سورة المطففين المطففين
٣٦ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٨٦
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَيْلٌ لِّلْمُطَفِّفِينَ
Taj Mehmood Amroti(تور ۽ ماپ ۾) انھن گھٽ ڪري ڏيندڙن لاءِ ويل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ إِذَا ٱكْتَالُوا۟ عَلَى ٱلنَّاسِ يَسْتَوْفُونَ
Taj Mehmood Amrotiجي جڏھن (پاڻ لاءِ) ماڻھن کان مَئي وٺندا آھن ته بلڪل پورو ڪري وٺندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا كَالُوهُمْ أَو وَّزَنُوهُمْ يُخْسِرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن اُنھن کي مَئي ڏيندا آھن يا کين توري ڏيندا آھن (ته) گھٽائي ڏيندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَا يَظُنُّ أُو۟لَٰٓئِكَ أَنَّهُم مَّبْعُوثُونَ
Taj Mehmood Amrotiاھي گمان نه ٿا ڪن ڇا ته کين (ضرور) اُٿاربو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِيَوْمٍ عَظِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiاُنھيءَ وڏي ڏينھن لاءِ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ يَقُومُ ٱلنَّاسُ لِرَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن ماڻھو جھانن جي پالڻھار اڳيان ٿي بيھندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّآ إِنَّ كِتَٰبَ ٱلْفُجَّارِ لَفِى سِجِّينٍ
Taj Mehmood Amrotiسچ آھي ته بيشڪ بدڪارن جو اعمالنامو سجين ۾ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا سِجِّينٌ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪنھن سمجھايئي ته سجين ڇا آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كِتَٰبٌ مَّرْقُومٌ
Taj Mehmood Amrotiھڪ لکيل دفتر آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن (انھن) ڪوڙ ڀانئيندڙن لاءِ ويل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ يُكَذِّبُونَ بِيَوْمِ ٱلدِّينِ
Taj Mehmood Amrotiجيڪي عملن جي بدلي جي ڏينھن کي ڪوڙ ڀانئيندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا يُكَذِّبُ بِهِۦٓ إِلَّا كُلُّ مُعْتَدٍ أَثِيمٍ
Taj Mehmood Amroti۽ اُن کي سڀڪنھن حد کان لنگھندڙ گنھگار کانسواءِ (ٻيو) ڪو ڪوڙ نه ڀانئيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ءَايَٰتُنَا قَالَ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amrotiجڏھن اسان جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته چوندو آھي ته (اھي) اڳين جون آکاڻيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّا بَلْ رَانَ عَلَىٰ قُلُوبِهِم مَّا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ
Taj Mehmood Amrotiائين بلڪل نه آھي! بلڪ، جيڪي ڪمائيندا ھوا تنھن جي ڪَٽ سندين دلين تي ڄمي ويئي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّآ إِنَّهُمْ عَن رَّبِّهِمْ يَوْمَئِذٍ لَّمَحْجُوبُونَ
Taj Mehmood Amrotiائين نه آھي پنھنجي پالڻھار (جي سامھون اچڻ) کان انھي ڏينھن روڪيل ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ إِنَّهُمْ لَصَالُوا۟ ٱلْجَحِيمِ
Taj Mehmood Amrotiوري بيشڪ اُھي دوزخ ۾ گھڙڻ وارا ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ يُقَالُ هَٰذَا ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ
Taj Mehmood Amrotiوري چئبن ته ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي اوھين ڪوڙ ڀانئيندا ھُيؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّآ إِنَّ كِتَٰبَ ٱلْأَبْرَارِ لَفِى عِلِّيِّينَ
Taj Mehmood Amrotiسچ آھي بيشڪ ڀلارن جو اعمالنامو عِلّيِّيۡن ۾ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا عِلِّيُّونَ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪنھن سمجھايئي ته عِلِّيّين ڇا آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كِتَٰبٌ مَّرْقُومٌ
Taj Mehmood Amrotiھڪ لکيل دفتر آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَشْهَدُهُ ٱلْمُقَرَّبُونَ
Taj Mehmood Amrotiاُن وٽ (الله جا) مقرب حاضر رھندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلْأَبْرَارَ لَفِى نَعِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ڀلارا (بھشت) جي نعمتن ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلَى ٱلْأَرَآئِكِ يَنظُرُونَ
Taj Mehmood Amrotiتختن تي ويھي نظارو پيا ڪندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَعْرِفُ فِى وُجُوهِهِمْ نَضْرَةَ ٱلنَّعِيمِ
Taj Mehmood Amroti(سڀني پاسن کان) سندن منھن مان ئي نعمت جي تازگي پيو معلوم ڪندين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يُسْقَوْنَ مِن رَّحِيقٍ مَّخْتُومٍ
Taj Mehmood Amrotiمھر لڳل صاف شراب مان پيو پياربن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
خِتَٰمُهُۥ مِسْكٌ وَفِى ذَٰلِكَ فَلْيَتَنَافَسِ ٱلْمُتَنَٰفِسُونَ
Taj Mehmood Amrotiجنھن جي مُھر مشڪ (جي) ھوندي، ۽ شوقينن کي جڳائي ته اُنھيءَ ۾ شوق رکن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمِزَاجُهُۥ مِن تَسْنِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiاُن جي ملاوت تَسۡنِيم (جي پاڻيءَ) مان ھوندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَيْنًا يَشْرَبُ بِهَا ٱلْمُقَرَّبُونَ
Taj Mehmood Amrotiجو ھڪ چشمو آھي جنھن مان الله جا ويجھا (ٻانھا) پيئندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلَّذِينَ أَجْرَمُوا۟ كَانُوا۟ مِنَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ يَضْحَكُونَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ڏوھاري (دنيا ۾) مؤمنن تي کلندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا مَرُّوا۟ بِهِمْ يَتَغَامَزُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن وٽائن لنگھندا ھوا ته مؤمنن تي حقارت ڪري پاڻ ۾ ميڇون ڏيندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا ٱنقَلَبُوٓا۟ إِلَىٰٓ أَهْلِهِمُ ٱنقَلَبُوا۟ فَكِهِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن پنھنجن گھر وارن ڏانھن موٽندا ھوا (ته) ڏاڍيون خوشيون ڪندا موٽندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا رَأَوْهُمْ قَالُوٓا۟ إِنَّ هَٰٓؤُلَآءِ لَضَآلُّونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن مؤمنن کي ڏسندا ھوا ته چوندا ھوا ته بيشڪ اُھي گمراھ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أُرْسِلُوا۟ عَلَيْهِمْ حَٰفِظِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ (حقيقت ڪري) اُھي مؤمنن تي نگھبان ڪري نه موڪليا ويا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱلْيَوْمَ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مِنَ ٱلْكُفَّارِ يَضْحَكُونَ
Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري اڄ مؤمن ڪافرن تي کِلن ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلَى ٱلْأَرَآئِكِ يَنظُرُونَ
Taj Mehmood Amrotiتختن تي (ويھي) نظارو ڪن ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَلْ ثُوِّبَ ٱلْكُفَّارُ مَا كَانُوا۟ يَفْعَلُونَ
Taj Mehmood Amroti(۽ چون ٿا) ته ڪافرن کي انھيءَ جو بدلو ڏنو ويو آھي ڇا جيڪي اُھي ڪندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→