سورة النبإ النبإ
٤٠ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٨٠
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ عَمَّ يَتَسَآءَلُونَ
Taj Mehmood Amrotiڪھڙيءَ ڳالھ بابت ھڪ ٻئي کان پڇن ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَنِ ٱلنَّبَإِ ٱلْعَظِيمِ
Taj Mehmood Amroti(ھائو!) ھڪڙي اھڙي وڏي واقعي بابت.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِى هُمْ فِيهِ مُخْتَلِفُونَ
Taj Mehmood Amrotiجنھن (جي ٿيڻ) ۾ اُھي (پاڻ ۾) مختلف آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّا سَيَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amrotiائين (سندن خيالن وانگر) نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ كَلَّا سَيَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amrotiوري (به چئون ٿا) ته ائين نه آھي سگھوئي ڄاڻندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ نَجْعَلِ ٱلْأَرْضَ مِهَٰدًا
Taj Mehmood Amrotiزمين کي وڇاڻو نه ڪيو اٿون ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْجِبَالَ أَوْتَادًا
Taj Mehmood Amroti۽ جبلن کي ميخون؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَخَلَقْنَٰكُمْ أَزْوَٰجًا
Taj Mehmood Amroti۽ اوھان کي جوڙو جوڙو (نر ۽ مادي) بڻايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَعَلْنَا نَوْمَكُمْ سُبَاتًا
Taj Mehmood Amroti۽ اوھان جي ننڊ کي فرحت بڻايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَعَلْنَا ٱلَّيْلَ لِبَاسًا
Taj Mehmood Amroti۽ رات کي ڍَڪ ڪيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَعَلْنَا ٱلنَّهَارَ مَعَاشًا
Taj Mehmood Amroti۽ ڏينھن کي گذران (جو وقت) ڪيوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَبَنَيْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعًا شِدَادًا
Taj Mehmood Amroti۽ اوھان جي مٿون ست مُحڪم (آسمان) بڻاياسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَعَلْنَا سِرَاجًا وَهَّاجًا
Taj Mehmood Amroti۽ ھڪ چمڪندڙ ڏيئو (سج) بڻايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَنزَلْنَا مِنَ ٱلْمُعْصِرَٰتِ مَآءً ثَجَّاجًا
Taj Mehmood Amroti۽ ڪڪرن مان پلٽندڙ پاڻي وسايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِّنُخْرِجَ بِهِۦ حَبًّا وَنَبَاتًا
Taj Mehmood Amrotiته اُن سان اَن ۽ سَلا ڄمايون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَنَّٰتٍ أَلْفَافًا
Taj Mehmood Amroti۽ گھاٽاباغ (به).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ يَوْمَ ٱلْفَصْلِ كَانَ مِيقَٰتًا
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ فيصلي جو ڏينھن ھڪ مقرر مھل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ يُنفَخُ فِى ٱلصُّورِ فَتَأْتُونَ أَفْوَاجًا
Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو ته اوھين ٽوليون ٽوليون ٿي ايندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَفُتِحَتِ ٱلسَّمَآءُ فَكَانَتْ أَبْوَٰبًا
Taj Mehmood Amroti۽ آسمان کولبو پوءِ دروازا ٿي پوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَسُيِّرَتِ ٱلْجِبَالُ فَكَانَتْ سَرَابًا
Taj Mehmood Amroti۽ جبل ھلائبا پوءِ رُڃ وانگر ٿيندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ جَهَنَّمَ كَانَتْ مِرْصَادًا
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ دوزخ انتظار ڪڍڻ وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِّلطَّٰغِينَ مَـَٔابًا
Taj Mehmood Amrotiجو ھٺيلن جو رھڻ جو ھنڌ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّٰبِثِينَ فِيهَآ أَحْقَابًا
Taj Mehmood Amrotiمنجھس ڪيئي ڊگھيون مُدتون رھندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّا يَذُوقُونَ فِيهَا بَرْدًا وَلَا شَرَابًا
Taj Mehmood Amrotiاُن ۾ نڪا ٿڌائي ۽ نڪا پيڻ جي شيءِ چکندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا حَمِيمًا وَغَسَّاقًا
Taj Mehmood Amrotiتتي پاڻي ۽ روڳ کانسواءِ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
جَزَآءً وِفَاقًا
Taj Mehmood Amroti(اھو سندن) پورو پورو بدلو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُمْ كَانُوا۟ لَا يَرْجُونَ حِسَابًا
Taj Mehmood Amrotiڇوته اُھي حساب ڏيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا كِذَّابًا
Taj Mehmood Amroti۽ اسان جي حُڪمن کي بلڪل ڪوڙ ڀائيندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكُلَّ شَىْءٍ أَحْصَيْنَٰهُ كِتَٰبًا
Taj Mehmood Amroti۽ سڀ شيءِ کي لکي ڳڻي ڇڏيو اٿون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَذُوقُوا۟ فَلَن نَّزِيدَكُمْ إِلَّا عَذَابًا
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (چئبن ته مزو) چکو جو عذاب کانسواءِ اوھان تي (ٻيو) ڪي (به) نه وڌائينداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ لِلْمُتَّقِينَ مَفَازًا
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ پرھيزگارن لاءِ ڪاميابي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
حَدَآئِقَ وَأَعْنَٰبًا
Taj Mehmood Amrotiجو باغ ۽ ڊاکون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَوَاعِبَ أَتْرَابًا
Taj Mehmood Amroti۽ ھم عمر نوجوان زالون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَأْسًا دِهَاقًا
Taj Mehmood Amroti۽ شراب جا ڇلڪندڙ پيالا (به).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّا يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوًا وَلَا كِذَّٰبًا
Taj Mehmood Amrotiاتي نڪا اجائي بڪ ۽ نڪو ڪوڙ ٻڌندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
جَزَآءً مِّن رَّبِّكَ عَطَآءً حِسَابًا
Taj Mehmood Amroti(اھو پورو) بدلو تنھنجي پالڻھار کان (انعام) عطا ڪيل حساب روءِ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
رَّبِّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَا ٱلرَّحْمَٰنِ لَا يَمْلِكُونَ مِنْهُ خِطَابًا
Taj Mehmood Amrotiجو آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي ٻنھي جي وچ ۾ آھي تن جو پالڻھار ٻاجھارو آھي اُن (جي ھيبت) کان ڪوبه ورندي ڏئي نه سگھندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ يَقُومُ ٱلرُّوحُ وَٱلْمَلَٰٓئِكَةُ صَفًّا لَّا يَتَكَلَّمُونَ إِلَّا مَنْ أَذِنَ لَهُ ٱلرَّحْمَٰنُ وَقَالَ صَوَابًا
Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن روح ۽ (سڀئي) ملائڪ صفون ٻڌي بيھندا (تنھن ڏينھن) جنھن کي ٻاجھاري (الله) موڪل ڏني ھوندي ۽ پوري ڳالھ ڳالھائي ھوندائين تنھن کانسواءِ (ٻيو ڪي به) نه ڳالھائيندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكَ ٱلْيَوْمُ ٱلْحَقُّ فَمَن شَآءَ ٱتَّخَذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ مَـَٔابًا
Taj Mehmood Amrotiاِھو ڏينھن سچ پچ (ٿيڻو) آھي، تنھنڪري جيڪو گھري سو پنھنجي پالڻھار ڏانھن (پنھنجي) رھڻ جو ھنڌ ٺاھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّآ أَنذَرْنَٰكُمْ عَذَابًا قَرِيبًا يَوْمَ يَنظُرُ ٱلْمَرْءُ مَا قَدَّمَتْ يَدَاهُ وَيَقُولُ ٱلْكَافِرُ يَٰلَيْتَنِى كُنتُ تُرَٰبًۢا
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان اوھان کي ويجھي عذاب (اچڻ) کان ڊيڄاري چڪاسون، جنھن ڏينھن آدمي اُھو ڏسندو جيڪي سندس ٻنھي ھٿن اڳي ڪري موڪليو ۽ ڪافر چوندو ته ھاءِ ارمان جيڪر آءٌ مٽي ھجان ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→