caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الإنشقاق الإنشقاق

٢٥ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٨٣

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ إِذَا ٱلسَّمَآءُ ٱنشَقَّتْ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن آسمان ڦاٽندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ

Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندو ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلْأَرْضُ مُدَّتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن زمين پکيڙبي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَلْقَتْ مَا فِيهَا وَتَخَلَّتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي اُن ۾ ھوندو سو (سڀ) ڪڍي اُڇليندي ۽ خالي ٿيندي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَذِنَتْ لِرَبِّهَا وَحُقَّتْ

Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجي پالڻھار جو حُڪم ڪن ڏئي ٻڌندي ۽ (ٻڌڻ) حق اٿس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلْإِنسَٰنُ إِنَّكَ كَادِحٌ إِلَىٰ رَبِّكَ كَدْحًا فَمُلَٰقِيهِ

Taj Mehmood Amrotiاي ماڻھو تون پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پھچڻ ۾) تمام گھڻي تڪليف وٺڻ وارو آھين جو اُن کي (وڃي) ملندين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَٰبَهُۥ بِيَمِينِهِۦ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُھو (ماڻھو) جنھن کي سندس سڄي ھٿ ۾ سندس اعمالنامو ڏبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَسَوْفَ يُحَاسَبُ حِسَابًا يَسِيرًا

Taj Mehmood Amrotiتنھن سان آسانيءَ طرح سگھوئي حساب ڪبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَيَنقَلِبُ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦ مَسْرُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجن گھر وارن ڏانھن خوش ٿي موٽندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَمَّا مَنْ أُوتِىَ كِتَٰبَهُۥ وَرَآءَ ظَهْرِهِۦ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھو ماڻھو جنھن کي سندس اعمالنامو سندس پٺي پويان ڏبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَسَوْفَ يَدْعُوا۟ ثُبُورًا

Taj Mehmood Amrotiسو سگھوئي موت کي سڏيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَيَصْلَىٰ سَعِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ دوزخ ۾ گھڙندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّهُۥ كَانَ فِىٓ أَهْلِهِۦ مَسْرُورًا

Taj Mehmood Amrotiڇوته اُھو (دنيا ۾) پنھنجن گھر وارن ۾ خوش (حال) ھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّهُۥ ظَنَّ أَن لَّن يَحُورَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ انھيءَ ڀانيو ھو ته (الله ڏانھن) ڪڏھن نه موٽندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بَلَىٰٓ إِنَّ رَبَّهُۥ كَانَ بِهِۦ بَصِيرًا

Taj Mehmood Amrotiھائو! (موٽندو) ڇوته سندس پالڻھار اُن کي ڏسندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَآ أُقْسِمُ بِٱلشَّفَقِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ شفق جو قسم کڻان ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّيْلِ وَمَا وَسَقَ

Taj Mehmood Amroti۽ رات جو (قسم) ۽ جنھن کي گڏ ڪيو اٿس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلْقَمَرِ إِذَا ٱتَّسَقَ

Taj Mehmood Amroti۽ چنڊ جو (قسم) جڏھن پورو روشن ٿئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَتَرْكَبُنَّ طَبَقًا عَن طَبَقٍ

Taj Mehmood Amrotiته ھڪ حال کان ٻئي حال تي ضرور چڙھندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَا لَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ھنن (ڪافرن) کي ڇا (ٿيو) آھي جو ايمان نه آڻيندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا قُرِئَ عَلَيْهِمُ ٱلْقُرْءَانُ لَا يَسْجُدُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن وٽن قرآن پڙھبو آھي (ته) سجدو نه ڪندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بَلِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ يُكَذِّبُونَ

Taj Mehmood Amrotiبلڪ (اھي) ڪافر ڪوڙ ڀانئيندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا يُوعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي (پنھنجين دلين ۾) سانڀيندا آھن سو الله چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَبَشِّرْهُم بِعَذَابٍ أَلِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ کين ڏکوئيندڙ عذاب جي خبر ڏي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍۭ

Taj Mehmood Amrotiپر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اَجر آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70