سورة الإنفطار الإنفطار
١٩ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٨٢
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ إِذَا ٱلسَّمَآءُ ٱنفَطَرَتْ
Taj Mehmood Amrotiجڏھن آسمان ڦاٽندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا ٱلْكَوَاكِبُ ٱنتَثَرَتْ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن تارا ڇڻي پوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا ٱلْبِحَارُ فُجِّرَتْ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن سمنڊ تمام جوش سان وھائبا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا ٱلْقُبُورُ بُعْثِرَتْ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن قبرون پٽبيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلِمَتْ نَفْسٌ مَّا قَدَّمَتْ وَأَخَّرَتْ
Taj Mehmood Amroti(تڏھن) سڀڪو شخص اُھو ڄاڻندو جيڪي اڳي موڪليو ھوائين ۽ جيڪي پوئتي ڇڏيو ھوائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰٓأَيُّهَا ٱلْإِنسَٰنُ مَا غَرَّكَ بِرَبِّكَ ٱلْكَرِيمِ
Taj Mehmood Amrotiاي ماڻھو توکي تنھنجي (انھي) سڳوري پالڻھار کان ڪھڙي شيءَ ٺڳيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِى خَلَقَكَ فَسَوَّىٰكَ فَعَدَلَكَ
Taj Mehmood Amrotiجنھن توکي پيدا ڪيو پوءِ توکي سنئين لڱين ڪيائين پوءِ توکي برابر ڪيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِىٓ أَىِّ صُورَةٍ مَّا شَآءَ رَكَّبَكَ
Taj Mehmood Amrotiجھڙي صورت ۾ گھريائين (تھڙيءَ ۾) تنھنجو جوڙ جوڙيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّا بَلْ تُكَذِّبُونَ بِٱلدِّينِ
Taj Mehmood Amrotiائين نه آھي بلڪ اوھين عملن جي جزا ڏيڻ کي ڪوڙ ڀائيندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ عَلَيْكُمْ لَحَٰفِظِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اوھان تي نگھبان (مقرر ٿيل) آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كِرَامًا كَٰتِبِينَ
Taj Mehmood Amrotiسڳورا لکڻ وارا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَعْلَمُونَ مَا تَفْعَلُونَ
Taj Mehmood Amrotiجيڪي اوھين ڪندا آھيو سو ڄاڻندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلْأَبْرَارَ لَفِى نَعِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ڀلارا (بھشت جي) نعمت ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ ٱلْفُجَّارَ لَفِى جَحِيمٍ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ گنھگار دوزخ ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَصْلَوْنَهَا يَوْمَ ٱلدِّينِ
Taj Mehmood Amrotiعملن جي بدلي جي ڏينھن دوزخ ۾ داخل ٿيندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا هُمْ عَنْهَا بِغَآئِبِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُن کان اُھي لڪل نه ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا يَوْمُ ٱلدِّينِ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ مَآ أَدْرَىٰكَ مَا يَوْمُ ٱلدِّينِ
Taj Mehmood Amrotiوري (به چئون ٿا ته) ڪنھن سمجھايئي ته عملن جي بدلي جو ڏينھن ڇا آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ لَا تَمْلِكُ نَفْسٌ لِّنَفْسٍ شَيْـًٔا وَٱلْأَمْرُ يَوْمَئِذٍ لِّلَّهِ
Taj Mehmood Amrotiاُھو ھڪ ڏينھن آھي جو ڪو جيءُ ڪنھن جيءَ کي ڪجھ فائدو پھچائي نه سگھندو، ۽ اُن ڏينھن (ساري) حڪومت خاص الله جي ھوندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→