مُک صفحو › سورتون › سورة النمل
سورة النمل النمل
٩٣ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٤٨
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ طسٓ تِلْكَ ءَايَٰتُ ٱلْقُرْءَانِ وَكِتَابٍ مُّبِينٍ
Taj Mehmood Amroti طٰسٓ، ھي قرآن ۽ پڌري ڪتاب جون آيتون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هُدًى وَبُشْرَىٰ لِلْمُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amroti اُنھن مؤمنن لاءِ ھدايت ۽ خوشخبري آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ يُقِيمُونَ ٱلصَّلَوٰةَ وَيُؤْتُونَ ٱلزَّكَوٰةَ وَهُم بِٱلْـَٔاخِرَةِ هُمْ يُوقِنُونَ
Taj Mehmood Amroti جيڪي نماز پڙھندا آھن ۽ زڪوٰة ڏيندا آھن ۽ اُھي آخرت تي (به) يقين رکندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ زَيَّنَّا لَهُمْ أَعْمَٰلَهُمْ فَهُمْ يَعْمَهُونَ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن تن لاءِ سندن ڪرتوت سينگارياسون پوءِ اُھي حيران رھندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أُو۟لَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ لَهُمْ سُوٓءُ ٱلْعَذَابِ وَهُمْ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ هُمُ ٱلْأَخْسَرُونَ
Taj Mehmood Amroti اِھي اُھي آھن جن لاءِ عذاب جي سختي آھي ۽ اُھي ئي آخرت ۾ ٽوٽي وارا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّكَ لَتُلَقَّى ٱلْقُرْءَانَ مِن لَّدُنْ حَكِيمٍ عَلِيمٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اي پيغمبر) بيشڪ توکي حِڪمت واري ڄاڻندڙ (الله) وٽان قرآن ڏنو وڃي ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذْ قَالَ مُوسَىٰ لِأَهْلِهِۦٓ إِنِّىٓ ءَانَسْتُ نَارًا سَـَٔاتِيكُم مِّنْهَا بِخَبَرٍ أَوْ ءَاتِيكُم بِشِهَابٍ قَبَسٍ لَّعَلَّكُمْ تَصْطَلُونَ
Taj Mehmood Amroti (ياد ڪر) جڏھن موسىٰ پنھنجي گھر جي ڀاتين کي چيو ته بيشڪ مون باھ ڏٺي آھي، اجھو اوھان وٽ اُتان ڪا خبر آڻيندس يا اوھان وٽ (ڪو) ٻاريل ٽانڊو آڻيندس ته مانَ اوھين پاڻ سيڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمَّا جَآءَهَا نُودِىَ أَنۢ بُورِكَ مَن فِى ٱلنَّارِ وَمَنْ حَوْلَهَا وَسُبْحَٰنَ ٱللَّهِ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جنھن مھل (باھ) وٽ آيو (تنھن مھل) سڏيو ويو ته جوئي باھ ۾ ۽ سندس چوگرد آھي سو برڪت وارو ڪيو ويو آھي، ۽ جھانن جي پالڻھار کي پاڪائي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰمُوسَىٰٓ إِنَّهُۥٓ أَنَا ٱللَّهُ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ
Taj Mehmood Amroti (چيو ويو ته) اي مُوسىٰ بيشڪ (ڳالھ ھيءَ آھي ته) آءٌ غالب حڪمت وارو الله آھيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَلْقِ عَصَاكَ فَلَمَّا رَءَاهَا تَهْتَزُّ كَأَنَّهَا جَآنٌّ وَلَّىٰ مُدْبِرًا وَلَمْ يُعَقِّبْ يَٰمُوسَىٰ لَا تَخَفْ إِنِّى لَا يَخَافُ لَدَىَّ ٱلْمُرْسَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ پنھنجي لٺ کي اُڇل، پوءِ جنھن مھل اُن کي چرندو ڏٺائين ڄڻڪ اُھا نانگ آھي (تنھن مھل) پٺي ڏئي ڀڳو ۽ پوءِ تي نه موٽيو، (چيوسون ته) اي مُوسىٰ نه ڊڄ، بيشڪ مون وٽ پيغمبر نه ڊڄندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا مَن ظَلَمَ ثُمَّ بَدَّلَ حُسْنًۢا بَعْدَ سُوٓءٍ فَإِنِّى غَفُورٌ رَّحِيمٌ
Taj Mehmood Amroti پر جنھن ظلم ڪيو وري مدائي کانپوءِ مٽائي چڱائي ڪيائين ته بيشڪ (اُنھيءَ لاءِ) بخشڻھار مھربان آھيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَدْخِلْ يَدَكَ فِى جَيْبِكَ تَخْرُجْ بَيْضَآءَ مِنْ غَيْرِ سُوٓءٍ فِى تِسْعِ ءَايَٰتٍ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَقَوْمِهِۦٓ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَوْمًا فَٰسِقِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ پنھنجو ھٿ پنھنجي گريبان ۾ وجھ ته بي عيب چمڪندڙ ٿي نڪري (انھن ٻن معجزن سان) جي نون معجزن ۾ داخل آھن فرعون ۽ سندس قوم ڏانھن (وڃ)، بيشڪ اُھي بدڪار قوم آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمَّا جَآءَتْهُمْ ءَايَٰتُنَا مُبْصِرَةً قَالُوا۟ هَٰذَا سِحْرٌ مُّبِينٌ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جنھن مھل اسان جون چِٽيون آيتون وٽن پھتيون (تنھن مھل) چيائون ته ھي پڌرو جادو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَحَدُوا۟ بِهَا وَٱسْتَيْقَنَتْهَآ أَنفُسُهُمْ ظُلْمًا وَعُلُوًّا فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلْمُفْسِدِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بي انصافي ۽ وڏائيءَ کان اُنھن (نشانين) جو انڪار ڪيائون حالانڪ سندين دلين انھن کي پڪ ڄاتو ھو (ته الله جي طرف کان آيل آھن)، پوءِ ڏس ته فسادين جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا دَاوُۥدَ وَسُلَيْمَٰنَ عِلْمًا وَقَالَا ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِى فَضَّلَنَا عَلَىٰ كَثِيرٍ مِّنْ عِبَادِهِ ٱلْمُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ داؤد ۽ سليمان کي علم ڏنوسون، ۽ ھنن چيو ته سڀ ساراھ اُنھي الله کي جڳائي جنھن پنھنجن گھڻن مؤمن ٻانھن تي اسان کي ڀلائي ڏني آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَوَرِثَ سُلَيْمَٰنُ دَاوُۥدَ وَقَالَ يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ عُلِّمْنَا مَنطِقَ ٱلطَّيْرِ وَأُوتِينَا مِن كُلِّ شَىْءٍ إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ ٱلْفَضْلُ ٱلْمُبِينُ
Taj Mehmood Amroti ۽ سليمان داؤد جو وارث ٿيو ۽ چيائين ته اي ماڻھؤ اسان کي پکين جي ٻولي سيکاري وئي آھي ۽ اسان کي سڀڪا نعمت ڏني وئي آھي، بيشڪ اھا پڌري ڀلائي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَحُشِرَ لِسُلَيْمَٰنَ جُنُودُهُۥ مِنَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ وَٱلطَّيْرِ فَهُمْ يُوزَعُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ سليمان لاءِ جنن ۽ ماڻھن ۽ پکين مان سندس لشڪر گڏ ڪيا ويا پوءِ اُھي لڳولڳ صفون ٻڌائي بيھاريا ويندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
حَتَّىٰٓ إِذَآ أَتَوْا۟ عَلَىٰ وَادِ ٱلنَّمْلِ قَالَتْ نَمْلَةٌ يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّمْلُ ٱدْخُلُوا۟ مَسَٰكِنَكُمْ لَا يَحْطِمَنَّكُمْ سُلَيْمَٰنُ وَجُنُودُهُۥ وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
Taj Mehmood Amroti تان جو جڏھن ڪِوۡلين جي ميدان تي پھتا (تڏھن) ھڪ ڪِوۡل چيو ته اي ڪيوۡليون اوھين پنھنجي ٻرڙن ۾ گھڙو، ته سليمان ۽ سندس لشڪر پنھنجي بي خبريءَ ۾ اوھان کي نه لتاڙين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَتَبَسَّمَ ضَاحِكًا مِّن قَوْلِهَا وَقَالَ رَبِّ أَوْزِعْنِىٓ أَنْ أَشْكُرَ نِعْمَتَكَ ٱلَّتِىٓ أَنْعَمْتَ عَلَىَّ وَعَلَىٰ وَٰلِدَىَّ وَأَنْ أَعْمَلَ صَٰلِحًا تَرْضَىٰهُ وَأَدْخِلْنِى بِرَحْمَتِكَ فِى عِبَادِكَ ٱلصَّٰلِحِينَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ (سليمان) اُن جي ڳالھائڻ کان مُرڪي کِليو ۽ چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون کي توفيق ڏي ته تنھنجي اُنھن نعمتن جو شڪر ڪريان جي مون تي ۽ منھنجي ماءُ پيءُ تي ڪيون اٿيئي ۽ (توفيق ڏيم) ته اھڙا چڱا ڪم ڪريان جن کان تون راضي ٿئين ۽ مون کي پنھنجي ٻاجھ سان پنھنجي صالح ٻانھن ۾ داخل ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَفَقَّدَ ٱلطَّيْرَ فَقَالَ مَا لِىَ لَآ أَرَى ٱلْهُدْهُدَ أَمْ كَانَ مِنَ ٱلْغَآئِبِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ پکين جو حال احوال معلوم ڪيائين پوءِ (ھُد ھُد کي نه ڏسي ڪري) چيائين ته مون کي ڇا (ٿيو) آھي جو ھُد ھُد نه ٿو ڏسان، يا ھو غير حاضر آھي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَأُعَذِّبَنَّهُۥ عَذَابًا شَدِيدًا أَوْ لَأَا۟ذْبَحَنَّهُۥٓ أَوْ لَيَأْتِيَنِّى بِسُلْطَٰنٍ مُّبِينٍ
Taj Mehmood Amroti ضرور سخت سزا ڏيندوسانس يا ضرور ڪُھندوسانس يا مون وٽ ڪو پڌرو دليل آڻي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَكَثَ غَيْرَ بَعِيدٍ فَقَالَ أَحَطتُ بِمَا لَمْ تُحِطْ بِهِۦ وَجِئْتُكَ مِن سَبَإٍۭ بِنَبَإٍ يَقِينٍ
Taj Mehmood Amroti پوءِ گھڻو نه ترسيو ته (اچي) چيائين ته اھڙي خبر آندي اٿم جنھنجي توکي ڪا سُڌ نه ھئي ۽ (شھر) سبا کان (ھيءَ) پڪي خبر تووٽ آندي اٿم.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنِّى وَجَدتُّ ٱمْرَأَةً تَمْلِكُهُمْ وَأُوتِيَتْ مِن كُلِّ شَىْءٍ وَلَهَا عَرْشٌ عَظِيمٌ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ مون ھڪ زال ڏٺي جا اُنھن تي بادشاھي ٿي ڪري ۽ کيس سڀڪا نعمت ڏني ويئي آھي ۽ اُن کي ھڪ وڏو تخت (به) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَدتُّهَا وَقَوْمَهَا يَسْجُدُونَ لِلشَّمْسِ مِن دُونِ ٱللَّهِ وَزَيَّنَ لَهُمُ ٱلشَّيْطَٰنُ أَعْمَٰلَهُمْ فَصَدَّهُمْ عَنِ ٱلسَّبِيلِ فَهُمْ لَا يَهْتَدُونَ
Taj Mehmood Amroti کيس ۽ سندس قوم کي الله کان سواءِ سج جي پوڄا ڪندو ڏٺم ۽ شيطان انھن لاءِ سندن ڪرتوت سينگاريا آھن ۽ کين (الله جي) واٽ کان جھليو اٿس تنھنڪري اُھي ھدايت نٿا لھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَّا يَسْجُدُوا۟ لِلَّهِ ٱلَّذِى يُخْرِجُ ٱلْخَبْءَ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَيَعْلَمُ مَا تُخْفُونَ وَمَا تُعْلِنُونَ
Taj Mehmood Amroti (اُھي) اُنھيءَ الله کي سجدو ڇو نه ٿا ڪن جو آسمانن ۽ زمين جون ڳجھيون شيون پڌريون ڪندو آھي؟ ۽ جيڪي لڪائيندا آھيو ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھيو سو (به) ڄاڻندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱللَّهُ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ رَبُّ ٱلْعَرْشِ ٱلْعَظِيمِ
Taj Mehmood Amroti الله (اُھو آھي جو) اُن کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اُھو) وڏي عرش جو پالڻھار آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ سَنَنظُرُ أَصَدَقْتَ أَمْ كُنتَ مِنَ ٱلْكَٰذِبِينَ
Taj Mehmood Amroti (سليمان) چيو ته ڏسنداسين ته سچ چيو اٿيئي يا ڪوڙن مان آھين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱذْهَب بِّكِتَٰبِى هَٰذَا فَأَلْقِهْ إِلَيْهِمْ ثُمَّ تَوَلَّ عَنْهُمْ فَٱنظُرْ مَاذَا يَرْجِعُونَ
Taj Mehmood Amroti ھيءُ منھنجو خط کڻي وڃ پوءِ اُھو اُنھن ڏانھن اُڇل وري کانئن منھن ڦيراءِ پوءِ ڏس ته ڇا ٿا ورندي ڏين؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَتْ يَٰٓأَيُّهَا ٱلْمَلَؤُا۟ إِنِّىٓ أُلْقِىَ إِلَىَّ كِتَٰبٌ كَرِيمٌ
Taj Mehmood Amroti (بلقيس خط ڏسي) چيو ته اي سردارؤ مون ڏانھن سڳورو خط اڇليو ويو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُۥ مِن سُلَيْمَٰنَ وَإِنَّهُۥ بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ اُھو (خط) سليمان وٽان (آيل) آھي ۽ بيشڪ اُھو الله ٻاجھاري مھربان جي نالي سان (شروع) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَّا تَعْلُوا۟ عَلَىَّ وَأْتُونِى مُسْلِمِينَ
Taj Mehmood Amroti (ھن مضمون سان لکيل آھي) ته منھنجي آڏو وڏائي نه ڪريو ۽ مون وٽ مسلمان ٿي اچو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَتْ يَٰٓأَيُّهَا ٱلْمَلَؤُا۟ أَفْتُونِى فِىٓ أَمْرِى مَا كُنتُ قَاطِعَةً أَمْرًا حَتَّىٰ تَشْهَدُونِ
Taj Mehmood Amroti (بلقيس وري) چيو ته اي سردارؤ منھنجي ڪم ۾ مونکي صلاح ڏيو، آءٌ ڪو ڪم ايسين نبيريندڙ نه آھيان جيسين اوھين حاضر (نه) ٿيندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوا۟ نَحْنُ أُو۟لُوا۟ قُوَّةٍ وَأُو۟لُوا۟ بَأْسٍ شَدِيدٍ وَٱلْأَمْرُ إِلَيْكِ فَٱنظُرِى مَاذَا تَأْمُرِينَ
Taj Mehmood Amroti چيائون ته اسين زور وارا ۽ ڏاڍا جنگي جوان آھيون، ۽ (سڀڪو) ڪم توکي (وس ۾) آھي پوءِ نھار ته ڇا ٿي حُڪم ڪرين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَتْ إِنَّ ٱلْمُلُوكَ إِذَا دَخَلُوا۟ قَرْيَةً أَفْسَدُوهَا وَجَعَلُوٓا۟ أَعِزَّةَ أَهْلِهَآ أَذِلَّةً وَكَذَٰلِكَ يَفْعَلُونَ
Taj Mehmood Amroti چيائين ته بيشڪ بادشاھ جنھن مھل ڪنھن ڳوٺ ۾ گھڙندا آھن (تنھن مھل) اُن کي اُجاڙيندا آھن ۽ اُن جي مانَ وارن کي بي مانو ڪندا آھن، ۽ (سڀئي بادشاھ) ائين ئي ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنِّى مُرْسِلَةٌ إِلَيْهِم بِهَدِيَّةٍ فَنَاظِرَةٌۢ بِمَ يَرْجِعُ ٱلْمُرْسَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ آءٌ اُنھن ڏانھن ڪا سوکڙي موڪليان ٿي پوءِ ڏسان ته قاصد ڇا سان موٽن ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمَّا جَآءَ سُلَيْمَٰنَ قَالَ أَتُمِدُّونَنِ بِمَالٍ فَمَآ ءَاتَىٰنِۦَ ٱللَّهُ خَيْرٌ مِّمَّآ ءَاتَىٰكُم بَلْ أَنتُم بِهَدِيَّتِكُمْ تَفْرَحُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جنھن مھل سُليمان وٽ (قاصد) آيو (تنھن مھل سليمان) چيو ته اوھين مونکي مال سان مدد ڏيو ٿا ڇا؟ جو جيڪي مونکي الله ڏنو آھي سو انھيءَ کان ڀلو آھي جيڪي اوھان کي ڏنو اٿس، بلڪ اوھين پنھنجن سوغاتن سان خوش ٿيو ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱرْجِعْ إِلَيْهِمْ فَلَنَأْتِيَنَّهُم بِجُنُودٍ لَّا قِبَلَ لَهُم بِهَا وَلَنُخْرِجَنَّهُم مِّنْهَآ أَذِلَّةً وَهُمْ صَٰغِرُونَ
Taj Mehmood Amroti (سندن سوغاتن سميت) انھن ڏانھن موٽي وڃ (اسين) بيشڪ اھڙا ڪٽڪ وٽن آڻينداسون جن جي سامھون ٿيڻ جي انھن کي ڪا مجال نه ھوندي ۽ اُن ھنڌان کين بلڪل بي مانو ڪري ڪڍنداسين ۽ اُھي خوار ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ يَٰٓأَيُّهَا ٱلْمَلَؤُا۟ أَيُّكُمْ يَأْتِينِى بِعَرْشِهَا قَبْلَ أَن يَأْتُونِى مُسْلِمِينَ
Taj Mehmood Amroti (سليمان) چيو ته اي سردارؤ اوھان مان ڪير انھن جي مسلمان ٿي مون وٽ اچڻ کان اڳ مون وٽ سندس تخت آڻيندو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ عِفْرِيتٌ مِّنَ ٱلْجِنِّ أَنَا۠ ءَاتِيكَ بِهِۦ قَبْلَ أَن تَقُومَ مِن مَّقَامِكَ وَإِنِّى عَلَيْهِ لَقَوِىٌّ أَمِينٌ
Taj Mehmood Amroti جنَن مان ھڪڙي وڏي جن چيو ته تون پنھنجي جاءِ تان اُٿين تنھن کان اڳي آءٌ اھو تو وٽ آڻيندس، ۽ بيشڪ آءٌ مٿس وڏو سگھارو معتبر آھيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ ٱلَّذِى عِندَهُۥ عِلْمٌ مِّنَ ٱلْكِتَٰبِ أَنَا۠ ءَاتِيكَ بِهِۦ قَبْلَ أَن يَرْتَدَّ إِلَيْكَ طَرْفُكَ فَلَمَّا رَءَاهُ مُسْتَقِرًّا عِندَهُۥ قَالَ هَٰذَا مِن فَضْلِ رَبِّى لِيَبْلُوَنِىٓ ءَأَشْكُرُ أَمْ أَكْفُرُ وَمَن شَكَرَ فَإِنَّمَا يَشْكُرُ لِنَفْسِهِۦ وَمَن كَفَرَ فَإِنَّ رَبِّى غَنِىٌّ كَرِيمٌ
Taj Mehmood Amroti (ٻيو) شخص جنھن وٽ ڪتاب مان علم ھو (تنھن) چيو ته تنھنجي نگاھ جي توڏانھن موٽڻ کان اڳي آءٌ اھو (تخت) تو وٽ آڻيندس، پوءِ جنھن مھل (سليمان) اُھو پاڻ وٽ رکيل ڏٺو (تنھن مھل) چيائين ته ھيءُ منھنجي پالڻھار جي فضل مان آھي، (ھن لاءِ) ته مونکي پرکي ته شڪر ڪريان ٿو يا بي شڪري ڪريان ٿو، ۽ جيڪو شڪر ڪندو سو رڳو پنھنجي (نفعي) لاءِ شڪر ڪندو، ۽ جنھن بي شڪري ڪئي ته منھنجو پالڻھار بي پرواہ ڪرم ڪندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ نَكِّرُوا۟ لَهَا عَرْشَهَا نَنظُرْ أَتَهْتَدِىٓ أَمْ تَكُونُ مِنَ ٱلَّذِينَ لَا يَهْتَدُونَ
Taj Mehmood Amroti (سُليمان) چيو ته اُن جي تخت کي اُن (جي آزمائش) لاءِ مٽايو ته ڏسون ته سُڃاڻي ٿي يا اُنھن مان ٿئي ٿي جيڪي نه سڃاڻن؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَمَّا جَآءَتْ قِيلَ أَهَٰكَذَا عَرْشُكِ قَالَتْ كَأَنَّهُۥ هُوَ وَأُوتِينَا ٱلْعِلْمَ مِن قَبْلِهَا وَكُنَّا مُسْلِمِينَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جنھن مھل (بلقيس) آئي (تنھن مھل) چيو ويو ته تنھنجو تخت ھھڙو آھي ڇا؟ چيائين ته ھيءُ ڄڻڪ اُھوئي آھي، ۽ ھن کان اڳ (سليمان جي سچائي بابت) اسان کي ڄاڻپ ڏني وئي ھئي ۽ اسين حڪم مڃيندڙ آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَصَدَّهَا مَا كَانَت تَّعْبُدُ مِن دُونِ ٱللَّهِ إِنَّهَا كَانَتْ مِن قَوْمٍ كَٰفِرِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله کانسواءِ جنھنجي پوڄا ڪندي ھئي تنھن کان کيس (سليمان) جھليو، بيشڪ اُھا ڪافرن جي قوم مان ھئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قِيلَ لَهَا ٱدْخُلِى ٱلصَّرْحَ فَلَمَّا رَأَتْهُ حَسِبَتْهُ لُجَّةً وَكَشَفَتْ عَن سَاقَيْهَا قَالَ إِنَّهُۥ صَرْحٌ مُّمَرَّدٌ مِّن قَوَارِيرَ قَالَتْ رَبِّ إِنِّى ظَلَمْتُ نَفْسِى وَأَسْلَمْتُ مَعَ سُلَيْمَٰنَ لِلَّهِ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amroti اُن کي چيو ويو ته محلات ۾ گھِڙ پوءِ اُھا جنھن مھل ڏٺائين (تنھن مھل) اُن کي پاڻيءَ جو تلاءُ ڀانيائين ۽ پنھنجن پنين تان ڪپڙو لاٿائين، (سليمانؑ) چيو ته اھا محلات شيشن سان جڙاء ٿيل آھي، چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مون پاڻ تي ظلم ڪيو ۽ (ھاڻي) جھانن جي پالڻھار الله کي سُليمان سميت مڃيم.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ أَرْسَلْنَآ إِلَىٰ ثَمُودَ أَخَاهُمْ صَٰلِحًا أَنِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ فَإِذَا هُمْ فَرِيقَانِ يَخْتَصِمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ ثمود (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ صالح موڪليوسون ته الله جي عبادت ڪريو پوءِ اُھي اُن مھل ٻه ٽوليون ٿي جھڳڙو ڪنديون رھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالَ يَٰقَوْمِ لِمَ تَسْتَعْجِلُونَ بِٱلسَّيِّئَةِ قَبْلَ ٱلْحَسَنَةِ لَوْلَا تَسْتَغْفِرُونَ ٱللَّهَ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ
Taj Mehmood Amroti (صالح) چيو ته اي منھنجي قوم اوھين چڱائيءَ کان اڳ تڪڙو عذاب ڇو گھرندا آھيو؟ الله کان بخشش ڇونه ٿا گھرو ته مانَ اوھان تي رحم ڪيو وڃي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوا۟ ٱطَّيَّرْنَا بِكَ وَبِمَن مَّعَكَ قَالَ طَٰٓئِرُكُمْ عِندَ ٱللَّهِ بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌ تُفْتَنُونَ
Taj Mehmood Amroti چيائون ته توکي ۽ تنھنجي سنگت کي نڀاڳو سمجھيوسون، (صالح) چيو ته اوھان جو نڀاڳ الله وٽ آھي بلڪ اوھين قوم پرکبؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَانَ فِى ٱلْمَدِينَةِ تِسْعَةُ رَهْطٍ يُفْسِدُونَ فِى ٱلْأَرْضِ وَلَا يُصْلِحُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اُن) شھر ۾ نَو ڄڻا ھوا جي مُلڪ ۾ ڏڦير وجھندا ھوا ۽ سُڌارو نه ڪندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَالُوا۟ تَقَاسَمُوا۟ بِٱللَّهِ لَنُبَيِّتَنَّهُۥ وَأَهْلَهُۥ ثُمَّ لَنَقُولَنَّ لِوَلِيِّهِۦ مَا شَهِدْنَا مَهْلِكَ أَهْلِهِۦ وَإِنَّا لَصَٰدِقُونَ
Taj Mehmood Amroti اُنھن الله جو قسم کڻي پاڻ ۾ کڻي چيو ته صالح ۽ سندس گھر وارن کي راتاھو ھڻي ماريون وري سندس وارث کي ضرور چونداسون ته (اسين) سندس گھر وارن جي ھلاڪ ٿيڻ مھل حاضر نه ھواسون ۽ بيشڪ اسين سچا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَكَرُوا۟ مَكْرًا وَمَكَرْنَا مَكْرًا وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ ھنن ھڪڙي قسم جو فريب ڪيو ۽ اسان (به) ھڪڙي قسم جي رٿ رٿي ۽ اُھي بي خبر ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ مَكْرِهِمْ أَنَّا دَمَّرْنَٰهُمْ وَقَوْمَهُمْ أَجْمَعِينَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ (اي پيغمبر) نھار ته سندن فريب جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي جو اسان کين ۽ سندن ساري قوم کي ناس ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَتِلْكَ بُيُوتُهُمْ خَاوِيَةًۢ بِمَا ظَلَمُوٓا۟ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَةً لِّقَوْمٍ يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ اُنھيءَ سببان جو ظلم ڪيائون اُھي سندن گھر اُجڙيل آھن، ڄاڻندڙ قوم لاءِ بيشڪ ھن ۾ (وڏي) نشاني آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَنجَيْنَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَكَانُوا۟ يَتَّقُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن ايمان آندو ۽ پرھيزگاري ڪئي تن کي بچايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلُوطًا إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِۦٓ أَتَأْتُونَ ٱلْفَٰحِشَةَ وَأَنتُمْ تُبْصِرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ لُوط کي (موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين بي حيائي (جو ڪم) ڪندا آھيو ڇا؟ ۽ اوھين ڏسندا (به) آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَئِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ ٱلرِّجَالَ شَهْوَةً مِّن دُونِ ٱلنِّسَآءِ بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌ تَجْهَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ڇا اوھين زالن کي ڇڏي مردن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين جاھل قوم آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَا كَانَ جَوَابَ قَوْمِهِۦٓ إِلَّآ أَن قَالُوٓا۟ أَخْرِجُوٓا۟ ءَالَ لُوطٍ مِّن قَرْيَتِكُمْ إِنَّهُمْ أُنَاسٌ يَتَطَهَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti تڏھن سندن قوم جي ورندي رڳو ھيءَ ھئي ته چيائون ته پنھنجي ڳوٺ مان لُوط جي گھر وارن کي تڙيو، ڇو ته اُھي ماڻھو پاڪ ھجڻ گھرندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَنجَيْنَٰهُ وَأَهْلَهُۥٓ إِلَّا ٱمْرَأَتَهُۥ قَدَّرْنَٰهَا مِنَ ٱلْغَٰبِرِينَ
Taj Mehmood Amroti پوءِ کيس ۽ سندس گھر وارن کي بچايوسون سواءِ سندس زال جي، جنھن کي پوءِ تي رھيلن مان ٺھرايوسين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِم مَّطَرًا فَسَآءَ مَطَرُ ٱلْمُنذَرِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ مٿن مينھن وسايوسون، پوءِ ڊيڄايلن جو مينھن بڇڙو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلِ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ وَسَلَٰمٌ عَلَىٰ عِبَادِهِ ٱلَّذِينَ ٱصْطَفَىٰٓ ءَآللَّهُ خَيْرٌ أَمَّا يُشْرِكُونَ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) چؤ ته سڀ ساراہ الله کي جڳائي ۽ سندس انھن ٻانھن تي سلام ھجي جن کي پسند ڪيائين، الله ڀلو آھي يا اُھو جنھن کي (اُھي الله جو) شريڪ بڻائيندا آھن؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمَّنْ خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَأَنزَلَ لَكُم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً فَأَنۢبَتْنَا بِهِۦ حَدَآئِقَ ذَاتَ بَهْجَةٍ مَّا كَانَ لَكُمْ أَن تُنۢبِتُوا۟ شَجَرَهَآ أَءِلَٰهٌ مَّعَ ٱللَّهِ بَلْ هُمْ قَوْمٌ يَعْدِلُونَ
Taj Mehmood Amroti (نه بلڪ پڇون ٿا) اُھو ڪير آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي بڻايو ۽ اوھان لاءِ آسمان مان پاڻي وسايو؟ پوءِ ان سان (ھر طرح جا) رونق وارا باغ ڄماياسون، اُنھن (باغن) جي وڻن جي ڄمائڻ جي اوھان کي ڪا سگھ نه ھئي الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُھي (اھڙي قوم آھن جي سڌي رستي کان) ڏنگو ھلندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمَّن جَعَلَ ٱلْأَرْضَ قَرَارًا وَجَعَلَ خِلَٰلَهَآ أَنْهَٰرًا وَجَعَلَ لَهَا رَوَٰسِىَ وَجَعَلَ بَيْنَ ٱلْبَحْرَيْنِ حَاجِزًا أَءِلَٰهٌ مَّعَ ٱللَّهِ بَلْ أَكْثَرُهُمْ لَا يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amroti (نه بلڪ پڇون ٿا ٿه) زمين کي ٽڪاءَ وارو ڪنھن ڪيو ۽ اُن جي وچ ۾ نھرون (ڪنھن) پيدا ڪيون ۽ مٿس جبل (ڪنھن) پيدا ڪيا ۽ ٻن دريائن جي وچ ۾ (ڪنھن) اوٽ بڻائي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ بلڪ اُنھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمَّن يُجِيبُ ٱلْمُضْطَرَّ إِذَا دَعَاهُ وَيَكْشِفُ ٱلسُّوٓءَ وَيَجْعَلُكُمْ خُلَفَآءَ ٱلْأَرْضِ أَءِلَٰهٌ مَّعَ ٱللَّهِ قَلِيلًا مَّا تَذَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti (نه بلڪ پُڇون ٿا ته) عاجز جي دُعا ڪير قبول ڪندو آھي جڏھن (ھو) الله کي سڏيندو آھي؟ ۽ (ڪير) ڏک لاھيندو آھي؟ ۽ اوھان کي زمين ۾ (ڪير اڳين جو) وارث ڪندو آھي، الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ اوھين ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمَّن يَهْدِيكُمْ فِى ظُلُمَٰتِ ٱلْبَرِّ وَٱلْبَحْرِ وَمَن يُرْسِلُ ٱلرِّيَٰحَ بُشْرًۢا بَيْنَ يَدَىْ رَحْمَتِهِۦٓ أَءِلَٰهٌ مَّعَ ٱللَّهِ تَعَٰلَى ٱللَّهُ عَمَّا يُشْرِكُونَ
Taj Mehmood Amroti (نه بلڪ پڇون ٿا ته) اوھان کي بر ۽ بحر جي اونداھين ۾ ڪير (سڌو) رستو ڏيکاريندو آھي؟ ۽ پنھنجي ٻاجھ (مينھن) کان اڳ خوشخبري ڏيندڙ وائن کي ڪير گھلائيندو آھي؟ الله کانسواءِ ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (ڪافر) جيڪي شريڪ مقرر ڪندا آھن تن کان الله تمام مٿاھون آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَمَّن يَبْدَؤُا۟ ٱلْخَلْقَ ثُمَّ يُعِيدُهُۥ وَمَن يَرْزُقُكُم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ أَءِلَٰهٌ مَّعَ ٱللَّهِ قُلْ هَاتُوا۟ بُرْهَٰنَكُمْ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ
Taj Mehmood Amroti ڀلا نئين سر مخلوق ڪير بڻائيندو آھي وري ٻيھر اُن کي بڻائيندو؟ ۽ اوھان کي آسمان ۽ زمين مان ڪير روزي ڏيندو آھي؟ الله سان ڪو ٻيو معبود آھي ڇا؟ (اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته پنھنجي حُجت آڻيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُل لَّا يَعْلَمُ مَن فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ ٱلْغَيْبَ إِلَّا ٱللَّهُ وَمَا يَشْعُرُونَ أَيَّانَ يُبْعَثُونَ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر کين) چؤ ته آسمانن ۽ زمين ۾ جيڪي به آھن سي الله کانسواءِ ڳجھ نه ڄاڻندا آھن، ۽ نڪي ڄاڻندا آھن ته ڪڏھن وري اُٿاربن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلِ ٱدَّٰرَكَ عِلْمُهُمْ فِى ٱلْـَٔاخِرَةِ بَلْ هُمْ فِى شَكٍّ مِّنْهَا بَلْ هُم مِّنْهَا عَمُونَ
Taj Mehmood Amroti بلڪ سندن ڄاڻپ آخرت (جي نسبت) ۾ عاجز ٿي پئي آھي، بلڪ اُھي کانئس شڪ ۾ آھن، (نه!) بلڪ (ان جي سمجھ) کان انڌا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ أَءِذَا كُنَّا تُرَٰبًا وَءَابَآؤُنَآ أَئِنَّا لَمُخْرَجُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ ڪافر چوندا آھن ته جڏھن اسين مٽي ٿينداسون ۽ اسان جا پيءُ ڏاڏا (به تڏھن به) اسين وري قبرن مان ڪڍباسون ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَقَدْ وُعِدْنَا هَٰذَا نَحْنُ وَءَابَآؤُنَا مِن قَبْلُ إِنْ هَٰذَآ إِلَّآ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ اسان کي ۽ اسان جي پيءُ ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھيءَ ڳالھ جو اَنجام ڏنو ويو آھي ھيءُ رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ سِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَٱنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلْمُجْرِمِينَ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر کين) چؤ ته زمين ۾ گُھمو ۽ ڏسو ته گھنھگارن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي ھئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا تَحْزَنْ عَلَيْهِمْ وَلَا تَكُن فِى ضَيْقٍ مِّمَّا يَمْكُرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اي پيغمبر) مٿن ڏک نه ڪر ۽ سندن فريب ڪرڻ کان خفگيءَ ۾ نه رھ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَقُولُونَ مَتَىٰ هَٰذَا ٱلْوَعْدُ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ چوندا آھن ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اھو انجام ڪڏھن ٿيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ عَسَىٰٓ أَن يَكُونَ رَدِفَ لَكُم بَعْضُ ٱلَّذِى تَسْتَعْجِلُونَ
Taj Mehmood Amroti (کين) چؤ ته جيڪي تڪڙو گھرندا آھيو تنھن مان ڪجھ متان اوھان جي پُٺيءَ پويان (ويجھو) ھجي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ رَبَّكَ لَذُو فَضْلٍ عَلَى ٱلنَّاسِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَشْكُرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ تنھنجو پالڻھار ماڻھن تي فضل ڪرڻ وارو آھي پر گھڻا ماڻھو شڪر نه ڪندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّ رَبَّكَ لَيَعْلَمُ مَا تُكِنُّ صُدُورُهُمْ وَمَا يُعْلِنُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ سندن سينا جيڪي لڪائيندا ۽ جيڪي پڌرو ڪندا آھن سو تنھنجو پالڻھار بيشڪ ڄاڻندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَا مِنْ غَآئِبَةٍ فِى ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ إِلَّا فِى كِتَٰبٍ مُّبِينٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ آسمان ۽ زمين ۾ اھڙي ڪا (شيء) ڳجھي نه آھي جا پڌري ڪتاب ۾ (لکيل) نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ هَٰذَا ٱلْقُرْءَانَ يَقُصُّ عَلَىٰ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ أَكْثَرَ ٱلَّذِى هُمْ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ ھي قرآن بني اسرائيلن کي گھڻيون ڳالھيون اُھي ڳالھيون بيان ڪندو آھي جن بابت اُھي تڪرار ڪندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّهُۥ لَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِّلْمُؤْمِنِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ بيشڪ اِھو مُؤمن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ رَبَّكَ يَقْضِى بَيْنَهُم بِحُكْمِهِۦ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْعَلِيمُ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ تنھنجو پالڻھار پنھنجي حُڪم سان سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، ۽ اُھو غالب ڄاڻندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ إِنَّكَ عَلَى ٱلْحَقِّ ٱلْمُبِينِ
Taj Mehmood Amroti پوءِ (اي پيغمبر تون) الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ تون پڌري سچي (دين) تي آھين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّكَ لَا تُسْمِعُ ٱلْمَوْتَىٰ وَلَا تُسْمِعُ ٱلصُّمَّ ٱلدُّعَآءَ إِذَا وَلَّوْا۟ مُدْبِرِينَ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ تون نڪي مُئن کي ٻُڌائي سگھندين ۽ نڪي ٻوڙن کي سڏ ٻڌائي سگھندين جڏھن (ھو) پٺي ڏيئي ڦرن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَنتَ بِهَٰدِى ٱلْعُمْىِ عَن ضَلَٰلَتِهِمْ إِن تُسْمِعُ إِلَّا مَن يُؤْمِنُ بِـَٔايَٰتِنَا فَهُم مُّسْلِمُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ نڪي تون انڌن کي سندن گمراھيءَ کان (موٽڻ لاءِ) سِڌو رستو ڏيکاريندڙ آھين، (تون) رُڳو انھيءَ کي ٻڌائيندين جيڪو اسان جي آيتن تي ايمان آڻيندو پوءِ اُھي فرمانبردار آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا وَقَعَ ٱلْقَوْلُ عَلَيْهِمْ أَخْرَجْنَا لَهُمْ دَآبَّةً مِّنَ ٱلْأَرْضِ تُكَلِّمُهُمْ أَنَّ ٱلنَّاسَ كَانُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا لَا يُوقِنُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جڏھن مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿيندو (تڏھن) انھن لاءِ ھڪ جانور زمين مان ڪڍنداسون جو ساڻن ڳالھائيندو انھيءَ ڪري جو ماڻھو اسان جي آيتن تي يقين نه رکندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَوْمَ نَحْشُرُ مِن كُلِّ أُمَّةٍ فَوْجًا مِّمَّن يُكَذِّبُ بِـَٔايَٰتِنَا فَهُمْ يُوزَعُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ اُنھي ڏينھن جو سڀڪنھن اُمّت مان اھڙيءَ ٽوليءَ کي کڙو ڪنداسون جنھن اسان جي آيتن کي ڪُوڙو ڄاتو ٿي پوءِ اُھي (ھڪٻئي جي پھچڻ تائين) بيھاريا ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءُو قَالَ أَكَذَّبْتُم بِـَٔايَٰتِى وَلَمْ تُحِيطُوا۟ بِهَا عِلْمًا أَمَّاذَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti تان جو جڏھن (سڀ) ايندا (تڏھن الله) چوندو ته اوھان منھنجن آيتن کي ڇو ڪوڙ ڄاتو ھو ۽ انھن کي اوھان سمجھو به نه ھُيو يا (چؤ ته) اوھان ڪھڙو ڪم ڪيو ٿي؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَوَقَعَ ٱلْقَوْلُ عَلَيْهِم بِمَا ظَلَمُوا۟ فَهُمْ لَا يَنطِقُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ سندن ظلم ڪرڻ سببان مٿن (عذاب جو) انجام لازم ٿي چُڪو پوءِ اُھي (ماڻھو) ڳالھائي نه سگھندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّا جَعَلْنَا ٱلَّيْلَ لِيَسْكُنُوا۟ فِيهِ وَٱلنَّهَارَ مُبْصِرًا إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَٰتٍ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ
Taj Mehmood Amroti نه ڏٺو اٿن ڇا ته اسان رات کي (ھن لاءِ) پيدا ڪيو ته منجھس آرام وٺن ۽ ڏينھن کي روشن (بڻايوسون)، بيشڪ ھن ۾ مڃيندڙ قوم لاءِ (منھنجي قدرت جون) نشانيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَوْمَ يُنفَخُ فِى ٱلصُّورِ فَفَزِعَ مَن فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَن فِى ٱلْأَرْضِ إِلَّا مَن شَآءَ ٱللَّهُ وَكُلٌّ أَتَوْهُ دَٰخِرِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (ياد ڪريو) جنھن ڏينھن صُور ۾ ڦوڪبو (تنھن ڏينھن) جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي سڀئي گھٻرائيندا پر جن لاءِ الله گھريو (سي نه گھٻرائيندا)، ۽ سڀڪو وٽن خوار ٿيل ايندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَرَى ٱلْجِبَالَ تَحْسَبُهَا جَامِدَةً وَهِىَ تَمُرُّ مَرَّ ٱلسَّحَابِ صُنْعَ ٱللَّهِ ٱلَّذِىٓ أَتْقَنَ كُلَّ شَىْءٍ إِنَّهُۥ خَبِيرٌۢ بِمَا تَفْعَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ تون جبلن کي ڏسين ٿو انھن کي (زمين) ۾ مُحڪم ڀائين ٿو؟ حالانڪ اُھي ڪڪرن جي ھلڻ جان ھلندا، اِھا (اُنھي) الله جي جوڙ آھي جنھن سڀڪنھن شيء کي مُحڪم رکيو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو تنھنجي اُھو خبر رکندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَن جَآءَ بِٱلْحَسَنَةِ فَلَهُۥ خَيْرٌ مِّنْهَا وَهُم مِّن فَزَعٍ يَوْمَئِذٍ ءَامِنُونَ
Taj Mehmood Amroti جيڪو نيڪي آڻيندو تنھن لاءِ اُن کان ڀلو (بدلو) آھي، ۽ اُھي اُن ڏينھن گھٻرائڻ کان امن وارا ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَن جَآءَ بِٱلسَّيِّئَةِ فَكُبَّتْ وُجُوهُهُمْ فِى ٱلنَّارِ هَلْ تُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪو مدائي آڻيندو پوءِ تن جا منھن باھ ۾ اونڌا ڪري وجھبا، (چيو ويندنِ) ته جيڪي ڪندا ھُيؤ تنھن کانسواءِ ڪو بدلو نه ٿو ڏجيوَ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّمَآ أُمِرْتُ أَنْ أَعْبُدَ رَبَّ هَٰذِهِ ٱلْبَلْدَةِ ٱلَّذِى حَرَّمَهَا وَلَهُۥ كُلُّ شَىْءٍ وَأُمِرْتُ أَنْ أَكُونَ مِنَ ٱلْمُسْلِمِينَ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) چؤ ته مون کي ته (ھيءُ) حُڪم ڪيل آھي ته ھن شھر جي پالڻھار جي عبادت ڪريان جنھن اُن کي تعظيم وارو ڪيو ۽ سڀڪا شيء سندس آھي ۽ مونکي حُڪم ڪيل آھي ته مُسلمانن مان ھُجان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَنْ أَتْلُوَا۟ ٱلْقُرْءَانَ فَمَنِ ٱهْتَدَىٰ فَإِنَّمَا يَهْتَدِى لِنَفْسِهِۦ وَمَن ضَلَّ فَقُلْ إِنَّمَآ أَنَا۠ مِنَ ٱلْمُنذِرِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (ھيءُ) قرآن پڙھان، پوءِ جيڪو ھدايت وارو ٿيو سو رڳو پاڻ لاءِ ھدايت وارو ٿئي ٿو، ۽ جيڪو گمراھ ٿيو ته چؤ ته آءٌ رڳو ڊيڄاريندڙ آھيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقُلِ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ سَيُرِيكُمْ ءَايَٰتِهِۦ فَتَعْرِفُونَهَا وَمَا رَبُّكَ بِغَٰفِلٍ عَمَّا تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ چؤ ته سڀ ساراھ الله کي جڳائي (اُھو) اوھان کي پنھنجون نشانيون سگھو ڏيکاريندو پوءِ جنکي اوھين سُڃاڻندؤ، ۽ جيڪي ڪندا آھيو تنھن کان اوھان جو پالڻھار بي خبر نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
→ سورة الشعراء
سورة القصص ←
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→
Arabic text and translations via Tanzil and QuranEnc — verbatim, unmodified · Translations belong to their translators and are not the Qur'an itself
هي تحقيق جو مددگار آهي، فتويٰ جو ذريعو ناهي.