سورة العلق العلق
١٩ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ١
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ ٱقْرَأْ بِٱسْمِ رَبِّكَ ٱلَّذِى خَلَقَ
Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) پنھنجي پالڻھار جي نالي سان پڙھ جنھن (سارو جڳ) خلقيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
خَلَقَ ٱلْإِنسَٰنَ مِنْ عَلَقٍ
Taj Mehmood Amrotiماڻھوءَ کي رت جي دِڳ مان بڻايائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱقْرَأْ وَرَبُّكَ ٱلْأَكْرَمُ
Taj Mehmood Amrotiپڙھ ۽ تنھنجو پالڻھار ڏاڍو سڳورو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِى عَلَّمَ بِٱلْقَلَمِ
Taj Mehmood Amrotiجنھن (ماڻھوءَ کي علم) قلم سان سيکاريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلَّمَ ٱلْإِنسَٰنَ مَا لَمْ يَعْلَمْ
Taj Mehmood Amrotiماڻھوءَ کي اُھو سيکاريائين جو نه ڄاڻندو ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّآ إِنَّ ٱلْإِنسَٰنَ لَيَطْغَىٰٓ
Taj Mehmood Amrotiسچ آھي ته بيشڪ ماڻھو سرڪشي ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَن رَّءَاهُ ٱسْتَغْنَىٰٓ
Taj Mehmood Amrotiجڏھن اُھو پاڻ کي بي پرواھ ڏسندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ إِلَىٰ رَبِّكَ ٱلرُّجْعَىٰٓ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ تنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽي وڃڻو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَرَءَيْتَ ٱلَّذِى يَنْهَىٰ
Taj Mehmood Amrotiاُھو ڏٺو اٿئي ڇا جيڪو جھليندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَبْدًا إِذَا صَلَّىٰٓ
Taj Mehmood Amroti(منھنجي) ٻانھي کي جڏھن اھو نماز پڙھندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَرَءَيْتَ إِن كَانَ عَلَى ٱلْهُدَىٰٓ
Taj Mehmood Amrotiڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن (اُھو ماڻھو) سڌي رستي تي ھجي ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوْ أَمَرَ بِٱلتَّقْوَىٰٓ
Taj Mehmood Amrotiيا پرھيزگاريءَ جو حڪم ڪري ھا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَرَءَيْتَ إِن كَذَّبَ وَتَوَلَّىٰٓ
Taj Mehmood Amrotiڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪڏھن ڪوڙ ڀانيائين ۽ پٺيرو ٿيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ يَعْلَم بِأَنَّ ٱللَّهَ يَرَىٰ
Taj Mehmood Amrotiته (ھيُ) نه ڄاتائين ڇا ته الله ڏسي ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّا لَئِن لَّمْ يَنتَهِ لَنَسْفَعًۢا بِٱلنَّاصِيَةِ
Taj Mehmood Amrotiائين نه آھي! قسم آھي ته جيڪڏھن پاڻ نه پليندو، ته ضرور پيشانيءَ جي وارن کان وٺي گھلينداسونس.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
نَاصِيَةٍ كَٰذِبَةٍ خَاطِئَةٍ
Taj Mehmood Amrotiاُھا پيشاني جا ڪوڙي گنھگار آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلْيَدْعُ نَادِيَهُۥ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ ڀلي ته پنھنجي ڪچھريءَ وارن کي سڏي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَنَدْعُ ٱلزَّبَانِيَةَ
Taj Mehmood Amrotiاسين به دوزخ جي داروغن کي سڏينداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَلَّا لَا تُطِعْهُ وَٱسْجُدْ وَٱقْتَرِب
Taj Mehmood Amrotiائين نه آھي، تون چيو نه مڃيس ۽ سجدو ڪر ۽ (الله کي) ويجھو ٿيءُ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→