caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة عبس عبس

٤٢ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٢٤

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ عَبَسَ وَتَوَلَّىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiمُنھن ۾ گُھنڊ وڌائين ۽ مُنھن موڙيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَن جَآءَهُ ٱلْأَعْمَىٰ

Taj Mehmood Amrotiھن ڪري جو وٽس نابين آيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا يُدْرِيكَ لَعَلَّهُۥ يَزَّكَّىٰٓ

Taj Mehmood Amroti۽ ڪنھن سمجھايئي جيڪر اُھو سڌرجي ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوْ يَذَّكَّرُ فَتَنفَعَهُ ٱلذِّكْرَىٰٓ

Taj Mehmood Amrotiيا نصيحت ٻڌي ھا پوءِ اُھا نصيحت ٻڌڻ نفعو ڏئيس ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمَّا مَنِ ٱسْتَغْنَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپر جنھن بي پرواھي ڪئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَنتَ لَهُۥ تَصَدَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ تنھن (جي سڌاري) لاءِ تون پٺيان پيو آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا عَلَيْكَ أَلَّا يَزَّكَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiھن ۾ توتي (ڪا ميار) ڪانھي ته اُھو نه سُڌرجي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَمَّا مَن جَآءَكَ يَسْعَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪو تو وٽ ڊوڙندو آيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهُوَ يَخْشَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھو (پنھنجي الله کان) ڊڄي ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَنتَ عَنْهُ تَلَهَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ تنھن کان تون ويسلو ٿئين ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَلَّآ إِنَّهَا تَذْكِرَةٌ

Taj Mehmood Amrotiائين نه آھي بيشڪ اھي (قرآن جون آيتون) ھڪ نصيحت آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَن شَآءَ ذَكَرَهُۥ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪو گھُري سو قرآن ياد رکي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فِى صُحُفٍ مُّكَرَّمَةٍ

Taj Mehmood Amroti(بيشڪ قرآن جون آيتون) تعظيم وارن ورقن ۾ لکيل آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَّرْفُوعَةٍ مُّطَهَّرَةٍۭ

Taj Mehmood Amrotiجي مٿاھان ۽ پاڪ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بِأَيْدِى سَفَرَةٍ

Taj Mehmood Amrotiلکندڙن جي ھٿن ۾.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كِرَامٍۭ بَرَرَةٍ

Taj Mehmood Amrotiجي سڳورا ڀلارا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُتِلَ ٱلْإِنسَٰنُ مَآ أَكْفَرَهُۥ

Taj Mehmood Amrotiماڻھو ماريو وڃي جو ڪھڙو نه بي شُڪر آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مِنْ أَىِّ شَىْءٍ خَلَقَهُۥ

Taj Mehmood Amroti(ڌيان ڪري ته الله) ڪھڙي شيءَ مان پيدا ڪيس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مِن نُّطْفَةٍ خَلَقَهُۥ فَقَدَّرَهُۥ

Taj Mehmood Amrotiمني جي ڦڙي مان، خلقيائينس پوءِ اندازو مقرر ڪيائينس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ ٱلسَّبِيلَ يَسَّرَهُۥ

Taj Mehmood Amrotiوري (نڪرڻ جي) واٽ سنھنجي ڪيائينس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ أَمَاتَهُۥ فَأَقْبَرَهُۥ

Taj Mehmood Amrotiوري ماريائينس پوءِ قبر ۾ رکايائينس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ إِذَا شَآءَ أَنشَرَهُۥ

Taj Mehmood Amrotiوري جڏھن گھرندو تڏھن اُن کي جيئرو ڪندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَلَّا لَمَّا يَقْضِ مَآ أَمَرَهُۥ

Taj Mehmood Amrotiائين نه آھي جيڪي فرمايائينس سو پورو نه ڪيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلْيَنظُرِ ٱلْإِنسَٰنُ إِلَىٰ طَعَامِهِۦٓ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڳائي ته ماڻھو پنھنجي کاڌي ڏانھن نھاري ڏسي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَنَّا صَبَبْنَا ٱلْمَآءَ صَبًّا

Taj Mehmood Amrotiته اسان پاڻي کي چڱيءَ طرح آسمان کان پلٽيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ شَقَقْنَا ٱلْأَرْضَ شَقًّا

Taj Mehmood Amrotiوري زمين کي پوري طرح چيريوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَنۢبَتْنَا فِيهَا حَبًّا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ منجھس اَن ڄمايوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَعِنَبًا وَقَضْبًا

Taj Mehmood Amroti۽ ڊاکون ۽ ترڪاريون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَزَيْتُونًا وَنَخْلًا

Taj Mehmood Amroti۽ زيتون ۽ کجيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَحَدَآئِقَ غُلْبًا

Taj Mehmood Amroti۽ گھاٽا باغ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَفَٰكِهَةً وَأَبًّا

Taj Mehmood Amroti۽ ميوو ۽ گاھ (به).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَّتَٰعًا لَّكُمْ وَلِأَنْعَٰمِكُمْ

Taj Mehmood Amrotiاوھان جي نفعي لاءِ ۽ اوھان جي ڍورن لاءِ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِذَا جَآءَتِ ٱلصَّآخَّةُ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن ڪَن ٻوڙا ڪندڙ (دھشت واري) ھڪل ايندي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ يَفِرُّ ٱلْمَرْءُ مِنْ أَخِيهِ

Taj Mehmood Amrotiانھي ڏينھن آدمي پنھنجي ڀاءُ کان ڀڄندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأُمِّهِۦ وَأَبِيهِ

Taj Mehmood Amroti۽ (پڻ) پنھنجي ماءُ کان ۽ پنھنجي پيءُ کان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَصَٰحِبَتِهِۦ وَبَنِيهِ

Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجي گھر واريءَ کان ۽ پنھنجي پٽن کان ڀڄندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لِكُلِّ ٱمْرِئٍ مِّنْهُمْ يَوْمَئِذٍ شَأْنٌ يُغْنِيهِ

Taj Mehmood Amrotiانھن مان سڀڪنھن مڙس لاءِ اُن ڏينھن اھڙي حالت ھوندي جو کيس بس ھوندي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ مُّسْفِرَةٌ

Taj Mehmood Amrotiڪيترائي منھن اُن ڏينھن روشن ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ضَاحِكَةٌ مُّسْتَبْشِرَةٌ

Taj Mehmood Amrotiکِلندڙ ۽ (تمام) سرھا ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَوُجُوهٌ يَوْمَئِذٍ عَلَيْهَا غَبَرَةٌ

Taj Mehmood Amroti۽ ڪيترائي منھن (ھوندا) جن تي اُن ڏينھن رئي پيل ھوندي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تَرْهَقُهَا قَتَرَةٌ

Taj Mehmood Amrotiجن کي ڪارنھن ويڙھي ويندي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْكَفَرَةُ ٱلْفَجَرَةُ

Taj Mehmood Amrotiاھي ئي مُنڪر بدڪار آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70