سورة الأعلى الأعلى
١٩ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٨
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ سَبِّحِ ٱسْمَ رَبِّكَ ٱلْأَعْلَى
Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) اُنھي پنھنجي تمام مٿاھين پالڻھار جي نالي جي پاڪائي بيان ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِى خَلَقَ فَسَوَّىٰ
Taj Mehmood Amrotiجنھن (ساري مخلوق کي) خلقيو پوءِ سنئين لڱين ڪيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِى قَدَّرَ فَهَدَىٰ
Taj Mehmood Amroti۽ جنھن اندازو ڪيو پوءِ رستو ڏيکاريائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِىٓ أَخْرَجَ ٱلْمَرْعَىٰ
Taj Mehmood Amroti۽ جنھن تازو گاھ ڄمايو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَجَعَلَهُۥ غُثَآءً أَحْوَىٰ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُن کي سُڪو سڙيو ڪيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَنُقْرِئُكَ فَلَا تَنسَىٰٓ
Taj Mehmood Amrotiاسين توکي (قرآن) پاڙھينداسون پوءِ نه وساريندين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا مَا شَآءَ ٱللَّهُ إِنَّهُۥ يَعْلَمُ ٱلْجَهْرَ وَمَا يَخْفَىٰ
Taj Mehmood Amrotiمگر جيڪي الله گھريو آھي، بيشڪ اُھو ظاھر کي ڄاڻندو آھي ۽ جيڪي ڳُجھو آھي تنھن کي (به).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَنُيَسِّرُكَ لِلْيُسْرَىٰ
Taj Mehmood Amroti۽ آسان رستو توکي سنھنجو ڪري ڏينداسين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَذَكِّرْ إِن نَّفَعَتِ ٱلذِّكْرَىٰ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪڏھن نصيحت ڏئڻ فائدو ڪري ته نصيحت ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
سَيَذَّكَّرُ مَن يَخْشَىٰ
Taj Mehmood Amrotiجيڪو ڊڄندو سو سُتت سمجھ وٺندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَتَجَنَّبُهَا ٱلْأَشْقَى
Taj Mehmood Amroti۽ اُن (نصيحت وٺڻ) کان (اُھو) تمام نڀاڳو پاسو ڪندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِى يَصْلَى ٱلنَّارَ ٱلْكُبْرَىٰ
Taj Mehmood Amrotiجو وڏيءَ باھ ۾ پوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ لَا يَمُوتُ فِيهَا وَلَا يَحْيَىٰ
Taj Mehmood Amrotiوري نڪي اُتي مرندو ۽ نڪي جيئرو رھندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قَدْ أَفْلَحَ مَن تَزَكَّىٰ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھو ڇٽو جيڪو سڌريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَذَكَرَ ٱسْمَ رَبِّهِۦ فَصَلَّىٰ
Taj Mehmood Amroti۽ پڻ پنھنجي پالڻھار جو نالو ياد ڪري نماز پڙھندو رھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلْ تُؤْثِرُونَ ٱلْحَيَوٰةَ ٱلدُّنْيَا
Taj Mehmood Amrotiبلڪ دُنيا جي حياتيءَ کي (آخرت کان) پسند ڪندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْـَٔاخِرَةُ خَيْرٌ وَأَبْقَىٰٓ
Taj Mehmood Amroti۽ (حقيقت ڪري) آخرت ڀَلي آھي ۽ ھميشه رھڻ واري آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ هَٰذَا لَفِى ٱلصُّحُفِ ٱلْأُولَىٰ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ھيءَ (بيان) پھرين صحيفن ۾ (به لکيل) آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
صُحُفِ إِبْرَٰهِيمَ وَمُوسَىٰ
Taj Mehmood Amrotiجي صحيفا ابراھيم ۽ مُوسىٰ جا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→