سورة الطور الطور
٤٩ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٧٦
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلطُّورِ
Taj Mehmood Amroti(جبل) طُور جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكِتَٰبٍ مَّسْطُورٍ
Taj Mehmood Amroti۽ لکيل ڪتاب جو (قسم) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِى رَقٍّ مَّنشُورٍ
Taj Mehmood Amrotiجو کُليل ورقن ۾ (لکيل) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْبَيْتِ ٱلْمَعْمُورِ
Taj Mehmood Amroti۽ آباد گھر جو (قسم) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلسَّقْفِ ٱلْمَرْفُوعِ
Taj Mehmood Amroti۽ مٿاھينءَ ڇت جو (قسم) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْبَحْرِ ٱلْمَسْجُورِ
Taj Mehmood Amroti۽ اُڀامندڙ درياءَ جو (قسم) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ عَذَابَ رَبِّكَ لَوَٰقِعٌ
Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ تنھنجي پالڻھار جو عذاب ضرور ٿيڻو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَّا لَهُۥ مِن دَافِعٍ
Taj Mehmood Amrotiاُن کي ڪوبه ٽارڻ وارو ڪونھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ تَمُورُ ٱلسَّمَآءُ مَوْرًا
Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن آسمان موج ھڻي چُرندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَسِيرُ ٱلْجِبَالُ سَيْرًا
Taj Mehmood Amroti۽ جبل چڱيءَ طرح ھلندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَوَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiتنھن ڏينھن اُنھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ هُمْ فِى خَوْضٍ يَلْعَبُونَ
Taj Mehmood Amrotiجيڪي اَجاين ڳالھين ۾ راند ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ يُدَعُّونَ إِلَىٰ نَارِ جَهَنَّمَ دَعًّا
Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن دوزخ جي باھ ڏانھن ڌڪا ڏيئي روانا ڪبا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَٰذِهِ ٱلنَّارُ ٱلَّتِى كُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ
Taj Mehmood Amroti(تنھن ڏينھن چئبن ته) ھي اُھا باھ آھي جنھن کي ڪُوڙ ڀائندا ھئو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَسِحْرٌ هَٰذَآ أَمْ أَنتُمْ لَا تُبْصِرُونَ
Taj Mehmood Amrotiھيءُ جادو آھي ڇا يا اوھين نه ٿا ڏسو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱصْلَوْهَا فَٱصْبِرُوٓا۟ أَوْ لَا تَصْبِرُوا۟ سَوَآءٌ عَلَيْكُمْ إِنَّمَا تُجْزَوْنَ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amrotiان ۾ گھڙو پوءِ صبر ڪريو يا صبر نه ڪريو، (ته) اوھان لاءِ ھڪ جھڙي (ڳالھ) آھي، جيڪي اوھين ڪندا ھئو رڳو تنھنجو بدلو اوھان کي ڏنو ويندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّٰتٍ وَنَعِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ پرھيزگار باغن ۽ نعمتن ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٰكِهِينَ بِمَآ ءَاتَىٰهُمْ رَبُّهُمْ وَوَقَىٰهُمْ رَبُّهُمْ عَذَابَ ٱلْجَحِيمِ
Taj Mehmood Amrotiجيڪا (نعمت) کين سندن پالڻھار ڏني تنھن سان خوش ھوندا، ۽ (اُنھي ڪري به خوش ھوندا جو) سندن پالڻھار کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ هَنِيٓـًٔۢا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti(چئبن ته) انھي ڪري جو (چڱا) ڪم ڪندا ھئو مزي سان کائو ۽ پيئو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مُتَّكِـِٔينَ عَلَىٰ سُرُرٍ مَّصْفُوفَةٍ وَزَوَّجْنَٰهُم بِحُورٍ عِينٍ
Taj Mehmood Amrotiھڪ ٻئي جي برابر وڇايلن تختن تي ٽيڪ ڏيئي ويٺل ھوندا، ۽ کين وڏين اکين وارين حورن سان پرڻائينداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَٱتَّبَعَتْهُمْ ذُرِّيَّتُهُم بِإِيمَٰنٍ أَلْحَقْنَا بِهِمْ ذُرِّيَّتَهُمْ وَمَآ أَلَتْنَٰهُم مِّنْ عَمَلِهِم مِّن شَىْءٍ كُلُّ ٱمْرِئٍۭ بِمَا كَسَبَ رَهِينٌ
Taj Mehmood Amroti۽ جن ايمان آندو ۽ سندن اولاد ايمان ۾ سندن رستو ھليا تن سان سندن اولاد کي ملائينداسون ۽ کين سندن عملن مان ڪجھ به نه گھٽائينداسون، سڀڪنھن مڙس جيڪي ڪمايو تنھن ۾ (اُھو پاڻ) ڳه ٿيل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَمْدَدْنَٰهُم بِفَٰكِهَةٍ وَلَحْمٍ مِّمَّا يَشْتَهُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ انھن کي ميوو ۽ گوشت جنھن (قسم) مان گھرندا (تنھن مان) پيا ڏينداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَتَنَٰزَعُونَ فِيهَا كَأْسًا لَّا لَغْوٌ فِيهَا وَلَا تَأْثِيمٌ
Taj Mehmood Amrotiاُتي شراب جا پيالا ھڪ ٻئي کان پيا وٺندا جنھن ۾ نڪي بڪ بڪ ۽ نڪو گناھ ۾ پوڻ ھوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَطُوفُ عَلَيْهِمْ غِلْمَانٌ لَّهُمْ كَأَنَّهُمْ لُؤْلُؤٌ مَّكْنُونٌ
Taj Mehmood Amroti۽ وٽن اھڙا نينگر سندن آس پاس (خدمت لاءِ) پيا ايندا ويندا جو ڄڻڪ اُھي ڍڪيل موتي آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ يَتَسَآءَلُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُنھن مان ھڪڙا ٻـين ڏانھن پاڻ ۾ پڇا ڪرڻ ڪرڻ لاءِ مُنھن ڪندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوٓا۟ إِنَّا كُنَّا قَبْلُ فِىٓ أَهْلِنَا مُشْفِقِينَ
Taj Mehmood Amrotiچوندا ته بيشڪ اسين ھن کان اڳ پنھنجي گھر وارن ۾ ڊڄندڙ ھئاسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَنَّ ٱللَّهُ عَلَيْنَا وَوَقَىٰنَا عَذَابَ ٱلسَّمُومِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله اسان تي احسان ڪيو ۽ اسان کي دوزخ جي عذاب کان بچايائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا كُنَّا مِن قَبْلُ نَدْعُوهُ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْبَرُّ ٱلرَّحِيمُ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسين ھن کان اڳ کيس سڏيندا ھواسون، بيشڪ اُھوئي اِحسان ڪندڙ مھربان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَذَكِّرْ فَمَآ أَنتَ بِنِعْمَتِ رَبِّكَ بِكَاهِنٍ وَلَا مَجْنُونٍ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي پيغمبر کين) نصيحت ڪر جو تون پنھنجي پالڻھار جي فضل سان نڪي ڀُوپُو آھين ۽ نڪي چريو آھين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ يَقُولُونَ شَاعِرٌ نَّتَرَبَّصُ بِهِۦ رَيْبَ ٱلْمَنُونِ
Taj Mehmood Amrotiبلڪ چوندا آھن ڇا ته شاعر آھي (۽ اسين) سندس حق ۾ زماني جي ڦير گھير اچڻ جا منتظر آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ تَرَبَّصُوا۟ فَإِنِّى مَعَكُم مِّنَ ٱلْمُتَرَبِّصِينَ
Taj Mehmood Amroti(انھن ڪافرن کي) چؤ ته اوھين به انتظار ڪڍو جو بيشڪ آءٌ به اوھان سان انتظار ڪڍندڙ آھيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ تَأْمُرُهُمْ أَحْلَٰمُهُم بِهَٰذَآ أَمْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ
Taj Mehmood Amrotiکين سندن عقل اھو ڏس ڏيندا آھن ڇا يا اُھي شرارتي قوم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ يَقُولُونَ تَقَوَّلَهُۥ بَل لَّا يُؤْمِنُونَ
Taj Mehmood Amrotiچوندا آھن ڇا ته ھِن قرآن کي پاڻون بڻايو اٿس، بلڪ ايمان نه ٿا آڻين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلْيَأْتُوا۟ بِحَدِيثٍ مِّثْلِهِۦٓ إِن كَانُوا۟ صَٰدِقِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (کين) جڳائي ته جيڪڏھن سچا آھن ته اُن جھڙو ڪو سخن (بڻائي) آڻين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ خُلِقُوا۟ مِنْ غَيْرِ شَىْءٍ أَمْ هُمُ ٱلْخَٰلِقُونَ
Taj Mehmood Amrotiاھي بي سبب (پاڻھي) پيدا ٿي پيا آھن ڇا يا اُھي (پاڻ) پيدا ڪندڙ آھن؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ خَلَقُوا۟ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بَل لَّا يُوقِنُونَ
Taj Mehmood Amrotiآسمانن ۽ زمين کي بڻايو اٿن ڇا، بلڪ اُھي يقين نه ٿا آڻين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ عِندَهُمْ خَزَآئِنُ رَبِّكَ أَمْ هُمُ ٱلْمُصَۣيْطِرُونَ
Taj Mehmood Amrotiتنھنجي پالڻھار جا خزانا انھن وٽ آھن ڇا يا اُھي داروغا آھن؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ لَهُمْ سُلَّمٌ يَسْتَمِعُونَ فِيهِ فَلْيَأْتِ مُسْتَمِعُهُم بِسُلْطَٰنٍ مُّبِينٍ
Taj Mehmood Amrotiکين ڪا ڏاڪڻ آھي ڇا جنھن تي (چڙھي) ڪن ڏئي ٻڌندا آھن؟ پوءِ جڳائي ته اُنھن مان ٻُڌندڙ ڪو پڌرو دليل آڻي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ لَهُ ٱلْبَنَٰتُ وَلَكُمُ ٱلْبَنُونَ
Taj Mehmood Amrotiالله کي ڌيئر آھن ڇا ۽ اوھان کي پُٽ؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ تَسْـَٔلُهُمْ أَجْرًا فَهُم مِّن مَّغْرَمٍ مُّثْقَلُونَ
Taj Mehmood Amrotiاُنھن کان مزوري گھرين ٿو ڇا؟ جو اُھي (اُنھيءَ) چٽيءَ کان ڳوري بار (ھيٺ) ٿيا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ عِندَهُمُ ٱلْغَيْبُ فَهُمْ يَكْتُبُونَ
Taj Mehmood Amrotiاُنھن وٽ ڳُجھ جو علم آھي ڇا جو اُھي لکندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ يُرِيدُونَ كَيْدًا فَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ هُمُ ٱلْمَكِيدُونَ
Taj Mehmood Amrotiڪا بڇڙي رٿ ڪرڻ گھرندا آھن ڇا؟ پوءِ جن ڪُفر ڪيو سي ئي فريب ۾ پيل آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ لَهُمْ إِلَٰهٌ غَيْرُ ٱللَّهِ سُبْحَٰنَ ٱللَّهِ عَمَّا يُشْرِكُونَ
Taj Mehmood Amrotiانھن لاءِ الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق آھي ڇا؟ (ساڻس) جيڪو شريڪ مقرر ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِن يَرَوْا۟ كِسْفًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِ سَاقِطًا يَقُولُوا۟ سَحَابٌ مَّرْكُومٌ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن آسمان مان ڪو ٽڪرو ڪرندڙ ڏسندا ته چوندا ته گھاٽو ڪَڪر آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَذَرْهُمْ حَتَّىٰ يُلَٰقُوا۟ يَوْمَهُمُ ٱلَّذِى فِيهِ يُصْعَقُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي پيغمبر) اُنھن کي ايستائين ڇڏي ڏي جيستائين پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن ۾ بيھوش ڪيو ويندن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ لَا يُغْنِى عَنْهُمْ كَيْدُهُمْ شَيْـًٔا وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ
Taj Mehmood Amrotiجنھن سندن فريب ڪجھ به نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ عَذَابًا دُونَ ذَٰلِكَ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ ظالمن لاءِ ھن کانسواءِ ٻيو عذاب (به) آھي پر اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱصْبِرْ لِحُكْمِ رَبِّكَ فَإِنَّكَ بِأَعْيُنِنَا وَسَبِّحْ بِحَمْدِ رَبِّكَ حِينَ تَقُومُ
Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) تون پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (اچڻ) تائين صبر ڪر ڇوته تون اسان جي نظر ھيٺ آھين ۽ جنھن مھل تون اُٿين (تنھن مھل) پنھنجي پالڻھار جي ساراھ سان پاڪائي بيان ڪر
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمِنَ ٱلَّيْلِ فَسَبِّحْهُ وَإِدْبَٰرَ ٱلنُّجُومِ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪجھ رات جو (به) سندس پاڪائي بيان ڪر ۽ ستارن جي لھڻ کانپوءِ (به).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→