caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة التكوير التكوير

٢٩ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٧

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ إِذَا ٱلشَّمْسُ كُوِّرَتْ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن سج ويڙھبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلنُّجُومُ ٱنكَدَرَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن تارا ميرا ٿيندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلْجِبَالُ سُيِّرَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن جبل ھلايا ويندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلْعِشَارُ عُطِّلَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن ڍُڪيون ويامڻ تي ڏاچيون بيڪار ڇڏبيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلْوُحُوشُ حُشِرَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن جھنگلي جانور گڏ ڪبا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلْبِحَارُ سُجِّرَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن درياءَ (باھ وانگر) تپائبا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلنُّفُوسُ زُوِّجَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن جيءَ پاڻ ۾ ملائبا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلْمَوْءُۥدَةُ سُئِلَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن جيئري پوريل نياڻي پڇبي ته.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بِأَىِّ ذَنۢبٍ قُتِلَتْ

Taj Mehmood Amrotiڪھڙي ڏوھ ڪري ماري وئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلصُّحُفُ نُشِرَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن اعمالناما کولبا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلسَّمَآءُ كُشِطَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن آسمان ڇلبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلْجَحِيمُ سُعِّرَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن دوزخ ٻاربو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا ٱلْجَنَّةُ أُزْلِفَتْ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن بھشت ويجھو ڪبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

عَلِمَتْ نَفْسٌ مَّآ أَحْضَرَتْ

Taj Mehmood Amroti(تڏھن) ھر ھڪ جيءُ جيڪي حاضر آندو سو ڄاڻندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَآ أُقْسِمُ بِٱلْخُنَّسِ

Taj Mehmood Amrotiپوئتي ھٽندڙ تارن جو قَسم کڻان ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلْجَوَارِ ٱلْكُنَّسِ

Taj Mehmood Amrotiجي (ڪڏھن) سڌا ھلندڙ آھن (ڪڏھن) لڪي ويندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّيْلِ إِذَا عَسْعَسَ

Taj Mehmood Amroti۽ قسم آھي رات جو جڏھن پوئتي موٽندي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلصُّبْحِ إِذَا تَنَفَّسَ

Taj Mehmood Amroti۽ قسم آھي صُبح جو جڏھن روشن ٿئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّهُۥ لَقَوْلُ رَسُولٍ كَرِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ اھو (قرآن) ھڪ موڪليل سڳوري (مَلَڪ) جو پيغام ڏيڻ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذِى قُوَّةٍ عِندَ ذِى ٱلْعَرْشِ مَكِينٍ

Taj Mehmood Amrotiجو سگھ واري عرش جي مالڪ (الله) وٽ وڏي مرتبي وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مُّطَاعٍ ثَمَّ أَمِينٍ

Taj Mehmood Amrotiجو مڃوتيءَ وارو اُتي (مَلڪوت ۾) امين آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا صَاحِبُكُم بِمَجْنُونٍ

Taj Mehmood Amroti۽ (ھي) اوھان جو سنگتي (ﷴ ﷺ ڪو) چريو نه آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ رَءَاهُ بِٱلْأُفُقِ ٱلْمُبِينِ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ (اوھان جي سنگتي) اُن (مَلَڪ) کي آسمان جي پڌري ڪناري تي (چتائي) ڏٺو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا هُوَ عَلَى ٱلْغَيْبِ بِضَنِينٍ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھو (اوھان جو سنگتي) ڳجھ (جي ڳالھ ڏسڻ) تي بخل ڪندڙ نه آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا هُوَ بِقَوْلِ شَيْطَٰنٍ رَّجِيمٍ

Taj Mehmood Amroti۽ قرآن تڙيل شيطان جو ڪلام نه آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَيْنَ تَذْهَبُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ڪيڏانھن وڃو ٿا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنْ هُوَ إِلَّا ذِكْرٌ لِّلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiھيءُ (قرآن) جھان وارن جي نصيحت کانسواءِ (ٻيو) ڪي نه آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لِمَن شَآءَ مِنكُمْ أَن يَسْتَقِيمَ

Taj Mehmood Amrotiاوھان مان جيڪو سڌو ھلڻ گھري تنھن لاءِ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا تَشَآءُونَ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ رَبُّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جھانن جي پالڻھار الله جي گھُر کانسواءِ (ٻيو) ڪي اوھين گھري نه سگھندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70