caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الشمس الشمس

١٥ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٢٦

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلشَّمْسِ وَضُحَىٰهَا

Taj Mehmood Amrotiسج ۽ اُن جي سوجھري جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلْقَمَرِ إِذَا تَلَىٰهَا

Taj Mehmood Amroti۽ چنڊ جوقسم آھي جڏھن ان جي پوئتان اچي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلنَّهَارِ إِذَا جَلَّىٰهَا

Taj Mehmood Amroti۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن سج کي روشن ڪري.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّيْلِ إِذَا يَغْشَىٰهَا

Taj Mehmood Amroti۽ رات جو (قسم آھي) جڏھن سج کي ڍڪي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلسَّمَآءِ وَمَا بَنَىٰهَا

Taj Mehmood Amroti۽ آسمان جو ۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن اُن کي بڻايو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلْأَرْضِ وَمَا طَحَىٰهَا

Taj Mehmood Amroti۽ زمين جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي پکيڙيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَنَفْسٍ وَمَا سَوَّىٰهَا

Taj Mehmood Amroti۽ (ماڻھوءَ جي) جيءُ جو ۽ اُنجو (قسم آھي) جنھن اُن کي جوڙي برابر ڪيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَلْهَمَهَا فُجُورَهَا وَتَقْوَىٰهَا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ سندس بدڪاري ۽ سندس پرھيزگاريءَ (جي سڃاڻ) اندر ۾ وڌائينس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَدْ أَفْلَحَ مَن زَكَّىٰهَا

Taj Mehmood Amrotiجنھن اُن (نفس) کي (بدڪاريءَ کان) پاڪ ڪيو سو بيشڪ ڇٽو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَدْ خَابَ مَن دَسَّىٰهَا

Taj Mehmood Amroti۽ جنھن اُن کي (گناھن ۾) پوري ڇڏيو سو بيشڪ ٽوٽي وارو ٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَّبَتْ ثَمُودُ بِطَغْوَىٰهَآ

Taj Mehmood Amroti(قوم) ثمود پنھنجي سرڪشيءَ سببان (پيغمبر کي) ڪوڙو ڀانيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذِ ٱنۢبَعَثَ أَشْقَىٰهَا

Taj Mehmood Amrotiجڏھن منجھانئن بلڪل نڀاڳو اُٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَقَالَ لَهُمْ رَسُولُ ٱللَّهِ نَاقَةَ ٱللَّهِ وَسُقْيَٰهَا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله جي پيغمبر کين چيو ته الله جي ڏاچي ۽ اُن جي پاڻي پيڻ کي آڏو نه ٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَكَذَّبُوهُ فَعَقَرُوهَا فَدَمْدَمَ عَلَيْهِمْ رَبُّهُم بِذَنۢبِهِمْ فَسَوَّىٰهَا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ پيغمبر کي ڪوڙو ڀانيائون پوءِ ڏاچيءَ جو کُچون ڪپيائون، پوءِ سندن گناھن سببان سندن پالڻھار مٿن عذاب پلٽيو پوءِ اُن (سزا) کي (سڀني) تي ھڪ جھڙو ڪري ڇڏيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا يَخَافُ عُقْبَٰهَا

Taj Mehmood Amroti۽ (الله) اُن (سزا) جي پڇاڙيءَ کان نه ٿو ڊڄي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70