سورة الرحمن الرحمن
٧٨ آيتون · مدني · نزول جي ترتيب ٩٧
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ ٱلرَّحْمَٰنُ
Taj Mehmood Amrotiٻاجھاري (الله).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلَّمَ ٱلْقُرْءَانَ
Taj Mehmood Amrotiقرآن سيکاريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
خَلَقَ ٱلْإِنسَٰنَ
Taj Mehmood Amrotiماڻھو کي پيدا ڪيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلَّمَهُ ٱلْبَيَانَ
Taj Mehmood Amrotiان کي پڌرو ڳالھائڻ سيکاريائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلشَّمْسُ وَٱلْقَمَرُ بِحُسْبَانٍ
Taj Mehmood Amrotiسج ۽ چنڊ پوري حساب تي ھلندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلنَّجْمُ وَٱلشَّجَرُ يَسْجُدَانِ
Taj Mehmood Amroti۽ وليون ۽ وڻ (الله کي) سجدو ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلسَّمَآءَ رَفَعَهَا وَوَضَعَ ٱلْمِيزَانَ
Taj Mehmood Amroti۽ آسمان کي بلند ڪيائين ۽ انصاف جي ترازي رکيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَّا تَطْغَوْا۟ فِى ٱلْمِيزَانِ
Taj Mehmood Amrotiھن لاءِ ته تور ۾ حد کان نه لنگھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَقِيمُوا۟ ٱلْوَزْنَ بِٱلْقِسْطِ وَلَا تُخْسِرُوا۟ ٱلْمِيزَانَ
Taj Mehmood Amroti۽ انصاف سان پورو توريندا رھو ۽ تور ۾ کوٽ نه ڪريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْأَرْضَ وَضَعَهَا لِلْأَنَامِ
Taj Mehmood Amrotiماڻھن لاءِ زمين کي پکيڙيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِيهَا فَٰكِهَةٌ وَٱلنَّخْلُ ذَاتُ ٱلْأَكْمَامِ
Taj Mehmood Amrotiمنجھس (ھر جنس) جو ميوو ۽ چپڙين واريون کجيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْحَبُّ ذُو ٱلْعَصْفِ وَٱلرَّيْحَانُ
Taj Mehmood Amroti۽ بُھ وارو اَنُّ ۽ سرھاڻيون (به اُن ۾) آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي رب جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
خَلَقَ ٱلْإِنسَٰنَ مِن صَلْصَٰلٍ كَٱلْفَخَّارِ
Taj Mehmood Amrotiماڻھوءَ کي ٽِڪر جھڙي وڄندڙ مٽيءَ مان پيدا ڪيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَخَلَقَ ٱلْجَآنَّ مِن مَّارِجٍ مِّن نَّارٍ
Taj Mehmood Amroti۽ جنّ کي باھ جي الانبي مان بڻايائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
رَبُّ ٱلْمَشْرِقَيْنِ وَرَبُّ ٱلْمَغْرِبَيْنِ
Taj Mehmood Amrotiجو ٻنھي اوڀرن جو پالڻھار آھي ۽ ٻنھي اولھن جو پالڻھار آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَرَجَ ٱلْبَحْرَيْنِ يَلْتَقِيَانِ
Taj Mehmood Amrotiٻن دريائن (کاري ۽ مٺيءَ) کي وھايائين جو پاڻ ۾ گڏجي ٿا وھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَيْنَهُمَا بَرْزَخٌ لَّا يَبْغِيَانِ
Taj Mehmood Amrotiانھن ٻنھي جي وچ ۾ اوٽ آھي جو ھڪ ٻئي تي زيادتي نه ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَخْرُجُ مِنْهُمَا ٱللُّؤْلُؤُ وَٱلْمَرْجَانُ
Taj Mehmood Amrotiانھن ٻنھي مان موتي ۽ مرجان نڪرندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھو) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَهُ ٱلْجَوَارِ ٱلْمُنشَـَٔاتُ فِى ٱلْبَحْرِ كَٱلْأَعْلَٰمِ
Taj Mehmood Amroti۽ سمنڊ ۾ ھلندڙ جھاز (سڙھ کنيل) جبلن وانگر اُچا الله جا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كُلُّ مَنْ عَلَيْهَا فَانٍ
Taj Mehmood Amrotiجيڪو به زمين تي آھي سو سڀ ناس ٿيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَبْقَىٰ وَجْهُ رَبِّكَ ذُو ٱلْجَلَٰلِ وَٱلْإِكْرَامِ
Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار جي ذات باقي رھندي جو عزت وارو ۽ نعمتن وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَسْـَٔلُهُۥ مَن فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ كُلَّ يَوْمٍ هُوَ فِى شَأْنٍ
Taj Mehmood Amrotiجيڪو به آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو سڀڪو الله کان گھرندو آھي، سڀڪنھن ڏينھن اُھو ڪم ۾ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَنَفْرُغُ لَكُمْ أَيُّهَ ٱلثَّقَلَانِ
Taj Mehmood Amrotiاي جنّو ۽ ماڻھؤ (اسين واندا ٿي) اوھان ڏانھن جلد متوجه ٿينداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰمَعْشَرَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ إِنِ ٱسْتَطَعْتُمْ أَن تَنفُذُوا۟ مِنْ أَقْطَارِ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ فَٱنفُذُوا۟ لَا تَنفُذُونَ إِلَّا بِسُلْطَٰنٍ
Taj Mehmood Amrotiاي جِنّن ۽ ماڻھن جي ٽولي جيڪڏھن اوھين آسمانن ۽ زمين جي پاسن کان ٻاھر نڪري سگھندا آھيو ته نڪرو، وڏي ھمت کانسواءِ ٻي طرح نڪري نه سگھندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يُرْسَلُ عَلَيْكُمَا شُوَاظٌ مِّن نَّارٍ وَنُحَاسٌ فَلَا تَنتَصِرَانِ
Taj Mehmood Amrotiاوھان تي باھ جو اُلنبو ۽ دُونھون موڪلبو جو مقابلو ڪري نه سگھندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِذَا ٱنشَقَّتِ ٱلسَّمَآءُ فَكَانَتْ وَرْدَةً كَٱلدِّهَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن آسمان ڦاٽندو تڏھن اڌوڙ وانگر گلابي ٿيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَيَوْمَئِذٍ لَّا يُسْـَٔلُ عَن ذَنۢبِهِۦٓ إِنسٌ وَلَا جَآنٌّ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُن ڏينھن نڪي ماڻھو ۽ نڪي جن پنھنجي گناھ بابت پُڇبا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙن نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يُعْرَفُ ٱلْمُجْرِمُونَ بِسِيمَٰهُمْ فَيُؤْخَذُ بِٱلنَّوَٰصِى وَٱلْأَقْدَامِ
Taj Mehmood Amrotiڏوھاري پنھنجي شڪلين مان پيا سڃاتا ويندا ۽ پوءِ ڄُنڊن ۽ پيرن مان پڪڙبا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَٰذِهِۦ جَهَنَّمُ ٱلَّتِى يُكَذِّبُ بِهَا ٱلْمُجْرِمُونَ
Taj Mehmood Amroti(چئبو ته) ھي اُھو دوزخ آھي جنھن کي گنھگارن ڪوڙ ڀانيو ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَطُوفُونَ بَيْنَهَا وَبَيْنَ حَمِيمٍ ءَانٍ
Taj Mehmood Amrotiانھيءَ (دوزخ) ۾ ۽ تَتي ٽھڪندڙ پاڻيءَ ۾ پيا ايندا ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلِمَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِۦ جَنَّتَانِ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي آڏو بيھڻ کان ڊنو تنھن لاءِ ٻه باغ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَوَاتَآ أَفْنَانٍ
Taj Mehmood Amrotiٻئي باغ گھاٽا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِيهِمَا عَيْنَانِ تَجْرِيَانِ
Taj Mehmood Amrotiانھن (ٻن باغن) ۾ ٻه چشما وھن ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِيهِمَا مِن كُلِّ فَٰكِهَةٍ زَوْجَانِ
Taj Mehmood Amrotiانھن ٻنھي (باغن) ۾ سڀڪنھن ميوي مان ٻه ٻه جنسون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّو ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ فُرُشٍۭ بَطَآئِنُهَا مِنْ إِسْتَبْرَقٍ وَجَنَى ٱلْجَنَّتَيْنِ دَانٍ
Taj Mehmood Amrotiاھڙن وڇاڻن تي ٽيڪ ڏئي ويٺا ھوندا جنھن جو استر اِسۡتَبۡرق پٽ مان ھوندو، ۽ انھن ٻنھي باغن جو ميوو ويجھو ھوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِيهِنَّ قَٰصِرَٰتُ ٱلطَّرْفِ لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلَا جَآنٌّ
Taj Mehmood Amrotiاُنھن (باغن جي ماڙين) ۾ (شرم ڪري) ھيٺ نگاھ ڪرڻ واريون (حُورون) ھونديون جن کي اُنھن کان اڳ نڪي ڪنھن ماڻھو ۽ جنّ ڇھيو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَأَنَّهُنَّ ٱلْيَاقُوتُ وَٱلْمَرْجَانُ
Taj Mehmood Amrotiاُھي (حُورون) ڄڻڪ ياقُوت ۽ مَرجان آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَلْ جَزَآءُ ٱلْإِحْسَٰنِ إِلَّا ٱلْإِحْسَٰنُ
Taj Mehmood Amrotiچڱائيءَ جو بدلو چڱائيءَ کانسواءِ ٻيو نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھارجي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمِن دُونِهِمَا جَنَّتَانِ
Taj Mehmood Amroti۽ اُنھن ٻن (باغن) کانسواءِ ٻيا ٻه باغ به آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مُدْهَآمَّتَانِ
Taj Mehmood Amrotiٻئي ڏاڍا ساوا چھچ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِيهِمَا عَيْنَانِ نَضَّاخَتَانِ
Taj Mehmood Amrotiاُنھن ٻنھي (باغن) ۾ ڦوھاري وانگر جوش سان پاڻي نڪرڻ وارا ٻه چشما ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِيهِمَا فَٰكِهَةٌ وَنَخْلٌ وَرُمَّانٌ
Taj Mehmood Amrotiانھن ٻنھي باغن ۾ (ھر جنس جو) ميوو ۽ کجيون ۽ ڏاڙھون ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (ي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِيهِنَّ خَيْرَٰتٌ حِسَانٌ
Taj Mehmood Amrotiانھن (باغن) ۾ سڳوريون سھڻيون زالون ھونديون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
حُورٌ مَّقْصُورَٰتٌ فِى ٱلْخِيَامِ
Taj Mehmood Amrotiحُورون تنبن منجھ پردہ نشين ھونديون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَمْ يَطْمِثْهُنَّ إِنسٌ قَبْلَهُمْ وَلَا جَآنٌّ
Taj Mehmood Amrotiانھن کي انھن (بھشتين) کان اڳ نڪي ماڻھو ۽ نڪي ڪنھن جنّ ڇھيو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ رَفْرَفٍ خُضْرٍ وَعَبْقَرِىٍّ حِسَانٍ
Taj Mehmood Amrotiساون وھاڻن ۽ سھڻن پٿراڻين تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ ءَالَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبَانِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي جنّؤ ۽ ماڻھؤ) پنھنجي پالڻھار جي ڪھڙين نعمتن جو انڪار ڪندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَبَٰرَكَ ٱسْمُ رَبِّكَ ذِى ٱلْجَلَٰلِ وَٱلْإِكْرَامِ
Taj Mehmood Amrotiتنھنجي پالڻھار عزت واري جو نالو وڏي برڪت وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→