caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة التين التين

٨ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٢٨

بِّسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلتِّينِ وَٱلزَّيْتُونِ

Taj Mehmood Amrotiانجير ۽ زيتون جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَطُورِ سِينِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ طُور سينا جو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهَٰذَا ٱلْبَلَدِ ٱلْأَمِينِ

Taj Mehmood Amroti۽ ھِن اَمن واري شھر (مڪي) جو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَقَدْ خَلَقْنَا ٱلْإِنسَٰنَ فِىٓ أَحْسَنِ تَقْوِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ ماڻھوءَ کي تمام سھڻي نموني پيدا ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ رَدَدْنَٰهُ أَسْفَلَ سَٰفِلِينَ

Taj Mehmood Amrotiوري سڀني ھيٺاھين کان ھيٺ موٽايوسونس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ فَلَهُمْ أَجْرٌ غَيْرُ مَمْنُونٍ

Taj Mehmood Amrotiپر جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ اَڻ کُٽ اجر آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَا يُكَذِّبُكَ بَعْدُ بِٱلدِّينِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي ماڻھو) ھن (نصيحت) پڄاڻا ڪھڙي شيءِ توکي عملن جي بدلي ملڻ بابت منڪر بڻائي ٿي؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَلَيْسَ ٱللَّهُ بِأَحْكَمِ ٱلْحَٰكِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiحاڪمن جو وڏو حاڪم الله نه آھي ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70