجُلَيْنِ أَحَدُهُمَآ أَبْكَمُ لَا يَقْدِرُ عَلَىٰ شَىْءٍ وَهُوَ كَلٌّ عَلَىٰ مَوْلَىٰهُ أَيْنَمَا يُوَجِّههُّ لَا يَأْتِ بِخَيْرٍ هَلْ يَسْتَوِى هُوَ وَمَن يَأْمُرُ بِٱلْعَدْلِ وَهُوَ عَلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله ٻن مڙسن جو (ٻيو) مثال بيان ڪري ٿو جن ٻنھي مان ھڪڙو گنگو ھجي ڪنھن شيء تي وس ڪونه ھجيس ۽ اُھو پنھنجي مالڪ تي بار ھجي جيڏانھن موڪليس اُتان ڪا ڀَلائي نه آڻي اُھو اُنھيءَ جي برابر آھي ڇا جيڪو انصاف جو حُڪم ڏئي ۽ اُھو سڌيءِ واٽ تي ھُجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلِلَّهِ غَيْبُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَآ أَمْرُ ٱلسَّاعَةِ إِلَّا كَلَمْحِ ٱلْبَصَرِ أَوْ هُوَ أَقْرَبُ إِنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ آسمانن ۽ زمين جو ڳُجھ الله کي (معلوم) آھي، ۽ قيامت (آڻڻ) جو ڪم (سندس اڳيان) رڳي اک ڇنڀ (جي دير) جھڙو آھي بلڪ اُھو انھيءَ کان به وڌيڪ نزديڪ آھي، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱللَّهُ أَخْرَجَكُم مِّنۢ بُطُونِ أُمَّهَٰتِكُمْ لَا تَعْلَمُونَ شَيْـًٔا وَجَعَلَ لَكُمُ ٱلسَّمْعَ وَٱلْأَبْصَٰرَ وَٱلْأَفْـِٔدَةَ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله اوھان کي اوھان جي مائن جي پيٽن مان ڪڍيو جو ڪُجھ نه ڄاڻندا ھيؤ ۽ اوھان جا ڪنّ ۽ اکيون ۽ دليون بڻايائين ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ يَرَوْا۟ إِلَى ٱلطَّيْرِ مُسَخَّرَٰتٍ فِى جَوِّ ٱلسَّمَآءِ مَا يُمْسِكُهُنَّ إِلَّا ٱللَّهُ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَٰتٍ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
Taj Mehmood Amroti آسمانن جي ھوا ۾ تابع ڪيل پکين ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ انھن کي الله کانسواءِ ڪونه جھليندو آھي، بيشڪ اُن ۾ ايمان واريءَ قوم لاءِ نشانيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِّنۢ بُيُوتِكُمْ سَكَنًا وَجَعَلَ لَكُم مِّن جُلُودِ ٱلْأَنْعَٰمِ بُيُوتًا تَسْتَخِفُّونَهَا يَوْمَ ظَعْنِكُمْ وَيَوْمَ إِقَامَتِكُمْ وَمِنْ أَصْوَافِهَا وَأَوْبَارِهَا وَأَشْعَارِهَآ أَثَٰثًا وَمَتَٰعًا إِلَىٰ حِينٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله اوھان جي گھرن مان اوھان لاءِ آرام (جو ھنڌ) بڻايو ۽ ڍورن جي چمڙن مان اوھان لاءِ گھر بڻايائين جن کي اوھين پنھنجي مسافريءَ جي ڏينھن ۽ پنھنجي ھڪ ھنڌ رھڻ جي ڏينھن ۾ ھلڪو ڄاڻندا آھيو ۽ سندين اُنّن ۽ سندين ملسن ۽ سندين ڏاسن مان (گھر جو) اسباب ۽ فائدي جو سامان بڻايو ٿا (جوڳچ) مُدّت تائين (ڪم ڏئي ٿو).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱللَّهُ جَعَلَ لَكُم مِّمَّا خَلَقَ ظِلَٰلًا وَجَعَلَ لَكُم مِّنَ ٱلْجِبَالِ أَكْنَٰنًا وَجَعَلَ لَكُمْ سَرَٰبِيلَ تَقِيكُمُ ٱلْحَرَّ وَسَرَٰبِيلَ تَقِيكُم بَأْسَكُمْ كَذَٰلِكَ يُتِمُّ نِعْمَتَهُۥ عَلَيْكُمْ لَعَلَّكُمْ تُسْلِمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله پنھنجين خلقيل شين مان اوھان لاءِ ڇانئون بڻايون ۽ جبلن مان اوھان لاءِ چُرون بڻايائين ۽ اوھان لاءِ ڪپڙا بڻايائين جي اوھان کي گرميءَ (۽ سرديءَ) کان بچائيندا آھن، اھڙي طرح اوھان تي پنھنجي نعمت پوري ڪندو آھي ته مانَ اوھين فرمانبرداري ڪريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِن تَوَلَّوْا۟ فَإِنَّمَا عَلَيْكَ ٱلْبَلَٰغُ ٱلْمُبِينُ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جيڪڏھن ڦرندا ته (اي پيغمبر) توتي پڌري پيغام پھچائڻ کانسواءِ (ٻيو ڪي) نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَعْرِفُونَ نِعْمَتَ ٱللَّهِ ثُمَّ يُنكِرُونَهَا وَأَكْثَرُهُمُ ٱلْكَٰفِرُونَ
Taj Mehmood Amroti الله جي نعمت ڄاڻندا آھن وري اُن کي نه مڃيندا آھن ۽ اُنھن مان گھڻا ڪافر آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَوْمَ نَبْعَثُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ شَهِيدًا ثُمَّ لَا يُؤْذَنُ لِلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَلَا هُمْ يُسْتَعْتَبُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جنھن ڏينھن ھر ڪنھن ٽوليءَ مان (ھڪ) شاھد کڙو ڪنداسون اُنھي ڏينھن ڪافرن کي (عُذر ڪرڻ لاءِ) موڪل نه ڏبي ۽ نڪي اُنھن جا عُذر قبول ڪيا ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا رَءَا ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ٱلْعَذَابَ فَلَا يُخَفَّفُ عَنْهُمْ وَلَا هُمْ يُنظَرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جڏھن ظالم عذاب ڏسندا تڏھن کائن (عذاب) نڪي ھلڪو ڪبو ۽ نڪي اُنھن کي مُھلت ڏبي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا رَءَا ٱلَّذِينَ أَشْرَكُوا۟ شُرَكَآءَهُمْ قَالُوا۟ رَبَّنَا هَٰٓؤُلَآءِ شُرَكَآؤُنَا ٱلَّذِينَ كُنَّا نَدْعُوا۟ مِن دُونِكَ فَأَلْقَوْا۟ إِلَيْهِمُ ٱلْقَوْلَ إِنَّكُمْ لَكَٰذِبُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جڏھن مشرڪ پنھنجن شريڪن کي ڏسندا (تڏھن) چوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھيء اسان جا اُھي شريڪ آھن جن کي توکانسواءِ سڏيندا ھواسين، پوءِ اُھي (بُت) انھن کي ورندي ڏيندا ته اوھين ڪُوڙا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَلْقَوْا۟ إِلَى ٱللَّهِ يَوْمَئِذٍ ٱلسَّلَمَ وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَفْتَرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ انھيءَ ڏينھن الله جي آڏو عاجزي ڪندا ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کائن ڀُلجي ويندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَصَدُّوا۟ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ زِدْنَٰهُمْ عَذَابًا فَوْقَ ٱلْعَذَابِ بِمَا كَانُوا۟ يُفْسِدُونَ
Taj Mehmood Amroti جن انڪار ڪيو ۽ الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليو تن کي عذاب جي مٿان عذاب انھيءَ سببان وڌائينداسون جو (ھو) فساد ڪندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَوْمَ نَبْعَثُ فِى كُلِّ أُمَّةٍ شَهِيدًا عَلَيْهِم مِّنْ أَنفُسِهِمْ وَجِئْنَا بِكَ شَهِيدًا عَلَىٰ هَٰٓؤُلَآءِ وَنَزَّلْنَا عَلَيْكَ ٱلْكِتَٰبَ تِبْيَٰنًا لِّكُلِّ شَىْءٍ وَهُدًى وَرَحْمَةً وَبُشْرَىٰ لِلْمُسْلِمِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ اُن ڏينھن سڀڪنھن ٽوليءَ ۾ سندين جنس مان مٿن شاھد کڙا ڪنداسون ۽ (اي پيغمبر) توکي ھنن (يعني اُمّت) تي شاھد آڻينداسون، ۽ ھر شيء جي پڌرائيءَ لاءِ ۽ مُسلمانن جي ھدايت ۽ ٻاجھ ۽ خوشخبري ڏيڻ لاءِ توتي ڪتاب نازل ڪيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱللَّهَ يَأْمُرُ بِٱلْعَدْلِ وَٱلْإِحْسَٰنِ وَإِيتَآئِ ذِى ٱلْقُرْبَىٰ وَيَنْهَىٰ عَنِ ٱلْفَحْشَآءِ وَٱلْمُنكَرِ وَٱلْبَغْىِ يَعِظُكُمْ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ الله انصاف ۽ ڀلائي (ڪرڻ) ۽ مائٽي وارن کي ڏيڻ جو حُڪم ڪري ٿو ۽ بي حيائي ۽ مدائي ۽ زبردستي کان جھلي ٿو، اوھان کي نصيحت ڏئي ٿو ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَوْفُوا۟ بِعَهْدِ ٱللَّهِ إِذَا عَٰهَدتُّمْ وَلَا تَنقُضُوا۟ ٱلْأَيْمَٰنَ بَعْدَ تَوْكِيدِهَا وَقَدْ جَعَلْتُمُ ٱللَّهَ عَلَيْكُمْ كَفِيلًا إِنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ مَا تَفْعَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جڏھن اوھين (الله جو نالو وٺي) پاڻ ۾ انجام ڪريو (تڏھن) الله جو انجام پاڙيو ۽ اوھين قَسمن کي سندن پڪي ڪرڻ کانپوءِ نه ڀڃو جو بيشڪ الله کي پاڻ تي نگھبان ڪيو اٿوَ، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڄاڻندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا تَكُونُوا۟ كَٱلَّتِى نَقَضَتْ غَزْلَهَا مِنۢ بَعْدِ قُوَّةٍ أَنكَٰثًا تَتَّخِذُونَ أَيْمَٰنَكُمْ دَخَلًۢا بَيْنَكُمْ أَن تَكُونَ أُمَّةٌ هِىَ أَرْبَىٰ مِنْ أُمَّةٍ إِنَّمَا يَبْلُوكُمُ ٱللَّهُ بِهِۦ وَلَيُبَيِّنَنَّ لَكُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ مَا كُنتُمْ فِيهِ تَخْتَلِفُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ اُن زال وانگر نه ٿيو جنھن پنھنجو سُٽ ڪتيل پڪي ڪرڻ کانپوءِ ڇني ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيو، اوھين قسمن کي ھن لاءِ پاڻ ۾ حيلو بڻايو ٿا ته (ھڪ) ٽولي ٻي ٽوليءَ کان وڌيڪ ٿئي، الله ته اوھان کي رڳو اُن سان پرکيندو آھي، ۽ جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو سو قيامت جي ڏينھن اوھان جي لاءِ ضرور بيان ڪندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ لَجَعَلَكُمْ أُمَّةً وَٰحِدَةً وَلَٰكِن يُضِلُّ مَن يَشَآءُ وَيَهْدِى مَن يَشَآءُ وَلَتُسْـَٔلُنَّ عَمَّا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته اوھان کي ھڪ ٽولي ڪري ھا پر جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي گمراھ ڪندو آھي ۽ جنھن لاءِ وڻندو اٿس تنھن کي ھدايت ڪندو آھي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن بابت اوھين ضرور پُڇبؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا تَتَّخِذُوٓا۟ أَيْمَٰنَكُمْ دَخَلًۢا بَيْنَكُمْ فَتَزِلَّ قَدَمٌۢ بَعْدَ ثُبُوتِهَا وَتَذُوقُوا۟ ٱلسُّوٓءَ بِمَا صَدَدتُّمْ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ وَلَكُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ اوھين پنھنجن قسمن کي پاڻ ۾ ٺڳي نه بڻايو نه ته اُنھن جي پڪي ڪرڻ کانپوءِ اوھان جا پيرَ ترڪندا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ سببان سزا چکندؤ، ۽ اوھان کي وڏو عذاب ٿيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا تَشْتَرُوا۟ بِعَهْدِ ٱللَّهِ ثَمَنًا قَلِيلًا إِنَّمَا عِندَ ٱللَّهِ هُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله جي انجام کي ٿوري مُلھ سان نه وِڪڻو، ڇوته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته جيڪي الله وٽ آھي سو اوھان جي لاءِ چڱو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَا عِندَكُمْ يَنفَدُ وَمَا عِندَ ٱللَّهِ بَاقٍ وَلَنَجْزِيَنَّ ٱلَّذِينَ صَبَرُوٓا۟ أَجْرَهُم بِأَحْسَنِ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti جيڪي اوھان وٽ آھي سو کپي ويندو ۽ جيڪي الله وٽ آھي سو ھميشہ رھڻ وارو آھي، ۽ جن صبر ڪيو تن کي سندن عملن جو بلڪل چڱي طرح بدلو ڏينداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَنْ عَمِلَ صَٰلِحًا مِّن ذَكَرٍ أَوْ أُنثَىٰ وَهُوَ مُؤْمِنٌ فَلَنُحْيِيَنَّهُۥ حَيَوٰةً طَيِّبَةً وَلَنَجْزِيَنَّهُمْ أَجْرَهُم بِأَحْسَنِ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti جنھن چڱو عمل ڪيو (پوءِ) اُھو مڙس ھُجي يا زال ۽ اُھو مؤمن ھوندو ته ضرور کيس چڱي حياتي ڏئي جيئرو ڪنداسون، ۽ جيڪي ڪندا ھوا تنھنجو بدلو کين تمام چڱيءَ طرح ڏينداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِذَا قَرَأْتَ ٱلْقُرْءَانَ فَٱسْتَعِذْ بِٱللَّهِ مِنَ ٱلشَّيْطَٰنِ ٱلرَّجِيمِ
Taj Mehmood Amroti پوءِ (اي پيغمبر) جڏھن قرآن پڙھين تڏھن تڙيل شيطان (جي شر) کان الله جي سام پؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُۥ لَيْسَ لَهُۥ سُلْطَٰنٌ عَلَى ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ
Taj Mehmood Amroti ان کي ايمان وارن تي ۽ جي پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن تن تي ڪو غلبو نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّمَا سُلْطَٰنُهُۥ عَلَى ٱلَّذِينَ يَتَوَلَّوْنَهُۥ وَٱلَّذِينَ هُم بِهِۦ مُشْرِكُونَ
Taj Mehmood Amroti سندس غلبو رڳو اُنھن تي آھي جيڪي کيس دوست رکندا آھن ۽ (انھن تي به) جيڪي الله سان شريڪ (مقرّر) ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا بَدَّلْنَآ ءَايَةً مَّكَانَ ءَايَةٍ وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا يُنَزِّلُ قَالُوٓا۟ إِنَّمَآ أَنتَ مُفْتَرٍۭ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جڏھن ھڪڙي آيت جي جاءِ تي ٻي آيت مٽائي آڻيندا آھيون ۽ الله جيڪي نازل ڪندو آھي سو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي (تڏھن) چوندا آھن ته تون رڳو پاڻون بڻائيندڙ آھين، (نه!) بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ نَزَّلَهُۥ رُوحُ ٱلْقُدُسِ مِن رَّبِّكَ بِٱلْحَقِّ لِيُثَبِّتَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَهُدًى وَبُشْرَىٰ لِلْمُسْلِمِينَ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) کين چؤ ته اُھو قرآن تنھنجي پالڻھار وٽان جبرئيل سچ سان ھن لاءِ نازل ڪيو آھي ته مؤمنن کي ثابت رکي ۽ مُسلمانن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري ھجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ نَعْلَمُ أَنَّهُمْ يَقُولُونَ إِنَّمَا يُعَلِّمُهُۥ بَشَرٌ لِّسَانُ ٱلَّذِى يُلْحِدُونَ إِلَيْهِ أَعْجَمِىٌّ وَهَٰذَا لِسَانٌ عَرَبِىٌّ مُّبِينٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ ڄاڻندا آھيون ته اُھي چوندا آھن ته اُن (پيغمبر) کي ڪو ماڻھو سيکاريندو آھي، جنھن ڏانھن اھا نسبت ڪندا آھن تنھن جي ٻولي عجمي آھي ۽ ھي (قرآن) پڌري عربي ٻوليءَ ۾ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ لَا يَهْدِيهِمُ ٱللَّهُ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن تن کي الله سڌو رستو نه ڏيکاريندو آھي ۽ اُنھن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّمَا يَفْتَرِى ٱلْكَذِبَ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ وَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْكَٰذِبُونَ
Taj Mehmood Amroti ڪوڙو ٺاھ انھن کان سواءِ ڪونه ٺاھيندو آھي جيڪي الله جي آيتن کي نه مڃيندا آھن، ۽ اُھي (پاڻ) ڪُوڙا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَن كَفَرَ بِٱللَّهِ مِنۢ بَعْدِ إِيمَٰنِهِۦٓ إِلَّا مَنْ أُكْرِهَ وَقَلْبُهُۥ مُطْمَئِنٌّۢ بِٱلْإِيمَٰنِ وَلَٰكِن مَّن شَرَحَ بِٱلْكُفْرِ صَدْرًا فَعَلَيْهِمْ غَضَبٌ مِّنَ ٱللَّهِ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ
Taj Mehmood Amroti جنھن کي (ايمان کان ڦرڻ جو) زور ڪيو وڃي (اُھو زبان سان ڪي چوي) ۽ سندس دل ايمان سان آراميل ھجي اُن کانسواءِ جيڪو پنھنجي ايمان آڻڻ کانپوءِ الله جو انڪار ڪري بلڪ ڪُفر سان سينو ويڪرو ڪري (يعني راضي ٿئي) اھڙن تي الله جو ڏمر آھي، ۽ انھن تي وڏو عذاب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمُ ٱسْتَحَبُّوا۟ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا عَلَى ٱلْـَٔاخِرَةِ وَأَنَّ ٱللَّهَ لَا يَهْدِى ٱلْقَوْمَ ٱلْكَٰفِرِينَ
Taj Mehmood Amroti اھو ھن ڪري آھي جو انھن دنيا جي حياتيءَ کي آخرت کان زيادہ پسند ڪيو آھي ۽ (انھيءَ ڪري) ته الله ڪافرن جي قوم کي ھدايت نه ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أُو۟لَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ طَبَعَ ٱللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ وَسَمْعِهِمْ وَأَبْصَٰرِهِمْ وَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْغَٰفِلُونَ
Taj Mehmood Amroti اِھي اُھي آھن جو سندين دلين ۽ سندن ڪَنن ۽ سندن اکين تي الله مُھر ھنئي، ۽ اُھي بي خبر آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا جَرَمَ أَنَّهُمْ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ هُمُ ٱلْخَٰسِرُونَ
Taj Mehmood Amroti بلاشڪ اُھي ئي آخرت ۾ ڇيئي وارا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذِينَ هَاجَرُوا۟ مِنۢ بَعْدِ مَا فُتِنُوا۟ ثُمَّ جَٰهَدُوا۟ وَصَبَرُوٓا۟ إِنَّ رَبَّكَ مِنۢ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
Taj Mehmood Amroti وري بيشڪ تنھنجو پالڻھار انھن کي (بخشي ٿو) جيڪي (ڪفر جي ڪلمي چوڻ لاءِ ڪافرن جي ھٿان) ايذايا ويا پوءِ وطن ڇڏيائون وري جھاد ڪيائون ۽ صبر ڪيائون بيشڪ تنھنجو پالڻھار ان کانپوءِ ضرور بخشڻھار مھربان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ تَأْتِى كُلُّ نَفْسٍ تُجَٰدِلُ عَن نَّفْسِهَا وَتُوَفَّىٰ كُلُّ نَفْسٍ مَّا عَمِلَتْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti انھيءَ ڏينھن سڀڪو جيءُ پنھنجي طرفان جھيڙو ڪندو ايندو ۽ سڀڪنھن نفس جيڪي ڪمايو تنھنجو کيس پورو بدلو ڏبو ۽ انھن سان ظلم نه ڪبو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَضَرَبَ ٱللَّهُ مَثَلًا قَرْيَةً كَانَتْ ءَامِنَةً مُّطْمَئِنَّةً يَأْتِيهَا رِزْقُهَا رَغَدًا مِّن كُلِّ مَكَانٍ فَكَفَرَتْ بِأَنْعُمِ ٱللَّهِ فَأَذَٰقَهَا ٱللَّهُ لِبَاسَ ٱلْجُوعِ وَٱلْخَوْفِ بِمَا كَانُوا۟ يَصْنَعُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله ھڪ ڳوٺ جو (ھڪ) قِصو بيان ڪيو جو بي ڀئو آراميل ھو ان کي سندس روزي سڀڪنھن ھنڌان سوکائيءَ سان ايندي ھئي پوءِ الله جي نعمتن جي بي شڪرائي ڪيائون پوءِ جيڪي ڪندا ھوا تنھن سببان الله کين بُک ۽ ڀؤ جي پوشاڪ چکائي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ جَآءَهُمْ رَسُولٌ مِّنْهُمْ فَكَذَّبُوهُ فَأَخَذَهُمُ ٱلْعَذَابُ وَهُمْ ظَٰلِمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ منجھائن (ھڪ) پيغمبر وٽن آيو پوءِ کيس ڪُوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين عذاب پڪڙيو ۽ اُھي ظالم ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَكُلُوا۟ مِمَّا رَزَقَكُمُ ٱللَّهُ حَلَٰلًا طَيِّبًا وَٱشْكُرُوا۟ نِعْمَتَ ٱللَّهِ إِن كُنتُمْ إِيَّاهُ تَعْبُدُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ الله اوھان کي جيڪا حلال (۽) سُٺي روزي ڪري ڏني تنھن مان کائو، ۽ جيڪڏھن اُھين خاص الله جي عبادت ڪندا آھيو ته سندس نعمتن جو شڪرانو ڪريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّمَا حَرَّمَ عَلَيْكُمُ ٱلْمَيْتَةَ وَٱلدَّمَ وَلَحْمَ ٱلْخِنزِيرِ وَمَآ أُهِلَّ لِغَيْرِ ٱللَّهِ بِهِۦ فَمَنِ ٱضْطُرَّ غَيْرَ بَاغٍ وَلَا عَادٍ فَإِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ
Taj Mehmood Amroti مئل ڍور ۽ رت ۽ سوئر جو ماس ۽ جنھن شيء کي الله جي نالي کانسواءِ ٻئي جي نالي سان سڏيو وڃي تنھن کانسواءِ ٻيو (ڪي به) اوھان تي حرام نه ڪيائين، پوءِ جيڪو نافرماني ڪندڙ نه ھجي ۽ نڪي حد کان لنگھندڙ ٿي لاچار ٿئي (۽ کائي) ته بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا تَقُولُوا۟ لِمَا تَصِفُ أَلْسِنَتُكُمُ ٱلْكَذِبَ هَٰذَا حَلَٰلٌ وَهَٰذَا حَرَامٌ لِّتَفْتَرُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ إِنَّ ٱلَّذِينَ يَفْتَرُونَ عَلَى ٱللَّهِ ٱلْكَذِبَ لَا يُفْلِحُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن شين کي اوھان جون زبانون ڪوڙ سان بيان ڪنديون آھن تن لاءِ (ھنڪري) نه چئو ته ھي حلال آھي ۽ ھيءُ حرام آھي ته الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيو، بيشڪ جيڪي الله تي ڪُوڙو ٺاھ ٺاھيندا آھن سي (ڪڏھن) نه ڇٽندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَتَٰعٌ قَلِيلٌ وَلَهُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ
Taj Mehmood Amroti (۽ ھيءُ حياتي) ٿوري وَٿ آھي، ۽ اُنھن لاءِ آخرت ۾ ڏکوئيندڙ عذاب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَعَلَى ٱلَّذِينَ هَادُوا۟ حَرَّمْنَا مَا قَصَصْنَا عَلَيْكَ مِن قَبْلُ وَمَا ظَلَمْنَٰهُمْ وَلَٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪي توتي ھن کان اڳ بيان ڪيوسون سو يھودين تي حرام ڪيو ھوسون، ۽ اسان مٿن ظلم نه ڪيو پر (ھو) پاڻ تي ظلم ڪندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ إِنَّ رَبَّكَ لِلَّذِينَ عَمِلُوا۟ ٱلسُّوٓءَ بِجَهَٰلَةٍ ثُمَّ تَابُوا۟ مِنۢ بَعْدِ ذَٰلِكَ وَأَصْلَحُوٓا۟ إِنَّ رَبَّكَ مِنۢ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ
Taj Mehmood Amroti وري جن بي سمجھائي سان بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کانپوءِ توبه ڪيائون ۽ پاڻ سڌاريائون تن لاءِ تنھنجو پالڻھار اُن (توبه) کانپوءِ بلڪل بخشڻھار مھربان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ إِبْرَٰهِيمَ كَانَ أُمَّةً قَانِتًا لِّلَّهِ حَنِيفًا وَلَمْ يَكُ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ
Taj Mehmood Amroti ابراھيمؑ ھڪ طرفو ٿيل الله جي عبادت ڪندڙ امام ھو، ۽ مُشرڪن مان نه ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
شَاكِرًا لِّأَنْعُمِهِ ٱجْتَبَىٰهُ وَهَدَىٰهُ إِلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ
Taj Mehmood Amroti الله جي نعمتن جو شُڪر ڪندڙ ھو، (الله) کيس سڳورو ڪيو ۽ سڌي واٽ ڏانھن ھدايت ڪيائينس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَءَاتَيْنَٰهُ فِى ٱلدُّنْيَا حَسَنَةً وَإِنَّهُۥ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ لَمِنَ ٱلصَّٰلِحِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ دنيا ۾ کيس چڱائي ڏني سون، ۽ بيشڪ اُھو آخرت ۾ ڀلارن مان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ أَوْحَيْنَآ إِلَيْكَ أَنِ ٱتَّبِعْ مِلَّةَ إِبْرَٰهِيمَ حَنِيفًا وَمَا كَانَ مِنَ ٱلْمُشْرِكِينَ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر اُن کان) پوءِ توڏانھن وحي ڪيوسون ته ھڪ مُھاڙي دين ابراھيم جي تابعداري ڪر، ۽ ابراھيم مشرڪن مان نه ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّمَا جُعِلَ ٱلسَّبْتُ عَلَى ٱلَّذِينَ ٱخْتَلَفُوا۟ فِيهِ وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَحْكُمُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ فِيمَا كَانُوا۟ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
Taj Mehmood Amroti جن ڇنڇر بابت تڪرار ڪيو تن کانسواءِ ٻـين تي اُن (جي تعظيم) جو حُڪم لازم نه ڪيو ويو، ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار قيامت جي ڏينھن سندن وچ ۾ ضرور نبيرو ڪندو جنھن ۾ تڪرار ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱدْعُ إِلَىٰ سَبِيلِ رَبِّكَ بِٱلْحِكْمَةِ وَٱلْمَوْعِظَةِ ٱلْحَسَنَةِ وَجَٰدِلْهُم بِٱلَّتِى هِىَ أَحْسَنُ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعْلَمُ بِٱلْمُهْتَدِينَ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) حڪمت ۽ چڱي نصيحت سان پنھنجي پالڻھار جي واٽ ڏانھن (ماڻھن کي) سڏ ۽ چڱي طرح کين الزام ڏي، تحقيق جيڪو الله جي واٽ کان گمراھ ٿيو تنھنکي تنھنجو پالڻھار چڱو ڄاڻندڙ آھي ۽ اُھو ھدايت وارن کي (به) چڱو ڄاڻندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنْ عَاقَبْتُمْ فَعَاقِبُوا۟ بِمِثْلِ مَا عُوقِبْتُم بِهِۦ وَلَئِن صَبَرْتُمْ لَهُوَ خَيْرٌ لِّلصَّٰبِرِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪڏھن (ڪافرن کان) بدلو وٺو ته جيترو ايذايا ويا ھجو اوترو انھن کي ايذايو، ۽ جيڪڏھن اوھين صبر ڪريو ته اُھو صابرن لاءِ ڀلو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱصْبِرْ وَمَا صَبْرُكَ إِلَّا بِٱللَّهِ وَلَا تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَلَا تَكُ فِى ضَيْقٍ مِّمَّا يَمْكُرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اي پيغمبر) صبر ڪر ۽ تنھنجو صبر الله ئي جي توفيق سان آھي ۽ جيڪو فريب ڪندا آھن تنھن بابت نڪي مٿن ڏک ڪر ۽ نڪي خفي رہ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱللَّهَ مَعَ ٱلَّذِينَ ٱتَّقَوا۟ وَّٱلَّذِينَ هُم مُّحْسِنُونَ
Taj Mehmood Amroti جيڪي پرھيزگاري ڪندڙ آھن ۽ جيڪي ڀلارا آھن تن سان الله گڏ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
→ سورة الحجر
سورة الإسراء ←
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→
Arabic text and translations via Tanzil and QuranEnc — verbatim, unmodified · Translations belong to their translators and are not the Qur'an itself
هي تحقيق جو مددگار آهي، فتويٰ جو ذريعو ناهي.