سورة البروج البروج
٢٢ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٢٧
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلْبُرُوجِ
Taj Mehmood Amrotiبُرجن واري آسمان جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْيَوْمِ ٱلْمَوْعُودِ
Taj Mehmood Amroti۽ وعدي ڪيل ڏينھن جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَشَاهِدٍ وَمَشْهُودٍ
Taj Mehmood Amroti۽ حاضر ٿيڻ واري ۽ جنھن وٽ حاضر ڪيو وڃي تنھن جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُتِلَ أَصْحَٰبُ ٱلْأُخْدُودِ
Taj Mehmood Amrotiته کاھين وارا ماريا وڃن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلنَّارِ ذَاتِ ٱلْوَقُودِ
Taj Mehmood Amrotiجا باھ گھڻي ٻَل واري ھئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذْ هُمْ عَلَيْهَا قُعُودٌ
Taj Mehmood Amrotiجڏھن اُھي اُنھن باھ جي (کاھين) تي ويٺل ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَهُمْ عَلَىٰ مَا يَفْعَلُونَ بِٱلْمُؤْمِنِينَ شُهُودٌ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي اُنھن مسلمانن سان (ظلم) ٿي ڪيو تنھن کي روبرو ڏسڻ وارا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا نَقَمُوا۟ مِنْهُمْ إِلَّآ أَن يُؤْمِنُوا۟ بِٱللَّهِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَمِيدِ
Taj Mehmood Amroti۽ انھن ھن کانسواءِ (ٻيءَ) ڪنھن ڳالھ جو وير نه ٿي ورتو ته انھن اُنھيءَ غالب ساراھيل الله تي ايمان آندو ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِى لَهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ شَهِيدٌ
Taj Mehmood Amrotiجنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي، ۽ الله سڀ شيءَ جي خبر رکندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُوا۟ ٱلْمُؤْمِنِينَ وَٱلْمُؤْمِنَٰتِ ثُمَّ لَمْ يَتُوبُوا۟ فَلَهُمْ عَذَابُ جَهَنَّمَ وَلَهُمْ عَذَابُ ٱلْحَرِيقِ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ جن (ماڻھن) مؤمنن ۽ مؤمنياڻين کي ايذايو وري توبه نه ڪيائون تن لاءِ دوزخ جو عذاب آھي ۽ اُنھن لاءِ سڙڻ جو عذاب (به) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَهُمْ جَنَّٰتٌ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ ذَٰلِكَ ٱلْفَوْزُ ٱلْكَبِيرُ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اھڙا باغ آھن جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن، اھا وڏي مراد ماڻڻ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ بَطْشَ رَبِّكَ لَشَدِيدٌ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ تنھنجي پالڻھار جي پڪڙ بلڪل سخت آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُۥ هُوَ يُبْدِئُ وَيُعِيدُ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھو پھريون دفعو بڻائي ٿو ۽ وري ٻيھر موٽائيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَهُوَ ٱلْغَفُورُ ٱلْوَدُودُ
Taj Mehmood Amroti۽ اُھو بخشڻھار پيار رکندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذُو ٱلْعَرْشِ ٱلْمَجِيدُ
Taj Mehmood Amroti(جو) عرش جو مالڪ تمام وڏي شان وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَعَّالٌ لِّمَا يُرِيدُ
Taj Mehmood Amrotiجيڪي گھري سو ڪرڻ وارو ئي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ ٱلْجُنُودِ
Taj Mehmood Amrotiتو وٽ لشڪرن جي خبر (نه) آئي آھي ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِرْعَوْنَ وَثَمُودَ
Taj Mehmood Amroti(يعني) فرعون ۽ ثمود جي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فِى تَكْذِيبٍ
Taj Mehmood Amrotiبلڪ ڪافر ڪوڙ ڀانئڻ ۾ (لڳا پيا) آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱللَّهُ مِن وَرَآئِهِم مُّحِيطٌۢ
Taj Mehmood Amroti۽ الله سندن چؤڦير گھيرو ڪندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلْ هُوَ قُرْءَانٌ مَّجِيدٌ
Taj Mehmood Amrotiبلڪ ھي سڳورو قرآن آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِى لَوْحٍ مَّحْفُوظٍۭ
Taj Mehmood Amrotiحفاظت ڪيل تختي ۾ لکيل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→