caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الذاريات الذاريات

٦٠ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٦٧

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلذَّٰرِيَٰتِ ذَرْوًا

Taj Mehmood Amrotiقسم آھي اُڏائڻ وارن (وائن) جو (خاڪ کي) اُڏائڻ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱلْحَٰمِلَٰتِ وِقْرًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (پاڻي جي) بار کڻڻ وارن (ڪڪرن) جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱلْجَٰرِيَٰتِ يُسْرًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ آسانيءَ سان ھلندڙين (ٻيڙين) جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱلْمُقَسِّمَٰتِ أَمْرًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ڪم وراھڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَصَادِقٌ

Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ جيڪو اوھان سان انجام ڪجي ٿو سو سچ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ ٱلدِّينَ لَوَٰقِعٌ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ (عملن جو) بدلو ضرور ٿيڻو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلْحُبُكِ

Taj Mehmood Amrotiواٽن واري آسمان جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّكُمْ لَفِى قَوْلٍ مُّخْتَلِفٍ

Taj Mehmood Amrotiته (اوھين) پاڻ ۾ تڪرار واريء ھڪ ڳالھ ۾ (پيل) آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يُؤْفَكُ عَنْهُ مَنْ أُفِكَ

Taj Mehmood Amrotiقرآن کان اُھو ڦيرايو ويندو آھي جيڪو (ازل) ۾ ڦيرايل آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُتِلَ ٱلْخَرَّٰصُونَ

Taj Mehmood Amrotiاُنھن ڪوڙ ھڻندڙن کي لعنت ڪئي ويئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ هُمْ فِى غَمْرَةٍ سَاهُونَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي اَڻ ڄاڻائي ۾ وسارڻ وارا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَسْـَٔلُونَ أَيَّانَ يَوْمُ ٱلدِّينِ

Taj Mehmood Amrotiپُڇندا آھن ته قيامت جو ڏينھن ڪڏھن ٿيندو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ هُمْ عَلَى ٱلنَّارِ يُفْتَنُونَ

Taj Mehmood Amroti(ھائو) اُنھي ڏينھن جو اُنھن کي باھ ۾ عذاب ڪبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذُوقُوا۟ فِتْنَتَكُمْ هَٰذَا ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تَسْتَعْجِلُونَ

Taj Mehmood Amroti(چئبو ته ھيُ) پنھنجو عذاب چکو، ھيُ اُھو آھي جنھن کي اوھين جلد گھرندا ھئو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى جَنَّٰتٍ وَعُيُونٍ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ پرھيزگار باغن ۽ چشمن ۾ ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ءَاخِذِينَ مَآ ءَاتَىٰهُمْ رَبُّهُمْ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَبْلَ ذَٰلِكَ مُحْسِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي سندن پالڻھار کين ڏنو سو وٺڻ وارا ھوندا، بيشڪ اُھي ھن کان اڳ چڱائي ڪندڙ ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَانُوا۟ قَلِيلًا مِّنَ ٱلَّيْلِ مَا يَهْجَعُونَ

Taj Mehmood Amrotiرات جو ٿورو سمھندا ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَبِٱلْأَسْحَارِ هُمْ يَسْتَغْفِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي اَسرن جو بخشش گھرندا ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَفِىٓ أَمْوَٰلِهِمْ حَقٌّ لِّلسَّآئِلِ وَٱلْمَحْرُومِ

Taj Mehmood Amroti۽ سندن مالن ۾ سوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙ مُحتاج جو حصّو ھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَفِى ٱلْأَرْضِ ءَايَٰتٌ لِّلْمُوقِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَفِىٓ أَنفُسِكُمْ أَفَلَا تُبْصِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اوھان جي جندن ۾ به، پوءِ نٿا ڏسو ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَفِى ٱلسَّمَآءِ رِزْقُكُمْ وَمَا تُوعَدُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اوھان جي روزي آسمان ۾ آھي ۽ اُھو (به) جنھنجو اوھان کي انجام ڏجي ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَوَرَبِّ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ إِنَّهُۥ لَحَقٌّ مِّثْلَ مَآ أَنَّكُمْ تَنطِقُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ آسمان ۽ زمين جي پالڻھار جو قسم آھي ته اھا خبر سچي آھي جھڙي طرح اوھين ڳالھائيندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ضَيْفِ إِبْرَٰهِيمَ ٱلْمُكْرَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiاِبراھيم جي سڳورن مھمانن جي خبر تو وٽ (نه) آئي آھي ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ دَخَلُوا۟ عَلَيْهِ فَقَالُوا۟ سَلَٰمًا قَالَ سَلَٰمٌ قَوْمٌ مُّنكَرُونَ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن اُھي وٽس آيا تڏھن سلام چيائين، ھن (به) سلام چيو، (دل ۾ ڄاتائين ته ھي) اوپرا ماڻھو آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَرَاغَ إِلَىٰٓ أَهْلِهِۦ فَجَآءَ بِعِجْلٍ سَمِينٍ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ پنھنجي گھر وارن ڏانھن تکو ھليو ۽ ٿلھو گابو (پچائي) آندائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَقَرَّبَهُۥٓ إِلَيْهِمْ قَالَ أَلَا تَأْكُلُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اھو انھن کي ويجھو ڪيائين چيائين ته ڇونه ٿا کائو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَوْجَسَ مِنْهُمْ خِيفَةً قَالُوا۟ لَا تَخَفْ وَبَشَّرُوهُ بِغُلَٰمٍ عَلِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ کائن دل ۾ ڊپ رکيائين، چيائون ته نه ڊڄ، ۽ اُن کي ھڪ داناءَ نينگر جي مبارڪ ڏنائون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَقْبَلَتِ ٱمْرَأَتُهُۥ فِى صَرَّةٍ فَصَكَّتْ وَجْهَهَا وَقَالَتْ عَجُوزٌ عَقِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ سنديس زال دانھن ڪندي سامھون آئي پوءِ پنھنجو منھن ڪٽيائين ۽ چيائين ته ٻڍڙي سنڍ (ڄڻيندي ڇا؟).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ كَذَٰلِكِ قَالَ رَبُّكِ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْحَكِيمُ ٱلْعَلِيمُ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته ائين ئي تنھنجي پالڻھار فرمايو آھي، ڇوته اُھو حِڪمت وارو ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ فَمَا خَطْبُكُمْ أَيُّهَا ٱلْمُرْسَلُونَ

Taj Mehmood Amroti(ابراھيم) چيو ته اي قاصد‍ؤ اوھان جو ڪھڙو غرض آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ إِنَّآ أُرْسِلْنَآ إِلَىٰ قَوْمٍ مُّجْرِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته بيشڪ اسين ھڪڙي ڏوھاري قوم ڏانھن موڪليا ويا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لِنُرْسِلَ عَلَيْهِمْ حِجَارَةً مِّن طِينٍ

Taj Mehmood Amrotiته مٿن پڪي مٽيءَ جون گليليون وسايون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مُّسَوَّمَةً عِندَ رَبِّكَ لِلْمُسْرِفِينَ

Taj Mehmood Amrotiجي حد کان لنگھندڙن لاءِ تنھنجي پالڻھار وٽ نشان ڪيل آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَخْرَجْنَا مَن كَانَ فِيهَا مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ مؤمنن مان اتي جيڪو ھو تنھن کي ٻاھر ڪڍيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَا وَجَدْنَا فِيهَا غَيْرَ بَيْتٍ مِّنَ ٱلْمُسْلِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُتي مسلمانن جي ھڪ گھر کانسواءِ (ٻيو ڪو گھر) نه ڏٺوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَتَرَكْنَا فِيهَآ ءَايَةً لِّلَّذِينَ يَخَافُونَ ٱلْعَذَابَ ٱلْأَلِيمَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي ڏکوئيندڙ عذاب کان ڊڄندا آھن تن لاءِ اُتي (عبرت لاءِ) نشاني ڇڏي سون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَفِى مُوسَىٰٓ إِذْ أَرْسَلْنَٰهُ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ بِسُلْطَٰنٍ مُّبِينٍ

Taj Mehmood Amroti۽ مُوسىٰ (جي قصّي) ۾ (به عِبرت آھي) جڏھن کيس پڌري دليل سان فرعون ڏانھن موڪليوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَتَوَلَّىٰ بِرُكْنِهِۦ وَقَالَ سَٰحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ھن پنھنجي لشڪر سميت منھن موڙيو چيائين ته (ھي) جادوگر يا چريو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَخَذْنَٰهُ وَجُنُودَهُۥ فَنَبَذْنَٰهُمْ فِى ٱلْيَمِّ وَهُوَ مُلِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري اُن کي ۽ سندس لشڪر کي پڪڙيوسون پوءِ اُن کي ملامت وارو ڪري سمنڊ ۾ اُڇليوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَفِى عَادٍ إِذْ أَرْسَلْنَا عَلَيْهِمُ ٱلرِّيحَ ٱلْعَقِيمَ

Taj Mehmood Amroti۽ عاد جي (قصي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن اھڙو بي برڪتو واءُ موڪليوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَا تَذَرُ مِن شَىْءٍ أَتَتْ عَلَيْهِ إِلَّا جَعَلَتْهُ كَٱلرَّمِيمِ

Taj Mehmood Amrotiجو جنھن شيء تي اچي پھچي تنھن کي ڳريل ھڏي وانگر ڪرڻ کانسواءِ نه ڇڏي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَفِى ثَمُودَ إِذْ قِيلَ لَهُمْ تَمَتَّعُوا۟ حَتَّىٰ حِينٍ

Taj Mehmood Amroti۽ ثمود (جي قصّي) ۾ (به عبرت آھي) جڏھن کين چيو ويو ته ھڪ مُدت تائين مزا ماڻيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَعَتَوْا۟ عَنْ أَمْرِ رَبِّهِمْ فَأَخَذَتْهُمُ ٱلصَّٰعِقَةُ وَهُمْ يَنظُرُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم (مڃڻ) کان ھٺ ڪيائون تنھنڪري سندن ڏسندي کين (ھڪ) سخت ڪڙڪي ورتو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَا ٱسْتَطَٰعُوا۟ مِن قِيَامٍ وَمَا كَانُوا۟ مُنتَصِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ نڪي اُٿي سگھيا ۽ نڪي وير وٺڻ وارا ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَوْمَ نُوحٍ مِّن قَبْلُ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَوْمًا فَٰسِقِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ (ھن کان) اڳ نوح جي قوم (کي ھلاڪ ڪيوسون) بيشڪ اُھي بدڪار ماڻھو ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلسَّمَآءَ بَنَيْنَٰهَا بِأَيْي۟دٍ وَإِنَّا لَمُوسِعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ آسمان کي (پنھنجيءَ) قوت سان بڻايوسون ۽ بيشڪ اسين سگھارا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلْأَرْضَ فَرَشْنَٰهَا فَنِعْمَ ٱلْمَٰهِدُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ زمين کي پکيڙيوسون جو چڱا پکيڙيندڙ آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمِن كُلِّ شَىْءٍ خَلَقْنَا زَوْجَيْنِ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ سڀڪنھن شيءَ مان جوڙو جوڙو بڻايوسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَفِرُّوٓا۟ إِلَى ٱللَّهِ إِنِّى لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ مُّبِينٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله ڏانھن ڀڄو، بيشڪ آءٌ سندس طرف کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا تَجْعَلُوا۟ مَعَ ٱللَّهِ إِلَٰهًا ءَاخَرَ إِنِّى لَكُم مِّنْهُ نَذِيرٌ مُّبِينٌ

Taj Mehmood Amroti۽ الله سان (ٻيو) ڪو معبُود نه ٺھرايو، بيشڪ آءٌ سندس پار کان اوھان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَٰلِكَ مَآ أَتَى ٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِم مِّن رَّسُولٍ إِلَّا قَالُوا۟ سَاحِرٌ أَوْ مَجْنُونٌ

Taj Mehmood Amrotiاھڙي طرح جيڪي انھن کان اڳ ھوا تن وٽ ڪوبه پيغمبر نه آيو پر چيائون ته جادوگر يا چريو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَتَوَاصَوْا۟ بِهِۦ بَلْ هُمْ قَوْمٌ طَاغُونَ

Taj Mehmood Amrotiان (چوڻ) جي ھڪ ٻئي کي وصيت ڪندا آيا آھن ڇا؟ (نه!) بلڪ اُھي نافرمان قوم آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَتَوَلَّ عَنْهُمْ فَمَآ أَنتَ بِمَلُومٍ

Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري (اي پيغمبر) کائن منھن موڙ ھاڻي تون ميار وارو نه آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَذَكِّرْ فَإِنَّ ٱلذِّكْرَىٰ تَنفَعُ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ سمجھاڻي ڏيندو رھ ڇوته سمجھائڻ مؤمنن کي نفعو ڏيندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا خَلَقْتُ ٱلْجِنَّ وَٱلْإِنسَ إِلَّا لِيَعْبُدُونِ

Taj Mehmood Amroti۽ جِنّن ۽ ماڻھن کي رڳو پنھنجي عبادت لاءِ پيدا ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَآ أُرِيدُ مِنْهُم مِّن رِّزْقٍ وَمَآ أُرِيدُ أَن يُطْعِمُونِ

Taj Mehmood Amrotiنڪي کائن ڪا روزي ٿو گھران ۽ نڪي گھران ٿو ته مون کي کارائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلرَّزَّاقُ ذُو ٱلْقُوَّةِ ٱلْمَتِينُ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ الله ئي روزي ڏيندڙ آھي جو تمام سگھارو زبردست آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِنَّ لِلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ ذَنُوبًا مِّثْلَ ذَنُوبِ أَصْحَٰبِهِمْ فَلَا يَسْتَعْجِلُونِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ بيشڪ جن ظلم ڪيو تن لاءِ سندن يارن جي سزا جھڙو عذاب (جو ڀاڱو) آھي پوءِ مون کان جلد (عذاب) نه گُھرن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَوَيْلٌ لِّلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن يَوْمِهِمُ ٱلَّذِى يُوعَدُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ڪافرن لاءِ اُن سندن ڏينھن کان خرابي آھي جنھن جو کين وعدو ڏنو وڃي ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70