caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الطارق الطارق

١٧ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٣٦

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلسَّمَآءِ وَٱلطَّارِقِ

Taj Mehmood Amrotiآسمان جو ۽ رات جي وقت ۾ ايندڙ جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا ٱلطَّارِقُ

Taj Mehmood Amroti۽ ڪنھن سمجھايئي ته رات جو ايندڙ ڇا آھي؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلنَّجْمُ ٱلثَّاقِبُ

Taj Mehmood Amroti(اُھو) چمڪندڙ تارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِن كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَيْهَا حَافِظٌ

Taj Mehmood Amrotiته ڪو جيءُ اھڙو ڪونھي جنھن تي ھڪ نگھبان مقرر ٿيل (نه) آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلْيَنظُرِ ٱلْإِنسَٰنُ مِمَّ خُلِقَ

Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري ماڻھوءَ کي گھرجي ته نھاري ڏسي ته کيس ڇا مان بڻايو ويو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

خُلِقَ مِن مَّآءٍ دَافِقٍ

Taj Mehmood Amrotiٽپي سان نڪرندڙ پاڻي مان بڻايو ويس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَخْرُجُ مِنۢ بَيْنِ ٱلصُّلْبِ وَٱلتَّرَآئِبِ

Taj Mehmood Amrotiجو پُٺيءَ ۽ اُرھ جي وچ مان نڪرندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّهُۥ عَلَىٰ رَجْعِهِۦ لَقَادِرٌ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ الله سندس وري موٽائڻ تي وس وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ تُبْلَى ٱلسَّرَآئِرُ

Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن (ماڻھن جي دلين جا) سڀ ڳُجھ جاچيا ويندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَا لَهُۥ مِن قُوَّةٍ وَلَا نَاصِرٍ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ تنھن ڏينھن ڪانه اُن کي سگھ رھندي ۽ نڪو واھرو (ھوندس).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلسَّمَآءِ ذَاتِ ٱلرَّجْعِ

Taj Mehmood Amroti۽ مينھن واري آسمان جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلْأَرْضِ ذَاتِ ٱلصَّدْعِ

Taj Mehmood Amroti۽ ڦاٽن واريءَ زمين جو (به) قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّهُۥ لَقَوْلٌ فَصْلٌ

Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ قرآن ھڪ فيصلو ڪندڙ ڳالھ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا هُوَ بِٱلْهَزْلِ

Taj Mehmood Amroti۽ ھيُ قرآن ڪا ٺـٺولي (جي ڳالھ) نه آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّهُمْ يَكِيدُونَ كَيْدًا

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ڪافر ھڪ (طرح جي) ڳجھي رٿ رٿين ٿا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَكِيدُ كَيْدًا

Taj Mehmood Amroti۽ (آءٌ به) ھڪ (طرح جي) رٿ رٿيان ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَهِّلِ ٱلْكَٰفِرِينَ أَمْهِلْهُمْ رُوَيْدًۢا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ڪافرن کي ڍر ڏي ۽ ٿوري مُدت کين ڇڏي ڏي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70