فَلَمَّا بَلَغَ مَعَهُ ٱلسَّعْىَ قَالَ يَٰبُنَىَّ إِنِّىٓ أَرَىٰ فِى ٱلْمَنَامِ أَنِّىٓ أَذْبَحُكَ فَٱنظُرْ مَاذَا تَرَىٰ قَالَ يَٰٓأَبَتِ ٱفْعَلْ مَا تُؤْمَرُ سَتَجِدُنِىٓ إِن شَآءَ ٱللَّهُ مِنَ ٱلصَّٰبِرِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن ساڻس گڏ ڊوڙڻ (واريءَ عمر) کي پھتو (تڏھن ابراھيم) چيو ته اي منھنجا پُٽڙا بيشڪ آءٌ ننڊ ۾ ڏسان ٿو ته آءٌ توکي ڪُھان ٿو پوءِ تون نظر ڪر ته تنھنجي دل ۾ ڇا ٿو اچي؟ چيائين ته اي مُنھنجا ابا جنھن ڪم جو توکي حُڪم ڏنو وڃي ٿو سو ڪر جيڪڏھن الله گھريو ته مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لھندين.