caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الفرقان الفرقان

٧٧ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٤٢

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ تَبَارَكَ ٱلَّذِى نَزَّلَ ٱلْفُرْقَانَ عَلَىٰ عَبْدِهِۦ لِيَكُونَ لِلْعَٰلَمِينَ نَذِيرًا

Taj Mehmood Amrotiاھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي جنھن پنھنجي ٻانھي تي (حق ۽ باطل جو) فرق ڪندڙ (قرآن) ھن لاءِ نازل ڪيو ته جھان وارن لاءِ ڊيڄاريندڙ ھجي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِى لَهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَلَمْ يَتَّخِذْ وَلَدًا وَلَمْ يَكُن لَّهُۥ شَرِيكٌ فِى ٱلْمُلْكِ وَخَلَقَ كُلَّ شَىْءٍ فَقَدَّرَهُۥ تَقْدِيرًا

Taj Mehmood Amroti(اُھو آھي) جنھن کي آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي آھي ۽ (پاڻ لاءِ) نڪو اولاد ورتائين ۽ نڪي بادشاھيءَ ۾ ساڻس ڪو شريڪ آھي ۽ سڀڪنھن شيء کي بڻايائين پوءِ ان جو اندازو پوري طرح ٺھرايائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱتَّخَذُوا۟ مِن دُونِهِۦٓ ءَالِهَةً لَّا يَخْلُقُونَ شَيْـًٔا وَهُمْ يُخْلَقُونَ وَلَا يَمْلِكُونَ لِأَنفُسِهِمْ ضَرًّا وَلَا نَفْعًا وَلَا يَمْلِكُونَ مَوْتًا وَلَا حَيَوٰةً وَلَا نُشُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ (ڪافرن) الله کانسواءِ اُھي معبود ورتا آھن جو ڪجھ بڻائي نه سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ پيدا ڪيل آھن ۽ پاڻ لاءِ نڪي ڏک ۽ نڪي سُک جو اختيار اٿن ۽ نڪي موت ۽ نڪي حياتي ۽ نه وري جيئري ٿيڻ جو اختيار اٿن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِنْ هَٰذَآ إِلَّآ إِفْكٌ ٱفْتَرَىٰهُ وَأَعَانَهُۥ عَلَيْهِ قَوْمٌ ءَاخَرُونَ فَقَدْ جَآءُو ظُلْمًا وَزُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ ڪافر چوندا آھن ته ھيءُ (قرآن) رڳو ڪوڙو قصّو آھي جو اُھو پاڻون ٺاھيو اٿس ۽ اُن (جي ٺاھڻ) تي ٻي قوم به کيس مدد ڏني آھي، (اھڙي طرح چوڻ سان) بيشڪ اُنھن ظلم ۽ ڪوڙ (ڪم ۾) آندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالُوٓا۟ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ ٱكْتَتَبَهَا فَهِىَ تُمْلَىٰ عَلَيْهِ بُكْرَةً وَأَصِيلًا

Taj Mehmood Amroti۽ چيائون ته (ھي قرآن) اڳين جا قصّا آھن جو اُھي مٿس صُبح ۽ سانجھيءَ پڙھبا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ أَنزَلَهُ ٱلَّذِى يَعْلَمُ ٱلسِّرَّ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ إِنَّهُۥ كَانَ غَفُورًا رَّحِيمًا

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو (قرآن) اُنھي (الله) نازل ڪيو آھي جيڪو آسمانن ۽ زمين جو ڳجھ ڄاڻندو آھي، بيشڪ اُھو بخشڻھار مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالُوا۟ مَالِ هَٰذَا ٱلرَّسُولِ يَأْكُلُ ٱلطَّعَامَ وَيَمْشِى فِى ٱلْأَسْوَاقِ لَوْلَآ أُنزِلَ إِلَيْهِ مَلَكٌ فَيَكُونَ مَعَهُۥ نَذِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ (ڪافر) چون ٿا ته ھن پيغمبر کي ڇا (ٿيو) آھي جو طعام کائيندو آھي ۽ بازارين ۾ گھمندو آھي، ڏانھس ملائڪ ڇو نه نازل ڪيو ويو آھي ته اُھو ساڻس (گڏ) ڊيڄاريندڙ ھجي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوْ يُلْقَىٰٓ إِلَيْهِ كَنزٌ أَوْ تَكُونُ لَهُۥ جَنَّةٌ يَأْكُلُ مِنْهَا وَقَالَ ٱلظَّٰلِمُونَ إِن تَتَّبِعُونَ إِلَّا رَجُلًا مَّسْحُورًا

Taj Mehmood Amrotiيا ڏانھس (آسمان کان) خزانو ڇو نه اُڇليو ويو يا اُن کي ڪو باغ ڇو نه آھي جو منجھانئس کائي، ۽ ظالم چوندا آھن ته اوھين رڳو جادو ڪيل ماڻھو جي تابعداري ڪندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱنظُرْ كَيْفَ ضَرَبُوا۟ لَكَ ٱلْأَمْثَٰلَ فَضَلُّوا۟ فَلَا يَسْتَطِيعُونَ سَبِيلًا

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) ڏس ته تو لاءِ ڪھڙي طرح جون ڳالھيون ڪندا آھن پوءِ (اُھي) گمراھ ٿيا ۽ (ھاڻي) ڪا واٽ لھي نٿا سگھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تَبَارَكَ ٱلَّذِىٓ إِن شَآءَ جَعَلَ لَكَ خَيْرًا مِّن ذَٰلِكَ جَنَّٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ وَيَجْعَل لَّكَ قُصُورًۢا

Taj Mehmood Amrotiاُھو (الله) وڏو برڪت وارو آھي جيڪڏھن گھري ته (دنيا ۾) تولاءِ ھن (چيل) کان ڀلا باغ جن جي ھيٺان واھيون پيون وھن ڏيئي ۽ توکي وڏيون ماڙيون (به) ڏئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بَلْ كَذَّبُوا۟ بِٱلسَّاعَةِ وَأَعْتَدْنَا لِمَن كَذَّبَ بِٱلسَّاعَةِ سَعِيرًا

Taj Mehmood Amrotiبلڪ قيامت کي ڪُوڙو ڀانيو اٿن ۽ جنھن قيامت کي ڪوڙو ڀانيو تنھن لاءِ دوزخ تيار ڪيو اٿئون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذَا رَأَتْهُم مِّن مَّكَانٍۭ بَعِيدٍ سَمِعُوا۟ لَهَا تَغَيُّظًا وَزَفِيرًا

Taj Mehmood Amrotiجڏھن (دوزخ) انھن کي ڏوراھين پنڌ کان ڏسندو (تڏھن) اُن جون ڪاوڙ جون ھڪلون ۽ گجڪار ٻڌندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَآ أُلْقُوا۟ مِنْهَا مَكَانًا ضَيِّقًا مُّقَرَّنِينَ دَعَوْا۟ هُنَالِكَ ثُبُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن اُتان ھٿ پير جڪڙيل سوڙھي ھنڌ سٽيا ويندا (تڏھن) اُتي (پاڻ لاءِ) ھلاڪ ٿيڻ کي سڏيندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَّا تَدْعُوا۟ ٱلْيَوْمَ ثُبُورًا وَٰحِدًا وَٱدْعُوا۟ ثُبُورًا كَثِيرًا

Taj Mehmood Amroti(چيو ويندن ته) اڄ اوھين ھڪ ھلاڪ ٿيڻ کي نه پڪاريو پر گھڻن ھلاڪتن کي پُڪاريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ أَذَٰلِكَ خَيْرٌ أَمْ جَنَّةُ ٱلْخُلْدِ ٱلَّتِى وُعِدَ ٱلْمُتَّقُونَ كَانَتْ لَهُمْ جَزَآءً وَمَصِيرًا

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر کين) چؤ ته اُھو ڀلو آھي يا اُھو ھميشه وارو بھشت جنھن جو پرھيزگارن کي انجام ڏنو ويو آھي؟ جو اُنھن لاءِ بدلو ۽ موٽڻ جو ھنڌ ھوندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَّهُمْ فِيهَا مَا يَشَآءُونَ خَٰلِدِينَ كَانَ عَلَىٰ رَبِّكَ وَعْدًا مَّسْـُٔولًا

Taj Mehmood Amrotiجيڪي گھرندا سو انھن لاءِ منجھس سدائين (موجود) ھوندو، تنھنجي پالڻھار کان (اھو) وعدو گھريل آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَيَوْمَ يَحْشُرُهُمْ وَمَا يَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ فَيَقُولُ ءَأَنتُمْ أَضْلَلْتُمْ عِبَادِى هَٰٓؤُلَآءِ أَمْ هُمْ ضَلُّوا۟ ٱلسَّبِيلَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُن ڏينھن کين ۽ جن کي الله کانسواءِ پوڄيندا آھن تن کي الله گڏ ڪندو پوءِ چوندو ته اوھان ھنن منھنجن ٻانھن کي گمراھ ڪيو ھو يا اُھي پاڻ واٽ کان گمراھ ٿيا ھوا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ سُبْحَٰنَكَ مَا كَانَ يَنۢبَغِى لَنَآ أَن نَّتَّخِذَ مِن دُونِكَ مِنْ أَوْلِيَآءَ وَلَٰكِن مَّتَّعْتَهُمْ وَءَابَآءَهُمْ حَتَّىٰ نَسُوا۟ ٱلذِّكْرَ وَكَانُوا۟ قَوْمًۢا بُورًا

Taj Mehmood Amrotiچوندا ته تنھنجي پاڪائي بيان ٿا ڪريون تو کانسواءِ اسان کي ڪو دوست وٺڻ نه جڳائيندو ھو پر انھن کي ۽ سندن پين ڏاڏن کي آسودو ڪيئي تان جو نصيحت وساريائون، ۽ ھلاڪ ٿيل قوم ٿيا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَقَدْ كَذَّبُوكُم بِمَا تَقُولُونَ فَمَا تَسْتَطِيعُونَ صَرْفًا وَلَا نَصْرًا وَمَن يَظْلِم مِّنكُمْ نُذِقْهُ عَذَابًا كَبِيرًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (چونداسون ته اي ڪافرؤ) بيشڪ جيڪي (ڳالھيون ھنن معبودن بابت) چَيوَ ٿي تن ۾ اُنھن اوھان کي ڪُوڙو ڪيو پوءِ (اوھين) نڪي عذاب ٽاري سگھو ٿا ۽ نڪي مدد وٺي سگھو ٿا، ۽ اوھان مان جنھن ظلم ڪيو ھوندو تنھن کي وڏو عذاب چکائينداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَرْسَلْنَا قَبْلَكَ مِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ إِلَّآ إِنَّهُمْ لَيَأْكُلُونَ ٱلطَّعَامَ وَيَمْشُونَ فِى ٱلْأَسْوَاقِ وَجَعَلْنَا بَعْضَكُمْ لِبَعْضٍ فِتْنَةً أَتَصْبِرُونَ وَكَانَ رَبُّكَ بَصِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ توکان اڳ پيغمبرن مان جيترا به موڪلياسون سي (به تو ئي وانگر) طعام کائيندا ھوا ۽ بازارين ۾ گھمندا ھوا، ۽ اوھان کي (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي لاءِ پرک ڪيو اٿئون، (ته ڏسون ته) صبر ڪريو ٿا (يا نه)؟ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏسندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالَ ٱلَّذِينَ لَا يَرْجُونَ لِقَآءَنَا لَوْلَآ أُنزِلَ عَلَيْنَا ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ أَوْ نَرَىٰ رَبَّنَا لَقَدِ ٱسْتَكْبَرُوا۟ فِىٓ أَنفُسِهِمْ وَعَتَوْ عُتُوًّا كَبِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي اسان جي ملڻ جي اُميد نه رکندا آھن سي چوندا آھن ته اسان تي ڇو نه ملائڪ نازل ڪيا ويا يا پنھنجي پالڻھار کي (ڇو نه ٿا) ڏسون؟ بيشڪ اُنھن پنھنجن جيئن ۾ وڏائي ڪئي ۽ تمام وڏو ھٺ ڪيائون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ يَرَوْنَ ٱلْمَلَٰٓئِكَةَ لَا بُشْرَىٰ يَوْمَئِذٍ لِّلْمُجْرِمِينَ وَيَقُولُونَ حِجْرًا مَّحْجُورًا

Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن ملائڪن کي ڏسندا تنھن ڏينھن ڏوھارين لاءِ ڪا خوشخبري نه آھي ۽ چوندا ته (الله ڪري اوھين شال) گھڻو پري ھجو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَدِمْنَآ إِلَىٰ مَا عَمِلُوا۟ مِنْ عَمَلٍ فَجَعَلْنَٰهُ هَبَآءً مَّنثُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪو ڪو عمل ڪيائون تنھن ڏانھن اسين مھاڙ ڪنداسون پوءِ اُن کي پڻي ڪري ڇڏينداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَصْحَٰبُ ٱلْجَنَّةِ يَوْمَئِذٍ خَيْرٌ مُّسْتَقَرًّا وَأَحْسَنُ مَقِيلًا

Taj Mehmood Amrotiاُنھيءَ ڏينھن بھشتي رھڻ جي جاءِ ڪري ڀلا ۽ آرام ڪرڻ جي جاءِ ڪري تمام چڱا ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَيَوْمَ تَشَقَّقُ ٱلسَّمَآءُ بِٱلْغَمَٰمِ وَنُزِّلَ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ تَنزِيلًا

Taj Mehmood Amroti۽ جنھن ڏينھن آسمان ڪڪرن سان ڦاٽندو ۽ ملائڪ لڳو لڳ لاھبا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلْمُلْكُ يَوْمَئِذٍ ٱلْحَقُّ لِلرَّحْمَٰنِ وَكَانَ يَوْمًا عَلَى ٱلْكَٰفِرِينَ عَسِيرًا

Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن سچي حڪومت الله جي آھي، ۽ اُھو ڏينھن ڪافرن تي سخت ٿيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَيَوْمَ يَعَضُّ ٱلظَّالِمُ عَلَىٰ يَدَيْهِ يَقُولُ يَٰلَيْتَنِى ٱتَّخَذْتُ مَعَ ٱلرَّسُولِ سَبِيلًا

Taj Mehmood Amroti۽ جنھن ڏينھن ظالم پنھنجا ٻئي ھٿ چٻيندو چوندو ته ھَيء اَرمان (جيڪر) پيغمبر سان گڏ واٽ وٺان ھا (ته چڱو ھو).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰوَيْلَتَىٰ لَيْتَنِى لَمْ أَتَّخِذْ فُلَانًا خَلِيلًا

Taj Mehmood Amrotiھَيء ھَيء ارمان جيڪر فلاڻي کي دوست نه وٺان ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَّقَدْ أَضَلَّنِى عَنِ ٱلذِّكْرِ بَعْدَ إِذْ جَآءَنِى وَكَانَ ٱلشَّيْطَٰنُ لِلْإِنسَٰنِ خَذُولًا

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ جڏھن مون وٽ نصيحت آئي تنھن پڄاڻا ھن مون کي اُن کان گمراہ ڪيو، ۽ شيطان ماڻھوءَ کي (وقت تي) دغا ڏيندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالَ ٱلرَّسُولُ يَٰرَبِّ إِنَّ قَوْمِى ٱتَّخَذُوا۟ هَٰذَا ٱلْقُرْءَانَ مَهْجُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ پيغمبر چوندو ته اي منھنجا پالڻھاربيشڪ منھنجي قوم ھن قرآن کي ڇڏي ڏنو ھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَكَذَٰلِكَ جَعَلْنَا لِكُلِّ نَبِىٍّ عَدُوًّا مِّنَ ٱلْمُجْرِمِينَ وَكَفَىٰ بِرَبِّكَ هَادِيًا وَنَصِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ اھڙيءَ طرح سڀڪنھن پيغمبر لاءِ ڏوھارين مان ويري بڻاياسون، ۽ تنھنجو پالڻھار ھدايت ڪرڻ وارو ۽ مدد ڏيڻ وارو ڪافي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لَوْلَا نُزِّلَ عَلَيْهِ ٱلْقُرْءَانُ جُمْلَةً وَٰحِدَةً كَذَٰلِكَ لِنُثَبِّتَ بِهِۦ فُؤَادَكَ وَرَتَّلْنَٰهُ تَرْتِيلًا

Taj Mehmood Amroti۽ ڪافر چون ٿا ته پيغمبر تي سارو قرآن ھڪ ڀيري ڇو نه نازل ڪيو ويو؟ اھڙي طرح (ٿورو ٿورو ڪري لاٿوسون)، ته اُن سان تنھنجي دل کي مُحڪم ڪريون ۽ اُھو آھستو آھستو پڙھي ٻڌايوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا يَأْتُونَكَ بِمَثَلٍ إِلَّا جِئْنَٰكَ بِٱلْحَقِّ وَأَحْسَنَ تَفْسِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ (ڪافر) تو وٽ اھڙي ڪا حُجّت نه ٿا آڻين جنھنجو اسين سچو (جواب) ۽ ڏاڍو چڱو بيان تو وٽ نه ٿا آڻيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ يُحْشَرُونَ عَلَىٰ وُجُوهِهِمْ إِلَىٰ جَهَنَّمَ أُو۟لَٰٓئِكَ شَرٌّ مَّكَانًا وَأَضَلُّ سَبِيلًا

Taj Mehmood Amrotiجيڪي پنھنجي منھن ڀر دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا اُھي جاءِ جي ڪري تمام بُڇڙا ۽ واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْكِتَٰبَ وَجَعَلْنَا مَعَهُۥٓ أَخَاهُ هَٰرُونَ وَزِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ مُوسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ۽ ساڻس سندس ڀاءُ ھارون وزير ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَقُلْنَا ٱذْهَبَآ إِلَى ٱلْقَوْمِ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا فَدَمَّرْنَٰهُمْ تَدْمِيرًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ چيوسون ته (ٻئي) اُنھي قوم ڏانھن وڃو جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو، پوءِ (آخر) کين پاڙئون پٽيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَوْمَ نُوحٍ لَّمَّا كَذَّبُوا۟ ٱلرُّسُلَ أَغْرَقْنَٰهُمْ وَجَعَلْنَٰهُمْ لِلنَّاسِ ءَايَةً وَأَعْتَدْنَا لِلظَّٰلِمِينَ عَذَابًا أَلِيمًا

Taj Mehmood Amroti۽ نوح جي قوم جڏھن پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو (تڏھن) کين ٻوڙيوسون ۽ کين ماڻھن لاءِ نشاني ڪئي سون، ۽ ظالمن لاءِ ڏکوئيندڙ عذاب تيار ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَعَادًا وَثَمُودَا۟ وَأَصْحَٰبَ ٱلرَّسِّ وَقُرُونًۢا بَيْنَ ذَٰلِكَ كَثِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ عادين ۽ ثمودين ۽ رَس وارن ۽ اُنھن جي وچ ۾ گھڻن جُڳن کي (ناس ڪيوسون).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَكُلًّا ضَرَبْنَا لَهُ ٱلْأَمْثَٰلَ وَكُلًّا تَبَّرْنَا تَتْبِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ ھر ھڪ کي بيان ڪري ٻڌايوسون، ۽ سڀني کي ناس ڪيوسون (جئن) ناس ڪرڻ گھرجي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ أَتَوْا۟ عَلَى ٱلْقَرْيَةِ ٱلَّتِىٓ أُمْطِرَتْ مَطَرَ ٱلسَّوْءِ أَفَلَمْ يَكُونُوا۟ يَرَوْنَهَا بَلْ كَانُوا۟ لَا يَرْجُونَ نُشُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ (ڪافر) اُن ڳوٺ وٽان ٿي آيا آھن جنھن تي (پٿرن جو) بڇڙو مينھن وسايو ويو ھو، اُن کي نه ٿي ڏٺائون ڇا؟ بلڪ اُھي وري جيئري ٿيڻ جي اُميد نه رکندا ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا رَأَوْكَ إِن يَتَّخِذُونَكَ إِلَّا هُزُوًا أَهَٰذَا ٱلَّذِى بَعَثَ ٱللَّهُ رَسُولًا

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن توکي ڏسن ٿا (تڏھن) توکي رڳو ٺـٺولي ڪري وٺن ٿا، (چون ٿا ته) ھيءُ اُھو (شخص) آھي ڇا جنھن کي الله پيغمبر ڪري موڪليو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِن كَادَ لَيُضِلُّنَا عَنْ ءَالِهَتِنَا لَوْلَآ أَن صَبَرْنَا عَلَيْهَا وَسَوْفَ يَعْلَمُونَ حِينَ يَرَوْنَ ٱلْعَذَابَ مَنْ أَضَلُّ سَبِيلًا

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان کي پنھنجن بتن (جي پوڄا) کان تڏھن ئي ڀلائي ڇڏي ھا جيڪڏھن اسين مٿن مُحڪم نه رھون ھا، ۽ جڏھن عذاب ڏسندا (تڏھن) ڄاڻندا ته واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ ڪير آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَرَءَيْتَ مَنِ ٱتَّخَذَ إِلَٰهَهُۥ هَوَىٰهُ أَفَأَنتَ تَكُونُ عَلَيْهِ وَكِيلًا

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) تو اُن کي ڏٺو جنھن پنھنجي سَڌ کي پنھنجو معبود ڪري ورتو؟ پوءِ تون مٿس ڪو نگھبان ٿيندين ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ تَحْسَبُ أَنَّ أَكْثَرَهُمْ يَسْمَعُونَ أَوْ يَعْقِلُونَ إِنْ هُمْ إِلَّا كَٱلْأَنْعَٰمِ بَلْ هُمْ أَضَلُّ سَبِيلًا

Taj Mehmood Amrotiڀانيو اٿئي ڇا ته منجھانئن گھڻا ٻڌن ٿا يا سمجھن ٿا؟ اِھي رڳو ڍورن وانگر آھن بلڪ اُھي واٽ کي بلڪل وڃائيندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَلَمْ تَرَ إِلَىٰ رَبِّكَ كَيْفَ مَدَّ ٱلظِّلَّ وَلَوْ شَآءَ لَجَعَلَهُۥ سَاكِنًا ثُمَّ جَعَلْنَا ٱلشَّمْسَ عَلَيْهِ دَلِيلًا

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار ڏانھن نه ڏٺو اٿئي ڇا ته پاڇي کي ڪيئن ڊگھو ڪيائين؟ جيڪڏھن گھري ھا ته اُن کي ٺھرائي ڇڏي ھا، وري سج کي مٿس (پنھنجي قدرت جو) دليل ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ قَبَضْنَٰهُ إِلَيْنَا قَبْضًا يَسِيرًا

Taj Mehmood Amrotiوري اُن (پاڇي) کي پاڻ ڏانھن ھوريان ھوريان سوڙھو ڪيوسون (جئن) سوڙھو ڪرڻ گھرجي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهُوَ ٱلَّذِى جَعَلَ لَكُمُ ٱلَّيْلَ لِبَاسًا وَٱلنَّوْمَ سُبَاتًا وَجَعَلَ ٱلنَّهَارَ نُشُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ رات کي پردو ۽ ننڊ کي آرام ڪيو ۽ ڏينھن کي اُٿڻ جو وقت ڪيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهُوَ ٱلَّذِىٓ أَرْسَلَ ٱلرِّيَٰحَ بُشْرًۢا بَيْنَ يَدَىْ رَحْمَتِهِۦ وَأَنزَلْنَا مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً طَهُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ (الله) اُھو آھي جنھن پنھنجي ٻاجھ (يعني مينھن) کان اڳي وائُن کي خوشخبري ڏيندڙ ڪري موڪليو، ۽ آسمان مان پاڪ پاڻي (ھن لاءِ) وسايوسون

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لِّنُحْـِۧىَ بِهِۦ بَلْدَةً مَّيْتًا وَنُسْقِيَهُۥ مِمَّا خَلَقْنَآ أَنْعَٰمًا وَأَنَاسِىَّ كَثِيرًا

Taj Mehmood Amrotiته اُن سان ويران شھر کي آباد ڪريون ۽ ته پنھنجن پيدا ڪيل ڍورن ۽ گھڻن ماڻھن کي اُھو پياريون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ صَرَّفْنَٰهُ بَيْنَهُمْ لِيَذَّكَّرُوا۟ فَأَبَىٰٓ أَكْثَرُ ٱلنَّاسِ إِلَّا كُفُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اُن (مينھن) کي سندن وچ ۾ ھن ڪري ڦيرائيندڙ آھيون ته نصيحت وٺن، پوءِ گھڻا ماڻھو بي شڪريءَ کانسواءِ نٿا رھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَوْ شِئْنَا لَبَعَثْنَا فِى كُلِّ قَرْيَةٍ نَّذِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته سڀڪنھن ڳوٺ ۾ ھڪ ڊيڄاريندڙ موڪليون ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَا تُطِعِ ٱلْكَٰفِرِينَ وَجَٰهِدْهُم بِهِۦ جِهَادًا كَبِيرًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ تون ڪافرن جو چيو نه مڃ ۽ اُن (قرآن) جي حُڪم سان (مقابلي طرح) ساڻن وڏو جھاد ڪر.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهُوَ ٱلَّذِى مَرَجَ ٱلْبَحْرَيْنِ هَٰذَا عَذْبٌ فُرَاتٌ وَهَٰذَا مِلْحٌ أُجَاجٌ وَجَعَلَ بَيْنَهُمَا بَرْزَخًا وَحِجْرًا مَّحْجُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ (الله) اُھو آھي جنھن ٻن دريائن کي پاڻ ۾ ملايو جو ھي (ھڪڙو) مِٺو اُڃ لاھيندڙ ۽ ھيءُ (ٻيو) لوڻاٺيو کارو آھي، ۽ سندن وچ ۾ اوٽ ۽ مُحڪم پردو بڻايائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهُوَ ٱلَّذِى خَلَقَ مِنَ ٱلْمَآءِ بَشَرًا فَجَعَلَهُۥ نَسَبًا وَصِهْرًا وَكَانَ رَبُّكَ قَدِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ (الله) اُھو آھي جنھن پاڻيءَ مان ماڻھوءَ کي بڻايو پوءِ کيس پيڙھي ۽ سيڻپيءَ جي مائٽي وارو ڪيائين، ۽ تنھنجو پالڻھار وس وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَيَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ مَا لَا يَنفَعُهُمْ وَلَا يَضُرُّهُمْ وَكَانَ ٱلْكَافِرُ عَلَىٰ رَبِّهِۦ ظَهِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ الله کان سواءِ اھڙن جي پوڄا ڪندا آھن جي کين نڪي سُک ڏين ۽ نڪي کين ڏک پھچائن، ۽ ڪافر پنھنجي پالڻھار کي پُٺي ڏيڻ وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَرْسَلْنَٰكَ إِلَّا مُبَشِّرًا وَنَذِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) اسان توکي رڳو خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ ڪري موڪليو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ مَآ أَسْـَٔلُكُمْ عَلَيْهِ مِنْ أَجْرٍ إِلَّا مَن شَآءَ أَن يَتَّخِذَ إِلَىٰ رَبِّهِۦ سَبِيلًا

Taj Mehmood Amroti(کين) چؤ ته آءٌ اوھان کان اُن (قرآن جي پھچائڻ) تي ڪو اُجورو نٿو گھران پر جيڪو پنھنجي پالڻھار ڏانھن واٽ وٺڻ گھري (سو ڀلي ته وٺي).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱلْحَىِّ ٱلَّذِى لَا يَمُوتُ وَسَبِّحْ بِحَمْدِهِۦ وَكَفَىٰ بِهِۦ بِذُنُوبِ عِبَادِهِۦ خَبِيرًا

Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر تون اُنھيءَ الله) جيئري تي ڀروسو ڪر جيڪو (ڪڏھن) نه مرندو ۽ سنديس ساراہ سان گڏ پاڪائي بيان ڪر، ۽ اُھو پنھنجن ٻانھن جي گناھن جي خبر رکندڙ ڪافي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا فِى سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ ٱسْتَوَىٰ عَلَى ٱلْعَرْشِ ٱلرَّحْمَٰنُ فَسْـَٔلْ بِهِۦ خَبِيرًا

Taj Mehmood Amrotiجنھن آسمانن ۽ زمين کي ۽ جيڪي سندن وچ ۾ آھي (سو) ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش تي قائم ٿيو، (اُھو) ٻاجھارو آھي پوءِ سندس (صفتون) ڪنھن خبر رکندڙ کان پُڇ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا قِيلَ لَهُمُ ٱسْجُدُوا۟ لِلرَّحْمَٰنِ قَالُوا۟ وَمَا ٱلرَّحْمَٰنُ أَنَسْجُدُ لِمَا تَأْمُرُنَا وَزَادَهُمْ نُفُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن کين چئبو آھي ته رحمٰن کي سجدو ڪريو، (تڏھن) چوندا آھن ته رَحمٰن ڇا آھي جنھن لاءِ اسان کي حُڪم ٿو ڪرين؟ تنھن کي سجدو ڪريون ڇا؟ ۽ (اُنھي ڳالھ ھٿئون) سندن نفرت وڌائي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تَبَارَكَ ٱلَّذِى جَعَلَ فِى ٱلسَّمَآءِ بُرُوجًا وَجَعَلَ فِيهَا سِرَٰجًا وَقَمَرًا مُّنِيرًا

Taj Mehmood Amrotiاُھو (الله) وڏي برڪت وارو آھي جنھن آسمان ۾ برج بڻايائين ۽ منجھس ڏيو (يعني سِج) ۽ چمڪندڙ چنڊ بڻايو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهُوَ ٱلَّذِى جَعَلَ ٱلَّيْلَ وَٱلنَّهَارَ خِلْفَةً لِّمَنْ أَرَادَ أَن يَذَّكَّرَ أَوْ أَرَادَ شُكُورًا

Taj Mehmood Amroti۽ (الله) اُھو آھي جنھن رات ۽ ڏينھن کي ھڪ ٻئي جي پوئتان ايندڙ اُنھيءَ (ماڻھو) لاءِ بڻايو جيڪو نصيحت وٺڻ گھري يا شڪرانو گھري.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَعِبَادُ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلَّذِينَ يَمْشُونَ عَلَى ٱلْأَرْضِ هَوْنًا وَإِذَا خَاطَبَهُمُ ٱلْجَٰهِلُونَ قَالُوا۟ سَلَٰمًا

Taj Mehmood Amroti۽ ٻاجھاري (الله) جا ٻانھا اُھي آھن جيڪي زمين تي نِوَڙت سان گھمندا آھن ۽ جڏھن بي عقل ساڻن ڳالھائيندا آھن (تڏھن) چوندا آھن ته سلامت ھجو (شال).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ يَبِيتُونَ لِرَبِّهِمْ سُجَّدًا وَقِيَٰمًا

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار کي سجدو ڪندڙ ۽ قيام ڪندڙ ٿي راتيون گذاريندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ يَقُولُونَ رَبَّنَا ٱصْرِفْ عَنَّا عَذَابَ جَهَنَّمَ إِنَّ عَذَابَهَا كَانَ غَرَامًا

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسان جا پالڻھار اسان کان دوزخ جو عذاب ٽار، بيشڪ دوزخ جو عذاب (وڏي) چَٽي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّهَا سَآءَتْ مُسْتَقَرًّا وَمُقَامًا

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ ۽ رھڻ جو ھنڌ بڇڙو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ إِذَآ أَنفَقُوا۟ لَمْ يُسْرِفُوا۟ وَلَمْ يَقْتُرُوا۟ وَكَانَ بَيْنَ ذَٰلِكَ قَوَامًا

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جڏھن خرچ ڪندا آھن (تڏھن) نڪي اجايو خرچيندا آھن ۽ نڪي تنگي ڪندا آھن ۽ انھن (ٻنھي) جي وچ ۾ پورا ھلندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ لَا يَدْعُونَ مَعَ ٱللَّهِ إِلَٰهًا ءَاخَرَ وَلَا يَقْتُلُونَ ٱلنَّفْسَ ٱلَّتِى حَرَّمَ ٱللَّهُ إِلَّا بِٱلْحَقِّ وَلَا يَزْنُونَ وَمَن يَفْعَلْ ذَٰلِكَ يَلْقَ أَثَامًا

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي الله ساڻ ڪنھن ٻئي معبود کي نه پوڄيندا آھن ۽ نڪي اھڙي جيءَ کي ماريندا آھن جنھنجو حق کانسواءِ مارڻ الله حرام ڪيو آھي ۽ نڪي زنا ڪندا آھن، ۽ جيڪو اُھو ڪم ڪندو سو سخت عذاب لھندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يُضَٰعَفْ لَهُ ٱلْعَذَابُ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ وَيَخْلُدْ فِيهِۦ مُهَانًا

Taj Mehmood Amrotiقيامت جي ڏينھن اُن کي ٻيڻو عذاب ڪبو ۽ منجھس سدائين خوار رھندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَّا مَن تَابَ وَءَامَنَ وَعَمِلَ عَمَلًا صَٰلِحًا فَأُو۟لَٰٓئِكَ يُبَدِّلُ ٱللَّهُ سَيِّـَٔاتِهِمْ حَسَنَٰتٍ وَكَانَ ٱللَّهُ غَفُورًا رَّحِيمًا

Taj Mehmood Amrotiپر جن توبه ڪئي ۽ ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا سي اُھي آھن جن جون مدايون الله ڦيرائي نيڪيون ڪندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَن تَابَ وَعَمِلَ صَٰلِحًا فَإِنَّهُۥ يَتُوبُ إِلَى ٱللَّهِ مَتَابًا

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪو توبه ڪري ۽ چڱا ڪم ڪري سو بيشڪ الله ڏانھن وري موٽي ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ لَا يَشْهَدُونَ ٱلزُّورَ وَإِذَا مَرُّوا۟ بِٱللَّغْوِ مَرُّوا۟ كِرَامًا

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي ڪوڙي شاھدي نه ڏيندا آھن ۽ جڏھن بيھودي ڪم تي لنگھندا آھن (تڏھن چڱي ريت) ڀلارن وانگر لنگھندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ إِذَا ذُكِّرُوا۟ بِـَٔايَٰتِ رَبِّهِمْ لَمْ يَخِرُّوا۟ عَلَيْهَا صُمًّا وَعُمْيَانًا

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جو جڏھن کين سندن پالڻھار جي آيتن سان نصيحت ڏبي آھي (ته) اُن (جي ٻڌڻ) سان ٻوڙا ۽ انڌا ٿي نه ڪرندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ يَقُولُونَ رَبَّنَا هَبْ لَنَا مِنْ أَزْوَٰجِنَا وَذُرِّيَّٰتِنَا قُرَّةَ أَعْيُنٍ وَٱجْعَلْنَا لِلْمُتَّقِينَ إِمَامًا

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي چوندا آھن ته اي اسانجا پالڻھار اسان جي زالن ۽ اسان جي اولاد مان اسان کي اکين جو ٺار بخش ۽ اسان کي پرھيزگارن جو اِمام ڪر.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أُو۟لَٰٓئِكَ يُجْزَوْنَ ٱلْغُرْفَةَ بِمَا صَبَرُوا۟ وَيُلَقَّوْنَ فِيهَا تَحِيَّةً وَسَلَٰمًا

Taj Mehmood Amrotiاِھي (اُھي) آھن جن کي سندن صبر سببان وڏيون ماڙيون عوض ۾ ڏبيون ۽ اُن ۾ چڱي دُعا ۽ سلام پھچائبن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

خَٰلِدِينَ فِيهَا حَسُنَتْ مُسْتَقَرًّا وَمُقَامًا

Taj Mehmood Amrotiمنجھس سدائين رھڻ وارا آھن، اُھو آرام ڪرڻ جو ھنڌ چڱو ۽ رھڻ جو ھنڌ چڱو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ مَا يَعْبَؤُا۟ بِكُمْ رَبِّى لَوْلَا دُعَآؤُكُمْ فَقَدْ كَذَّبْتُمْ فَسَوْفَ يَكُونُ لِزَامًۢا

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر کين) چؤ ته جيڪڏھن (الله کي) اوھان جو سڏڻ نه ھجي ته منھنجي پالڻھار کي اوھان جي ڪا پرواھ نه آھي، بيشڪ اوھان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو تنھنڪري سگھو اوھان لاءِ عذاب لازم ٿيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70