caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الدخان الدخان

٥٩ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٦٤

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ حمٓ

Taj Mehmood Amrotiحٰمٓ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلْكِتَٰبِ ٱلْمُبِينِ

Taj Mehmood Amroti(ھن) پڌريءَ ڪتاب جو قسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّآ أَنزَلْنَٰهُ فِى لَيْلَةٍ مُّبَٰرَكَةٍ إِنَّا كُنَّا مُنذِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ اسان ھن (ڪتاب) کي برڪت واريءَ رات ۾ لاٿو بيشڪ اسين ڊيڄاريندڙ ھواسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فِيهَا يُفْرَقُ كُلُّ أَمْرٍ حَكِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiاُن (برڪت واريءَ رات) ۾ سڀڪو ڪم حڪمت وارو فيصل ڪبو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْرًا مِّنْ عِندِنَآ إِنَّا كُنَّا مُرْسِلِينَ

Taj Mehmood Amroti(اھو) پاڻ وٽان (پنھنجي) حڪم سان (لاٿوسون) بيشڪ اسين (ئي پيغمبر کي) موڪلڻ وارا ھواسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَحْمَةً مِّن رَّبِّكَ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ

Taj Mehmood Amrotiتنھنجي پالڻھار جي ٻاجھ سبب (اُن کي لاٿوسون)، بيشڪ اُھوئي ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَبِّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا بَيْنَهُمَآ إِن كُنتُم مُّوقِنِينَ

Taj Mehmood Amroti(جو) آسمانن ۽ زمين جو ۽ جيڪي انھن جي وچ ۾ آھي تنھنجو پالڻھار آھي، جيڪڏھن اوھين وسھندڙ آھيو (ته وسھو).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ يُحْىِۦ وَيُمِيتُ رَبُّكُمْ وَرَبُّ ءَابَآئِكُمُ ٱلْأَوَّلِينَ

Taj Mehmood Amrotiاُن کانسواءِ (ٻيو) ڪوبه عبادت جو لائق نه آھي (جو) جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي (اُھوئي) اوھان جو پالڻھار ۽ اوھان جي اڳين پين ڏاڏن جو پالڻھار آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بَلْ هُمْ فِى شَكٍّ يَلْعَبُونَ

Taj Mehmood Amrotiبلڪ ڪافر (قيامت) کان شڪ ۾ آھن جو راند ڪندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱرْتَقِبْ يَوْمَ تَأْتِى ٱلسَّمَآءُ بِدُخَانٍ مُّبِينٍ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن ڏينھن آسمان پڌرو دونھون آڻيندو (تنھن ڏينھن جو) تون انتظار ڪڍ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَغْشَى ٱلنَّاسَ هَٰذَا عَذَابٌ أَلِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiجو ماڻھن کي ويڙھي ويندو، اھو ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَّبَّنَا ٱكْشِفْ عَنَّا ٱلْعَذَابَ إِنَّا مُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amroti(پوءِ چوندا ته) اي اسان جا پالڻھار اسان کان اِھو عذاب ٽار (جو) بيشڪ اسين مُسلمان ٿيون ٿا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَنَّىٰ لَهُمُ ٱلذِّكْرَىٰ وَقَدْ جَآءَهُمْ رَسُولٌ مُّبِينٌ

Taj Mehmood Amrotiکين نصيحت وٺڻي ڪيئن ٿيندي حالانڪ بيشڪ وٽن پڌرو پيغمبر آيو ھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ تَوَلَّوْا۟ عَنْهُ وَقَالُوا۟ مُعَلَّمٌ مَّجْنُونٌ

Taj Mehmood Amrotiوري کانئس مُنھن موڙيائون ۽ چيائون (ٿي) ته (ھيءُ) ماڻھو سيکاريل (۽) چريو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّا كَاشِفُوا۟ ٱلْعَذَابِ قَلِيلًا إِنَّكُمْ عَآئِدُونَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسين ٿورو (وقت) عذاب ٽارڻ وارا آھيون بيشڪ اوھين (وري ڪُفر ۾) ڦِرڻ وارا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ نَبْطِشُ ٱلْبَطْشَةَ ٱلْكُبْرَىٰٓ إِنَّا مُنتَقِمُونَ

Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن تمام وڏي پڪڙ ڪنداسون (تنھن ڏينھن) بيشڪ اسين بدلو وٺڻ وارا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ فَتَنَّا قَبْلَهُمْ قَوْمَ فِرْعَوْنَ وَجَآءَهُمْ رَسُولٌ كَرِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ کائن اڳ فرعون جي قوم جي آزمائش ڪئي سون ۽ وٽن (ھن ڳالھ سان) سڳورو پيغمبر آيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَنْ أَدُّوٓا۟ إِلَىَّ عِبَادَ ٱللَّهِ إِنِّى لَكُمْ رَسُولٌ أَمِينٌ

Taj Mehmood Amrotiته الله جي ٻانھن کي منھنجي حوالي ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ امانت دار پيغمبر (آيو) آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَن لَّا تَعْلُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ إِنِّىٓ ءَاتِيكُم بِسُلْطَٰنٍ مُّبِينٍ

Taj Mehmood Amroti۽ (چوڻ آيو آھيان) ته الله جي آڏو ھٺ نه ڪريو، بيشڪ آءٌ اوھان وٽ پڌري حُجت آڻيندس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنِّى عُذْتُ بِرَبِّى وَرَبِّكُمْ أَن تَرْجُمُونِ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ مون پنھنجي پالڻھار ۽ اوھان جي پالڻھار جي پناھ ورتي ته (متان) مون کي پھڻن سان ماريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِن لَّمْ تُؤْمِنُوا۟ لِى فَٱعْتَزِلُونِ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن مون تي ايمان نه آڻيو ته مون کان پاسو ڪريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَدَعَا رَبَّهُۥٓ أَنَّ هَٰٓؤُلَآءِ قَوْمٌ مُّجْرِمُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ پنھنجي پالڻھار کي سڏيائين ته ھيءَ ڏوھاري قوم آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَسْرِ بِعِبَادِى لَيْلًا إِنَّكُم مُّتَّبَعُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (حُڪم ڪيوسون ته) منھنجن ٻانھن کي راتو رات وٺي نڪر جو اوھان جي پٺيان پوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱتْرُكِ ٱلْبَحْرَ رَهْوًا إِنَّهُمْ جُندٌ مُّغْرَقُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (تون) سمنڊ کي سڪل ڇڏ، بيشڪ اُھي ٻڏڻ وارا لشڪر آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَمْ تَرَكُوا۟ مِن جَنَّٰتٍ وَعُيُونٍ

Taj Mehmood Amrotiباغ ۽ تلاءَ گھڻائي ڇڏيائون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَزُرُوعٍ وَمَقَامٍ كَرِيمٍ

Taj Mehmood Amroti۽ پوکون ۽ خاصيون جايون (به).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَنَعْمَةٍ كَانُوا۟ فِيهَا فَٰكِهِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي نعمتون (به) جنھن ۾ مزا ماڻيندا ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَٰلِكَ وَأَوْرَثْنَٰهَا قَوْمًا ءَاخَرِينَ

Taj Mehmood Amrotiاھڙي طرح (ٿيو)، ۽ ٻي قوم کي انھن (وسلن) جو وارث ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَا بَكَتْ عَلَيْهِمُ ٱلسَّمَآءُ وَٱلْأَرْضُ وَمَا كَانُوا۟ مُنظَرِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ مٿن آسمان ۽ زمين نه رُنو ۽ نڪي اُنھن کي مُلت ڏني ويئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ نَجَّيْنَا بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ مِنَ ٱلْعَذَابِ ٱلْمُهِينِ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي خوار ڪندڙ عذاب کان بچايوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مِن فِرْعَوْنَ إِنَّهُۥ كَانَ عَالِيًا مِّنَ ٱلْمُسْرِفِينَ

Taj Mehmood Amrotiجو فرعون کان (پھچندو) ھونِ، بيشڪ اُھو ھٺيلو حد کان لنگھندڙن مان ھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدِ ٱخْتَرْنَٰهُمْ عَلَىٰ عِلْمٍ عَلَى ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڄاڻي واڻي (ساري) جھان وارن کان پسند ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَءَاتَيْنَٰهُم مِّنَ ٱلْـَٔايَٰتِ مَا فِيهِ بَلَٰٓؤٌا۟ مُّبِينٌ

Taj Mehmood Amroti۽ کين اُھي مُعجزا ڏناسون جن ۾ پڌري آزمائش ھئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ هَٰٓؤُلَآءِ لَيَقُولُونَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھي (مُشرڪ) چوندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنْ هِىَ إِلَّا مَوْتَتُنَا ٱلْأُولَىٰ وَمَا نَحْنُ بِمُنشَرِينَ

Taj Mehmood Amrotiته (اسان جي پڄاڻي) رڳو اسان جو (ھيءُ) پھريون موت آھي ۽ اسين وري نه اُٿارباسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأْتُوا۟ بِـَٔابَآئِنَآ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي ابن ڏاڏن کي (جياري) آڻيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَهُمْ خَيْرٌ أَمْ قَوْمُ تُبَّعٍ وَٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ أَهْلَكْنَٰهُمْ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ مُجْرِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiاُھي ڀلا آھن يا تبع (حميري) جي قوم ۽ جيڪي کائن اڳ ھوا سي؟ اُنھن (سڀني) کي ناس ڪيوسون، بيشڪ اُھي ڏوھاري ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا خَلَقْنَا ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ وَمَا بَيْنَهُمَا لَٰعِبِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ آسمان ۽ زمين کي ۽ جيڪي اُنھن جي وچ ۾ آھي سو راند ڪري نه بڻايوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَا خَلَقْنَٰهُمَآ إِلَّا بِٱلْحَقِّ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiانھن کي پوريءَ رِٿ کانسواءِ نه بڻايوسون پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ يَوْمَ ٱلْفَصْلِ مِيقَٰتُهُمْ أَجْمَعِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ انھن مڙني جو انجام نبيري جو ڏينھن آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَوْمَ لَا يُغْنِى مَوْلًى عَن مَّوْلًى شَيْـًٔا وَلَا هُمْ يُنصَرُونَ

Taj Mehmood Amrotiجنھن ڏينھن ڪوبه دوست ڪنھن دوست کان ڪجھ به (عذاب) نه ٽاريندو ۽ نڪي کين مدد ڏبي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَّا مَن رَّحِمَ ٱللَّهُ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلرَّحِيمُ

Taj Mehmood Amrotiسواءِ اُنھيءَ جي جنھن تي الله رحم ڪيو، بيشڪ الله ئي غالب مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ شَجَرَتَ ٱلزَّقُّومِ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ٿوھر جو وڻ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

طَعَامُ ٱلْأَثِيمِ

Taj Mehmood Amrotiگنھگار جو کاڄ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَٱلْمُهْلِ يَغْلِى فِى ٱلْبُطُونِ

Taj Mehmood Amrotiپگھريل ٽامي جان، پيٽن ۾ ٽچڪندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَغَلْىِ ٱلْحَمِيمِ

Taj Mehmood Amrotiتَتل پاڻي جي ٽچڪڻ وانگر.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

خُذُوهُ فَٱعْتِلُوهُ إِلَىٰ سَوَآءِ ٱلْجَحِيمِ

Taj Mehmood Amroti(ملائڪن کي چونداسون ته) ھن (ڏوھيءَ کي پڪڙيو) ۽ دوزخ جي وچ ڏانھن گھليوس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ صُبُّوا۟ فَوْقَ رَأْسِهِۦ مِنْ عَذَابِ ٱلْحَمِيمِ

Taj Mehmood Amrotiوري سندس مٿي تي تَتل پاڻي ھاريو جو (اِھو) عذاب (اٿس).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذُقْ إِنَّكَ أَنتَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْكَرِيمُ

Taj Mehmood Amroti(چئبس ته اِھا سزا) چَک ڇوته تون (پنھنجي گمان ۾) سگھورو مان وارو آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ هَٰذَا مَا كُنتُم بِهِۦ تَمْتَرُونَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ھيءُ اُھو عذاب آھي جنھن ۾ اوھين شڪ ڪندا ھئو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلْمُتَّقِينَ فِى مَقَامٍ أَمِينٍ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ پرھيزگار امن واريءَ جاءِ ۾ ھُوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فِى جَنَّٰتٍ وَعُيُونٍ

Taj Mehmood Amrotiباغن ۽ تلاون ۾.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَلْبَسُونَ مِن سُندُسٍ وَإِسْتَبْرَقٍ مُّتَقَٰبِلِينَ

Taj Mehmood Amrotiسنھي پَٽ جا (ڪپڙا) ۽ ٿُلھي پَٽ جا (ڪپڙا) ھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي ڍڪندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَذَٰلِكَ وَزَوَّجْنَٰهُم بِحُورٍ عِينٍ

Taj Mehmood Amroti(سندن حال) ائين ھوندو، ۽ کين وڏين (سھڻين) اکين واريون حورون پرڻائينداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَدْعُونَ فِيهَا بِكُلِّ فَٰكِهَةٍ ءَامِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiمنجھس سڀڪو ميوو گھرندا اھڙي حال ۾ جو امن وارا ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَا يَذُوقُونَ فِيهَا ٱلْمَوْتَ إِلَّا ٱلْمَوْتَةَ ٱلْأُولَىٰ وَوَقَىٰهُمْ عَذَابَ ٱلْجَحِيمِ

Taj Mehmood Amrotiپھرين موت کانسواءِ (جو دنيا ۾ مري چڪا) اتي (ٻيو) موت نه چکندا، ۽ (الله) کين دوزخ جي عذاب کان بچايو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَضْلًا مِّن رَّبِّكَ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْعَظِيمُ

Taj Mehmood Amrotiتنھنجي پالڻھار جي فضل سبب، اھائي وڏي مراد ماڻڻ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِنَّمَا يَسَّرْنَٰهُ بِلِسَانِكَ لَعَلَّهُمْ يَتَذَكَّرُونَ

Taj Mehmood Amrotiقرآن کي تنھنجيءَ ٻوليءَ ۾ آسان ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱرْتَقِبْ إِنَّهُم مُّرْتَقِبُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (تون) انتظار ڪڍ بيشڪ اُھي به انتظار ڪڍڻ وارا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70