سورة المرسلات المرسلات
٥٠ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٣٣
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلْمُرْسَلَٰتِ عُرْفًا
Taj Mehmood Amrotiچڱين گُھلندڙن ھيرُن جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱلْعَٰصِفَٰتِ عَصْفًا
Taj Mehmood Amrotiپوءِ زور سان لڳڻ وارن وائن جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلنَّٰشِرَٰتِ نَشْرًا
Taj Mehmood Amroti۽ (ڪڪرن کي) کڻندڙن پکيڙيندڙن وائن جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱلْفَٰرِقَٰتِ فَرْقًا
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (ڪڪرن کي) ھڪ ٻئي کان جدا ڪندڙ وائن جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱلْمُلْقِيَٰتِ ذِكْرًا
Taj Mehmood Amrotiپوءِ وحي آڻيندڙن ملائڪن جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عُذْرًا أَوْ نُذْرًا
Taj Mehmood Amroti(جي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (وحي) آڻيندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّمَا تُوعَدُونَ لَوَٰقِعٌ
Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ جنھن (ڳالھ) جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سا ضرور ٿيڻي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِذَا ٱلنُّجُومُ طُمِسَتْ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن تارا ميٽي ڇڏبا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا ٱلسَّمَآءُ فُرِجَتْ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن آسمان چيربو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا ٱلْجِبَالُ نُسِفَتْ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن جبل اڏائبا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا ٱلرُّسُلُ أُقِّتَتْ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن پيغمبر (ٺھرايل وقت تي) گڏ ڪبا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِأَىِّ يَوْمٍ أُجِّلَتْ
Taj Mehmood Amroti(تڏھن ثابت ٿيندو ته پيغمبرن کي) ڪھڙي ڏينھن لاءِ ترسايو ويو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِيَوْمِ ٱلْفَصْلِ
Taj Mehmood Amrotiفيصلي جي ڏينھن لاءِ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَدْرَىٰكَ مَا يَوْمُ ٱلْفَصْلِ
Taj Mehmood Amroti۽ توکي ڪھڙي شيءَ ڄاڻايو ته فيصلو جو ڏينھن ڇا آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ نُهْلِكِ ٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amrotiپھرين کي ھلاڪ نه ڪيو اٿون ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ نُتْبِعُهُمُ ٱلْـَٔاخِرِينَ
Taj Mehmood Amrotiوري (اُن کانپوءِ) پوين کي انھن جي پٺيان آڻيندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَذَٰلِكَ نَفْعَلُ بِٱلْمُجْرِمِينَ
Taj Mehmood Amrotiائين ڏوھارين سان ڪندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ نَخْلُقكُّم مِّن مَّآءٍ مَّهِينٍ
Taj Mehmood Amrotiاوھان کي خسيس پاڻي مان نه بڻايو اٿون ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَجَعَلْنَٰهُ فِى قَرَارٍ مَّكِينٍ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُن کي ھڪ پختي ھنڌ ۾ رکيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَىٰ قَدَرٍ مَّعْلُومٍ
Taj Mehmood Amrotiھڪ مُقرّر وقت تائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَقَدَرْنَا فَنِعْمَ ٱلْقَٰدِرُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (بڻاوت ۾) پورو ڪيوسون جو (اسين) چڱي سگھ وارا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ نَجْعَلِ ٱلْأَرْضَ كِفَاتًا
Taj Mehmood Amrotiزمين کي ماپائڻ واري نه ڪئي اٿون ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَحْيَآءً وَأَمْوَٰتًا
Taj Mehmood Amroti(جو) جيئرن ۽ مُئن کي (ماپائي).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَعَلْنَا فِيهَا رَوَٰسِىَ شَٰمِخَٰتٍ وَأَسْقَيْنَٰكُم مَّآءً فُرَاتًا
Taj Mehmood Amroti۽ زمين ۾ اُچا جبل ڪياسون ۽ اوھان کي مٺو پاڻي پياريوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱنطَلِقُوٓا۟ إِلَىٰ مَا كُنتُم بِهِۦ تُكَذِّبُونَ
Taj Mehmood Amroti(چيو ويندو ته ھاڻي) جنھن (دوزخ) کي اوھين ڪوڙ ڀائيندا ھوا تنھن ڏانھن وڃو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱنطَلِقُوٓا۟ إِلَىٰ ظِلٍّ ذِى ثَلَٰثِ شُعَبٍ
Taj Mehmood Amroti(چئبن ته) ٽن شاخن واريءَ ڇانوَ ڏانھن وڃو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّا ظَلِيلٍ وَلَا يُغْنِى مِنَ ٱللَّهَبِ
Taj Mehmood Amrotiنه ٿڌي ڇانوَ ھوندي ۽ نه (باھ جي) توَ کان توکي بچائيندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهَا تَرْمِى بِشَرَرٍ كَٱلْقَصْرِ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھا (باھ) ماڙيءَ جيڏيون چڻنگون اڇليندي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَأَنَّهُۥ جِمَٰلَتٌ صُفْرٌ
Taj Mehmood Amrotiڄڻ ته اُھي ھيڊا اُٺ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَٰذَا يَوْمُ لَا يَنطِقُونَ
Taj Mehmood Amrotiاُھو ڏينھن اُھو آھي جنھن ۾ نه ڳالھائيندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا يُؤْذَنُ لَهُمْ فَيَعْتَذِرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ نڪي کين موڪل ڏبي ته (ڪو) عذر (بيان) ڪن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَٰذَا يَوْمُ ٱلْفَصْلِ جَمَعْنَٰكُمْ وَٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amrotiھيءُ فيصلي جو ڏينھن آھي، اوھان کي ۽ اڳين کي گڏ ڪيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَإِن كَانَ لَكُمْ كَيْدٌ فَكِيدُونِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪڏھن اوھان کي بڇڙي رِٿ ڪرڻي آھي ته منھنجي حق ۾ رٿيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى ظِلَٰلٍ وَعُيُونٍ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ پرھيزگار ڇانوَن ۽ چشمن ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَفَوَٰكِهَ مِمَّا يَشْتَهُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جنھن جنس مان گھرندا (تنھن جنس جي) ميون ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ هَنِيٓـًٔۢا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti(چئبن ته) چڱا ڪم ڪندا ھئو تنھنڪري خوش ٿي کائو ۽ پيئو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا كَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُحْسِنِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسين نيڪن کي ائين بدلو ڏيندا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كُلُوا۟ وَتَمَتَّعُوا۟ قَلِيلًا إِنَّكُم مُّجْرِمُونَ
Taj Mehmood Amroti(اي ڪوڙ ڀائيندڙؤ دنيا ۾) ٿوري دير کائي وٺو ۽ آسودا رھو بيشڪ اوھين ڏوھاري آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ٱرْكَعُوا۟ لَا يَرْكَعُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن کين چئجي ته نماز پڙھو (ته) نماز نه پڙھندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيْلٌ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُكَذِّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ڪوڙ ڀائيندڙن لاءِ خرابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَبِأَىِّ حَدِيثٍۭ بَعْدَهُۥ يُؤْمِنُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُن (قرآن) کانپوءِ ڪھڙي ڳالھ تي ويساھ رکندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→