سورة الواقعة الواقعة
٩٦ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٤٦
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ إِذَا وَقَعَتِ ٱلْوَاقِعَةُ
Taj Mehmood Amrotiجڏھن قيامت ايندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَيْسَ لِوَقْعَتِهَا كَاذِبَةٌ
Taj Mehmood Amrotiجنھنجي اچڻ ۾ ڪو ڪوڙ نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
خَافِضَةٌ رَّافِعَةٌ
Taj Mehmood Amrotiڪن کي جھڪي ڪرڻ واري ۽ ڪن کي مٿاھين ڪرڻ واري.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِذَا رُجَّتِ ٱلْأَرْضُ رَجًّا
Taj Mehmood Amrotiجڏھن زمين سخت ڌوڏبي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَبُسَّتِ ٱلْجِبَالُ بَسًّا
Taj Mehmood Amroti۽ جبل پوري طرح ڀڃي پڻي ڪيا ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَكَانَتْ هَبَآءً مُّنۢبَثًّا
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُڏاريل دُز وانگر ٿيندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكُنتُمْ أَزْوَٰجًا ثَلَٰثَةً
Taj Mehmood Amroti۽ اوھين تڏھن ٽي ٽوليون ٿيندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَصْحَٰبُ ٱلْمَيْمَنَةِ مَآ أَصْحَٰبُ ٱلْمَيْمَنَةِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙا ته چڱا ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَصْحَٰبُ ٱلْمَشْـَٔمَةِ مَآ أَصْحَٰبُ ٱلْمَشْـَٔمَةِ
Taj Mehmood Amroti۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا (ته) بدحال ھوندا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلسَّٰبِقُونَ ٱلسَّٰبِقُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ (چڱاين ۾) اڳرائي ڪرڻ وارا اڳي ٿيڻ وارا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أُو۟لَٰٓئِكَ ٱلْمُقَرَّبُونَ
Taj Mehmood Amrotiاھي (ئي) مقرب آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِى جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ
Taj Mehmood Amrotiنعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُلَّةٌ مِّنَ ٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amrotiگھڻا پھرين مان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَلِيلٌ مِّنَ ٱلْـَٔاخِرِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ ٿورا پوين مان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلَىٰ سُرُرٍ مَّوْضُونَةٍ
Taj Mehmood Amroti(سون سان) اُڻيل تخت تي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مُّتَّكِـِٔينَ عَلَيْهَا مُتَقَٰبِلِينَ
Taj Mehmood Amrotiھڪ ٻئي جي آمھون سامھون ٿي مٿن ٽيڪ ڏئي ويٺل ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَطُوفُ عَلَيْهِمْ وِلْدَٰنٌ مُّخَلَّدُونَ
Taj Mehmood Amrotiھميشه رھڻ وارا نينگر وٽن پيا ايندا ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بِأَكْوَابٍ وَأَبَارِيقَ وَكَأْسٍ مِّن مَّعِينٍ
Taj Mehmood Amrotiآبخورن ۽ ڪوزن سان ۽ وھندڙ شراب مان (ڀريل) پيالا (آڻيندن).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّا يُصَدَّعُونَ عَنْهَا وَلَا يُنزِفُونَ
Taj Mehmood Amroti(اھڙو صاف) جنھن کان نڪي مٿي ۾ سور پوندن ۽ نڪي بيھوش ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَفَٰكِهَةٍ مِّمَّا يَتَخَيَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ (پڻ ھر جنس جو) ميوو جتان وڻندن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَحْمِ طَيْرٍ مِّمَّا يَشْتَهُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ پکين جو گوشت جنھن قسم مان (پيو) گھرين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَحُورٌ عِينٌ
Taj Mehmood Amroti۽ وڏين اکين وارون حورون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كَأَمْثَٰلِ ٱللُّؤْلُؤِ ٱلْمَكْنُونِ
Taj Mehmood Amroti(ڄڻڪ) ڍڪيل موتين جھڙيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amrotiجيڪي ڪمايو ھوائون تنھنجي بدلي ۾.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَا يَسْمَعُونَ فِيهَا لَغْوًا وَلَا تَأْثِيمًا
Taj Mehmood Amrotiاتي نڪا اجائي بَڪ نڪا گناھ جھڙي ڳالھ ٻڌندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِلَّا قِيلًا سَلَٰمًا سَلَٰمًا
Taj Mehmood Amrotiپر ھر ڪو سلام سلام پيو چوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَصْحَٰبُ ٱلْيَمِينِ مَآ أَصْحَٰبُ ٱلْيَمِينِ
Taj Mehmood Amroti۽ سڄي پاسي وارا، سڄي پاسي وارا ڪھڙي حال ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِى سِدْرٍ مَّخْضُودٍ
Taj Mehmood Amrotiلاسڙين ٻيرين ۾.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَطَلْحٍ مَّنضُودٍ
Taj Mehmood Amroti۽ ڀريل ڦردار ڪيوڙن ۾.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَظِلٍّ مَّمْدُودٍ
Taj Mehmood Amroti۽ ڊگھن پاڇن ۾.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآءٍ مَّسْكُوبٍ
Taj Mehmood Amroti۽ (ھيٺ) ڪرندڙ پاڻي ۾.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَفَٰكِهَةٍ كَثِيرَةٍ
Taj Mehmood Amroti۽ گھڻن ميون ۾.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّا مَقْطُوعَةٍ وَلَا مَمْنُوعَةٍ
Taj Mehmood Amrotiنڪي کُٽندا ۽ نڪي (کائن) جھلبا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَفُرُشٍ مَّرْفُوعَةٍ
Taj Mehmood Amroti۽ اُچا وڇاڻا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّآ أَنشَأْنَٰهُنَّ إِنشَآءً
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان حورن کي ھڪ نموني تي پيدا ڪيو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَجَعَلْنَٰهُنَّ أَبْكَارًا
Taj Mehmood Amrotiپوءِ کين ڪنواريون بڻايوسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عُرُبًا أَتْرَابًا
Taj Mehmood Amrotiمڙسن کي وڻندڙ ھڪ جيڏيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِّأَصْحَٰبِ ٱلْيَمِينِ
Taj Mehmood Amrotiسڄي پاسي وارن لاءِ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُلَّةٌ مِّنَ ٱلْأَوَّلِينَ
Taj Mehmood Amrotiگھڻي جماعت پھرين مان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَثُلَّةٌ مِّنَ ٱلْـَٔاخِرِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ گھڻي جماعت پوين مان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَصْحَٰبُ ٱلشِّمَالِ مَآ أَصْحَٰبُ ٱلشِّمَالِ
Taj Mehmood Amroti۽ کٻي پاسي وارا، کٻي پاسي وارا ڪھڙا بدحال ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِى سَمُومٍ وَحَمِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiڪوسي جھولي ۽ تَتي پاڻيءَ ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَظِلٍّ مِّن يَحْمُومٍ
Taj Mehmood Amroti۽ ڪاري دونھين جي پاڇي ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّا بَارِدٍ وَلَا كَرِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiجو نڪي ٿڌو ھوندو ۽ نڪي سھائيندڙ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَبْلَ ذَٰلِكَ مُتْرَفِينَ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھي ھن کان اڳ (دُنيا ۾) سُک ۾ پيل ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَانُوا۟ يُصِرُّونَ عَلَى ٱلْحِنثِ ٱلْعَظِيمِ
Taj Mehmood Amroti۽ وڏي گناھ (شرڪ) تي ضد ڪندا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَانُوا۟ يَقُولُونَ أَئِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَٰمًا أَءِنَّا لَمَبْعُوثُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ چوندا ھوا ته، جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) اسين وري (قبرن مان) اُٿاريا وينداسون ڇا؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَوَءَابَآؤُنَا ٱلْأَوَّلُونَ
Taj Mehmood Amrotiيا اسان جا پھريان پيءُ ڏاڏا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ إِنَّ ٱلْأَوَّلِينَ وَٱلْـَٔاخِرِينَ
Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) چؤ ته بيشڪ اڳيان ۽ پويان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَمَجْمُوعُونَ إِلَىٰ مِيقَٰتِ يَوْمٍ مَّعْلُومٍ
Taj Mehmood Amrotiھڪ مقرّر ڪيل ڏينھن جي وقت تي ضرور گڏ ڪيا ويندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ إِنَّكُمْ أَيُّهَا ٱلضَّآلُّونَ ٱلْمُكَذِّبُونَ
Taj Mehmood Amrotiوري بيشڪ اوھين اي گمراھو ڪوڙ ڀائيندڙؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَـَٔاكِلُونَ مِن شَجَرٍ مِّن زَقُّومٍ
Taj Mehmood Amrotiضرور اوھين ٿوھر جي وڻ مان کائيندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَمَالِـُٔونَ مِنْهَا ٱلْبُطُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ منجھانئس پيٽن کي ڀريندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَشَٰرِبُونَ عَلَيْهِ مِنَ ٱلْحَمِيمِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ مٿانئس تَتل پاڻيءَ مان پيئندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَشَٰرِبُونَ شُرْبَ ٱلْهِيمِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُڃايل اُٺن جي پيئڻ وانگر پيئندؤ.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَٰذَا نُزُلُهُمْ يَوْمَ ٱلدِّينِ
Taj Mehmood Amrotiقيامت جي ڏينھن اِھا سندن مھماني آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
نَحْنُ خَلَقْنَٰكُمْ فَلَوْلَا تُصَدِّقُونَ
Taj Mehmood Amrotiاسان اوھان کي پيدا ڪيو پوءِ (وري جيارڻ کي) ڇونه سچ ڀائيندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَرَءَيْتُم مَّا تُمْنُونَ
Taj Mehmood Amrotiڀلا ڏسو ته سھي ته جيڪا مني وجھندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ءَأَنتُمْ تَخْلُقُونَهُۥٓ أَمْ نَحْنُ ٱلْخَٰلِقُونَ
Taj Mehmood Amrotiتنھن مان اوھين خلقيو ٿا ڇا؟ يا اسين خلقڻ وارا آھيون؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
نَحْنُ قَدَّرْنَا بَيْنَكُمُ ٱلْمَوْتَ وَمَا نَحْنُ بِمَسْبُوقِينَ
Taj Mehmood Amrotiاسان اوھان ۾ موت مقرّر ڪيو آھي ۽ اسين عاجز نه آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
عَلَىٰٓ أَن نُّبَدِّلَ أَمْثَٰلَكُمْ وَنُنشِئَكُمْ فِى مَا لَا تَعْلَمُونَ
Taj Mehmood Amrotiته اوھان جھڙن کي مٽائي پيدا ڪريون ۽ اوھان کي اھڙي (شڪل) ۾ پيدا ڪريون جنھن کي ڄاڻندا ئي ئي نه ھجو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَقَدْ عَلِمْتُمُ ٱلنَّشْأَةَ ٱلْأُولَىٰ فَلَوْلَا تَذَكَّرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ پھرين پيدائش ڄاڻي چڪؤ پوءِ ڇونه ٿا نصيحت وٺو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَرَءَيْتُم مَّا تَحْرُثُونَ
Taj Mehmood Amrotiڏسو ته سھي جيڪي اوھين پوکيندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ءَأَنتُمْ تَزْرَعُونَهُۥٓ أَمْ نَحْنُ ٱلزَّٰرِعُونَ
Taj Mehmood Amrotiسو اوھين ڄمائيندا آھيو ڇا يا اسين ڄمائيندا آھيون؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَوْ نَشَآءُ لَجَعَلْنَٰهُ حُطَٰمًا فَظَلْتُمْ تَفَكَّهُونَ
Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن گھُرون ته اُن کي ناس ڪري ڇڏيون پوءِ اوھين حيرت ۾ رھجي وڃو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّا لَمُغْرَمُونَ
Taj Mehmood Amroti(۽ پيا چئو) ته بيشڪ اسين ٽوٽي ۾ پئجي وياسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
بَلْ نَحْنُ مَحْرُومُونَ
Taj Mehmood Amrotiبلڪ اسين بي نصيب آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَرَءَيْتُمُ ٱلْمَآءَ ٱلَّذِى تَشْرَبُونَ
Taj Mehmood Amrotiڀلا ڏسو ته سھي جيڪو پاڻي پيئندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ءَأَنتُمْ أَنزَلْتُمُوهُ مِنَ ٱلْمُزْنِ أَمْ نَحْنُ ٱلْمُنزِلُونَ
Taj Mehmood Amrotiاُھو اوھين ڪڪرن مان ھيٺ لاھيندا آھيو ڇا يا اسين ھيٺ لاھيندا آھيون؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَوْ نَشَآءُ جَعَلْنَٰهُ أُجَاجًا فَلَوْلَا تَشْكُرُونَ
Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن گھُرون ته اُن کي کارو ڪري ڇڏيون پوءِ ڇونه شڪرانو ڪندا آھيو؟
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَرَءَيْتُمُ ٱلنَّارَ ٱلَّتِى تُورُونَ
Taj Mehmood Amrotiڀلا ڏسو ته سھي ته جا باھ ٻاريندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ءَأَنتُمْ أَنشَأْتُمْ شَجَرَتَهَآ أَمْ نَحْنُ ٱلْمُنشِـُٔونَ
Taj Mehmood Amrotiتنھن جي وڻ کي اوھان پيدا ڪيو آھيو آھي ڇا؟ يا اسين پيدا ڪندڙ آھيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
نَحْنُ جَعَلْنَٰهَا تَذْكِرَةً وَمَتَٰعًا لِّلْمُقْوِينَ
Taj Mehmood Amrotiاسان اُن (وڻ) کي نصيحت وٺڻ لاءِ ۽ مسافرن جي فائدي لاءِ پيدا ڪيو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَسَبِّحْ بِٱسْمِ رَبِّكَ ٱلْعَظِيمِ
Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري پنھنجي وڏي پالڻھار جي نالي کي پاڪائي سان ياد ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَآ أُقْسِمُ بِمَوَٰقِعِ ٱلنُّجُومِ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ تارن جي ڪِرڻ جي جاءِ جو قسم کڻان ٿو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِنَّهُۥ لَقَسَمٌ لَّوْ تَعْلَمُونَ عَظِيمٌ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن ڄاڻو ته بيشڪ اُھو قسم وڏو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّهُۥ لَقُرْءَانٌ كَرِيمٌ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اھو سڳورو قرآن آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فِى كِتَٰبٍ مَّكْنُونٍ
Taj Mehmood Amrotiلڪل ڪتاب ۾ لکيل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّا يَمَسُّهُۥٓ إِلَّا ٱلْمُطَهَّرُونَ
Taj Mehmood Amrotiپاڪائيءَ وارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن کي ھٿ نه لائيندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَنزِيلٌ مِّن رَّبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ
Taj Mehmood Amrotiجھانن جي پالڻھار وٽان نازل ڪيل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَبِهَٰذَا ٱلْحَدِيثِ أَنتُم مُّدْهِنُونَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ اوھين ھن ڳالھ (جي مڃڻ) ۾ سُستي ڪرڻ وارا آھيو ڇا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَجْعَلُونَ رِزْقَكُمْ أَنَّكُمْ تُكَذِّبُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُن کي ڪوڙ ڀانئين پنھنجو حصّو ڪريو ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَوْلَآ إِذَا بَلَغَتِ ٱلْحُلْقُومَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن مھل (ڪنھنجو) ساھ نر گھٽ وٽ پھچي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَنتُمْ حِينَئِذٍ تَنظُرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اوھين انھيءَ مھل پيا ٿا ڏسو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَنَحْنُ أَقْرَبُ إِلَيْهِ مِنكُمْ وَلَٰكِن لَّا تُبْصِرُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اسين اوھان جي به نسبت اُن ڏانھن تمام ويجھا آھيون پر اوھين نه ڏسندا آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَلَوْلَآ إِن كُنتُمْ غَيْرَ مَدِينِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪڏھن (اوھين خدا جي حُڪم ۾) لاچار ٿيل نه آھيو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
تَرْجِعُونَهَآ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ
Taj Mehmood Amrotiته جيڪڏھن سچا آھيو ته روح کي ڇو نه موٽايو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَأَمَّآ إِن كَانَ مِنَ ٱلْمُقَرَّبِينَ
Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪڏھن (مئل الله جي) ويجھن ٻانھن مان ھوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَرَوْحٌ وَرَيْحَانٌ وَجَنَّتُ نَعِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiته اُن لاءِ خوشي ۽ سُرھاڻ ۽ نعمت وارو باغ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَمَّآ إِن كَانَ مِنْ أَصْحَٰبِ ٱلْيَمِينِ
Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن سڄي پاسي وارن مان ھوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَسَلَٰمٌ لَّكَ مِنْ أَصْحَٰبِ ٱلْيَمِينِ
Taj Mehmood Amrotiته سڄي پاسي وارن مان توکي سلامتي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَمَّآ إِن كَانَ مِنَ ٱلْمُكَذِّبِينَ ٱلضَّآلِّينَ
Taj Mehmood Amrotiپر جيڪڏھن اُھو ڪُوڙ ڀانئيندڙن گمراھن مان ھوندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَنُزُلٌ مِّنْ حَمِيمٍ
Taj Mehmood Amrotiته (اُن لاءِ) تَتل پاڻي مھماني.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَتَصْلِيَةُ جَحِيمٍ
Taj Mehmood Amroti۽ دوزخ ۾ گھيڙڻ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ هَٰذَا لَهُوَ حَقُّ ٱلْيَقِينِ
Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ھي خبر پوري يقيني آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَسَبِّحْ بِٱسْمِ رَبِّكَ ٱلْعَظِيمِ
Taj Mehmood Amrotiتنھنڪري پنھنجي پالڻھار وڏي جي نالي کي پاڪائيءَ سان ياد ڪر.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→