سورة الفجر الفجر
٣٠ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ١٠
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلْفَجْرِ
Taj Mehmood Amrotiپرھ جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَيَالٍ عَشْرٍ
Taj Mehmood Amroti۽ ڏھن راتين جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلشَّفْعِ وَٱلْوَتْرِ
Taj Mehmood Amroti۽ ٻڌيءَ ۽ اِڪئيءَ جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّيْلِ إِذَا يَسْرِ
Taj Mehmood Amroti۽ رات جو قسم آھي جڏھن ھلي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَلْ فِى ذَٰلِكَ قَسَمٌ لِّذِى حِجْرٍ
Taj Mehmood Amrotiھان ڌيان واري لاءِ ھن (قسمن) ۾ بيشڪ پورو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ تَرَ كَيْفَ فَعَلَ رَبُّكَ بِعَادٍ
Taj Mehmood Amrotiنه ڏٺئي ڇا ته (قوم) عاد سان تنھنجي پالڻھار ڪيئن ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِرَمَ ذَاتِ ٱلْعِمَادِ
Taj Mehmood Amroti(جي) ارم وارا وڏن ٿنڀن (جي عمارتن) وارا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّتِى لَمْ يُخْلَقْ مِثْلُهَا فِى ٱلْبِلَٰدِ
Taj Mehmood Amrotiجن جھڙو شھرن ۾ ڪونه بڻايو ويو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَثَمُودَ ٱلَّذِينَ جَابُوا۟ ٱلصَّخْرَ بِٱلْوَادِ
Taj Mehmood Amroti۽ (قوم) ثمُود سان (ڪيئن ڪيائين) جن ميدان (قرٰا) ۾ پھڻن جون ڇپون گھڙيون ھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَفِرْعَوْنَ ذِى ٱلْأَوْتَادِ
Taj Mehmood Amroti۽ ميخن واري فرعون سان (ڪئن ڪيائين).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ طَغَوْا۟ فِى ٱلْبِلَٰدِ
Taj Mehmood Amrotiانھن (مڙني ٽولين) جن شھرن ۾ سرڪشي ڪئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَكْثَرُوا۟ فِيهَا ٱلْفَسَادَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ منجھن گھڻو فساد ڪيائون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَصَبَّ عَلَيْهِمْ رَبُّكَ سَوْطَ عَذَابٍ
Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري تنھنجي پالڻھار مٿن عذاب جو چھبڪ وھايو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ رَبَّكَ لَبِٱلْمِرْصَادِ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ تنھنجو پالڻھار گھَٽَ (واري ھنڌ) ۾ (عملن کي ڏسندڙ) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَمَّا ٱلْإِنسَٰنُ إِذَا مَا ٱبْتَلَىٰهُ رَبُّهُۥ فَأَكْرَمَهُۥ وَنَعَّمَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّىٓ أَكْرَمَنِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ ماڻھو کي جڏھن سندس پالڻھار (ھن طرح) پرکيندو آھي جو اُن کي مانوارو ڪندو آھي ۽ نعمت ڏيندو اٿس، ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي نوازيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَمَّآ إِذَا مَا ٱبْتَلَىٰهُ فَقَدَرَ عَلَيْهِ رِزْقَهُۥ فَيَقُولُ رَبِّىٓ أَهَٰنَنِ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن کيس (ٻئي طرح ھيئن) پرکيندو آھي جو مٿس روزي تنگ ڪندو آھي ته چوندو آھي ته منھنجي پالڻھار مون کي بي مانو ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّا بَل لَّا تُكْرِمُونَ ٱلْيَتِيمَ
Taj Mehmood Amroti(ھرگز) ائين نه آھي بلڪ ڇوري ٻار کي تعظيم نه ڏيندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا تَحَٰٓضُّونَ عَلَىٰ طَعَامِ ٱلْمِسْكِينِ
Taj Mehmood Amroti۽ نڪي مسڪينن جي کارائڻ تي ھڪ ٻئي کي رغبت ڏياريندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَأْكُلُونَ ٱلتُّرَاثَ أَكْلًا لَّمًّا
Taj Mehmood Amroti۽ مُئن جو مال سموروئي ڳھي ويندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتُحِبُّونَ ٱلْمَالَ حُبًّا جَمًّا
Taj Mehmood Amroti۽ گھڻي پيار سان مال کي پيارو رکندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّآ إِذَا دُكَّتِ ٱلْأَرْضُ دَكًّا دَكًّا
Taj Mehmood Amrotiائين نه ڪجي جڏھن زمين (جي اونچاڻ) ڪٽي ڪٽي سنئين ڪئي ويندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَآءَ رَبُّكَ وَٱلْمَلَكُ صَفًّا صَفًّا
Taj Mehmood Amroti۽ تنھنجو پالڻھار ايندو ۽ ملائڪ صِف صِف ٿي (ايندا).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجِا۟ىٓءَ يَوْمَئِذٍۭ بِجَهَنَّمَ يَوْمَئِذٍ يَتَذَكَّرُ ٱلْإِنسَٰنُ وَأَنَّىٰ لَهُ ٱلذِّكْرَىٰ
Taj Mehmood Amroti۽ اُن ڏينھن دوزخ کي آڻبو، اُن ڏينھن ماڻھو نصيحت وٺندو ۽ اُنھيءَ مھل (اھا نصيحت وٺڻ) اُن کي ڪٿي فائدي واري آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَقُولُ يَٰلَيْتَنِى قَدَّمْتُ لِحَيَاتِى
Taj Mehmood Amrotiچوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر پنھنجي (ھن ھميشه جي) حياتيءَ لاءَ (ڪجھ) اڳي موڪليان ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُعَذِّبُ عَذَابَهُۥٓ أَحَدٌ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ انھيءَ ڏينھن الله جي عذاب جھڙو ڪوبه ڪونه عذاب ڪندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا يُوثِقُ وَثَاقَهُۥٓ أَحَدٌ
Taj Mehmood Amroti۽ نڪو ڪو الله جي قيد ڪرڻ جھڙو قيد ڪندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰٓأَيَّتُهَا ٱلنَّفْسُ ٱلْمُطْمَئِنَّةُ
Taj Mehmood Amroti(مؤمنن کي چئبو ته) اي آرام وٺڻ وارا جيءُ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱرْجِعِىٓ إِلَىٰ رَبِّكِ رَاضِيَةً مَّرْضِيَّةً
Taj Mehmood Amrotiتون پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽِ ھل (تون اُن کان) راضي ٿيل آھين (ھو توکان) راضي ٿيل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱدْخُلِى فِى عِبَٰدِى
Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري (تون) منھنجي ٻانھن (جي ٽوليءَ) ۾ داخل ٿيءُ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱدْخُلِى جَنَّتِى
Taj Mehmood Amroti۽ منھنجي بھشت ۾ گِھڙ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→