سورة الضحى الضحى
١١ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ١١
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلضُّحَىٰ
Taj Mehmood Amrotiمٿي آيل ڏينھن جو قسم آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّيْلِ إِذَا سَجَىٰ
Taj Mehmood Amroti۽ رات جو (قسم) آھي، جڏھن ڍَڪي ٿي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَا وَدَّعَكَ رَبُّكَ وَمَا قَلَىٰ
Taj Mehmood Amrotiته (اي پيغمبر) تنھنجي پالڻھار توکي نه ڇڏيو ۽ نڪي ناراض ٿيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَلْـَٔاخِرَةُ خَيْرٌ لَّكَ مِنَ ٱلْأُولَىٰ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ آخرت تولاءِ دنيا کان گھڻو چڱي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَسَوْفَ يُعْطِيكَ رَبُّكَ فَتَرْضَىٰٓ
Taj Mehmood Amroti۽ تنھنجو پالڻھار سگھوئي توکي (ايترو) ڏيندو جو (تون) خوش ٿيندين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ يَجِدْكَ يَتِيمًا فَـَٔاوَىٰ
Taj Mehmood Amrotiتوکي يتيم نه ڏٺائين ڇا پوءِ (توکي) جاءِ ڏنائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَوَجَدَكَ ضَآلًّا فَهَدَىٰ
Taj Mehmood Amroti۽ توکي ناواقف ڏٺائين پوءِ (شريعت جي) رستي لاتائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَوَجَدَكَ عَآئِلًا فَأَغْنَىٰ
Taj Mehmood Amroti۽ توکي مسڪين ڏٺائين پوءِ آسودو ڪيائين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَمَّا ٱلْيَتِيمَ فَلَا تَقْهَرْ
Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري يتيم تي تون ڏاڍ نه ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَمَّا ٱلسَّآئِلَ فَلَا تَنْهَرْ
Taj Mehmood Amroti۽ سُوالي کي نه جھڻڪ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَمَّا بِنِعْمَةِ رَبِّكَ فَحَدِّثْ
Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجي پالڻھار جي نعمت جو بيان ڪندو رھ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→