caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الشعراء الشعراء

٢٢٧ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٤٧

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ طسٓمٓ

Taj Mehmood Amrotiطٰسٓمّٓ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تِلْكَ ءَايَٰتُ ٱلْكِتَٰبِ ٱلْمُبِينِ

Taj Mehmood Amrotiھي پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَعَلَّكَ بَٰخِعٌ نَّفْسَكَ أَلَّا يَكُونُوا۟ مُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiمتان تون پاڻ کي ھن سببان گھٽي ماريندڙ ٿئين ته (ڪافر) مسلمان نه ٿا ٿين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِن نَّشَأْ نُنَزِّلْ عَلَيْهِم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ ءَايَةً فَظَلَّتْ أَعْنَٰقُهُمْ لَهَا خَٰضِعِينَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن اسين گھرون ته آسمان کان مٿن ڪا (اھڙي) نشاني نازل ڪريون جنھن جي آڏو سندن گردنون جھڪيون ٿين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا يَأْتِيهِم مِّن ذِكْرٍ مِّنَ ٱلرَّحْمَٰنِ مُحْدَثٍ إِلَّا كَانُوا۟ عَنْهُ مُعْرِضِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ ٻاجھاري (الله) کان ڪائي نئين نصيحت وٽن نه ايندي آھي جو کانئس منھن موڙيندڙ (نه) آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَقَدْ كَذَّبُوا۟ فَسَيَأْتِيهِمْ أَنۢبَٰٓؤُا۟ مَا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ بيشڪ ڪُوڙو ڀانئي چُڪا تنھنڪري سگھوئي وٽن اُھي خبرون اينديون جن سان اُھي ٺـٺوليون ڪندا ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوَلَمْ يَرَوْا۟ إِلَى ٱلْأَرْضِ كَمْ أَنۢبَتْنَا فِيهَا مِن كُلِّ زَوْجٍ كَرِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiزمين ڏانھن نه ڏٺو اٿن ڇا ته منجھس ھر ڪنھن جنس جا ڪيترائي سُٺا اوڀڙ ڄماياسون؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ نَادَىٰ رَبُّكَ مُوسَىٰٓ أَنِ ٱئْتِ ٱلْقَوْمَ ٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن تنھنجي پالڻھار موسىٰ کي سڏيو ته ظالمن جي قوم ڏانھن وڃ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَوْمَ فِرْعَوْنَ أَلَا يَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amrotiجا فرعون جي قوم آھي، (کانئن پُڇ) ته پرھيزگاري نه ڪندا ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ رَبِّ إِنِّىٓ أَخَافُ أَن يُكَذِّبُونِ

Taj Mehmood Amrotiمُوسىٰ چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ آءٌ ڊڄان ٿو ته متان مونکي ڪُوڙو ڀانئين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَيَضِيقُ صَدْرِى وَلَا يَنطَلِقُ لِسَانِى فَأَرْسِلْ إِلَىٰ هَٰرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ منھنجو سينو تنگ ٿيندو آھي ۽ منھنجي زبان به پوري نه اُٿلندي آھي تنھنڪري ھارون ڏانھن (پيغمبريءَ جو حُڪم) موڪل.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَهُمْ عَلَىَّ ذَنۢبٌ فَأَخَافُ أَن يَقْتُلُونِ

Taj Mehmood Amroti۽ انھن جو مون تي ڏوھ به آھي تنھنڪري ڊڄان ٿو ته متان مون کي ماري ڇڏين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ كَلَّا فَٱذْهَبَا بِـَٔايَٰتِنَآ إِنَّا مَعَكُم مُّسْتَمِعُونَ

Taj Mehmood Amroti(الله) فرمايو ته ايئن (ٿيڻو) نه آھي، پوءِ منھنجي نشانين سان ٻئي (ڄڻا) وڃو بيشڪ اسين اوھان سان گڏ ٻڌندڙ آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأْتِيَا فِرْعَوْنَ فَقُولَآ إِنَّا رَسُولُ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري فرعون وٽ وڃو ۽ چئوس ته بيشڪ اسين جھانن جي پالڻھار جا (ھن پيغام سان) موڪليل آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَنْ أَرْسِلْ مَعَنَا بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ

Taj Mehmood Amrotiته بني اسرائيل کي اسان سان موڪل.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ أَلَمْ نُرَبِّكَ فِينَا وَلِيدًا وَلَبِثْتَ فِينَا مِنْ عُمُرِكَ سِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiفرعون چيو ته توکي پنھنجن (ڀاتين) ۾ ننڍڙو ڪري نه پاليو ھوسون ڇا؟ ۽ پنھنجي عمر جا ڪيترائي ورھ اسان ۾ گذاريئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَفَعَلْتَ فَعْلَتَكَ ٱلَّتِى فَعَلْتَ وَأَنتَ مِنَ ٱلْكَٰفِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ تو پنھنجو اُھو ڪم ڪيو جو تون ڪري چڪين ۽ تون بي شڪرن مان آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ فَعَلْتُهَآ إِذًا وَأَنَا۠ مِنَ ٱلضَّآلِّينَ

Taj Mehmood Amroti(موسى) چيو ته جنھن مھل اُھو ڪم ڪيو ھوم (تنھن مھل) آءٌ بي سمجھن مان ھوس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَفَرَرْتُ مِنكُمْ لَمَّا خِفْتُكُمْ فَوَهَبَ لِى رَبِّى حُكْمًا وَجَعَلَنِى مِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن مھل اوھان (جي ايذاءَ) کان ڊنس تنھن مھل اوھان کان ڀڳس پوءِ منھنجي پالڻھار مون کي سياڻپ بخشي ۽ مون کي پيغمبرن مان ڪيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَتِلْكَ نِعْمَةٌ تَمُنُّهَا عَلَىَّ أَنْ عَبَّدتَّ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ

Taj Mehmood Amroti۽ اِھو اُھو احسان آھي ڇا جنھنجو مون تي ٿورو رکين ٿو؟ ته بني اسرائيلن کي ٻانھون ڪري ورتو اٿئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ فِرْعَوْنُ وَمَا رَبُّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiفرعون چيو ته جھانن جو پاليندڙ ڇا (کي چئبو) آھي؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ رَبُّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَآ إِن كُنتُم مُّوقِنِينَ

Taj Mehmood Amroti(موسى) چيو ته آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين ويساہ رکندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ لِمَنْ حَوْلَهُۥٓ أَلَا تَسْتَمِعُونَ

Taj Mehmood Amroti(فرعون) پنھنجي آس پاس وارن کي چيو ته (اوھين) نه ٿا ٻُڌو ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ رَبُّكُمْ وَرَبُّ ءَابَآئِكُمُ ٱلْأَوَّلِينَ

Taj Mehmood Amroti(مُوسى) چيو ته (اُھو) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن جو پالڻھار آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ إِنَّ رَسُولَكُمُ ٱلَّذِىٓ أُرْسِلَ إِلَيْكُمْ لَمَجْنُونٌ

Taj Mehmood Amroti(فرعون) چيو ته اوھان جو پيغمبر جيڪو اوھان ڏانھن موڪليو ويو آھي سو بيشڪ چريو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ رَبُّ ٱلْمَشْرِقِ وَٱلْمَغْرِبِ وَمَا بَيْنَهُمَآ إِن كُنتُمْ تَعْقِلُونَ

Taj Mehmood Amroti(مُوسى) چيو ته اوڀر ۽ اولھ ۽ جيڪي انھن ٻنھي جي وچ ۾ آھي تنھنجو (به) پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين سمجھ رکندا آھيو (ته اِھا سمجھاڻي بس آھي).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ لَئِنِ ٱتَّخَذْتَ إِلَٰهًا غَيْرِى لَأَجْعَلَنَّكَ مِنَ ٱلْمَسْجُونِينَ

Taj Mehmood Amroti(فرعون) چيو ته جيڪڏھن مون کانسواءِ ڪو ٻيو خدا ورتئي ته ضرور توکي قيدين مان ڪندس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ أَوَلَوْ جِئْتُكَ بِشَىْءٍ مُّبِينٍ

Taj Mehmood Amroti(مُوسى) چيو ته جيتوڻيڪ تو وٽ پڌري شيء آڻيان ته به (قيد ڪندين) ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ فَأْتِ بِهِۦٓ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّٰدِقِينَ

Taj Mehmood Amroti(فرعون) چيو ته جيڪڏھن تون سَچن مان آھين ته اُھا آڻ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَلْقَىٰ عَصَاهُ فَإِذَا هِىَ ثُعْبَانٌ مُّبِينٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ پنھنجي لَٺ اُڇليائين ته اُھا اُمالڪ پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَنَزَعَ يَدَهُۥ فَإِذَا هِىَ بَيْضَآءُ لِلنَّٰظِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجو ھٿ ڪڍيائين ته اوچتو اُھو ڏسندڙن لاءِ چمڪندڙ ٿي پيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ لِلْمَلَإِ حَوْلَهُۥٓ إِنَّ هَٰذَا لَسَٰحِرٌ عَلِيمٌ

Taj Mehmood Amroti(فرعون) پنھنجن آس پاس وارن سردارن کي چيو ته بيشڪ ھي شخص داناءُ جادوگر آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يُرِيدُ أَن يُخْرِجَكُم مِّنْ أَرْضِكُم بِسِحْرِهِۦ فَمَاذَا تَأْمُرُونَ

Taj Mehmood Amroti(ھو) اوھان کي اوھان جي ملڪ مان پنھنجي جادوءَ سان لوڌڻ گھري ٿو پوءِ مون کي (ھاڻي) ڇا ٿا حُڪم ڪريو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ أَرْجِهْ وَأَخَاهُ وَٱبْعَثْ فِى ٱلْمَدَآئِنِ حَٰشِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته کيس ۽ سندس ڀاءُ کي ترساءِ ۽ شھرن ۾ ڪوٺيندڙ کي موڪل.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَأْتُوكَ بِكُلِّ سَحَّارٍ عَلِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiته سڀڪنھن ڄاڻندڙ وڏي جادوگر کي کي تو وٽ آڻين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَجُمِعَ ٱلسَّحَرَةُ لِمِيقَٰتِ يَوْمٍ مَّعْلُومٍ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ھڪ ڏينھن ٺھرايل جي انجام تي جادوگر گڏ ڪيا ويا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقِيلَ لِلنَّاسِ هَلْ أَنتُم مُّجْتَمِعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ ماڻھن کي چيو ويو ته اوھين (به) گڏ ٿيڻ وارا آھيو ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَعَلَّنَا نَتَّبِعُ ٱلسَّحَرَةَ إِن كَانُوا۟ هُمُ ٱلْغَٰلِبِينَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن اُھي (جادوگر) غالب ٿيا ته مانَ اسين انھن جا تابعدار ٿيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَمَّا جَآءَ ٱلسَّحَرَةُ قَالُوا۟ لِفِرْعَوْنَ أَئِنَّ لَنَا لَأَجْرًا إِن كُنَّا نَحْنُ ٱلْغَٰلِبِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن مھل جادوگر آيا (تنھن مھل) فرعون کي چيائون ته جيڪڏھن اسين ڏاڍا ٿيون ته اسان لاءِ ڪو انعام آھي (يا نه!).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ نَعَمْ وَإِنَّكُمْ إِذًا لَّمِنَ ٱلْمُقَرَّبِينَ

Taj Mehmood Amroti(فرعون) چيو ته ھائو ۽ بيشڪ اوھين اُنھيءَ مھل (منھنجن) ويجھن مان ٿيندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ لَهُم مُّوسَىٰٓ أَلْقُوا۟ مَآ أَنتُم مُّلْقُونَ

Taj Mehmood Amrotiکين مُوسىٰ چيو ته جيڪي اوھين اڇلڻ وارا آھيو سو اُڇليو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَلْقَوْا۟ حِبَالَهُمْ وَعِصِيَّهُمْ وَقَالُوا۟ بِعِزَّةِ فِرْعَوْنَ إِنَّا لَنَحْنُ ٱلْغَٰلِبُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ھنن پنھنجا رسا ۽ پنھنجيون لٺيون اڇليون ۽ چيائون ته فرعون جي عزت جو قَسم آھي ته بيشڪ اسين ئي غالب ٿينداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَلْقَىٰ مُوسَىٰ عَصَاهُ فَإِذَا هِىَ تَلْقَفُ مَا يَأْفِكُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ مُوسىٰ پنھنجي لَٺ اُڇلي ته اُھا اُتي جو اُتي جيڪو سانگ بڻائيندا ويا سو ڳھندي وئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأُلْقِىَ ٱلسَّحَرَةُ سَٰجِدِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جادوگر سجدو ڪندڙ ٿي نِويا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ ءَامَنَّا بِرَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَبِّ مُوسَىٰ وَهَٰرُونَ

Taj Mehmood Amroti(جو) مُوسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ ءَامَنتُمْ لَهُۥ قَبْلَ أَنْ ءَاذَنَ لَكُمْ إِنَّهُۥ لَكَبِيرُكُمُ ٱلَّذِى عَلَّمَكُمُ ٱلسِّحْرَ فَلَسَوْفَ تَعْلَمُونَ لَأُقَطِّعَنَّ أَيْدِيَكُمْ وَأَرْجُلَكُم مِّنْ خِلَٰفٍ وَلَأُصَلِّبَنَّكُمْ أَجْمَعِينَ

Taj Mehmood Amroti(فرعون) چيو ته اُن کان اڳ جو اوھان کي موڪل ڏيان اوھان موسىٰ تي ڇو ايمان آندو، بيشڪ اُھو اوھان جو وڏو آھي جنھن اوھان کي جادو سيکاريو، پوءِ سگھو ڄاڻندؤ، اوھان جا ھڪ پاسي جا ھٿ ۽ اوھان جا ٻئي پاسي جا پير ضرور وڍيندس ۽ اوھان مڙني کي (گڏ) ضرور سوريءَ تي چاڙھيندس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ لَا ضَيْرَ إِنَّآ إِلَىٰ رَبِّنَا مُنقَلِبُونَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته ڪا حرڪت نه آھي بيشڪ اسين پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّا نَطْمَعُ أَن يَغْفِرَ لَنَا رَبُّنَا خَطَٰيَٰنَآ أَن كُنَّآ أَوَّلَ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسين اميد ٿا رکون ٿا ته اسان جو پالڻھار اسان جا ڏوھ اسان کي بخشيندو انھي ڪري جو (پھرين اسين) مُسلمان ٿيا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَوْحَيْنَآ إِلَىٰ مُوسَىٰٓ أَنْ أَسْرِ بِعِبَادِىٓ إِنَّكُم مُّتَّبَعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ موسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته منھنجن ٻانھن کي راتو واہ وٺي نِڪر ڇو ته (فرعون ۽ سندس لشڪر) اوھان جي پٺيان پوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَرْسَلَ فِرْعَوْنُ فِى ٱلْمَدَآئِنِ حَٰشِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ فرعون شھرن ۾ ڪوٺيندڙ موڪليا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ هَٰٓؤُلَآءِ لَشِرْذِمَةٌ قَلِيلُونَ

Taj Mehmood Amroti(چيائين) ته بيشڪ ھيء (ماڻھو) ٿوري ٽولي آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّهُمْ لَنَا لَغَآئِظُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ انھن اسان کي ڪاوڙايو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّا لَجَمِيعٌ حَٰذِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اسين ھٿيارن واري جماعت آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَخْرَجْنَٰهُم مِّن جَنَّٰتٍ وَعُيُونٍ

Taj Mehmood Amroti(الله فرمائي ٿو ته) پوءِ انھن (فرعونين) کي باغن ۽ چشمن مان ٻاھر ڪڍيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَكُنُوزٍ وَمَقَامٍ كَرِيمٍ

Taj Mehmood Amroti۽ خزانن ۽ چڱي جاءِ مان (به).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَٰلِكَ وَأَوْرَثْنَٰهَا بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ

Taj Mehmood Amrotiاھڙي طرح (ڪيوسون)، ۽ انھن (شين) جو بني اسرائيلن کي وارث ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَتْبَعُوهُم مُّشْرِقِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ سج اُڀرندي ئي اُنھن (بني اسرائيلن) جي پوئتان پيا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَمَّا تَرَٰٓءَا ٱلْجَمْعَانِ قَالَ أَصْحَٰبُ مُوسَىٰٓ إِنَّا لَمُدْرَكُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن مھل ٻنھي ٽولين ھڪ ٻئي ڏٺو (تنھن مھل) مُوسىٰ جي سنگتين چيو ته بيشڪ اسان کي پھچي ويا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ كَلَّآ إِنَّ مَعِىَ رَبِّى سَيَهْدِينِ

Taj Mehmood Amroti(موسى) چيو ته ايئن نه آھي، بيشڪ منھنجو پالڻھار مون ساڻ آھي مون کي رستي لائيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَوْحَيْنَآ إِلَىٰ مُوسَىٰٓ أَنِ ٱضْرِب بِّعَصَاكَ ٱلْبَحْرَ فَٱنفَلَقَ فَكَانَ كُلُّ فِرْقٍ كَٱلطَّوْدِ ٱلْعَظِيمِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ مُوسىٰ ڏانھن وحي ڪيوسون ته پنھنجي لٺ سمنڊ کي ھڻ، پوءِ اُھو چيرجي پيو پوءِ سڀڪو ڀاڱو وڏي پھاڙ جھڙو ٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَزْلَفْنَا ثَمَّ ٱلْـَٔاخَرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ انھن ٻـين (فرعونين) کي اُن ھنڌ ويجھو ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنجَيْنَا مُوسَىٰ وَمَن مَّعَهُۥٓ أَجْمَعِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ مُوسىٰ ۽ سندس سنگتين مڙني کي بچايوسين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ أَغْرَقْنَا ٱلْـَٔاخَرِينَ

Taj Mehmood Amrotiوري (ھنن) ٻـين (يعني فرعونين) کي ٻوڙيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُنھي (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱتْلُ عَلَيْهِمْ نَبَأَ إِبْرَٰهِيمَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُنھن کي ابراھيم جو قِصّو پڙھي ٻڌاءِ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ قَالَ لِأَبِيهِ وَقَوْمِهِۦ مَا تَعْبُدُونَ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن پنھنجي پيءُ ۽ پنھنجي قوم کي چيائين ته ڇا کي پوڄيندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ نَعْبُدُ أَصْنَامًا فَنَظَلُّ لَهَا عَٰكِفِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته (اسين) بُتن کي پوڄيندا آھيون پوءِ سارا ڏينھن انھن جا مجاور ٿي وھندا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ هَلْ يَسْمَعُونَكُمْ إِذْ تَدْعُونَ

Taj Mehmood Amroti(ابراھيم) چيو ته جڏھن (ھنن کي) سڏيو ٿا (تڏھن) اوھان جو (سڏ) ٻڌن ٿا ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوْ يَنفَعُونَكُمْ أَوْ يَضُرُّونَ

Taj Mehmood Amrotiيا اوھان کي سُک پھچائيندا آھن يا ڏک ڏيندا آھن؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ بَلْ وَجَدْنَآ ءَابَآءَنَا كَذَٰلِكَ يَفْعَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون (نه!) بلڪ پنھنجن ابن ڏاڏن کي ائين ڪندي ڏٺوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ أَفَرَءَيْتُم مَّا كُنتُمْ تَعْبُدُونَ

Taj Mehmood Amroti(ابراھيم) چيو ته (انھن کي) ڏٺو اٿوَ جن کي پوڄيندا رھيؤ؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَنتُمْ وَءَابَآؤُكُمُ ٱلْأَقْدَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiاوھين ۽ اوھان جا اڳيان پيءُ ڏاڏا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِنَّهُمْ عَدُوٌّ لِّىٓ إِلَّا رَبَّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھي جھانن جي پالڻھار کانسواءِ منھنجا ويري آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِى خَلَقَنِى فَهُوَ يَهْدِينِ

Taj Mehmood Amrotiجنھن مون کي پيدا ڪيو آھي اُھو ئي مون کي سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِى هُوَ يُطْعِمُنِى وَيَسْقِينِ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھو آھي جو مون کي کارائيندو آھي ۽ مون کي پياريندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا مَرِضْتُ فَهُوَ يَشْفِينِ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن بيمار ٿيندو آھيان تڏھن مون کي شفا ڏيندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِى يُمِيتُنِى ثُمَّ يُحْيِينِ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھو آھي جو مون کي ماريندو ۽ وري مون کي جياريندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِىٓ أَطْمَعُ أَن يَغْفِرَ لِى خَطِيٓـَٔتِى يَوْمَ ٱلدِّينِ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھو آھي جو آسرو اٿم ته قيامت جي ڏينھن منھنجون خطائون مون کي بخشيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَبِّ هَبْ لِى حُكْمًا وَأَلْحِقْنِى بِٱلصَّٰلِحِينَ

Taj Mehmood Amrotiاي منھنجا پالڻھار مُون کي دانائي بخش ۽ مون کي صالحن سان شامل ڪر.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱجْعَل لِّى لِسَانَ صِدْقٍ فِى ٱلْـَٔاخِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ پوين ۾ منھنجي چڱي يادگيري (قائم) ڪر.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱجْعَلْنِى مِن وَرَثَةِ جَنَّةِ ٱلنَّعِيمِ

Taj Mehmood Amroti۽ مون کي نعمتن واري بھشت جي وارثن مان ڪر.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱغْفِرْ لِأَبِىٓ إِنَّهُۥ كَانَ مِنَ ٱلضَّآلِّينَ

Taj Mehmood Amroti۽ منھنجي پيءُ کي بخش جو اُھو گمراھن مان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا تُخْزِنِى يَوْمَ يُبْعَثُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جنھن ڏينھن (ماڻھو جيئرا ٿي) اُٿندا (تنھن ڏينھن) مون کي خوار نه ڪج.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ لَا يَنفَعُ مَالٌ وَلَا بَنُونَ

Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن نڪي مال ۽ نڪي پٽ نفعو ڏيندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَّا مَنْ أَتَى ٱللَّهَ بِقَلْبٍ سَلِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiپر اُھو (فائدي وارو ھوندو) جو الله وٽ سالم دل آڻيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأُزْلِفَتِ ٱلْجَنَّةُ لِلْمُتَّقِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ پرھيزگارن لاءِ بھشت ويجھو ڪيو ويندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَبُرِّزَتِ ٱلْجَحِيمُ لِلْغَاوِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ گمراھن لاءِ دوزخ پڌرو ڪيو ويندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقِيلَ لَهُمْ أَيْنَ مَا كُنتُمْ تَعْبُدُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ کين چيو ويندو ته اُھي ڪٿي آھن جي کي پوڄيندا ھيؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مِن دُونِ ٱللَّهِ هَلْ يَنصُرُونَكُمْ أَوْ يَنتَصِرُونَ

Taj Mehmood Amrotiالله ڌاران؟ (ھاڻي) اُھي اوھان کي مدد ڏين ٿا ڇا يا (پاڻ) بدلو وٺي سگھن ٿا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَكُبْكِبُوا۟ فِيهَا هُمْ وَٱلْغَاوُۥنَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُھي گمراہ (پوڄيندڙ) ۽ بُت منجھس اونڌا ڪري اُڇلايا ويندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَجُنُودُ إِبْلِيسَ أَجْمَعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ مڙئي شيطاني لشڪر به (اڇلائبا).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ وَهُمْ فِيهَا يَخْتَصِمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (تڏھن) اُھي منجھس ھڪ ٻئي سان جھڳڙو ڪندي پيا چوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تَٱللَّهِ إِن كُنَّا لَفِى ضَلَٰلٍ مُّبِينٍ

Taj Mehmood Amrotiته الله جو قسم آھي بيشڪ اسين ته پڌريءَ گمراھي ۾ ھواسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ نُسَوِّيكُم بِرَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن اوھان کي جھانن جي پالڻھار سان برابر ٿي ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَضَلَّنَآ إِلَّا ٱلْمُجْرِمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (ھنن) ڏوھارين کانسواءِ ٻئي ڪنھن اسان کي گمراہ نه ڪيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَا لَنَا مِن شَٰفِعِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اسان جو (ھاڻي) نڪو ڪو سفارش ڪرڻ وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا صَدِيقٍ حَمِيمٍ

Taj Mehmood Amroti۽ نڪو ڪو غم ٽار دوست آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَوْ أَنَّ لَنَا كَرَّةً فَنَكُونَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪر ھڪ ڀيرو اسان کي (وري دنيا ۾ وڃڻ) ملي ته مؤمنن مان ٿيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اِن ۾ ضرور نشاني آھي، ۽ انھن مان گھڻا مؤمن نه آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَّبَتْ قَوْمُ نُوحٍ ٱلْمُرْسَلِينَ

Taj Mehmood Amrotiنوح جي قوم پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ نُوحٌ أَلَا تَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن کين سندن ڀاءُ نوح چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنِّى لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُونِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِىَ إِلَّا عَلَىٰ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ اوھان کان اِن (پيغام جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اجورو ته رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُونِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ أَنُؤْمِنُ لَكَ وَٱتَّبَعَكَ ٱلْأَرْذَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته توتي ايمان ڇو آڻيون حالانڪ نيچ ماڻھن (ڪنھن دنياوي لالچ لاءِ) تنھنجي تابعداري ڪئي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ وَمَا عِلْمِى بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amroti(نوح) چيو ته مون کي (سندن اندر جي) ڪھڙي سُڌ ته (ھو) ڇا (نيت) ڪندا رھندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنْ حِسَابُهُمْ إِلَّا عَلَىٰ رَبِّى لَوْ تَشْعُرُونَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن اوھين (سندين نيت) ڄاڻندا آھيو ته سندن حساب منھنجي پالڻھار کانسواءِ ٻئي ڪنھن تي نه آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَنَا۠ بِطَارِدِ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ آءٌ مؤمنن کي تڙڻ وارو نه آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنْ أَنَا۠ إِلَّا نَذِيرٌ مُّبِينٌ

Taj Mehmood Amrotiآءٌ ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ لَئِن لَّمْ تَنتَهِ يَٰنُوحُ لَتَكُونَنَّ مِنَ ٱلْمَرْجُومِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته اي نوح جيڪڏھن تون نه رھندين ته ضرور سنگسار ٿيندين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ رَبِّ إِنَّ قَوْمِى كَذَّبُونِ

Taj Mehmood Amroti(نوح) چيو ته اي منھنجا پالڻھار بيشڪ منھنجي قوم مون کي ڪوڙو ڀانيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱفْتَحْ بَيْنِى وَبَيْنَهُمْ فَتْحًا وَنَجِّنِى وَمَن مَّعِىَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري منھنجي ۽ سندن وچ ۾ چڱي طرح فيصلو ڪر ۽ مونکي ۽ جيڪي مؤمن مون ساڻ آھن تن کي بچاءِ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَنجَيْنَٰهُ وَمَن مَّعَهُۥ فِى ٱلْفُلْكِ ٱلْمَشْحُونِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ کيس ۽ سندس سنگتين کي ڀريل ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ أَغْرَقْنَا بَعْدُ ٱلْبَاقِينَ

Taj Mehmood Amrotiوري کانئن پوءِ رھيلن کي ٻوڙيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ان ۾ وڏي نشاني آھي، انھن مان گھڻا مڃيندڙ نه ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَّبَتْ عَادٌ ٱلْمُرْسَلِينَ

Taj Mehmood Amrotiعاد (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڄاتو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ هُودٌ أَلَا تَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن سندن ڀاءُ ھود کين چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنِّى لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُونِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِىَ إِلَّا عَلَىٰ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَتَبْنُونَ بِكُلِّ رِيعٍ ءَايَةً تَعْبَثُونَ

Taj Mehmood Amrotiسڀڪنھن دڙي تي اجايا مشغول ٿي نشان ڇو بڻائيندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَتَتَّخِذُونَ مَصَانِعَ لَعَلَّكُمْ تَخْلُدُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (ڇو) مُحڪم جايون بڻائيندا آھيو؟ ڄڻڪ اوھين سدائين رھندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا بَطَشْتُم بَطَشْتُمْ جَبَّارِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن اوھين دست درازي ڪندا آھيو ته زبردست ٿي ڪندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُونِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱتَّقُوا۟ ٱلَّذِىٓ أَمَدَّكُم بِمَا تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ انھي (الله) کان ڊڄو جنھن اوھان کي انھي (شيء) جي مدد ڏني جا (اوھين) ڄاڻندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمَدَّكُم بِأَنْعَٰمٍ وَبَنِينَ

Taj Mehmood Amrotiاوھان کي ڍورن ۽ پُٽن (ڏيڻ) سان مدد ڏني اٿس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَجَنَّٰتٍ وَعُيُونٍ

Taj Mehmood Amroti۽ باغن ۽ پاڻي جي چشمن (ڏيڻ) سان به.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنِّىٓ أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (پھچڻ) کان ڊڄان ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ سَوَآءٌ عَلَيْنَآ أَوَعَظْتَ أَمْ لَمْ تَكُن مِّنَ ٱلْوَٰعِظِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته (جي) تون (اسان کي) نصيحت ڏئين يا نصيحت ڏيندڙن مان نه ھجين ته اسان لاءِ ھڪ جھڙو آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنْ هَٰذَآ إِلَّا خُلُقُ ٱلْأَوَّلِينَ

Taj Mehmood Amrotiاِھا اڳين جي ئي عادت آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا نَحْنُ بِمُعَذَّبِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ اسين (ڪڏھن) عذاب ڪيل نه ٿينداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَكَذَّبُوهُ فَأَهْلَكْنَٰهُمْ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري کين ھلاڪ ڪيوسون، بيشڪ اِن (قصي) ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَّبَتْ ثَمُودُ ٱلْمُرْسَلِينَ

Taj Mehmood Amrotiثمود (جي قوم) پيغمبرن کي ڪوڙو ڀانيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ صَٰلِحٌ أَلَا تَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن کين سندن ڀاءُ صالح چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنِّى لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُونِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِىَ إِلَّا عَلَىٰ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نه ٿو گھران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَتُتْرَكُونَ فِى مَا هَٰهُنَآ ءَامِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiاُھو جيڪي ھتي (دنيا ۾) آھي تنھن ۾ اوھان کي بي ڀئو ڇڏي ڏبو ڇا (ته ھميشه آرام ۾ رھو)؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فِى جَنَّٰتٍ وَعُيُونٍ

Taj Mehmood Amrotiباغن ۽ چشمن ۾.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَزُرُوعٍ وَنَخْلٍ طَلْعُهَا هَضِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ پوکن ۽ کجين ۾ جن جا گوشا ڪنئرا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَتَنْحِتُونَ مِنَ ٱلْجِبَالِ بُيُوتًا فَٰرِهِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ ڪاريگر ٿي جبلن مان (تراشي) گھر بڻائيندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُونِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا تُطِيعُوٓا۟ أَمْرَ ٱلْمُسْرِفِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ انھن حد کان لنگھندڙن جو چيو نه مڃيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ يُفْسِدُونَ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَا يُصْلِحُونَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي ملڪ ۾ بگيڙ وجھندا آھن ۽ سڌارا نه ڪندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ إِنَّمَآ أَنتَ مِنَ ٱلْمُسَحَّرِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَآ أَنتَ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا فَأْتِ بِـَٔايَةٍ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّٰدِقِينَ

Taj Mehmood Amrotiتون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين، جيڪڏھن تون سچن مان آھين ته ڪا نشاني آڻ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ هَٰذِهِۦ نَاقَةٌ لَّهَا شِرْبٌ وَلَكُمْ شِرْبُ يَوْمٍ مَّعْلُومٍ

Taj Mehmood Amroti(صالح) چيو ته ھيءَ ڏاچي آھي اُن جي (پاڻي) پيڻ لاءِ ۽ اوھان جي (پاڻي) پيڻ لاءِ واري جو ڏينھن ٺھرايل آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا تَمَسُّوهَا بِسُوٓءٍ فَيَأْخُذَكُمْ عَذَابُ يَوْمٍ عَظِيمٍ

Taj Mehmood Amroti۽ اوھين کيس ڪو ايذاءُ نه پھچائجو نه ته اوھان کي وڏي ڏينھن جو عذاب پڪڙيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَعَقَرُوهَا فَأَصْبَحُوا۟ نَٰدِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُن جون کُچون ڪپيائون (ماري وڌائون) پوءِ پشيمان ٿيا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَخَذَهُمُ ٱلْعَذَابُ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ کين عذاب پڪڙيو، بيشڪ اُن ۾ نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَّبَتْ قَوْمُ لُوطٍ ٱلْمُرْسَلِينَ

Taj Mehmood Amrotiلُوط جي قوم پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ قَالَ لَهُمْ أَخُوهُمْ لُوطٌ أَلَا تَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن کين سندن ڀاءُ لُوط چيو ته (الله کان) ڇونه ڊڄندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنِّى لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ آءٌ اوھان جو امين پيغمبر آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُونِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِىَ إِلَّا عَلَىٰ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُن (پيغام پھچائڻ) تي اوھان کان اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَتَأْتُونَ ٱلذُّكْرَانَ مِنَ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiجھانن جي مڙسن ڏانھن (بڇڙائيءَ لاءِ) ڇو ويندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَتَذَرُونَ مَا خَلَقَ لَكُمْ رَبُّكُم مِّنْ أَزْوَٰجِكُم بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌ عَادُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي اوھان جي پالڻھار اوھان جي زالن مان بڻايو سو ڇڏيندا آھيو؟ بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ لَئِن لَّمْ تَنتَهِ يَٰلُوطُ لَتَكُونَنَّ مِنَ ٱلْمُخْرَجِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته اي لُوط جيڪڏھن نه رھندين ته ضرور لوڌائبين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ إِنِّى لِعَمَلِكُم مِّنَ ٱلْقَالِينَ

Taj Mehmood Amrotiلُوط چيو ته بيشڪ آءٌ اوھان جي ڪم جو ويري آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَبِّ نَجِّنِى وَأَهْلِى مِمَّا يَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiاي منھنجا پالڻھار جيڪي (ھو) ڪندا آھن تنھنجي شر کان مونکي ۽ منھنجي گھر جي ڀاتين کي بچاءِ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَنَجَّيْنَٰهُ وَأَهْلَهُۥٓ أَجْمَعِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ کيس ۽ سندس مڙني ڀاتين کي بچايوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَّا عَجُوزًا فِى ٱلْغَٰبِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiسواءِ (ھڪ) ٻڍڙي زال جي جا رھيلن مان ھئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ دَمَّرْنَا ٱلْـَٔاخَرِينَ

Taj Mehmood Amrotiوري (انھن) ٻـين جي پاڙ پٽي سون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِم مَّطَرًا فَسَآءَ مَطَرُ ٱلْمُنذَرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄاريلن جو مينھن بڇڙو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَّبَ أَصْحَٰبُ لْـَٔيْكَةِ ٱلْمُرْسَلِينَ

Taj Mehmood Amroti(شھر) ايڪه وارن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڀانيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ قَالَ لَهُمْ شُعَيْبٌ أَلَا تَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن کين شعيب چيو ته (الله کان) ڇونه ٿا ڊڄو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنِّى لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ آءٌ اوھان لاءِ امين پيغمبر آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَطِيعُونِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله کان ڊڄو ۽ منھنجو چيو مڃيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِنْ أَجْرِىَ إِلَّا عَلَىٰ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ آءٌ اوھان کان اُن (پيغام پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھُران، منھنجو اُجورو رڳو جھانن جي پالڻھار تي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوْفُوا۟ ٱلْكَيْلَ وَلَا تَكُونُوا۟ مِنَ ٱلْمُخْسِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiماڻ پورو مَيو ۽ ڇيئي لائيندڙن مان نه ھجو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَزِنُوا۟ بِٱلْقِسْطَاسِ ٱلْمُسْتَقِيمِ

Taj Mehmood Amroti۽ سنئين تارازيءَ سان توريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا تَبْخَسُوا۟ ٱلنَّاسَ أَشْيَآءَهُمْ وَلَا تَعْثَوْا۟ فِى ٱلْأَرْضِ مُفْسِدِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ ماڻھن کي سندن شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙ نه وجھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱتَّقُوا۟ ٱلَّذِى خَلَقَكُمْ وَٱلْجِبِلَّةَ ٱلْأَوَّلِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُنھيءَ الله کان ڊڄو جنھن اوھان کي ۽ اڳين خلق کي خلقيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ إِنَّمَآ أَنتَ مِنَ ٱلْمُسَحَّرِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته تون رڳو جادو ڪيلن مان آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَنتَ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُنَا وَإِن نَّظُنُّكَ لَمِنَ ٱلْكَٰذِبِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ تون رڳو اسان جھڙو ماڻھو آھين ۽ بيشڪ اسين توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَسْقِطْ عَلَيْنَا كِسَفًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّٰدِقِينَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن تون سچن مان آھين ته اسان تي آسمان مان ڪا ڇِپ ڪيراءِ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ رَبِّىٓ أَعْلَمُ بِمَا تَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amroti(شعيب) چيو ته جيڪي اوھين ڪندا آھيو سو منھنجو پالڻھار چڱي طرح ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَكَذَّبُوهُ فَأَخَذَهُمْ عَذَابُ يَوْمِ ٱلظُّلَّةِ إِنَّهُۥ كَانَ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُن کي ڪوڙو ڀانيائون تنھنڪري ڇانوَ واري ڏينھن جي عذاب کين پڪڙيو، بيشڪ اُھو وڏي ڏينھن جو عذاب ھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً وَمَا كَانَ أَكْثَرُهُم مُّؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ھن (احوال) ۾ (وڏي) نشاني آھي، ۽ منجھانئن گھڻا مڃڻ وارا نه ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ رَبَّكَ لَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ئي غالب مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّهُۥ لَتَنزِيلُ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اھو (قرآن) جھانن جي پالڻھار کان لاٿل آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

نَزَلَ بِهِ ٱلرُّوحُ ٱلْأَمِينُ

Taj Mehmood Amrotiاُن کي رُوح الامين (يعني جبرئيل) لاٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

عَلَىٰ قَلْبِكَ لِتَكُونَ مِنَ ٱلْمُنذِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiتنھنجي دل تي (ھن لاءِ) ته ڊيڄاريندڙن مان ٿئين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بِلِسَانٍ عَرَبِىٍّ مُّبِينٍ

Taj Mehmood Amroti(جو) پڌريءَ عربي ٻوليءَ ۾ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّهُۥ لَفِى زُبُرِ ٱلْأَوَّلِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ سندس خبر اڳين صحيفن ۾ (لکيل) آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوَلَمْ يَكُن لَّهُمْ ءَايَةً أَن يَعْلَمَهُۥ عُلَمَٰٓؤُا۟ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ

Taj Mehmood Amrotiاُنھن لاءِ (اِھا) نشاني نه آھي ڇا ته بني اسرائيلن جا عالم اُن (جي حقانيت) کي ڄاڻن ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَوْ نَزَّلْنَٰهُ عَلَىٰ بَعْضِ ٱلْأَعْجَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن قرآن کي (عربن کانسواءِ ٻئي) ڪنھن عجميءَ تي نازل ڪريون ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَقَرَأَهُۥ عَلَيْهِم مَّا كَانُوا۟ بِهِۦ مُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُھو اُن کي مٿن پڙھي ھا ته اُن کي (به) مڃڻ وارا نه ٿين ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَٰلِكَ سَلَكْنَٰهُ فِى قُلُوبِ ٱلْمُجْرِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiاھڙي طرح گنھگارن جي دلين ۾ اُھو (انڪار) وڌوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَا يُؤْمِنُونَ بِهِۦ حَتَّىٰ يَرَوُا۟ ٱلْعَذَابَ ٱلْأَلِيمَ

Taj Mehmood Amrotiاُن تي (ايسين) ايمان نه آڻيندا جيسين ڏکوئيندڙ عذاب (نه) ڏسندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَيَأْتِيَهُم بَغْتَةً وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اوچتو وٽن عذاب ايندو ۽ اُھي بي خبر ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَيَقُولُوا۟ هَلْ نَحْنُ مُنظَرُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ چوندا ته اسين مُھلت ڏنل ٿينداسون ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَبِعَذَابِنَا يَسْتَعْجِلُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اسان جو عذاب تڪڙو گھرندا آھن ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَرَءَيْتَ إِن مَّتَّعْنَٰهُمْ سِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiڀلا ڏٺو اٿئي ته جيڪڏھن کين ڪيئي ورھ آسودو ڪريون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ جَآءَهُم مَّا كَانُوا۟ يُوعَدُونَ

Taj Mehmood Amrotiوري وٽن اُھو اچي جنھن جو انجام ڏنو پئي وين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَآ أَغْنَىٰ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يُمَتَّعُونَ

Taj Mehmood Amrotiته سندن آسودو ھجڻ کانئن ڇا (عذاب) ٽاريندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَهْلَكْنَا مِن قَرْيَةٍ إِلَّا لَهَا مُنذِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اھڙي ڪنھن ڳوٺ کي ناس نه ڪيوسون جنھن لاءِ ڊيڄاريندڙ (نه) ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذِكْرَىٰ وَمَا كُنَّا ظَٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiنصيحت ڏيڻ لاءِ، ۽ اسين ظالم نه ھواسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا تَنَزَّلَتْ بِهِ ٱلشَّيَٰطِينُ

Taj Mehmood Amroti۽ اُن (قرآن) کي شيطانن نازل نه ڪيو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا يَنۢبَغِى لَهُمْ وَمَا يَسْتَطِيعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ نڪي کين جڳائيندو آھي ۽ نڪي ڪري سگھندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّهُمْ عَنِ ٱلسَّمْعِ لَمَعْزُولُونَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھي (ملائڪن جي ڪلام) ٻڌڻ (جي جاءِ) کان پري ڪيل آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَا تَدْعُ مَعَ ٱللَّهِ إِلَٰهًا ءَاخَرَ فَتَكُونَ مِنَ ٱلْمُعَذَّبِينَ

Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري الله سان گڏ ڪنھن ٻئي معبُود کي نه سڏ ته عذاب وارن مان ٿيندين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنذِرْ عَشِيرَتَكَ ٱلْأَقْرَبِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجن ويجھن مائٽن کي ڊيڄار.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱخْفِضْ جَنَاحَكَ لِمَنِ ٱتَّبَعَكَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ مؤمنن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪري تنھن لاءِ پنھنجو بازو جھڪو ڪر (يعني نئڙت ڪر).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِنْ عَصَوْكَ فَقُلْ إِنِّى بَرِىٓءٌ مِّمَّا تَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪڏھن تنھنجي نافرماني ڪن ته چؤ ته جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان بيشڪ آءٌ بيزار آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱلْعَزِيزِ ٱلرَّحِيمِ

Taj Mehmood Amroti۽ اُنھيءَ غالب مھربان (الله) تي ڀروسو ڪر.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِى يَرَىٰكَ حِينَ تَقُومُ

Taj Mehmood Amrotiجيڪو (تھجّد وقت) تنھنجي اُٿڻ مھل کي ڏسي ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَتَقَلُّبَكَ فِى ٱلسَّٰجِدِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ سجدي ڪندڙن ۾ تنھنجو ڦرڻ به ڏسي ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّهُۥ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هَلْ أُنَبِّئُكُمْ عَلَىٰ مَن تَنَزَّلُ ٱلشَّيَٰطِينُ

Taj Mehmood Amrotiاوھان کي سُڌ (نه) ڏيان ڇا ته ڪنھن تي شيطان لھندا آھن؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تَنَزَّلُ عَلَىٰ كُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiسڀڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار تي لھندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يُلْقُونَ ٱلسَّمْعَ وَأَكْثَرُهُمْ كَٰذِبُونَ

Taj Mehmood Amrotiجو ٻڌل (ڳالھ اُن جي ڪنّ ۾ آڻي) وجھندا آھن ۽ منجھائن گھڻا ڪوڙا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلشُّعَرَآءُ يَتَّبِعُهُمُ ٱلْغَاوُۥنَ

Taj Mehmood Amroti۽ گمراہ (ماڻھو) ئي شاعرن جي تابعداري ڪندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَلَمْ تَرَ أَنَّهُمْ فِى كُلِّ وَادٍ يَهِيمُونَ

Taj Mehmood Amrotiنه ڏٺو اٿئي ڇا ته اُھي سڀڪنھن ميدان ۾ حيران ٿيندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنَّهُمْ يَقُولُونَ مَا لَا يَفْعَلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اُھي اُھو چوندا آھن جيڪي نه ڪندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ وَذَكَرُوا۟ ٱللَّهَ كَثِيرًا وَٱنتَصَرُوا۟ مِنۢ بَعْدِ مَا ظُلِمُوا۟ وَسَيَعْلَمُ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوٓا۟ أَىَّ مُنقَلَبٍ يَنقَلِبُونَ

Taj Mehmood Amrotiپر جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا ۽ الله کي گھڻو ساريائون ۽ (پنھنجي) ڏکوئجڻ کانپوءِ بدلو ورتائون (اُھي گمراہ نه آھن)، ۽ ظالم سگھو ئي ڄاڻندا ته ڪھڙي موٽڻ جي ھنڌ وري موٽندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70