caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الليل الليل

٢١ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٩

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلَّيْلِ إِذَا يَغْشَىٰ

Taj Mehmood Amrotiرات جو قسم آھي جڏھن ڍَڪي ٿي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلنَّهَارِ إِذَا تَجَلَّىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ڏينھن جو (قسم آھي) جڏھن روشن ٿئي ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا خَلَقَ ٱلذَّكَرَ وَٱلْأُنثَىٰٓ

Taj Mehmood Amroti۽ اُن جو (قسم آھي) جنھن نر ۽ مادي خلقي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ سَعْيَكُمْ لَشَتَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ اوھان جي ڪوشش قسمين قسمين آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَمَّا مَنْ أَعْطَىٰ وَٱتَّقَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن (الله لڳ) ڏنو ۽ پرھيزگاري ڪئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَصَدَّقَ بِٱلْحُسْنَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ چڱائي کي سچ ڄاتائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَسَنُيَسِّرُهُۥ لِلْيُسْرَىٰ

Taj Mehmood Amrotiتنھنکي (نجات جو) آسان رستو سھنجو ڪري ڏينداسين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَمَّا مَنۢ بَخِلَ وَٱسْتَغْنَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ جنھن بخل ڪيو ۽ (پاڻ کي) بي پرواھ ڄاتائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَكَذَّبَ بِٱلْحُسْنَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ چڱائي کي ڪوڙ ڀانيائين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَسَنُيَسِّرُهُۥ لِلْعُسْرَىٰ

Taj Mehmood Amrotiتنھن کي اوکائيءَ (۾ پوڻ) لاءِ (رستو) آسان ڪري ڏينداسين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا يُغْنِى عَنْهُ مَالُهُۥٓ إِذَا تَرَدَّىٰٓ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن اونڌو ڪرندو ته سندس مال کانئس (ڪجھ) نه ٽاريندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ عَلَيْنَا لَلْهُدَىٰ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ سڌو رستو ڏيکارڻ اسان تي (لازم) آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ لَنَا لَلْـَٔاخِرَةَ وَٱلْأُولَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ آخرت ۽ دُنيا (ٻئي) اسان جي وس ۾ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَنذَرْتُكُمْ نَارًا تَلَظَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اوھان کي باھ کان ڊيڄاريم جا ڄڀي ڪري ٿي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَا يَصْلَىٰهَآ إِلَّا ٱلْأَشْقَى

Taj Mehmood Amroti(اھڙي) وڏي نڀاڳي کانسواءِ (ٻيو) ڪو اُن ۾ ڪونه گھڙندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِى كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiجنھن (اسلام کي) ڪوڙ ڄاتو ۽ پٺيرو ٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَسَيُجَنَّبُهَا ٱلْأَتْقَى

Taj Mehmood Amroti۽ اُن (باھ) کان انھي وڏي پرھيزگار کي پاسي ڪبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِى يُؤْتِى مَالَهُۥ يَتَزَكَّىٰ

Taj Mehmood Amrotiجيڪو پنھنجو مال (الله جي واٽ ۾) ڏئي ٿو ته پاڪ ٿئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا لِأَحَدٍ عِندَهُۥ مِن نِّعْمَةٍ تُجْزَىٰٓ

Taj Mehmood Amroti۽ مٿس اھڙي ڪنھن جو ڪو احسان ٿيل نه آھي جو بدلو ڏجي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَّا ٱبْتِغَآءَ وَجْهِ رَبِّهِ ٱلْأَعْلَىٰ

Taj Mehmood Amrotiپر پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي رضامندي طلبڻ لاءِ (ڏئي ٿو).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَسَوْفَ يَرْضَىٰ

Taj Mehmood Amroti۽ ضرور جلد خوش ٿيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70