سورة القمر القمر
٥٥ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٣٧
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ ٱقْتَرَبَتِ ٱلسَّاعَةُ وَٱنشَقَّ ٱلْقَمَرُ
Taj Mehmood Amrotiقيامت ويجھي آئي ۽ چنڊ چيرجي پيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِن يَرَوْا۟ ءَايَةً يُعْرِضُوا۟ وَيَقُولُوا۟ سِحْرٌ مُّسْتَمِرٌّ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن (ڪافر) ڪا نشاني ڏسندا ته مُنھن موڙيندا ۽ چوندا ته ھيء قديمي جادو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَذَّبُوا۟ وَٱتَّبَعُوٓا۟ أَهْوَآءَهُمْ وَكُلُّ أَمْرٍ مُّسْتَقِرٌّ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪوڙ ڄاتائون ۽ پنھنجن سَڌن تي ھليا ۽ سڀڪو ڪم پنھنجي وقت تي ٺھرايل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ جَآءَهُم مِّنَ ٱلْأَنۢبَآءِ مَا فِيهِ مُزْدَجَرٌ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ وٽن اُھي خبرون آيون آھن جن ۾ جھڻڪ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
حِكْمَةٌۢ بَٰلِغَةٌ فَمَا تُغْنِ ٱلنُّذُرُ
Taj Mehmood Amrotiپوري ڏاھپ (به) آھي پوءِ عِبرت جون ڳالھيون کين ڪو فائدو نه ٿيون ڏين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَتَوَلَّ عَنْهُمْ يَوْمَ يَدْعُ ٱلدَّاعِ إِلَىٰ شَىْءٍ نُّكُرٍ
Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري کانئن مُنھن موڙ، جنھن ڏينھن سڏيندڙ اَڻ وڻندڙ شيءَ ڏانھن سڏيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
خُشَّعًا أَبْصَٰرُهُمْ يَخْرُجُونَ مِنَ ٱلْأَجْدَاثِ كَأَنَّهُمْ جَرَادٌ مُّنتَشِرٌ
Taj Mehmood Amroti(تنھن ڏينھن) پنھنجن جھڪن اکين سان قبرن مان ائين نڪرندا جو ڄڻڪ اُھي پکڙيل مڪڙ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مُّهْطِعِينَ إِلَى ٱلدَّاعِ يَقُولُ ٱلْكَٰفِرُونَ هَٰذَا يَوْمٌ عَسِرٌ
Taj Mehmood Amroti(اُن) سڏيندڙ ڏانھن ڊوڙندا ويندا، ڪافر ته ھيُ سخت ڏينھن آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ فَكَذَّبُوا۟ عَبْدَنَا وَقَالُوا۟ مَجْنُونٌ وَٱزْدُجِرَ
Taj Mehmood Amrotiانھن کان اڳ نوح جي قوم ڪوڙ ڀانيو پوءِ اسان جي ٻانھي کي ڪوڙو ڄاتائون ۽ چيائون ته چريو آھي ۽ ساڻس سخت ڳالھايو ويو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَدَعَا رَبَّهُۥٓ أَنِّى مَغْلُوبٌ فَٱنتَصِرْ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ ھن پنھنجي پالڻھار کي عرض ڪيو (۽ چيائين) ته بيشڪ آءٌ ھيڻو آھيان تنھنڪري تون کائن وير وٺ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَفَتَحْنَآ أَبْوَٰبَ ٱلسَّمَآءِ بِمَآءٍ مُّنْهَمِرٍ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ آسمان جا دروازا گھڻي وھندڙ پاڻيءَ سان کولياسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَفَجَّرْنَا ٱلْأَرْضَ عُيُونًا فَٱلْتَقَى ٱلْمَآءُ عَلَىٰٓ أَمْرٍ قَدْ قُدِرَ
Taj Mehmood Amroti۽ زمين مان چشمان جاري ڪياسون پوءِ (چوڌاري) پاڻي گڏ ٿيو جنھن ڪم لاءِ (اُھو) ٺھرايو ويو ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَحَمَلْنَٰهُ عَلَىٰ ذَاتِ أَلْوَٰحٍ وَدُسُرٍ
Taj Mehmood Amroti۽ کيس تختن ۽ ميخن واريءَ (ٻيڙي) تي چاڙھيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَجْرِى بِأَعْيُنِنَا جَزَآءً لِّمَن كَانَ كُفِرَ
Taj Mehmood Amrotiجا اسان جي اکين آڏو ٿي ھلي، انھيءَ شخص جي بدلي وٺڻ لاءِ جنھن کي نه مڃيو ھوائون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَد تَّرَكْنَٰهَآ ءَايَةً فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اُنھي (سزا) کي (عبرت لاءِ) ھڪ نشاني ڪري ڇڏيوسون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَذَّبَتْ عَادٌ فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ
Taj Mehmood Amrotiعاد (قوم) ڪوڙ ڀانيو پوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙيءَ طرح ھوا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّآ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِيحًا صَرْصَرًا فِى يَوْمِ نَحْسٍ مُّسْتَمِرٍّ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان سخت طوفان کي تمام نڀاڳي ڏينھن ۾ مٿن موڪليو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَنزِعُ ٱلنَّاسَ كَأَنَّهُمْ أَعْجَازُ نَخْلٍ مُّنقَعِرٍ
Taj Mehmood Amrotiجو ماڻھن کي پٽيائين ٿي ڄڻڪ اُھي پاڙون پٽيل کجيءَ جا تڙ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَذَّبَتْ ثَمُودُ بِٱلنُّذُرِ
Taj Mehmood Amrotiثمود جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڀانيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَقَالُوٓا۟ أَبَشَرًا مِّنَّا وَٰحِدًا نَّتَّبِعُهُۥٓ إِنَّآ إِذًا لَّفِى ضَلَٰلٍ وَسُعُرٍ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ چيائون ته پنھنجي قوم مان ھڪ اھڙي ماڻھوءَ جي تابعداري ڪريون ڇا؟ (جي ائين ڪريون ته) بيشڪ اسين انھي مھل ضرور گمراھي ۽ چريائي ۾ ھونداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَءُلْقِىَ ٱلذِّكْرُ عَلَيْهِ مِنۢ بَيْنِنَا بَلْ هُوَ كَذَّابٌ أَشِرٌ
Taj Mehmood Amrotiاسان جي وچان اُنھيءَ تي (ئي) وحيُ نازل ڪيو ويو ڇا؟ بلڪ اُھو وڏو ڪوڙو پاڻ پڏائيندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَيَعْلَمُونَ غَدًا مَّنِ ٱلْكَذَّابُ ٱلْأَشِرُ
Taj Mehmood Amrotiسڀاڻي ڄاڻندا ته پاڻ پڏائيندڙ ڏاڍو ڪوڙو ڪير آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا مُرْسِلُوا۟ ٱلنَّاقَةِ فِتْنَةً لَّهُمْ فَٱرْتَقِبْهُمْ وَٱصْطَبِرْ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسين سندن پرک لاءِ (ھڪ) ڏاچي موڪلينداسون پوءِ (اي صالح) انھن جو منتظر رھ ۽ صبر ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَنَبِّئْهُمْ أَنَّ ٱلْمَآءَ قِسْمَةٌۢ بَيْنَهُمْ كُلُّ شِرْبٍ مُّحْتَضَرٌ
Taj Mehmood Amroti۽ کين خبردار ڪر ته سندن وچ ۾ پاڻي وراھيل آھي، ھر ڪو (پنھنجي) واري تي حاضر ٿئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَنَادَوْا۟ صَاحِبَهُمْ فَتَعَاطَىٰ فَعَقَرَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ پنھنجي سنگتيءَ کي سڏيائون پوءِ وڌيڪ ھلت ڪيائين ۽ منڊو ڪيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَكَيْفَ كَانَ عَذَابِى وَنُذُرِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا ڪھڙي طرح ھوا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّآ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ صَيْحَةً وَٰحِدَةً فَكَانُوا۟ كَهَشِيمِ ٱلْمُحْتَظِرِ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان ھڪ ڌڪاءُ مٿن موڪليو پوءِ ڀتي پيھر وانگر (ڍير) ٿي پيا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَذَّبَتْ قَوْمُ لُوطٍۭ بِٱلنُّذُرِ
Taj Mehmood Amrotiلُوط جي قوم ڊيڄاريندڙن کي ڪوڙو ڄاتو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّآ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ حَاصِبًا إِلَّآ ءَالَ لُوطٍ نَّجَّيْنَٰهُم بِسَحَرٍ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان مٿن ڪنڪريٽ وسائيندڙ واءُ کي موڪليو سواءِ لُوط جي گھر وارن جي، جو انھن کي اَسر مھل بچايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
نِّعْمَةً مِّنْ عِندِنَا كَذَٰلِكَ نَجْزِى مَن شَكَرَ
Taj Mehmood Amrotiپاڻ وٽان فضل سان، جنھن شڪرانو ڪيو تنھن کي ائين ئي بدلو ڏيندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ أَنذَرَهُم بَطْشَتَنَا فَتَمَارَوْا۟ بِٱلنُّذُرِ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ (لُوط) اسان جي پڪڙڻ کان کين ڊيڄاريو ھو پوءِ ھٿون انھن ڊيڄارڻ جي ڪري تڪرار ڪيائون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ رَٰوَدُوهُ عَن ضَيْفِهِۦ فَطَمَسْنَآ أَعْيُنَهُمْ فَذُوقُوا۟ عَذَابِى وَنُذُرِ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ لُوط کي سندس مھمانن بَنسبت ڇڪتاڻ ڪيائون پوءِ سندن اکين (جي ديد) کي وڃايوسون (پوءِ چيوسون) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ صَبَّحَهُم بُكْرَةً عَذَابٌ مُّسْتَقِرٌّ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ ھميشه وارو عذاب انھن تي صُبح جو پھتو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَذُوقُوا۟ عَذَابِى وَنُذُرِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (چيو وين) ته منھنجو عذاب ۽ منھنجا دڙڪا چکو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ يَسَّرْنَا ٱلْقُرْءَانَ لِلذِّكْرِ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ قرآن کي نصيحت وٺڻ لاءِ آسان ڪيو اَٿون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ جَآءَ ءَالَ فِرْعَوْنَ ٱلنُّذُرُ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ فرعون جي قوم ڏانھن ڊيڄاريندڙ آيا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا كُلِّهَا فَأَخَذْنَٰهُمْ أَخْذَ عَزِيزٍ مُّقْتَدِرٍ
Taj Mehmood Amrotiھنن اسان جي مڙني نشانين کي ڪوڙو ڄاتو تنھنڪري کين غالب پڪڙڻ واري وانگر پڪڙيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَكُفَّارُكُمْ خَيْرٌ مِّنْ أُو۟لَٰٓئِكُمْ أَمْ لَكُم بَرَآءَةٌ فِى ٱلزُّبُرِ
Taj Mehmood Amroti(اي قريشؤ) اوھان جا ڪافر انھن ٽولين کان وڌيڪ ڀلا آھن ڇا يا اوھان لاءِ اڳين ڪتابن ۾ ڪا ڇوٽڪي جي چٺي آھي ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ يَقُولُونَ نَحْنُ جَمِيعٌ مُّنتَصِرٌ
Taj Mehmood Amrotiچوندا آھن ڇا ته اسين وير وٺڻ واري جماعت آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَيُهْزَمُ ٱلْجَمْعُ وَيُوَلُّونَ ٱلدُّبُرَ
Taj Mehmood Amrotiانھي جماعت کي جلد شڪست ڏبي ۽ پُٺي ڦيرائيندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلِ ٱلسَّاعَةُ مَوْعِدُهُمْ وَٱلسَّاعَةُ أَدْهَىٰ وَأَمَرُّ
Taj Mehmood Amrotiبلڪ سندن انجام جي جاءِ قيامت آھي ۽ قيامت ڏاڍي سخت ۽ تمام ڪوڙي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلْمُجْرِمِينَ فِى ضَلَٰلٍ وَسُعُرٍ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ڏوھاري گمراھي ۽ چريائي ۾ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ يُسْحَبُونَ فِى ٱلنَّارِ عَلَىٰ وُجُوهِهِمْ ذُوقُوا۟ مَسَّ سَقَرَ
Taj Mehmood Amroti(ياد ڪر) جنھن ڏينھن انھن کي سندن مُنھن ڀر (دوزخ جي) باھ ۾ گھلبو، چئبو ته ھاڻي دوزخ جو مزو چکو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا كُلَّ شَىْءٍ خَلَقْنَٰهُ بِقَدَرٍ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان سڀڪنھن شيء کي ٺھرايل انداز سان بڻايو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَمْرُنَآ إِلَّا وَٰحِدَةٌ كَلَمْحٍۭ بِٱلْبَصَرِ
Taj Mehmood Amroti۽ اسان جو ڪم رڳو اک ڇنڀ ۾ ٿيڻ جھڙو ھڪ سُخن آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ أَهْلَكْنَآ أَشْيَاعَكُمْ فَهَلْ مِن مُّدَّكِرٍ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اوھان جھڙيون (ڪيتريون ئي) ٽوليون ھلاڪ ڪيون سون پوءِ آھي ڪو نصيحت وٺڻ وارو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكُلُّ شَىْءٍ فَعَلُوهُ فِى ٱلزُّبُرِ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي ڪيو اٿن سو (سڀ سندن) اعمالنامن ۾ (لکيل) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكُلُّ صَغِيرٍ وَكَبِيرٍ مُّسْتَطَرٌ
Taj Mehmood Amroti۽ سڀڪي ننڍو وڏو لکيل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّٰتٍ وَنَهَرٍ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نھرين ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِى مَقْعَدِ صِدْقٍ عِندَ مَلِيكٍ مُّقْتَدِرٍۭ
Taj Mehmood Amrotiاُھي سچي مجلس ۾ سگھ واري بادشاھ وٽ رھندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→