caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة النازعات النازعات

٤٦ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٨١

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلنَّٰزِعَٰتِ غَرْقًا

Taj Mehmood Amrotiاندر گھڙي ڇڪي آئيندڙن جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلنَّٰشِطَٰتِ نَشْطًا

Taj Mehmood Amroti۽ کولي آسانيءَ سان ڳنڍ ڇوڙيندڙن جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلسَّٰبِحَٰتِ سَبْحًا

Taj Mehmood Amroti۽ چڱي طرح سان ترندڙن جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱلسَّٰبِقَٰتِ سَبْقًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ڊوڙي اڳرائي ڪندڙن جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱلْمُدَبِّرَٰتِ أَمْرًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (سڀ) ڪم جي رٿيندڙن ٽولين جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ تَرْجُفُ ٱلرَّاجِفَةُ

Taj Mehmood Amrotiته جنھن ڏينھن ڌٻڻ واري ڌٻندي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تَتْبَعُهَا ٱلرَّادِفَةُ

Taj Mehmood Amrotiان کي پٺيان لڳندڙ (ٻيو ڌوڏو) پٺيان لڳندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلُوبٌ يَوْمَئِذٍ وَاجِفَةٌ

Taj Mehmood Amrotiتنھن ڏينھن ڪيتريون ئي دليون ڏڪي وڃڻ واريون ھونديون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَبْصَٰرُهَا خَٰشِعَةٌ

Taj Mehmood Amrotiانھن جون اکيون (خواريءَ سبب) جھڪيون ٿينديون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَقُولُونَ أَءِنَّا لَمَرْدُودُونَ فِى ٱلْحَافِرَةِ

Taj Mehmood Amrotiچون ٿا ته اسين پوئين پيرين موٽائباسون ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَءِذَا كُنَّا عِظَٰمًا نَّخِرَةً

Taj Mehmood Amrotiھان جڏھن ڀُتا ھڏا ٿينداسون؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ تِلْكَ إِذًا كَرَّةٌ خَاسِرَةٌ

Taj Mehmood Amrotiچوندا آھن ته انھي مھل اھو ٻيھر موٽڻ (وڏو) نقصان وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِنَّمَا هِىَ زَجْرَةٌ وَٰحِدَةٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اھو (واقعو) ھڪڙي سخت ھڪل آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِذَا هُم بِٱلسَّاهِرَةِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اتي جو اُتي ھڪ پڌري ميدان ۾ حاضر ٿيل ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هَلْ أَتَىٰكَ حَدِيثُ مُوسَىٰٓ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) تو وٽ مُوسىٰ جي خبر پُھتي آھي ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ نَادَىٰهُ رَبُّهُۥ بِٱلْوَادِ ٱلْمُقَدَّسِ طُوًى

Taj Mehmood Amrotiجڏھن سندس پالڻھار کيس پاڪ ميدان طُوىٰ ۾ سڏيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱذْهَبْ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ إِنَّهُۥ طَغَىٰ

Taj Mehmood Amrotiته فرعون ڏانھن وڃ ڇوته ھو حد کان لنگھيو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَقُلْ هَل لَّكَ إِلَىٰٓ أَن تَزَكَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (ان کي) چؤ ته ھن ڏانھن خيال اٿئي ته تون سڌرجين؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَهْدِيَكَ إِلَىٰ رَبِّكَ فَتَخْشَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ تنھنجي پالڻھار ڏانھن توکي (سڌو) رستو ڏيکاريان ته (تون اُن کان) ڊڄين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَرَىٰهُ ٱلْـَٔايَةَ ٱلْكُبْرَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ فرعون کي وڏي نشاني ڏيکاريائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَكَذَّبَ وَعَصَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (فرعون موسى) کي ڪوڙو ڀانيو ۽ نافرماني ڪيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ أَدْبَرَ يَسْعَىٰ

Taj Mehmood Amrotiوري (اُتان) پٺيرو ٿي تکو ھلڻ لڳو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَحَشَرَ فَنَادَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (پنھنجي قوم کي) گڏ ڪيائين پوءِ سڏيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَقَالَ أَنَا۠ رَبُّكُمُ ٱلْأَعْلَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ چيائين ته آءٌ اوھان جو تمام مٿاھون پالڻھار آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَخَذَهُ ٱللَّهُ نَكَالَ ٱلْـَٔاخِرَةِ وَٱلْأُولَىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله ان کي آخرت ۽ دُنيا جي عذاب ۾ پڪڙيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَعِبْرَةً لِّمَن يَخْشَىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ھن (قصّي) ۾ انھي لاءِ نصيحت آھي جيڪو ڊڄي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ءَأَنتُمْ أَشَدُّ خَلْقًا أَمِ ٱلسَّمَآءُ بَنَىٰهَا

Taj Mehmood Amrotiڀلا بڻاوت ۾ اوھين ڏکيا آھيو يا آسمان جنھن کي الله بڻايو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَفَعَ سَمْكَهَا فَسَوَّىٰهَا

Taj Mehmood Amrotiاُن جي مٿاھين بلند ڪيائين پوءِ اُن کي برابر بيھاريائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَغْطَشَ لَيْلَهَا وَأَخْرَجَ ضُحَىٰهَا

Taj Mehmood Amroti۽ اُن جي رات کي اوندھ ڪيائين ۽ اُن جو سوجھرو (ڏينھن جو) پڌرو ڪيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلْأَرْضَ بَعْدَ ذَٰلِكَ دَحَىٰهَآ

Taj Mehmood Amroti۽ اُن کان پوءِ زمين کي وڇايائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَخْرَجَ مِنْهَا مَآءَهَا وَمَرْعَىٰهَا

Taj Mehmood Amrotiاُن مان سندس پاڻي ۽ سندس گاھ ڪڍيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلْجِبَالَ أَرْسَىٰهَا

Taj Mehmood Amroti۽ جبلن کي مُحڪم کوڙيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَتَٰعًا لَّكُمْ وَلِأَنْعَٰمِكُمْ

Taj Mehmood Amrotiاوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن (جي نفعي) لاءِ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِذَا جَآءَتِ ٱلطَّآمَّةُ ٱلْكُبْرَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن وڏو واقعو (قيامت جو) ايندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ يَتَذَكَّرُ ٱلْإِنسَٰنُ مَا سَعَىٰ

Taj Mehmood Amrotiاُن ڏينھن ماڻھو اھو ياد ڪندو جيڪي (دنيا ۾) ڪمايو ھوائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَبُرِّزَتِ ٱلْجَحِيمُ لِمَن يَرَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ دوزخ اُنھيءَ لاءِ پڌرو ڪبو جيڪو ڏسڻ گھرندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَمَّا مَن طَغَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪو حد کان لنگھيو ھوندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَءَاثَرَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا

Taj Mehmood Amroti۽ ھن دنيا جي حياتيءَ کي ڀَلو سمجھيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِنَّ ٱلْجَحِيمَ هِىَ ٱلْمَأْوَىٰ

Taj Mehmood Amrotiتنھن جي جاءِ بيشڪ دوزخ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَمَّا مَنْ خَافَ مَقَامَ رَبِّهِۦ وَنَهَى ٱلنَّفْسَ عَنِ ٱلْهَوَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪو پنھنجي پالڻھار جي (حضور ۾) روبرو بيھڻ کان ڊنو ۽ نفس کي سَڌ کان جھليائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِنَّ ٱلْجَنَّةَ هِىَ ٱلْمَأْوَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ تنھنجي جاءِ بيشڪ بھشت آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَسْـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلسَّاعَةِ أَيَّانَ مُرْسَىٰهَا

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته اُن جو (واقعو) ٿيڻ ڪڏھن آھي؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فِيمَ أَنتَ مِن ذِكْرَىٰهَآ

Taj Mehmood Amroti(اي پڇندڙ) اُن جي خبر بابت تون ڪھڙي خيال ۾ آھين؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَىٰ رَبِّكَ مُنتَهَىٰهَآ

Taj Mehmood Amrotiاُن جي پڄاڻي (جي خبر) تنھنجي پالڻھار وٽ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّمَآ أَنتَ مُنذِرُ مَن يَخْشَىٰهَا

Taj Mehmood Amrotiجيڪو قيامت کان ڊڄي رڳو تنھن لاءِ تون ڊيڄاريندڙ آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَأَنَّهُمْ يَوْمَ يَرَوْنَهَا لَمْ يَلْبَثُوٓا۟ إِلَّا عَشِيَّةً أَوْ ضُحَىٰهَا

Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن اُن کي ڏسندا (تنھن ڏينھن) ائين ڀانئيندا ته ڄڻڪ ھڪڙي وقت سانجھي يا ان جي صبح کانسواءِ (دنيا ۾) رھيا ئي نه ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70