caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الغاشية الغاشية

٢٦ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٦٨

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ٱلْغَٰشِيَةِ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) تو وٽ ڍڪيندڙ (قيامت) جي خبر پھتي آھي ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ خَٰشِعَةٌ

Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ڪيترائي مُنھن خوار ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

عَامِلَةٌ نَّاصِبَةٌ

Taj Mehmood Amrotiڪمائيندڙ ڏک ڀوڳيندا ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تَصْلَىٰ نَارًا حَامِيَةً

Taj Mehmood Amrotiٻرندڙ باھ ۾ پوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تُسْقَىٰ مِنْ عَيْنٍ ءَانِيَةٍ

Taj Mehmood Amrotiبلڪل تتي چشمي مان پاڻي پياربن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَّيْسَ لَهُمْ طَعَامٌ إِلَّا مِن ضَرِيعٍ

Taj Mehmood Amrotiڪنڊن واري گاھ کانسواءِ (ٻيو) ڪو کاڄ انھن لاءِ نه ھوندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَّا يُسْمِنُ وَلَا يُغْنِى مِن جُوعٍ

Taj Mehmood Amroti(جو اُھو) نڪي (کين) ڀُلھو ڪندو ۽ نڪي بُک لاھيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ نَّاعِمَةٌ

Taj Mehmood Amrotiڪيئي مُنھن اُن ڏينھن تازا ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لِّسَعْيِهَا رَاضِيَةٌ

Taj Mehmood Amrotiپنھنجي ڪمائيءَ کان راضي ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فِى جَنَّةٍ عَالِيَةٍ

Taj Mehmood Amrotiمٿاھين بھشت ۾ ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَّا تَسْمَعُ فِيهَا لَٰغِيَةً

Taj Mehmood Amrotiاتي ڪا اجائي ڳالھ نه ٻڌندين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فِيهَا عَيْنٌ جَارِيَةٌ

Taj Mehmood Amrotiاُتي چشما وھندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فِيهَا سُرُرٌ مَّرْفُوعَةٌ

Taj Mehmood Amrotiاُتي وڏا تخت مٿي وڇايل.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَكْوَابٌ مَّوْضُوعَةٌ

Taj Mehmood Amroti۽ آبخورا رکيل.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَنَمَارِقُ مَصْفُوفَةٌ

Taj Mehmood Amroti۽ وھاڻا قطار ڪري رکيل.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَزَرَابِىُّ مَبْثُوثَةٌ

Taj Mehmood Amroti۽ غاليچا وڇايل آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَلَا يَنظُرُونَ إِلَى ٱلْإِبِلِ كَيْفَ خُلِقَتْ

Taj Mehmood Amroti(ماڻھو) اُٺن ڏانھن نه ڏسندا آھن ڇا؟ ته ڪيئن خلقيا ويا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِلَى ٱلسَّمَآءِ كَيْفَ رُفِعَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ آسمان ڏانھن ته ڪيئن مٿي ڪيو ويو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِلَى ٱلْجِبَالِ كَيْفَ نُصِبَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جبلن ڏانھن ته ڪيئن کڙا ڪيا ويا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِلَى ٱلْأَرْضِ كَيْفَ سُطِحَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ زمين ڏانھن ته ڪيئن وڇائي وئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَذَكِّرْ إِنَّمَآ أَنتَ مُذَكِّرٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي پيغمبر) تون، رڳو نصيحت ڪرڻ وارو آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَّسْتَ عَلَيْهِم بِمُصَيْطِرٍ

Taj Mehmood Amrotiتون مٿن ڪو داروغو نه آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَّا مَن تَوَلَّىٰ وَكَفَرَ

Taj Mehmood Amrotiپر جنھن مُنھن موڙيو ۽ ڪُفر ڪيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَيُعَذِّبُهُ ٱللَّهُ ٱلْعَذَابَ ٱلْأَكْبَرَ

Taj Mehmood Amrotiتنھن کي الله وڏي عذاب جي سزا ڏيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ إِلَيْنَآ إِيَابَهُمْ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان ڏانھن سندن موٽڻ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ إِنَّ عَلَيْنَا حِسَابَهُم

Taj Mehmood Amrotiوري بيشڪ سندن حساب وٺڻ اسان جي ذمي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70