caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة النجم النجم

٦٢ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٢٣

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلنَّجْمِ إِذَا هَوَىٰ

Taj Mehmood Amrotiستاري جو قسم آھي جڏھن لھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَمَا غَوَىٰ

Taj Mehmood Amrotiته اوھان جو (ھي) سنگتي (محمّد) نڪي ڀُلو ۽ نڪي بي راھو ھليو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا يَنطِقُ عَنِ ٱلْهَوَىٰٓ

Taj Mehmood Amroti۽ نڪي (نفس جي) سَڌ کان ڳالھائيندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنْ هُوَ إِلَّا وَحْىٌ يُوحَىٰ

Taj Mehmood Amrotiھيُ قرآن رڳو وحي آھي جو موڪليو ويندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

عَلَّمَهُۥ شَدِيدُ ٱلْقُوَىٰ

Taj Mehmood Amrotiاُن کي ڏاڍي سگھ واري سيکاريو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذُو مِرَّةٍ فَٱسْتَوَىٰ

Taj Mehmood Amrotiجو زور وارو آھي، پوءِ اُھو سِڌو بيٺو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهُوَ بِٱلْأُفُقِ ٱلْأَعْلَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھو (آسمان جي) مٿاھين ڪناري تي ھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ دَنَا فَتَدَلَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiوري ويجھو ٿيو پوءِ ھيٺ لٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَكَانَ قَابَ قَوْسَيْنِ أَوْ أَدْنَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ٻن ڪمانن جيتري وِٿي ھئي يا (اُن کان به) تمام ويجھو ھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَوْحَىٰٓ إِلَىٰ عَبْدِهِۦ مَآ أَوْحَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله جي ٻانھي ڏانھن پيغام پھچايائين جيڪي پھچايائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَا كَذَبَ ٱلْفُؤَادُ مَا رَأَىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي (پيغمبر جي) دل ڏٺو سو اُن ڪوڙ نه ڄاتو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَتُمَٰرُونَهُۥ عَلَىٰ مَا يَرَىٰ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي (پيغمبر) ڏسندو آھي تنھن ۾ اُن سان جھڳڙو ڇو ڪندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ رَءَاهُ نَزْلَةً أُخْرَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اُنھيءَ (ملائڪ) کي (انھيءَ مھل) ٻيو ڀيرو (سندس اصلي صورت ۾) ڏٺو ھوائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

عِندَ سِدْرَةِ ٱلْمُنتَهَىٰ

Taj Mehmood Amrotiسِدۡرَةُ الۡمُنۡتَھىٰ وٽ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

عِندَهَا جَنَّةُ ٱلْمَأْوَىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiاُن وٽ رھڻ جو بھشت آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ يَغْشَى ٱلسِّدْرَةَ مَا يَغْشَىٰ

Taj Mehmood Amrotiجنھن مھل سِدرة کي انھيءَ ٿي ڍڪيو جنھن ڍڪيو ٿي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَا زَاغَ ٱلْبَصَرُ وَمَا طَغَىٰ

Taj Mehmood Amroti(پيغمبر جي اک) نڪي لڙي ۽ نڪي حد کان لنگھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَقَدْ رَأَىٰ مِنْ ءَايَٰتِ رَبِّهِ ٱلْكُبْرَىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ڪي وڏيون نشانيون پنھنجي پالڻھار جون ڏٺائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَرَءَيْتُمُ ٱللَّٰتَ وَٱلْعُزَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiلات ۽ عُزّىٰ کي ڏٺو اَٿوَ ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَنَوٰةَ ٱلثَّالِثَةَ ٱلْأُخْرَىٰٓ

Taj Mehmood Amroti۽ پوئين ٽين منات کي به؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَلَكُمُ ٱلذَّكَرُ وَلَهُ ٱلْأُنثَىٰ

Taj Mehmood Amrotiڇا اوھان لاءِ پٽ آھن ۽ الله لاءِ ڌيئرون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تِلْكَ إِذًا قِسْمَةٌ ضِيزَىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiاِھو ورھاڱو اُنھيءَ مھل بي انصافيءَ وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنْ هِىَ إِلَّآ أَسْمَآءٌ سَمَّيْتُمُوهَآ أَنتُمْ وَءَابَآؤُكُم مَّآ أَنزَلَ ٱللَّهُ بِهَا مِن سُلْطَٰنٍ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ وَمَا تَهْوَى ٱلْأَنفُسُ وَلَقَدْ جَآءَهُم مِّن رَّبِّهِمُ ٱلْهُدَىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiاھي (سڀ) رڳا نالا آھن جي اوھان پاڻ ۽ اوھان جي پِين ڏاڏن مُقرّر ڪيا آھن الله اُن (جي ثابتيءَ) جو ڪو دليل نازل نه ڪيو آھي، (ھيُ) رڳو گمان تي ھلندا آھن ۽ جيڪي (سندن) جيءَ سَڌ ڪندا آھن (تنھن تي به)، ۽ بيشڪ سندن پالڻھار کان وٽن ھدايت آئي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ لِلْإِنسَٰنِ مَا تَمَنَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiماڻھو جيڪا سڌ ڪندو آھي سا کيس ملندي ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلِلَّهِ ٱلْـَٔاخِرَةُ وَٱلْأُولَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ھو جَڳ ۽ ھيُ جَڳ الله جو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَكَم مِّن مَّلَكٍ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ لَا تُغْنِى شَفَٰعَتُهُمْ شَيْـًٔا إِلَّا مِنۢ بَعْدِ أَن يَأْذَنَ ٱللَّهُ لِمَن يَشَآءُ وَيَرْضَىٰٓ

Taj Mehmood Amroti۽ آسمانن ۾ ڪيترائي ملائڪ آھن جن جي پارت ذري جيترو به نفعو نه ڪندي پر الله جي موڪل ڏيڻ کانپوءِ جنھن لاءِ گھري ۽ راضي ٿئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ لَيُسَمُّونَ ٱلْمَلَٰٓئِكَةَ تَسْمِيَةَ ٱلْأُنثَىٰ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي ملائڪن تي ڌيئرن جا نالا رکندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا لَهُم بِهِۦ مِنْ عِلْمٍ إِن يَتَّبِعُونَ إِلَّا ٱلظَّنَّ وَإِنَّ ٱلظَّنَّ لَا يُغْنِى مِنَ ٱلْحَقِّ شَيْـًٔا

Taj Mehmood Amroti۽ کين ان (ڳالھ) جي ڪا خبر نه آھي، رُڳو گمان تي ھلندا آھن، ۽ بيشڪ گمان حقيقت جي سڃاڻڻ ۾ ڪجھ به نفعو نه ڏيندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَعْرِضْ عَن مَّن تَوَلَّىٰ عَن ذِكْرِنَا وَلَمْ يُرِدْ إِلَّا ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي پيغمبر) انھيءَ کان منھن موڙ جنھن اسان جي ياد ڪرڻ کان مُنھن ڦيرايو ۽ دنيا جي حياتيءَ کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه گھريائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذَٰلِكَ مَبْلَغُهُم مِّنَ ٱلْعِلْمِ إِنَّ رَبَّكَ هُوَ أَعْلَمُ بِمَن ضَلَّ عَن سَبِيلِهِۦ وَهُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ ٱهْتَدَىٰ

Taj Mehmood Amrotiاھا سندن علم جي پڄاڻي آھي، بيشڪ تنھنجو پالڻھار اُنھيءَ کي چڱيءَ طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو سندس واٽ کان ڀُلو ۽ جيڪو سڌي رستي ھليو تنھنکي (به) اُھو چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلِلَّهِ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ لِيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ أَسَٰٓـُٔوا۟ بِمَا عَمِلُوا۟ وَيَجْزِىَ ٱلَّذِينَ أَحْسَنُوا۟ بِٱلْحُسْنَى

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي ته جن بڇڙا ڪم ڪيا تن کي انھن ڪمن جي ڪري نيٺ سزا ڏئي ۽ جن چڱايون ڪيون تن کي ڀلائيءَ جو بدلو ڏئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ يَجْتَنِبُونَ كَبَٰٓئِرَ ٱلْإِثْمِ وَٱلْفَوَٰحِشَ إِلَّا ٱللَّمَمَ إِنَّ رَبَّكَ وَٰسِعُ ٱلْمَغْفِرَةِ هُوَ أَعْلَمُ بِكُمْ إِذْ أَنشَأَكُم مِّنَ ٱلْأَرْضِ وَإِذْ أَنتُمْ أَجِنَّةٌ فِى بُطُونِ أُمَّهَٰتِكُمْ فَلَا تُزَكُّوٓا۟ أَنفُسَكُمْ هُوَ أَعْلَمُ بِمَنِ ٱتَّقَىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي ننڍن گناھن کانسواءِ وڏن گناھن ۽ بي حيائيءَ کان پاڻ کي بچائيندا آھن، بيشڪ تنھنجو پالڻھار (اُنھن لاءِ) وڏي بخشش وارو آھي، اُھو اوھان کي وڌيڪ ڄاڻندڙ آھي جڏھن اوھان کي زمين مان پيدا ڪيائين ۽ جڏھن اوھين پنھنجي مائن جي پيٽن ۾ ٻار ھئؤ، تنھنڪري اوھين پاڻ کي نه ساراھيو، الله انھيءَ کي چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي جيڪو پرھيزگار ٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَرَءَيْتَ ٱلَّذِى تَوَلَّىٰ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) ڇا پوءِ ڏٺو اٿئي انھي کي جيڪو ڦريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَعْطَىٰ قَلِيلًا وَأَكْدَىٰٓ

Taj Mehmood Amroti۽ ٿورو (مال) ڏنائين ۽ سخت دل ٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَعِندَهُۥ عِلْمُ ٱلْغَيْبِ فَهُوَ يَرَىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiوٽس ڳجھ جي خبر آھي ڇا جو ڄڻڪ اُھو (سڀ ڪجھ) اکين سان ڏسندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ لَمْ يُنَبَّأْ بِمَا فِى صُحُفِ مُوسَىٰ

Taj Mehmood Amrotiاُنھيءَ جي خبر کيس نه ڏني وئي ڇا جيڪي موسىٰ جي صحيفن ۾ (لکيل) آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِبْرَٰهِيمَ ٱلَّذِى وَفَّىٰٓ

Taj Mehmood Amroti۽ (جيڪي) ابراھيم (جي صحيفن ۾ آھي) جنھن (الله جي حَقن کي) پورو ڪيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَلَّا تَزِرُ وَازِرَةٌ وِزْرَ أُخْرَىٰ

Taj Mehmood Amroti(ھيُ حُڪم) ته ڪو بار کڻندڙ ڪنھن ٻئي (جي گناھ) جو بار نه کڻندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَن لَّيْسَ لِلْإِنسَٰنِ إِلَّا مَا سَعَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ته ماڻھوءَ کي رڳو اُھائي (ڪمائي) ملندي جيڪا ڪيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنَّ سَعْيَهُۥ سَوْفَ يُرَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ته سندس ڪمائي جلد ڏٺي ويندي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ يُجْزَىٰهُ ٱلْجَزَآءَ ٱلْأَوْفَىٰ

Taj Mehmood Amrotiوري کيس تمام پورو بدلو (انھي ڪمائي موجب) ڏنو ويندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلْمُنتَهَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ته تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنَّهُۥ هُوَ أَضْحَكَ وَأَبْكَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ته اُن کلايو ۽ رئاريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنَّهُۥ هُوَ أَمَاتَ وَأَحْيَا

Taj Mehmood Amroti۽ ته اُن ماريو ۽ جياريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنَّهُۥ خَلَقَ ٱلزَّوْجَيْنِ ٱلذَّكَرَ وَٱلْأُنثَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ته اُن (الله) نر ۽ مادي جوڙو جوڙو بڻايو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مِن نُّطْفَةٍ إِذَا تُمْنَىٰ

Taj Mehmood Amrotiمنيءَ جي ھڪ ڦڙي مان جڏھن (ڳڀيرڻ ۾) ھاريو وڃي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنَّ عَلَيْهِ ٱلنَّشْأَةَ ٱلْأُخْرَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ته اُن تي اُھو ٻيو (ڀيرو) پيدا ڪرڻ لازم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنَّهُۥ هُوَ أَغْنَىٰ وَأَقْنَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ته اُن آسودو ڪيو ۽ موڙي ڏنائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنَّهُۥ هُوَ رَبُّ ٱلشِّعْرَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ته اُھو ئي شِعۡرىٰ تاري جو پالڻھار آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنَّهُۥٓ أَهْلَكَ عَادًا ٱلْأُولَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ته اُن پھرين عاد کي ناس ڪيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَثَمُودَا۟ فَمَآ أَبْقَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ثمود کي (به) پوءِ انھن مان (ڪنھين کي) باقي نه ڇڏيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَوْمَ نُوحٍ مِّن قَبْلُ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ هُمْ أَظْلَمَ وَأَطْغَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ اُن کان اڳ نُوح جي قوم کي به ھلاڪ ڪيائين، ڇوته اُھي ڏاڍا ظالم ۽ تمام حد کان لنگھيل ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلْمُؤْتَفِكَةَ أَهْوَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ (شھر) اونڌي ڪيل کي ھيٺ اُڇليائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَغَشَّىٰهَا مَا غَشَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُن کي ڍڪيو جنھن ڍڪيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكَ تَتَمَارَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اي ماڻھو پنھنجي پالڻھار جي نعمتن مان ڪھڙيءَ ۾ شڪ ٿو ڪرين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هَٰذَا نَذِيرٌ مِّنَ ٱلنُّذُرِ ٱلْأُولَىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiھي (پيغمبر) اڳين ڊيڄاريندڙن (جي جنس) مان (ھڪ) ڊيڄاريندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَزِفَتِ ٱلْـَٔازِفَةُ

Taj Mehmood Amrotiويجھي اچڻ واري (قيامت) ويجھي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَيْسَ لَهَا مِن دُونِ ٱللَّهِ كَاشِفَةٌ

Taj Mehmood Amrotiاُن کي الله کانسواءِ ڪو ظاھر ڪرڻ وارو ڪونھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَمِنْ هَٰذَا ٱلْحَدِيثِ تَعْجَبُونَ

Taj Mehmood Amrotiھن ڳالھ کان تعجب ڪندا آھيو ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَتَضْحَكُونَ وَلَا تَبْكُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ کلندا آھيو ۽ نه رئندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنتُمْ سَٰمِدُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اوھين راند ڪندڙ آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱسْجُدُوا۟ لِلَّهِ وَٱعْبُدُوا۟

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله کي سجدو ڪريو ۽ عبادت ڪريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70