سورة المعارج المعارج
٤٤ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٧٩
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ سَأَلَ سَآئِلٌۢ بِعَذَابٍ وَاقِعٍ
Taj Mehmood Amrotiھڪ سوال ڪندڙ ڪافرن تي پوندڙ عذاب جو سوال ڪيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِّلْكَٰفِرِينَ لَيْسَ لَهُۥ دَافِعٌ
Taj Mehmood Amrotiجنھن کي ڪو ھٽائڻ وارو نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مِّنَ ٱللَّهِ ذِى ٱلْمَعَارِجِ
Taj Mehmood Amrotiجو وڏن مرتبن واري الله جي طرف کان (پوندڙ) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَعْرُجُ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ وَٱلرُّوحُ إِلَيْهِ فِى يَوْمٍ كَانَ مِقْدَارُهُۥ خَمْسِينَ أَلْفَ سَنَةٍ
Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن جي ڊيگھ پنجاھ ھزار ورھيه آھي تنھن ۾ ملائڪ ۽ جبرئيل الله ڏانھن چڙھندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱصْبِرْ صَبْرًا جَمِيلًا
Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري تون چڱو صبر ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُمْ يَرَوْنَهُۥ بَعِيدًا
Taj Mehmood Amrotiڇوته ڪافر انھيءَ (ڏينھن) کي پري ڏسن ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَنَرَىٰهُ قَرِيبًا
Taj Mehmood Amroti۽ اسين اُن کي ويجھو ٿا ڏسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ تَكُونُ ٱلسَّمَآءُ كَٱلْمُهْلِ
Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن آسمان پگھريل ٽامي وانگر ٿيندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَكُونُ ٱلْجِبَالُ كَٱلْعِهْنِ
Taj Mehmood Amroti۽ جبل رڱيل اُن جان ٿيندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا يَسْـَٔلُ حَمِيمٌ حَمِيمًا
Taj Mehmood Amroti۽ ڪو مائٽ ڪنھن ٻئي مائٽ کان نه پڇندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يُبَصَّرُونَهُمْ يَوَدُّ ٱلْمُجْرِمُ لَوْ يَفْتَدِى مِنْ عَذَابِ يَوْمِئِذٍۭ بِبَنِيهِ
Taj Mehmood Amroti(توڙي جو) اُھي کين ڏسڻ ۾ ايندا، گنھگار گھرندو ته جيڪر اُن ڏينھن جي عذاب جي بدران پنھنجا پُٽ بدلو ڏئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَصَٰحِبَتِهِۦ وَأَخِيهِ
Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجي زال ۽ پنھنجو ڀاءُ (به).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَفَصِيلَتِهِ ٱلَّتِى تُـْٔوِيهِ
Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجو اُھو سارو قبيلو (به) جنھن کيس ٽڪايو ٿي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَن فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًا ثُمَّ يُنجِيهِ
Taj Mehmood Amroti۽ اُھو (به) جيڪي سڀئي زمين ۾ آھي پوءِ سندس اھو (بدلو ڏيڻ) ڇڏائيس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّآ إِنَّهَا لَظَىٰ
Taj Mehmood Amrotiائين نه آھي، بيشڪ اِھو (دوزخ) الانبن واري باھ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
نَزَّاعَةً لِّلشَّوَىٰ
Taj Mehmood Amrotiمَٿي جي کَل کي ڇڪيندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَدْعُوا۟ مَنْ أَدْبَرَ وَتَوَلَّىٰ
Taj Mehmood Amrotiجيڪو (خدا کان) پٺيرو ٿيو ۽ منھن موڙيائين تنھنکي سڏي ٿي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَمَعَ فَأَوْعَىٰٓ
Taj Mehmood Amroti۽ (مال) گڏ ڪيائين پوءِ سانڀيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلْإِنسَٰنَ خُلِقَ هَلُوعًا
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ماڻھو حرص وارو پيدا ٿيل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذَا مَسَّهُ ٱلشَّرُّ جَزُوعًا
Taj Mehmood Amrotiجڏھن (ڪو) ڏُک پھچندو اٿس (ته) دانھون ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا مَسَّهُ ٱلْخَيْرُ مَنُوعًا
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن ڪو سُک پھچندو اٿس (ته) ڪنجوس ٿيندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا ٱلْمُصَلِّينَ
Taj Mehmood Amrotiپر (اُھي) نمازي (نه).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَاتِهِمْ دَآئِمُونَ
Taj Mehmood Amrotiجيڪي پنھنجي نماز تي ھميشه پورا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ فِىٓ أَمْوَٰلِهِمْ حَقٌّ مَّعْلُومٌ
Taj Mehmood Amroti۽ اُھي (به) جن جي مالن ۾ (خداءَ جو) حصّو مقرر ٿيل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِّلسَّآئِلِ وَٱلْمَحْرُومِ
Taj Mehmood Amrotiسوال ڪندڙ ۽ نه سوال ڪندڙن لاءِ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ يُصَدِّقُونَ بِيَوْمِ ٱلدِّينِ
Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي قيامت جي ڏينھن جو يقين رکندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ هُم مِّنْ عَذَابِ رَبِّهِم مُّشْفِقُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي عذاب کان ڊڄڻ وارا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ عَذَابَ رَبِّهِمْ غَيْرُ مَأْمُونٍ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ سندس پالڻھار جو عذاب (اھڙو آھي) جنھن کان بچي نه سگھبو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ هُمْ لِفُرُوجِهِمْ حَٰفِظُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي پنھنجين اگھڙن کي نگاھ رکڻ وارا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا عَلَىٰٓ أَزْوَٰجِهِمْ أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَٰنُهُمْ فَإِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُومِينَ
Taj Mehmood Amrotiپنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين کانسواءِ پوءِ بيشڪ اُھي ملامت وارا نه آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَنِ ٱبْتَغَىٰ وَرَآءَ ذَٰلِكَ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْعَادُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪي اُن کانسواءِ (ٻي ڳالھ) طلبيندا سي ئي حد کان لنگھڻ وارا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ هُمْ لِأَمَٰنَٰتِهِمْ وَعَهْدِهِمْ رَٰعُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجن انجامن کي پوري ڪرڻ وارا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ هُم بِشَهَٰدَٰتِهِمْ قَآئِمُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي پنھنجين شاھدين تي قائم آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَاتِهِمْ يُحَافِظُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي پنھنجي نماز جي سنڀال ڪندڙ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أُو۟لَٰٓئِكَ فِى جَنَّٰتٍ مُّكْرَمُونَ
Taj Mehmood Amrotiاُھي (بھشت جي) باغن ۾ عزت سان رھندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَالِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ قِبَلَكَ مُهْطِعِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ ڪافرن کي ڇا (ٿيو) آھي جو توڏانھن ڪنڌ کڻي ڊوڙندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَنِ ٱلْيَمِينِ وَعَنِ ٱلشِّمَالِ عِزِينَ
Taj Mehmood Amrotiسڄي پاسي کان ۽ کٻي پاسي کان ٽوليون ٽوليون ٿي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَيَطْمَعُ كُلُّ ٱمْرِئٍ مِّنْهُمْ أَن يُدْخَلَ جَنَّةَ نَعِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiمنجھائن سڀڪو شخص نعمت واري بھشت جي گھڙڻ جي طمع ڪري ٿو ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّآ إِنَّا خَلَقْنَٰهُم مِّمَّا يَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amrotiائين نه آھي، بيشڪ اسان اُنھن کي اُنھيءَ شيءِ مان پيدا ڪيو آھي جنھنجي خبر اٿن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَآ أُقْسِمُ بِرَبِّ ٱلْمَشَٰرِقِ وَٱلْمَغَٰرِبِ إِنَّا لَقَٰدِرُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُڀرندن ۽ اُلھندن جي پالڻھار جو قسم کڻان ٿو ته بيشڪ اسين وسوارا آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلَىٰٓ أَن نُّبَدِّلَ خَيْرًا مِّنْهُمْ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ
Taj Mehmood Amrotiھن (ڳالھ) تي جو اُنھن کان چڱا (ٻيا) مٽائي آڻيون ۽ اسين ڪي عاجز ٿيڻ وارا نه آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَذَرْهُمْ يَخُوضُوا۟ وَيَلْعَبُوا۟ حَتَّىٰ يُلَٰقُوا۟ يَوْمَهُمُ ٱلَّذِى يُوعَدُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي پيغمبر) انھن کي (ايسين) ٺاھ ٺاھيندو ۽ راند ڪندو ڇڏي ڏي جيسين اُھي پنھنجو اُھو ڏينھن ڏسن جنھن جو کين انجام ڏجي ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ يَخْرُجُونَ مِنَ ٱلْأَجْدَاثِ سِرَاعًا كَأَنَّهُمْ إِلَىٰ نُصُبٍ يُوفِضُونَ
Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن قبرن مان ڊوڙندا نڪرندا ڄڻ ته اُھي ڪنھن جھنڊي ڏانھن ڊڪن ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
خَٰشِعَةً أَبْصَٰرُهُمْ تَرْهَقُهُمْ ذِلَّةٌ ذَٰلِكَ ٱلْيَوْمُ ٱلَّذِى كَانُوا۟ يُوعَدُونَ
Taj Mehmood Amrotiان وقت سندن اکيون جھڪيون ھونديون انھن کي خواري وٺي ويندي، اِھو اُھو ڏينھن آھي جنھن جو کين انجام ڏنو ٿي ويو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→