caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الجاثية الجاثية

٣٧ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٦٥

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ حمٓ

Taj Mehmood Amrotiحٰمٓ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تَنزِيلُ ٱلْكِتَٰبِ مِنَ ٱللَّهِ ٱلْعَزِيزِ ٱلْحَكِيمِ

Taj Mehmood Amrotiڪتاب جو لاھڻ الله غالب حڪمت واري کان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ لَـَٔايَٰتٍ لِّلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ آسمانن ۽ زمين ۾ ايمان وارن لاءِ پڪيون نشانيون آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَفِى خَلْقِكُمْ وَمَا يَبُثُّ مِن دَآبَّةٍ ءَايَٰتٌ لِّقَوْمٍ يُوقِنُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اوھان جي بڻائڻ ۾ ۽ جيڪي چرندڙن مان پکيڙي ٿو تنھن (جي بڻائڻ) ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي يقين رکندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱخْتِلَٰفِ ٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ وَمَآ أَنزَلَ ٱللَّهُ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مِن رِّزْقٍ فَأَحْيَا بِهِ ٱلْأَرْضَ بَعْدَ مَوْتِهَا وَتَصْرِيفِ ٱلرِّيَٰحِ ءَايَٰتٌ لِّقَوْمٍ يَعْقِلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ رات ۽ ڏينھن جي ڦيرگھير ۾ ۽ جيڪي الله آسمان کان روزي نازل ڪئي پوءِ اُن سببان زمين کي سندس غيرآباديءَ کانپوءِ آباد ڪيائين تنھن ۾ ۽ وائن جي ھلائڻ ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جيڪي سمجھ رکندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تِلْكَ ءَايَٰتُ ٱللَّهِ نَتْلُوهَا عَلَيْكَ بِٱلْحَقِّ فَبِأَىِّ حَدِيثٍۭ بَعْدَ ٱللَّهِ وَءَايَٰتِهِۦ يُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiاھي الله جون آيتون آھن جي توکي سچ سان پڙھي ٻڌايون ٿا، پوءِ الله ۽ سندس آيتن پڃاڻا ڪھڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَيْلٌ لِّكُلِّ أَفَّاكٍ أَثِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiھر ڪنھن ٻٽاڪيءَ گنھگار لاءِ خرابي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَسْمَعُ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ تُتْلَىٰ عَلَيْهِ ثُمَّ يُصِرُّ مُسْتَكْبِرًا كَأَن لَّمْ يَسْمَعْهَا فَبَشِّرْهُ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiالله جون آيتون کيس پڙھي ٻڌائبيون آھن ته ٻڌندو آھي وري آڪڙجي ضد ڪندو آھي ڄڻڪ اُھي ٻڌيون ئي نه ھوائين، تنھنڪري کيس ڏکوئيندڙ عذاب جي خوشخبري سُڻاءِ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا عَلِمَ مِنْ ءَايَٰتِنَا شَيْـًٔا ٱتَّخَذَهَا هُزُوًا أُو۟لَٰٓئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِينٌ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن اسان جي آيتن مان ڪنھن ڳالھ تي واقف ٿيندو آھي (تڏھن) ان کي ٺـٺوليون ڪري وٺندو آھي، اُنھن ئي لاءِ خوار ڪندڙ عذاب آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مِّن وَرَآئِهِمْ جَهَنَّمُ وَلَا يُغْنِى عَنْهُم مَّا كَسَبُوا۟ شَيْـًٔا وَلَا مَا ٱتَّخَذُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ أَوْلِيَآءَ وَلَهُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiسندن ٻئي طرف کان دوزخ آھي، ۽ جيڪي ڪمايائون نڪي اُھو کائن ڪجھ ٽاري سگھندو ۽ نڪي اُھي جن کي الله ڌاران سڄڻ ڪري ورتائون (کائن ٽاري سگھندا)، ۽ اُنھن لاءِ وڏو عذاب آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هَٰذَا هُدًى وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِـَٔايَٰتِ رَبِّهِمْ لَهُمْ عَذَابٌ مِّن رِّجْزٍ أَلِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiھيءُ (قرآن) ھدايت آھي، ۽ جن پنھنجي پالڻھار جي آيتن جو انڪار ڪيو تن کي سخت سزا جو ڏکوئيندڙ عذاب آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱللَّهُ ٱلَّذِى سَخَّرَ لَكُمُ ٱلْبَحْرَ لِتَجْرِىَ ٱلْفُلْكُ فِيهِ بِأَمْرِهِۦ وَلِتَبْتَغُوا۟ مِن فَضْلِهِۦ وَلَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ

Taj Mehmood Amrotiالله اُھو آھي جنھن درياءُ اوھان جي تابع ڪيو ته سندس حُڪم سان منجھس ٻيڙيون ھلن ۽ سندس فضل مان گذران طلب ڪريو ۽ مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَسَخَّرَ لَكُم مَّا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًا مِّنْهُ إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَٰتٍ لِّقَوْمٍ يَتَفَكَّرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو سڀئي پنھنجي پار کان اوھان جي ڪم ۾ لڳايائين، بيشڪ اُن ۾ اُنھن ماڻھن لاءِ نشانيون آھن جي پروڙيندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُل لِّلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ يَغْفِرُوا۟ لِلَّذِينَ لَا يَرْجُونَ أَيَّامَ ٱللَّهِ لِيَجْزِىَ قَوْمًۢا بِمَا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ

Taj Mehmood Amrotiمؤمنن کي چؤ ته جيڪي الله جي واقعن جي اُميد نه رکندا آھن تن کان ھن ڪري ٽارو ڪن ته اُنھي سببان جو جيڪي ڪمايو ھوائون (انھن مان) ڪنھن قوم کي (الله) سزا ڏئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَنْ عَمِلَ صَٰلِحًا فَلِنَفْسِهِۦ وَمَنْ أَسَآءَ فَعَلَيْهَا ثُمَّ إِلَىٰ رَبِّكُمْ تُرْجَعُونَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪو چڱا ڪم ڪندو سو پاڻ لاءِ، ۽ جيڪو مدائي ڪندو تنھن تي (اُن جو نقصان) آھي، وري پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽايا ويندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ ٱلْكِتَٰبَ وَٱلْحُكْمَ وَٱلنُّبُوَّةَ وَرَزَقْنَٰهُم مِّنَ ٱلطَّيِّبَٰتِ وَفَضَّلْنَٰهُمْ عَلَى ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ بني اسرائيلن کي ڪتاب ۽ دانائي ۽ پيغمبري ڏني سون ۽ سٺين شين مان کين روزي ڏني سون ۽ کين جھان وارن کان ڀلارو ڪيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَءَاتَيْنَٰهُم بَيِّنَٰتٍ مِّنَ ٱلْأَمْرِ فَمَا ٱخْتَلَفُوٓا۟ إِلَّا مِنۢ بَعْدِ مَا جَآءَهُمُ ٱلْعِلْمُ بَغْيًۢا بَيْنَهُمْ إِنَّ رَبَّكَ يَقْضِى بَيْنَهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ فِيمَا كَانُوا۟ فِيهِ يَخْتَلِفُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ دين بابت کين پڌرا دليل ڏناسون، پوءِ انھن (اڳي) اختلاف نه ڪيو پر وٽن ڄاڻپ آئي تنھن کانپوءِ پاڻ ۾ ساڙ (پيل) سببان (اختلاف ڪيائون)، بيشڪ جنھن ڳالھ بابت جھڳڙو ڪندا ھوا تنھن بابت قيامت جي ڏينھن تنھنجو پالڻھار سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ جَعَلْنَٰكَ عَلَىٰ شَرِيعَةٍ مِّنَ ٱلْأَمْرِ فَٱتَّبِعْهَا وَلَا تَتَّبِعْ أَهْوَآءَ ٱلَّذِينَ لَا يَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiوري (اي پيغمبر) توکي دين جي پڌريءَ واٽ تي ڪيوسون تنھنڪري (تون) اُن دين جي تابعداري ڪر ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھن تن جي سَڌن پٺيان نه لڳ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّهُمْ لَن يُغْنُوا۟ عَنكَ مِنَ ٱللَّهِ شَيْـًٔا وَإِنَّ ٱلظَّٰلِمِينَ بَعْضُهُمْ أَوْلِيَآءُ بَعْضٍ وَٱللَّهُ وَلِىُّ ٱلْمُتَّقِينَ

Taj Mehmood Amrotiڇوته اِھي الله جي آڏو توکان ڪجھ به ٽاري نه سگھندا، ۽ بيشڪ ظالم ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ الله پرھيزگارن جو دوست آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هَٰذَا بَصَٰٓئِرُ لِلنَّاسِ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِّقَوْمٍ يُوقِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiھيءُ (قرآن) ماڻھن لاءِ چٽا دليل آھن جيڪي ماڻھو يقين رکندا آھن تن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ حَسِبَ ٱلَّذِينَ ٱجْتَرَحُوا۟ ٱلسَّيِّـَٔاتِ أَن نَّجْعَلَهُمْ كَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ سَوَآءً مَّحْيَاهُمْ وَمَمَاتُهُمْ سَآءَ مَا يَحْكُمُونَ

Taj Mehmood Amrotiجن مدايون ڪيون سي ڀائيندا آھن ڇا ته کين انھن وانگر ڪنداسون جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا؟ ته سندن جيئڻ ۽ مرڻ ھڪ جھڙو ھوندو، (اھو) جيڪو فيصلو ڪندا آھن سو بڇڙو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَخَلَقَ ٱللَّهُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ بِٱلْحَقِّ وَلِتُجْزَىٰ كُلُّ نَفْسٍۭ بِمَا كَسَبَتْ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ الله آسمانن ۽ زمين کي پوري رِٿ سان بڻايو ۽ ھن لاءِ ته ھر ڪنھن شخص جيڪي ڪمايو تنھن بابت کيس بدلو ڏجي ۽ مٿن ظلم نه ڪبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَرَءَيْتَ مَنِ ٱتَّخَذَ إِلَٰهَهُۥ هَوَىٰهُ وَأَضَلَّهُ ٱللَّهُ عَلَىٰ عِلْمٍ وَخَتَمَ عَلَىٰ سَمْعِهِۦ وَقَلْبِهِۦ وَجَعَلَ عَلَىٰ بَصَرِهِۦ غِشَٰوَةً فَمَن يَهْدِيهِ مِنۢ بَعْدِ ٱللَّهِ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) اُنھيءَ کي نه ڏٺو اٿيئي ڇا؟ جنھن پنھنجي (نفس جي) سَڌ کي معبود ڪري ورتو ۽ ڄاڻڻ ھوندي الله کيس گمراھ ڪيو ۽ سندس ڪنّن تي ۽ سندين دل تي مُھر ھنيائين ۽ سنديس اکين تي پردو وڌائين، پوءِ الله ڌاران کيس ڪير ھدايت ڪندو، پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالُوا۟ مَا هِىَ إِلَّا حَيَاتُنَا ٱلدُّنْيَا نَمُوتُ وَنَحْيَا وَمَا يُهْلِكُنَآ إِلَّا ٱلدَّهْرُ وَمَا لَهُم بِذَٰلِكَ مِنْ عِلْمٍ إِنْ هُمْ إِلَّا يَظُنُّونَ

Taj Mehmood Amroti۽ چوندا آھن ته اسان جي رڳو ھي دنيا جي حياتي آھي جو مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسان کي رڳو زمانو ماريندو آھي، ۽ ان (ڳالھ) جي کين ڪا ڄاڻپ نه آھي، اُھي رڳو اٽڪل ھڻندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ ءَايَٰتُنَا بَيِّنَٰتٍ مَّا كَانَ حُجَّتَهُمْ إِلَّآ أَن قَالُوا۟ ٱئْتُوا۟ بِـَٔابَآئِنَآ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن اسان جون پڌريون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن (تڏھن) سندين حجت رڳو ھي چوڻ ھوندو آھي ته جيڪڏھن اوھين سچا آھيو ته اسان جي پيءُ ڏاڏن کي (جيئرو ڪري) آڻيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلِ ٱللَّهُ يُحْيِيكُمْ ثُمَّ يُمِيتُكُمْ ثُمَّ يَجْمَعُكُمْ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَٰمَةِ لَا رَيْبَ فِيهِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر کين) چؤ ته الله اوھان کي جياريندو آھي وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي قيامت جي ڏينھن ۾ ڪو شڪ نه آھي گڏ ڪندو پر گھڻا ماڻھو (اِن ڳالھ کي) نه ڄاڻندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلِلَّهِ مُلْكُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَيَوْمَ تَقُومُ ٱلسَّاعَةُ يَوْمَئِذٍ يَخْسَرُ ٱلْمُبْطِلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ آسمانن ۽ زمين جي بادشاھي الله جي آھي، ۽ جنھن ڏينھن قيامت ٿيندي تنھن ڏينھن ڪُوڙا ڇيئو پائيندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَتَرَىٰ كُلَّ أُمَّةٍ جَاثِيَةً كُلُّ أُمَّةٍ تُدْعَىٰٓ إِلَىٰ كِتَٰبِهَا ٱلْيَوْمَ تُجْزَوْنَ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) ھر ڪنھن ٽوليءَ کي گوڏن ڀر (ويٺل) ڏسندين، سڀڪا ٽولي پنھنجي اعمالنامي ڏانھن سڏبي، (چئبو) ته جيڪي (اوھين) ڪندا ھئو تنھن جو اڄ اوھان کي بدلو ڏبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هَٰذَا كِتَٰبُنَا يَنطِقُ عَلَيْكُم بِٱلْحَقِّ إِنَّا كُنَّا نَسْتَنسِخُ مَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiھي اسان جو دفتر آھي جو اوھان تي پوري حقيقت پڌري ڪري ٿو، بيشڪ جيڪي اوھين ڪندا ھئو سو اسين لکندا ھواسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَمَّا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ فَيُدْخِلُهُمْ رَبُّهُمْ فِى رَحْمَتِهِۦ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْفَوْزُ ٱلْمُبِينُ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي سندن پالڻھار پنھنجي ٻاجھ ھيٺ داخل ڪندو، اھا پڌري مراد ماڻڻ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَمَّا ٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ أَفَلَمْ تَكُنْ ءَايَٰتِى تُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ فَٱسْتَكْبَرْتُمْ وَكُنتُمْ قَوْمًا مُّجْرِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جن ڪُفر ڪيو (تن کي چئبو) ته اوھان وٽ منھنجيون آيتون نه پڙھبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھان وڏائي ڪئي ۽ ڏوھاري قوم ھئو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا قِيلَ إِنَّ وَعْدَ ٱللَّهِ حَقٌّ وَٱلسَّاعَةُ لَا رَيْبَ فِيهَا قُلْتُم مَّا نَدْرِى مَا ٱلسَّاعَةُ إِن نَّظُنُّ إِلَّا ظَنًّا وَمَا نَحْنُ بِمُسْتَيْقِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن چئبو ھُيَوَ ته الله جو وعدو سچو آھي ۽ قيامت ۾ ڪو شڪ نه آھي (تڏھن) چوندا ھئو ته (اسين) نه ڄاڻندا آھيون ته قيامت ڇا آھي اسين رڳو ھڪ (ٿورو) گمان ڀائيندا آھيون ۽ اسين (ڪڏھن) يقين ڪرڻ وارا نه آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَبَدَا لَهُمْ سَيِّـَٔاتُ مَا عَمِلُوا۟ وَحَاقَ بِهِم مَّا كَانُوا۟ بِهِۦ يَسْتَهْزِءُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي ڪمايو ھوائون تنھن جون مدايون کين پڌريون ٿينديون ۽ جنھن شيءَ تي چٿرون ڪندا ھوا سا کين وڪوڙي ويندي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقِيلَ ٱلْيَوْمَ نَنسَىٰكُمْ كَمَا نَسِيتُمْ لِقَآءَ يَوْمِكُمْ هَٰذَا وَمَأْوَىٰكُمُ ٱلنَّارُ وَمَا لَكُم مِّن نَّٰصِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ چئبو ته اڄ اوھان کي (ائين) وسارينداسون جيئن اوھان پنھنجي ھن ڏينھن جي اچي پھچڻ کي وساريو ھو ۽ (ھاڻي) اوھان جي جاءِ دوزخ آھي ۽ اوھان جو ڪو مددگار نه آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذَٰلِكُم بِأَنَّكُمُ ٱتَّخَذْتُمْ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ هُزُوًا وَغَرَّتْكُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا فَٱلْيَوْمَ لَا يُخْرَجُونَ مِنْهَا وَلَا هُمْ يُسْتَعْتَبُونَ

Taj Mehmood Amrotiاِھو (عذاب اوھان کي) ھن ڪري آھي جو اوھان الله جي آيتن کي ٺـٺوليون ڪري ورتو ھو ۽ دنيوي حياتيءَ اوھان کي ٺڳيو ھو، تنھنڪري اڄ منجھانئس نه ڪڍبن ۽ نڪي عذر طلب ڪبن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلِلَّهِ ٱلْحَمْدُ رَبِّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَرَبِّ ٱلْأَرْضِ رَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ سڀ ساراھ خاص الله کي جڳائي جو آسمانن جو پالڻھار ۽ زمين جو پالڻھار ۽ جھانن جو پالڻھار آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَهُ ٱلْكِبْرِيَآءُ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَهُوَ ٱلْعَزِيزُ ٱلْحَكِيمُ

Taj Mehmood Amroti۽ آسمانن ۽ زمين ۾ سنديس وڏائي آھي، ۽ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70