سورة الصافات الصافات
١٨٢ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٥٦
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلصَّٰٓفَّٰتِ صَفًّا
Taj Mehmood Amroti(پنھنجي پالڻھار وٽ) قطار ڪري صفن ٻڌڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱلزَّٰجِرَٰتِ زَجْرًا
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جھڻڪ ڏيئي (شيطانن) کي ڌمڪائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱلتَّٰلِيَٰتِ ذِكْرًا
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (قرآن) پڙھڻ واري جماعت جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ إِلَٰهَكُمْ لَوَٰحِدٌ
Taj Mehmood Amrotiته اوھان جو معبُود ھڪڙو (ئي) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
رَّبُّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا وَرَبُّ ٱلْمَشَٰرِقِ
Taj Mehmood Amroti(جو اُھو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي اُنھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھن جو پالڻھار آھي ۽ (اُھو) اُڀرڻ (۽ لَھڻ) وارن طرفن جو (به) پالڻھار آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا زَيَّنَّا ٱلسَّمَآءَ ٱلدُّنْيَا بِزِينَةٍ ٱلْكَوَاكِبِ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان دُنيا جي آسمانن کي تارن جي سونھن سان سينگاريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَحِفْظًا مِّن كُلِّ شَيْطَٰنٍ مَّارِدٍ
Taj Mehmood Amroti۽ سڀڪنھن سرڪش شيطان کان (انھيءَ) کي نگاھ رکيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّا يَسَّمَّعُونَ إِلَى ٱلْمَلَإِ ٱلْأَعْلَىٰ وَيُقْذَفُونَ مِن كُلِّ جَانِبٍ
Taj Mehmood Amrotiته (شيطان) مَلَاءِ الۡاَعۡلىٰ ڏانھن ڪن ڏيئي (ڳالھيون) نه ٻڌن ۽ سڀڪنھن طرف کان (اُنھن ڏانھن) اُماڙيون اُڇلبيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
دُحُورًا وَلَهُمْ عَذَابٌ وَاصِبٌ
Taj Mehmood Amroti(اُنھن جي) تڙڻ لاءِ ۽ اُنھن لاءِ ھميشه جو عذاب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا مَنْ خَطِفَ ٱلْخَطْفَةَ فَأَتْبَعَهُۥ شِهَابٌ ثَاقِبٌ
Taj Mehmood Amrotiپر جنھن (چوريءَ ڪن ڏئي مَلَاءِاَعۡلىٰ جي ڳالھين مان ڪنھن ڳالھ کي) جھٽيو تنھن جي پوئتان ٻرندڙ اُماڙي پوندي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱسْتَفْتِهِمْ أَهُمْ أَشَدُّ خَلْقًا أَم مَّنْ خَلَقْنَآ إِنَّا خَلَقْنَٰهُم مِّن طِينٍ لَّازِبٍۭ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ کانئن پُڇ ته اُھي پيدا ڪرڻ ۾ تمام مشڪل آھن ڇا يا (ذڪر ڪيل شيون) جن کي اسان بڻايو آھي؟ بيشڪ اسان کين چيڪيءَ مٽيءَ مان بڻايو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلْ عَجِبْتَ وَيَسْخَرُونَ
Taj Mehmood Amrotiبلڪ (ڪافرن جي حال کان) عجب ڪيئي ۽ اُھي ٺـٺوليون ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا ذُكِّرُوا۟ لَا يَذْكُرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن سمجھائبو اٿن (تڏھن) نه سمجھندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا رَأَوْا۟ ءَايَةً يَسْتَسْخِرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن (ھو) ڪا نشاني ڏسن (تڏھن) ٺـٺوليون ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالُوٓا۟ إِنْ هَٰذَآ إِلَّا سِحْرٌ مُّبِينٌ
Taj Mehmood Amroti۽ چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو پڌرو جادو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَءِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَٰمًا أَءِنَّا لَمَبْعُوثُونَ
Taj Mehmood Amrotiھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (جيئرا ٿي) کڙا ٿينداسون ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوَءَابَآؤُنَا ٱلْأَوَّلُونَ
Taj Mehmood Amrotiاسان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا به (اٿاربا) ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ نَعَمْ وَأَنتُمْ دَٰخِرُونَ
Taj Mehmood Amrotiچؤ ته ھائو (اُٿاربا) حالانڪ اوھين خوار ھوندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِنَّمَا هِىَ زَجْرَةٌ وَٰحِدَةٌ فَإِذَا هُمْ يَنظُرُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُھو (کڙو ٿيڻ) رڳو ھڪ سخت جھڻڪار ھوندي پوءِ اُھي اُتي جو اُتي ڏسڻ لڳندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالُوا۟ يَٰوَيْلَنَا هَٰذَا يَوْمُ ٱلدِّينِ
Taj Mehmood Amroti۽ چوندا ته ھيء ارمان اسان لاءِ ھي بدلي (وٺڻ) جو ڏينھن آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَٰذَا يَوْمُ ٱلْفَصْلِ ٱلَّذِى كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ
Taj Mehmood Amroti(چئبن ته) نبيري جو ڏينھن جنھن کي اوھين ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ سو ھي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱحْشُرُوا۟ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ وَأَزْوَٰجَهُمْ وَمَا كَانُوا۟ يَعْبُدُونَ
Taj Mehmood Amroti(چئبو ته اي ملائڪو) ظالمن کي ۽ سندن سنگتين کي ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا ھوا
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مِن دُونِ ٱللَّهِ فَٱهْدُوهُمْ إِلَىٰ صِرَٰطِ ٱلْجَحِيمِ
Taj Mehmood Amrotiتن کي گڏ ڪريو پوءِ کين دوزخ جي واٽ ڏانھن ڏس ڏيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقِفُوهُمْ إِنَّهُم مَّسْـُٔولُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ کين ترسايو جو بيشڪ کانئن پڇبو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَا لَكُمْ لَا تَنَاصَرُونَ
Taj Mehmood Amroti(ته) اوھان کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھڪ ٻئي جي مدد نٿا ڪريو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلْ هُمُ ٱلْيَوْمَ مُسْتَسْلِمُونَ
Taj Mehmood Amrotiبلڪ اُھي اڄ ڪنڌ نوائيندڙ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ يَتَسَآءَلُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪي ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوٓا۟ إِنَّكُمْ كُنتُمْ تَأْتُونَنَا عَنِ ٱلْيَمِينِ
Taj Mehmood Amroti(ماڻھو پنھنجن سردارن کي) چوندا ته بيشڪ اوھين (گمراھ ڪرڻ لاءِ) سڄي (۽ کٻي) پاسي کان اسان وٽ ايندا ھُيؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوا۟ بَل لَّمْ تَكُونُوا۟ مُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amroti(سردار) چوندا ته (نه!) بلڪ اوھين پاڻ مُسلمان نه ھُيؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا كَانَ لَنَا عَلَيْكُم مِّن سُلْطَٰنٍۭ بَلْ كُنتُمْ قَوْمًا طَٰغِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ اوھان تي اسان جو ڪو زور نه (ھلندو) ھو، بلڪ (اوھين) پاڻ حد کان لنگھيل قوم ھُيؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَحَقَّ عَلَيْنَا قَوْلُ رَبِّنَآ إِنَّا لَذَآئِقُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اسان تي اسان جي پالڻھار جو چوڻ ثابت ٿيو ته بيش اسين (عذاب) چکندڙ ھُجون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَغْوَيْنَٰكُمْ إِنَّا كُنَّا غَٰوِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اوھان کي گمراھ ڪيوسون جو بيشڪ اسين (پاڻ) به گمراھ ھواسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِنَّهُمْ يَوْمَئِذٍ فِى ٱلْعَذَابِ مُشْتَرِكُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ بيشڪ اُھي اُنھيءَ ڏينھن عذاب ۾ ھڪ ٻئي سا گڏ شريڪ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَفْعَلُ بِٱلْمُجْرِمِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسين ڏوھارين سان اھڙي طرح ڪندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُمْ كَانُوٓا۟ إِذَا قِيلَ لَهُمْ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا ٱللَّهُ يَسْتَكْبِرُونَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھي (اھڙا) ھوا جو جڏھن کين چئبو ھو ته الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (تڏھن) وڏائي ڪندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَقُولُونَ أَئِنَّا لَتَارِكُوٓا۟ ءَالِهَتِنَا لِشَاعِرٍ مَّجْنُونٍۭ
Taj Mehmood Amroti۽ چوندا ھوا ته اسان ھڪ چريي شاعر جي (چوڻ) تي پنھنجن معبودن کي ڇڏينداسون ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلْ جَآءَ بِٱلْحَقِّ وَصَدَّقَ ٱلْمُرْسَلِينَ
Taj Mehmood Amrotiبلڪ (پيغمبر ﷴ ﷺ) سچ (يعني قرآن) آندو ۽ (سڀني) پيغمبرن کي سچو ڄاتائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّكُمْ لَذَآئِقُوا۟ ٱلْعَذَابِ ٱلْأَلِيمِ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اوھين ڏکوئيندڙ عذاب (جو مزو) چکڻ وارا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي ڪندا ھئو تنھن کانسواءِ (ٻيو) ڪو بدلو نه ڏبؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
Taj Mehmood Amrotiپر الله جا خاص ٻانھا (عذاب کان بچندا).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أُو۟لَٰٓئِكَ لَهُمْ رِزْقٌ مَّعْلُومٌ
Taj Mehmood Amrotiاُنھن لاءِ روزي مُقرّر (ٿيل) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَوَٰكِهُ وَهُم مُّكْرَمُونَ
Taj Mehmood Amroti(قسمين) ميوا، ۽ اُھي عزت وارا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِى جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ
Taj Mehmood Amrotiنعمت وارن باغن ۾.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلَىٰ سُرُرٍ مُّتَقَٰبِلِينَ
Taj Mehmood Amrotiتختن تي ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ويٺل ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يُطَافُ عَلَيْهِم بِكَأْسٍ مِّن مَّعِينٍۭ
Taj Mehmood Amrotiوھندڙ شراب جو پيالو مٿن پيو ڦيرائبو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَيْضَآءَ لَذَّةٍ لِّلشَّٰرِبِينَ
Taj Mehmood Amrotiجو (بلڪل) اڇو پيئندڙن لاءِ مزيدار ھوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا فِيهَا غَوْلٌ وَلَا هُمْ عَنْهَا يُنزَفُونَ
Taj Mehmood Amrotiنڪي منجھس مٿي جي ڦيري ھوندي ۽ نڪي اُھي کانئس نشي وارا ٿيندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَعِندَهُمْ قَٰصِرَٰتُ ٱلطَّرْفِ عِينٌ
Taj Mehmood Amroti۽ وڏين اکين واريون ھيٺ نھاريندڙيون (زالون) وٽن ھونديون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَأَنَّهُنَّ بَيْضٌ مَّكْنُونٌ
Taj Mehmood Amrotiڄڻڪ اُھي (حورون) ڍَڪيل آنا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَقْبَلَ بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ يَتَسَآءَلُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ ڪي (ماڻھو) ڪن ڏانھن مھاڙ ڪري ڪري ھڪ ٻئي کان پڇڻ لڳندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ قَآئِلٌ مِّنْهُمْ إِنِّى كَانَ لِى قَرِينٌ
Taj Mehmood Amrotiمنجھانئن ڪو چوندڙ چوندو ته بيشڪ (دنيا ۾) منھنجو ھڪ سنگتي ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَقُولُ أَءِنَّكَ لَمِنَ ٱلْمُصَدِّقِينَ
Taj Mehmood Amrotiجو چوندو ھو ته تون (قيامت جو) مڃيندڙ ٿيو آھين ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَءِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَٰمًا أَءِنَّا لَمَدِينُونَ
Taj Mehmood Amrotiھا جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسان کي بدلو ڏنو ويندو ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ هَلْ أَنتُم مُّطَّلِعُونَ
Taj Mehmood Amroti(وري اُھو) چوندو ته اوھين (به دوزخين کي) ڏسو ٿا ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱطَّلَعَ فَرَءَاهُ فِى سَوَآءِ ٱلْجَحِيمِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (پاڻ) جھاتي پائيندو ته اُھو (سنگتي) دوزخ جي وچ ۾ ڏسندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ تَٱللَّهِ إِن كِدتَّ لَتُرْدِينِ
Taj Mehmood Amrotiچوندو ته الله جو قسم ته تو مونکي ذري گھٽ ھلاڪ ٿي ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَوْلَا نِعْمَةُ رَبِّى لَكُنتُ مِنَ ٱلْمُحْضَرِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن منھنجي پالڻھار (جو مون تي) فضل نه ٿئي ھا ته بيشڪ آءٌ (به عذاب ۾) حاضر ڪيلن مان ھجان ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَمَا نَحْنُ بِمَيِّتِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسين نڪي (ھاڻي وري) مرڻ وارا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا مَوْتَتَنَا ٱلْأُولَىٰ وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ
Taj Mehmood Amroti(اھو) رڳو اسان جو پھريون مرڻ ھو (جو ٿي چڪو) ۽ نڪي عذاب ڪيل آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اِھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِمِثْلِ هَٰذَا فَلْيَعْمَلِ ٱلْعَٰمِلُونَ
Taj Mehmood Amrotiاھڙي (نعمت) لاءِ ڀلي ته عمل ڪندڙ عمل ڪن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَذَٰلِكَ خَيْرٌ نُّزُلًا أَمْ شَجَرَةُ ٱلزَّقُّومِ
Taj Mehmood Amrotiڀلا اِھا (بيان ڪيل نعمت) مھمانيءَ طور ڀلي آھي يا ٿوھر جو وڻ؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا جَعَلْنَٰهَا فِتْنَةً لِّلظَّٰلِمِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان اِن (وڻ) کي ظالمن جي لاءِ عذاب ٺھرايو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهَا شَجَرَةٌ تَخْرُجُ فِىٓ أَصْلِ ٱلْجَحِيمِ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اِھو ھڪ وڻ آھي جو دوزخ جي تري ۾ پيدا ٿيندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
طَلْعُهَا كَأَنَّهُۥ رُءُوسُ ٱلشَّيَٰطِينِ
Taj Mehmood Amrotiاُن جا گوشا ڄڻڪ شيطانن جون سِسيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِنَّهُمْ لَـَٔاكِلُونَ مِنْهَا فَمَالِـُٔونَ مِنْهَا ٱلْبُطُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ بيشڪ دوزخي اُن مان کائيندا پوءِ منجھانئس پيٽ ڀريندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ إِنَّ لَهُمْ عَلَيْهَا لَشَوْبًا مِّنْ حَمِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiوري اُنھن لاءِ اُن (کاڄ) تي ٽھڪندڙ پاڻيءَ جي ملاوت ھوندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ إِنَّ مَرْجِعَهُمْ لَإِلَى ٱلْجَحِيمِ
Taj Mehmood Amrotiوري بيشڪ کائڻ پيئڻ کانپوءِ سندن موٽڻ دوزخ ڏانھن ھوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُمْ أَلْفَوْا۟ ءَابَآءَهُمْ ضَآلِّينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُنھن پنھنجن پيءُ ڏاڏن کي گمراھ ڏٺو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَهُمْ عَلَىٰٓ ءَاثَٰرِهِمْ يُهْرَعُونَ
Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري اُھي (به) سندن پيرن تي ڊوڙن ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ ضَلَّ قَبْلَهُمْ أَكْثَرُ ٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ کانئن اڳ اڳين مان گھڻا گمراھ ٿيا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا فِيهِم مُّنذِرِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ منجھن ڊيڄاريندڙ موڪليا ھواسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلْمُنذَرِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ نھار ته ڊيڄاريلن جي پڇاڙي ڪئن ٿي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
Taj Mehmood Amrotiپر الله جا خاص ٻانھا (انھن جي پڇاڙي چڱي ٿي).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ نَادَىٰنَا نُوحٌ فَلَنِعْمَ ٱلْمُجِيبُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ نوح اسان کي سڏيو پوءِ چڱا (دُعا کي) قبول ڪندڙ آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَنَجَّيْنَٰهُ وَأَهْلَهُۥ مِنَ ٱلْكَرْبِ ٱلْعَظِيمِ
Taj Mehmood Amroti۽ کيس ۽ سندس (تعلق وارن) ماڻھن کي وڏي مصيبت کان بچايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَعَلْنَا ذُرِّيَّتَهُۥ هُمُ ٱلْبَاقِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ (فقط) سندس اولاد کي ئي باقي رھندڙ ڪيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ پوين ۾ اُن لاءِ (چڱي يادگيري) ڇڏي سون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَلَٰمٌ عَلَىٰ نُوحٍ فِى ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amrotiساري جَڳ ۾ نوح تي شال سلام ھجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُۥ مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ أَغْرَقْنَا ٱلْـَٔاخَرِينَ
Taj Mehmood Amrotiوري ٻـين کي ٻوڙيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ مِن شِيعَتِهِۦ لَإِبْرَٰهِيمَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ نوح جي پيروري ڪندڙن مان ابراھيم ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذْ جَآءَ رَبَّهُۥ بِقَلْبٍ سَلِيمٍ
Taj Mehmood Amroti(ياد ڪر) جڏھن (ھو) پنھنجي پالڻھار وٽ سالم دِل سان آيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذْ قَالَ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِۦ مَاذَا تَعْبُدُونَ
Taj Mehmood Amroti(ياد ڪر) جڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھان ڇاکي پوڄيندا آھيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَئِفْكًا ءَالِهَةً دُونَ ٱللَّهِ تُرِيدُونَ
Taj Mehmood Amrotiالله کانسواءِ ھٿرادو ٺھيل معبودن کي گھرو ٿا ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَا ظَنُّكُم بِرَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جھانن جي پالڻھار بابت اوھان جو ڪھڙو گُمان آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَنَظَرَ نَظْرَةً فِى ٱلنُّجُومِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ تارن ۾ ھڪ ڀيرو چتائي ڏٺائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَقَالَ إِنِّى سَقِيمٌ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ چيائين ته آءٌ بيمار ٿيندس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَتَوَلَّوْا۟ عَنْهُ مُدْبِرِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ کانئس پُٺي ڏيئي ڦِريا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَرَاغَ إِلَىٰٓ ءَالِهَتِهِمْ فَقَالَ أَلَا تَأْكُلُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ سندن معبودن ڏانھن منھن ڪيائين ته اوھين ڇونه ٿا کائو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَا لَكُمْ لَا تَنطِقُونَ
Taj Mehmood Amrotiاوھان کي ڇا (ٿيو آھي) جو نه ٿا ڳالھايو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَرَاغَ عَلَيْهِمْ ضَرْبًۢا بِٱلْيَمِينِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ سڄي ھٿ (يعني زور) سان مٿن ڏاڍا ڌَڪ ھڻڻ لڳو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَقْبَلُوٓا۟ إِلَيْهِ يَزِفُّونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (قوم وارا) ڏانھس ڊوڙندا سامھون آيا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ أَتَعْبُدُونَ مَا تَنْحِتُونَ
Taj Mehmood Amroti(کين) چيائين ته جنھن کي اوھين (پاڻ) گھَڙيندا آھيو تنھن کي ڇو پوڄيندا آھيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱللَّهُ خَلَقَكُمْ وَمَا تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amrotiھن ھوندي جو الله اوھان کي ۽ جيڪي اوھين ڪريو ٿا تنھن کي پيدا ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوا۟ ٱبْنُوا۟ لَهُۥ بُنْيَٰنًا فَأَلْقُوهُ فِى ٱلْجَحِيمِ
Taj Mehmood Amroti(ھڪ ٻئي کي) چيائون ته ابراھيم لاءِ اڏاوت اڏيو پوءِ کيس (باھ جي) آڙاھ ۾ اُڇليو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَرَادُوا۟ بِهِۦ كَيْدًا فَجَعَلْنَٰهُمُ ٱلْأَسْفَلِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ ساڻس فريب ڪرڻ جو ارادو ڪيائون پوءِ کين تمام زير ڪيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ إِنِّى ذَاهِبٌ إِلَىٰ رَبِّى سَيَهْدِينِ
Taj Mehmood Amroti۽ ابراھيم چيو ته بيشڪ آءٌ پنھنجي پالڻھار ڏانھن وڃڻ وارو آھيان (اھو) سگھوئي مون کي واٽ ڏيکاريندو (جتي سندس رضا ھوندي).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
رَبِّ هَبْ لِى مِنَ ٱلصَّٰلِحِينَ
Taj Mehmood Amrotiاي منھنجا پالڻھار صالحن مان (ڪو پُٽ) مون کي عطا ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبَشَّرْنَٰهُ بِغُلَٰمٍ حَلِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ کيس ھڪ حليمت واري نينگر جي خوشخبري ڏني سون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ ٱلسَّعْىَ قَالَ يَٰبُنَىَّ إِنِّىٓ أَرَىٰ فِى ٱلْمَنَامِ أَنِّىٓ أَذْبَحُكَ فَٱنظُرْ مَاذَا تَرَىٰ قَالَ يَٰٓأَبَتِ ٱفْعَلْ مَا تُؤْمَرُ سَتَجِدُنِىٓ إِن شَآءَ ٱللَّهُ مِنَ ٱلصَّٰبِرِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمَّآ أَسْلَمَا وَتَلَّهُۥ لِلْجَبِينِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن ٻنھي حُڪم مڃيو ۽ ابراھيم (پنھنجي) پُٽ کي پيشانيءَ ڀر ليٽايو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَنَٰدَيْنَٰهُ أَن يَٰٓإِبْرَٰهِيمُ
Taj Mehmood Amroti۽ کيس سڏيوسون ته اي ابراھيم.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَدْ صَدَّقْتَ ٱلرُّءْيَآ إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ تو خواب کي سچو ڪيو، بيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ ٱلْبَلَٰٓؤُا۟ ٱلْمُبِينُ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اِھا پڌري پرک آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَفَدَيْنَٰهُ بِذِبْحٍ عَظِيمٍ
Taj Mehmood Amroti۽ ذُبح جي وڏي جانور سان اُن جو عوض ڏنوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَلَٰمٌ عَلَىٰٓ إِبْرَٰهِيمَ
Taj Mehmood Amrotiابراھيم تي شال سلام ھجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُۥ مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھو اسان جي مؤمنن ٻانھن مان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَبَشَّرْنَٰهُ بِإِسْحَٰقَ نَبِيًّا مِّنَ ٱلصَّٰلِحِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ کيس اسحٰق جي خوشخبري ڏني سون جو صالحن مان ھڪڙو نبي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَبَٰرَكْنَا عَلَيْهِ وَعَلَىٰٓ إِسْحَٰقَ وَمِن ذُرِّيَّتِهِمَا مُحْسِنٌ وَظَالِمٌ لِّنَفْسِهِۦ مُبِينٌ
Taj Mehmood Amroti۽ ابراھيم تي ۽ اسحٰق تي برڪت نازل ڪئي سون، ۽ ٻنھي جي اولاد مان ڪي چڱا آھن ۽ ڪي پاڻ تي پڌرو ظلم ڪندڙ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ مَنَنَّا عَلَىٰ مُوسَىٰ وَهَٰرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ موسىٰ ۽ ھارون تي احسان ڪيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَنَجَّيْنَٰهُمَا وَقَوْمَهُمَا مِنَ ٱلْكَرْبِ ٱلْعَظِيمِ
Taj Mehmood Amroti۽ کين ۽ سندن قوم کي وڏي سختيءَ کان بچايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَنَصَرْنَٰهُمْ فَكَانُوا۟ هُمُ ٱلْغَٰلِبِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ کين مدد ڏني سون پوءِ اُھي غالب رھيا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَءَاتَيْنَٰهُمَا ٱلْكِتَٰبَ ٱلْمُسْتَبِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ کين پڌرو ڪتاب ڏنوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَهَدَيْنَٰهُمَا ٱلصِّرَٰطَ ٱلْمُسْتَقِيمَ
Taj Mehmood Amroti۽ کين سِڌي رستي لاتوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِمَا فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) انھن لاءِ ڇڏي سون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَلَٰمٌ عَلَىٰ مُوسَىٰ وَهَٰرُونَ
Taj Mehmood Amrotiمُوسىٰ ۽ ھارون تي شال سلام ھجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙيءَ طرح بدلو ڏيندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُمَا مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھي (ٻئي) اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ إِلْيَاسَ لَمِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ الياس پيغمبرن مان ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِۦٓ أَلَا تَتَّقُونَ
Taj Mehmood Amrotiجڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَتَدْعُونَ بَعْلًا وَتَذَرُونَ أَحْسَنَ ٱلْخَٰلِقِينَ
Taj Mehmood Amrotiڇو بَعل کي پوڄيندا آھيو ۽ تمام چڱي خلقيندڙ کي ڇڏيندا آھيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱللَّهَ رَبَّكُمْ وَرَبَّ ءَابَآئِكُمُ ٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amroti(جو) الله اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پِين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَكَذَّبُوهُ فَإِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري اُھي بيشڪ (دوزخ ۾) حاضر ڪيل آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
Taj Mehmood Amrotiپر الله جا خاص ٻانھا (ڇٽل آھن).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَرَكْنَا عَلَيْهِ فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ پوين ۾ (چڱي ساراھ) اُن لاءِ ڇڏي سون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَلَٰمٌ عَلَىٰٓ إِلْ يَاسِينَ
Taj Mehmood Amrotiالياس تي شال سلام ھجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسين ڀلارن کي اھڙي طرح بدلو ڏيندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُۥ مِنْ عِبَادِنَا ٱلْمُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھو اسان جي مؤمن ٻانھن مان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ لُوطًا لَّمِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ لُوط پيغمبرن مان ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذْ نَجَّيْنَٰهُ وَأَهْلَهُۥٓ أَجْمَعِينَ
Taj Mehmood Amroti(ياد ڪر) جڏھن اُن کي ۽ سندس مڙني گھر وارن کي بچايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا عَجُوزًا فِى ٱلْغَٰبِرِينَ
Taj Mehmood Amrotiسواءِ ھڪڙي ڪراڙي زال جي جا پُٺ تي رھندڙن مان ٿي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ دَمَّرْنَا ٱلْـَٔاخَرِينَ
Taj Mehmood Amrotiوري (ھنن) ٻـين کي ھلاڪ ڪيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّكُمْ لَتَمُرُّونَ عَلَيْهِم مُّصْبِحِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اوھين انھن (جي ڳوٺن) وٽان صبح جو لنگھندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَبِٱلَّيْلِ أَفَلَا تَعْقِلُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ رات جو (به) پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ يُونُسَ لَمِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ يُونس پيغمبرن مان ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذْ أَبَقَ إِلَى ٱلْفُلْكِ ٱلْمَشْحُونِ
Taj Mehmood Amrotiجڏھن (ھو) ڀريل ٻيڙيءَ ڏانھن ڀڳو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَسَاهَمَ فَكَانَ مِنَ ٱلْمُدْحَضِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (ٻيڙي وارن سان) پُکو وڌائين ته (پاڻ) پُکي پيلن مان ٿيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱلْتَقَمَهُ ٱلْحُوتُ وَهُوَ مُلِيمٌ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ کيس مڇي ڳھي وئي ۽ اُھو (اھڙو ڪم ڪندڙ ھو جو) ملامت جو لائق ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَوْلَآ أَنَّهُۥ كَانَ مِنَ ٱلْمُسَبِّحِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُھو جيڪڏھن تسبيح چوندڙن مان نه ھجي ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَلَبِثَ فِى بَطْنِهِۦٓ إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ
Taj Mehmood Amrotiته اُنھي ڏينھن تائين جنھن ۾ (ماڻھو) اُٿارجن اُن جي پيٽ ۾ رھي ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَنَبَذْنَٰهُ بِٱلْعَرَآءِ وَهُوَ سَقِيمٌ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ کيس صاف پَٽ ۾ اُڇليوسون ۽ اُھو بيمار ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَنۢبَتْنَا عَلَيْهِ شَجَرَةً مِّن يَقْطِينٍ
Taj Mehmood Amroti۽ مٿس وڻ ڪدوءَ (جي قِسم) مان ڄمايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَرْسَلْنَٰهُ إِلَىٰ مِا۟ئَةِ أَلْفٍ أَوْ يَزِيدُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ کيس (ھڪ) لک يا (اُن کان) وڌيڪ (ماڻھن) ڏانھن موڪليوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَـَٔامَنُوا۟ فَمَتَّعْنَٰهُمْ إِلَىٰ حِينٍ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ انھن ايمان آندو پوءِ ھڪ وقت تائين کين فائدو ڏنوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱسْتَفْتِهِمْ أَلِرَبِّكَ ٱلْبَنَاتُ وَلَهُمُ ٱلْبَنُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي پيغمبر) اُنھن (يعني مشرڪن) کان پُڇ ته تنھنجي پالڻھار کي ڌيئر آھن ڇا يا کيس پُٽ آھنئ
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ خَلَقْنَا ٱلْمَلَٰٓئِكَةَ إِنَٰثًا وَهُمْ شَٰهِدُونَ
Taj Mehmood Amrotiيا ملائڪن کي زالون بڻايوسون ۽ اُھي (اُن وقت) حاضر ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَآ إِنَّهُم مِّنْ إِفْكِهِمْ لَيَقُولُونَ
Taj Mehmood Amrotiخبردار ھُجو (ته) بيشڪ اُھي پنھنجي (ھٿرادو ٺھيل) ڪوڙ مان چوندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَدَ ٱللَّهُ وَإِنَّهُمْ لَكَٰذِبُونَ
Taj Mehmood Amrotiته الله (اولاد کي) ڄڻيو آھي ۽ اُھي ڪوڙا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَصْطَفَى ٱلْبَنَاتِ عَلَى ٱلْبَنِينَ
Taj Mehmood Amrotiپٽن کان ڌيئر پسند ڪيائين ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَا لَكُمْ كَيْفَ تَحْكُمُونَ
Taj Mehmood Amrotiاوھان کي ڇا ٿيو آھي، ڪيئن نبيرو ڪندا آھيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَلَا تَذَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti(اوھين) ڇونه ڌيان ڪندا آھيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمْ لَكُمْ سُلْطَٰنٌ مُّبِينٌ
Taj Mehmood Amrotiيا اوھان کي ڪا پڌري حُجّت آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأْتُوا۟ بِكِتَٰبِكُمْ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ
Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجو ڪتاب آڻيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَعَلُوا۟ بَيْنَهُۥ وَبَيْنَ ٱلْجِنَّةِ نَسَبًا وَلَقَدْ عَلِمَتِ ٱلْجِنَّةُ إِنَّهُمْ لَمُحْضَرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ (ڪافرن) الله ۽ جِنن جي وچ ۾ مائٽي مُقرر ڪئي، ۽ بيشڪ جِنن ڄاتو آھي ته اُھي (قيامت ۾ حساب لاءِ) حاضر ڪيا ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سُبْحَٰنَ ٱللَّهِ عَمَّا يَصِفُونَ
Taj Mehmood Amroti(ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
Taj Mehmood Amrotiپر الله جا خاص ٻانھا (انھن جو چوڻ سچو آھي).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِنَّكُمْ وَمَا تَعْبُدُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي ڪافرؤ) بيشڪ اوھين ۽ جن (بتن) کي پوڄيندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَآ أَنتُمْ عَلَيْهِ بِفَٰتِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiاوھين (سڀئي) اُن (يعني ڪوڙن معبُودن جي عبادت) لاءِ گمراھ ڪرڻ وارا نه آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا مَنْ هُوَ صَالِ ٱلْجَحِيمِ
Taj Mehmood Amrotiپر اُنھن کي جيڪو (پاڻ) دوزخ ۾ گھڙڻ وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا مِنَّآ إِلَّا لَهُۥ مَقَامٌ مَّعْلُومٌ
Taj Mehmood Amroti۽ (ملائڪ چوندا آھن ته) اسان مان اھڙو آھي ئي ڪونه جنھن لاءِ (عبادت جي) ھڪ جاءِ ٺھرايل نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّا لَنَحْنُ ٱلصَّآفُّونَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اسين صِف ٻَڌڻ وارا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّا لَنَحْنُ ٱلْمُسَبِّحُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اسين تسبيح چوڻ وارا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِن كَانُوا۟ لَيَقُولُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ (عرب جا ڪافر) چوندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَوْ أَنَّ عِندَنَا ذِكْرًا مِّنَ ٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amrotiته جيڪڏھن اسان وٽ پھرين جو احوال ھجي ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَكُنَّا عِبَادَ ٱللَّهِ ٱلْمُخْلَصِينَ
Taj Mehmood Amrotiته ضرور الله جا خاص ٻانھا ٿيون ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَكَفَرُوا۟ بِهِۦ فَسَوْفَ يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amrotiوري اُن (يعني قرآن) جا مُنڪر ٿيا پوءِ سِگھوئي (ڪفر جي پڄاڻي) ڄاڻندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ سَبَقَتْ كَلِمَتُنَا لِعِبَادِنَا ٱلْمُرْسَلِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ پنھنجن ٻانھن پيغمبرن لاءِ اسان جو وعدو اڳي ئي ٿي چڪو..
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُمْ لَهُمُ ٱلْمَنصُورُونَ
Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ اُھي (اسان جا پيغمبر) ئي فتح مند آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ جُندَنَا لَهُمُ ٱلْغَٰلِبُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اسان جو لشڪر ئي غالب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّىٰ حِينٍ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ کانئن ھڪ وقت تائين منھن موڙ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَبْصِرْهُمْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ کين ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي ڏسندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَبِعَذَابِنَا يَسْتَعْجِلُونَ
Taj Mehmood Amroti(ھي ڪافر) اسان جو عذاب جلد گھرندا آھن ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِذَا نَزَلَ بِسَاحَتِهِمْ فَسَآءَ صَبَاحُ ٱلْمُنذَرِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن سندن (گھرن جي) اڱڻن ۾ (عذاب) لھندو تڏھن ڊيڄاريلن جو صُبح بڇڙو ٿيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَوَلَّ عَنْهُمْ حَتَّىٰ حِينٍ
Taj Mehmood Amroti۽ کانئن ھڪ وقت تائين مُنھن موڙ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَبْصِرْ فَسَوْفَ يُبْصِرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ ڏسندو رھ پوءِ اُھي به سگھوئي (نتيجو) ڏسندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سُبْحَٰنَ رَبِّكَ رَبِّ ٱلْعِزَّةِ عَمَّا يَصِفُونَ
Taj Mehmood Amrotiتنھنجو پالڻھار پاڪ آھي جيڪي (اِھي ڪافر) بيان ڪندا آھن تنھن کان (اُھو) عزّت وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَسَلَٰمٌ عَلَى ٱلْمُرْسَلِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ (الله جي) پيغمبرن تي شال سَلام ھجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْحَمْدُ لِلَّهِ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ جھانن جي پالڻھار الله کي ئي سڀ ساراھ جڳائيندي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→