caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة المؤمنون المؤمنون

١١٨ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٧٤

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ قَدْ أَفْلَحَ ٱلْمُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھي مؤمن ڇٽا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ هُمْ فِى صَلَاتِهِمْ خَٰشِعُونَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي پنھنجي نماز ۾ عاجزي ڪندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ هُمْ عَنِ ٱللَّغْوِ مُعْرِضُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي اجائي ڳالھ کان منھن موڙيندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ هُمْ لِلزَّكَوٰةِ فَٰعِلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جي زڪوٰة ادا ڪندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ هُمْ لِفُرُوجِهِمْ حَٰفِظُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جي پنھنجين اُگھڙن کي (زنا کان) بچائيندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَّا عَلَىٰٓ أَزْوَٰجِهِمْ أَوْ مَا مَلَكَتْ أَيْمَٰنُهُمْ فَإِنَّهُمْ غَيْرُ مَلُومِينَ

Taj Mehmood Amrotiرڳو پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين سا (گڏ ٿيندا آھن) پوءِ بيشڪ اُھي ملامت ڪيل نه آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَنِ ٱبْتَغَىٰ وَرَآءَ ذَٰلِكَ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْعَادُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪي اُنھن (پنھنجين زالن يا پنھنجين ٻانھين) کانسواءِ طلبيندا سي ئي حد کان لنگھندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ هُمْ لِأَمَٰنَٰتِهِمْ وَعَهْدِهِمْ رَٰعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي پنھنجين امانتن کي ۽ پنھنجي انجام کي سنڀاليندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ هُمْ عَلَىٰ صَلَوَٰتِهِمْ يُحَافِظُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي پنھنجين نمازن جي نگاھ رکندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْوَٰرِثُونَ

Taj Mehmood Amrotiاِھي ئي اُھي وارث آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ يَرِثُونَ ٱلْفِرْدَوْسَ هُمْ فِيهَا خَٰلِدُونَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي نيٺ بھشت جا وارث ٿيندا، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ خَلَقْنَا ٱلْإِنسَٰنَ مِن سُلَٰلَةٍ مِّن طِينٍ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ ماڻھوءَ کي مٽيءَ جي ست مان بڻايوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ جَعَلْنَٰهُ نُطْفَةً فِى قَرَارٍ مَّكِينٍ

Taj Mehmood Amrotiوري اُن کي نطفو ڪري مُحڪم جاءِ ۾ رکيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ خَلَقْنَا ٱلنُّطْفَةَ عَلَقَةً فَخَلَقْنَا ٱلْعَلَقَةَ مُضْغَةً فَخَلَقْنَا ٱلْمُضْغَةَ عِظَٰمًا فَكَسَوْنَا ٱلْعِظَٰمَ لَحْمًا ثُمَّ أَنشَأْنَٰهُ خَلْقًا ءَاخَرَ فَتَبَارَكَ ٱللَّهُ أَحْسَنُ ٱلْخَٰلِقِينَ

Taj Mehmood Amrotiوري (اُن) نُطفي کي رت جو دڳ بڻايوسون وري (اُن) رت جي دڳ کي ٻوٽي بڻايوسون وري (اُن) ٻوٽي کي ھڏا بڻايوسون پوءِ (اُنھن) ھڏن کي گوشت پھرايوسون، وري اُن کي ٻي (نئين) بڻاوت بڻائي سون، پوءِ الله (وڏيءَ) برڪت وارو (سڀ کان) ڏاڍو چڱو خلقيندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ إِنَّكُم بَعْدَ ذَٰلِكَ لَمَيِّتُونَ

Taj Mehmood Amrotiوري بيشڪ اوھين ان کانپوءِ ضرور مرندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ إِنَّكُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ تُبْعَثُونَ

Taj Mehmood Amrotiوري بيشڪ اوھين قيامت جي ڏينھن اُٿاربؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ خَلَقْنَا فَوْقَكُمْ سَبْعَ طَرَآئِقَ وَمَا كُنَّا عَنِ ٱلْخَلْقِ غَٰفِلِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اوھان جي مٿان ست آسمان بڻاياسون، ۽ بڻائڻ کان بي خبر نه ھواسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَنزَلْنَا مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءًۢ بِقَدَرٍ فَأَسْكَنَّٰهُ فِى ٱلْأَرْضِ وَإِنَّا عَلَىٰ ذَهَابٍۭ بِهِۦ لَقَٰدِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ آسمان کان پاڻي اندازي سان وسايوسون پوءِ اُن کي زمين ۾ رھايوسون، بيشڪ اسين اُن جي ورائي نيڻ تي وس وارا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَنشَأْنَا لَكُم بِهِۦ جَنَّٰتٍ مِّن نَّخِيلٍ وَأَعْنَٰبٍ لَّكُمْ فِيهَا فَوَٰكِهُ كَثِيرَةٌ وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُن سان کجين ۽ ڊاکن جا باغ اوھان لاءِ ڄماياسون، اوھان لاءِ انھن باغن ۾ گھڻا ميوا آھن ۽ انھن مان ڪي اوھان کائيندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَشَجَرَةً تَخْرُجُ مِن طُورِ سَيْنَآءَ تَنۢبُتُ بِٱلدُّهْنِ وَصِبْغٍ لِّلْـَٔاكِلِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ اھُو (زيتون جو) وڻ (پيدا ڪيوسون) جو طُور سَينا مان نڪرندو آھي (اھڙي طرح) ڄمندو آھي جو تيل ۽ کائڻ وارن لاءِ ٻوڙ پيدا ٿيندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ لَكُمْ فِى ٱلْأَنْعَٰمِ لَعِبْرَةً نُّسْقِيكُم مِّمَّا فِى بُطُونِهَا وَلَكُمْ فِيهَا مَنَٰفِعُ كَثِيرَةٌ وَمِنْهَا تَأْكُلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اوھان لاءِ ڍورن ۾ (به) عبرت آھي، (جو) جيڪي سندن پيٽن (يعني اوھن) ۾ آھي تنھن مان اوھان کي (کير) پياريندا آھيون ۽ اوھان لاءِ منجھن (ٻيا به) گھڻا فائدا آھن ۽ منجھائن ڪي کائيندا (به) آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَعَلَيْهَا وَعَلَى ٱلْفُلْكِ تُحْمَلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ انھن تي ۽ ٻيڙين تي اوھان کي سوار ڪبو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِۦ فَقَالَ يَٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُۥٓ أَفَلَا تَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھان جو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَقَالَ ٱلْمَلَؤُا۟ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن قَوْمِهِۦ مَا هَٰذَآ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يُرِيدُ أَن يَتَفَضَّلَ عَلَيْكُمْ وَلَوْ شَآءَ ٱللَّهُ لَأَنزَلَ مَلَٰٓئِكَةً مَّا سَمِعْنَا بِهَٰذَا فِىٓ ءَابَآئِنَا ٱلْأَوَّلِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ سندس قوم مان جيڪي سردار ڪافر ھوا تن چيو ته ھي رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي اوھان تي سرادري (حاصل) ڪرڻ گھرندو آھي، ۽ جيڪڏھن الله گھري ھا ته ملائڪن کي موڪلي ھا، اِھا (ڳالھ ته) پنھنجن ابن ڏاڏن ۾ نه ٻڌيسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنْ هُوَ إِلَّا رَجُلٌۢ بِهِۦ جِنَّةٌ فَتَرَبَّصُوا۟ بِهِۦ حَتَّىٰ حِينٍ

Taj Mehmood Amrotiاِھو ته رڳو ھڪڙو ديوانو شخص آھي تنھنڪري اُن لاءِ ھڪ وقت تائين ترسو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ رَبِّ ٱنصُرْنِى بِمَا كَذَّبُونِ

Taj Mehmood Amroti(نوح) چيو اي منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي انھيءَ ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَوْحَيْنَآ إِلَيْهِ أَنِ ٱصْنَعِ ٱلْفُلْكَ بِأَعْيُنِنَا وَوَحْيِنَا فَإِذَا جَآءَ أَمْرُنَا وَفَارَ ٱلتَّنُّورُ فَٱسْلُكْ فِيهَا مِن كُلٍّ زَوْجَيْنِ ٱثْنَيْنِ وَأَهْلَكَ إِلَّا مَن سَبَقَ عَلَيْهِ ٱلْقَوْلُ مِنْهُمْ وَلَا تُخَٰطِبْنِى فِى ٱلَّذِينَ ظَلَمُوٓا۟ إِنَّهُم مُّغْرَقُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ڏانھنس وحي ڪيوسون ته اسان جي اکين آڏو ۽ اسان جي حُڪم سان ٻيڙي ٺاھ پوءِ جڏھن اسان جو حُڪم اچي ۽ تنور اُڀامي تڏھن سڀڪنھن جوڙي مان ٻه ٻه (نر ۽ مادي) ۽ پنھنجي گھر وارا منجھس چاڙھ پر منجھائن جن بابت (ھلاڪ ٿيڻ جو) حُڪم ٿي چڪو (سي نه چاڙھ)، ۽ ظالمن بابت مون کي نه چؤ، ڇوته اُھي ٻُڏل آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِذَا ٱسْتَوَيْتَ أَنتَ وَمَن مَّعَكَ عَلَى ٱلْفُلْكِ فَقُلِ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِى نَجَّىٰنَا مِنَ ٱلْقَوْمِ ٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن ٻيڙيءَ تي تون چڙھي وِھين ۽ تنھنجا سنگتي (به وِھن) تڏھن چؤ ته سڀ ساراھ اُنھيءَ الله کي جڳائي جنھن ظالمن جي قوم کان اسان کي بچايو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقُل رَّبِّ أَنزِلْنِى مُنزَلًا مُّبَارَكًا وَأَنتَ خَيْرُ ٱلْمُنزِلِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار مون کي برڪت واري ھنڌ لاھ ۽ تون (سڀ کان) چڱو لاھيندڙ آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ فِى ذَٰلِكَ لَـَٔايَٰتٍ وَإِن كُنَّا لَمُبْتَلِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ ھن (قِصّي) ۾ نشانيون آھن ۽ بيشڪ اسين پرکڻ وارا ھواسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ أَنشَأْنَا مِنۢ بَعْدِهِمْ قَرْنًا ءَاخَرِينَ

Taj Mehmood Amrotiوري کانئن پوءِ ٻيو جُڳ پيدا ڪنداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَرْسَلْنَا فِيهِمْ رَسُولًا مِّنْهُمْ أَنِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُۥٓ أَفَلَا تَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ منجھن ھڪ پيغمبر اُنھن (جي قبيلي) مان موڪليوسون (تنھن چين) ته الله جي عبادت ڪريو اُن کانسواءِ اوھانجو ڪو معبود نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالَ ٱلْمَلَأُ مِن قَوْمِهِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَكَذَّبُوا۟ بِلِقَآءِ ٱلْـَٔاخِرَةِ وَأَتْرَفْنَٰهُمْ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا مَا هَٰذَآ إِلَّا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ يَأْكُلُ مِمَّا تَأْكُلُونَ مِنْهُ وَيَشْرَبُ مِمَّا تَشْرَبُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ سندس قوم مان جن سردارن ڪفر ڪيو ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کين دنيا جي حياتيءَ ۾ آسودو به ڪيو ھوسون تن چيو ته ھيءُ (پيغمبر) رڳو اوھان جھڙو ماڻھو آھي (جو) جنھن (قسم) منجھان (اوھين) کائيندا آھيو تنھن مان (اُھو به) کائيندو آھي ۽ جنھن (قسم) منجھان اوھين پيئندا آھيو تنھن مان (اُھو به) پيئندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَئِنْ أَطَعْتُم بَشَرًا مِّثْلَكُمْ إِنَّكُمْ إِذًا لَّخَٰسِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن پاڻ جھڙي ماڻھوءَ جو چيو مڃيندؤ ته اوھين ان مھل ڇيئي وارا ٿيندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَيَعِدُكُمْ أَنَّكُمْ إِذَا مِتُّمْ وَكُنتُمْ تُرَابًا وَعِظَٰمًا أَنَّكُم مُّخْرَجُونَ

Taj Mehmood Amrotiاوھان سان انجام ڪندو آھي ڇا ته جڏھن (اوھين) مرندؤ ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿيندؤ (تڏھن) اوھين ٻاھر ڪڍبؤ؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هَيْهَاتَ هَيْهَاتَ لِمَا تُوعَدُونَ

Taj Mehmood Amrotiجنھن جو اوھان کي انجام ڏجي ٿو سو (ٻڌڻ ۽ چوڻ کان) پري (بلڪل) پري آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنْ هِىَ إِلَّا حَيَاتُنَا ٱلدُّنْيَا نَمُوتُ وَنَحْيَا وَمَا نَحْنُ بِمَبْعُوثِينَ

Taj Mehmood Amrotiاسان جي رڳي ھيءَ دنيا جي حياتي آھي (جنھن ۾) مرندا آھيون ۽ جيئندا آھيون ۽ اسين (وري جيئرا ٿي) اُٿڻ وارا نه آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنْ هُوَ إِلَّا رَجُلٌ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا وَمَا نَحْنُ لَهُۥ بِمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiھيءُ رڳو ھڪ ماڻھو آھي جنھن الله تي ڪوڙ ٻڌو آھي ۽ اسين کيس (ڪڏھن) مڃڻ وارا نه آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ رَبِّ ٱنصُرْنِى بِمَا كَذَّبُونِ

Taj Mehmood Amroti(پيغمبر) چيو ته منھنجا پالڻھار مون کي مدد ڏي ھن ڪري جو مون کي ڪوڙو ڀانيائون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ عَمَّا قَلِيلٍ لَّيُصْبِحُنَّ نَٰدِمِينَ

Taj Mehmood Amroti(الله) فرمايو ته ٿوري مُدت پڄاڻا پشيمان ٿيندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَخَذَتْهُمُ ٱلصَّيْحَةُ بِٱلْحَقِّ فَجَعَلْنَٰهُمْ غُثَآءً فَبُعْدًا لِّلْقَوْمِ ٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ کين سچي انجام جي ڪري ڌڪاءَ پڪڙيو پوءِ کين ڪُٽو ڪيوسون، پوءِ ظالمن جي قوم تي لعنت ھجي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ أَنشَأْنَا مِنۢ بَعْدِهِمْ قُرُونًا ءَاخَرِينَ

Taj Mehmood Amrotiوري کانئن پوءِ ٻيا جُڳ پيدا ڪياسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَا تَسْبِقُ مِنْ أُمَّةٍ أَجَلَهَا وَمَا يَسْتَـْٔخِرُونَ

Taj Mehmood Amrotiڪائي ٽولي پنھنجي مُدت کان اڳي نه ويندي آھي ۽ نڪي (اُھي) دير ڪندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ أَرْسَلْنَا رُسُلَنَا تَتْرَا كُلَّ مَا جَآءَ أُمَّةً رَّسُولُهَا كَذَّبُوهُ فَأَتْبَعْنَا بَعْضَهُم بَعْضًا وَجَعَلْنَٰهُمْ أَحَادِيثَ فَبُعْدًا لِّقَوْمٍ لَّا يُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiوري لڳو لڳ پنھنجن پيغمبرن کي موڪليوسون، جڏھن ڪڏھن ڪنھن ٽوليءَ وٽ سندن پيغمبر آيو (تڏھن) کيس ڪوڙو ڄاتائون پوءِ انھن کي ھڪ ٻئي پٺيان (ناس) ڪيوسون ۽ کين (ٻـين لاءِ) آکاڻيون ڪيوسون، پوءِ نه مڃيندڙ قوم تي لعنت ھُجي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ أَرْسَلْنَا مُوسَىٰ وَأَخَاهُ هَٰرُونَ بِـَٔايَٰتِنَا وَسُلْطَٰنٍ مُّبِينٍ

Taj Mehmood Amrotiوري پنھنجين نشانين ۽ پڌريءَ حجت سان موسىٰ ۽ سندس ڀاءُ ھارون کي موڪليوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَإِي۟هِۦ فَٱسْتَكْبَرُوا۟ وَكَانُوا۟ قَوْمًا عَالِينَ

Taj Mehmood Amrotiفرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پوءِ انھن وڏائي ڪئي ۽ (اُھي) ھٺيلي قوم ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَقَالُوٓا۟ أَنُؤْمِنُ لِبَشَرَيْنِ مِثْلِنَا وَقَوْمُهُمَا لَنَا عَٰبِدُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ چيائون ته پاڻ جھڙن ٻن ماڻھن تي ايمان آڻيون ڇا؟ ۽ سندن قوم (ته) اسان جو ٻيلپو ڪندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَكَذَّبُوهُمَا فَكَانُوا۟ مِنَ ٱلْمُهْلَكِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ انھن کي ڪوڙو ڄاتائون پوءِ ھلاڪ ڪيلن مان ٿيا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ ءَاتَيْنَا مُوسَى ٱلْكِتَٰبَ لَعَلَّهُمْ يَهْتَدُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ موسىٰ کي ڪتاب ڏنوسون ته مانَ اُھي سِڌو رستو لھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَجَعَلْنَا ٱبْنَ مَرْيَمَ وَأُمَّهُۥٓ ءَايَةً وَءَاوَيْنَٰهُمَآ إِلَىٰ رَبْوَةٍ ذَاتِ قَرَارٍ وَمَعِينٍ

Taj Mehmood Amroti۽ مريم جي پٽ کي ۽ سندس ماءُ کي ھڪ نشاني ڪئي سون ۽ انھن کي سنئين ۽ وھندڙ پاڻي واري مٿاھين زمين تي (رھڻ جي) جاءِ ڏني سون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلرُّسُلُ كُلُوا۟ مِنَ ٱلطَّيِّبَٰتِ وَٱعْمَلُوا۟ صَٰلِحًا إِنِّى بِمَا تَعْمَلُونَ عَلِيمٌ

Taj Mehmood Amroti(چيوسون ته) اي پيغمبرؤ سٺين شين مان کائو ۽ چڱا ڪم ڪريو، بيشڪ جيڪي ڪندا آھيو سو آءٌ ڄاڻندڙ آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ هَٰذِهِۦٓ أُمَّتُكُمْ أُمَّةً وَٰحِدَةً وَأَنَا۠ رَبُّكُمْ فَٱتَّقُونِ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اوھان جو ھيءُ دين ھڪ دين آھي ۽ آءٌ اوھان جو پالڻھار آھيان تنھنڪري مون کان ڊڄو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَتَقَطَّعُوٓا۟ أَمْرَهُم بَيْنَهُمْ زُبُرًا كُلُّ حِزْبٍۭ بِمَا لَدَيْهِمْ فَرِحُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اُنھن قومن) پنھنجي ڪم کي پاڻ ۾ ذرا ذرا ڪري ڇنون، سڀڪنھن ٽوليءَ وٽ جيڪي آھي تنھن سان اُھا سرھي (رھندي) آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَذَرْهُمْ فِى غَمْرَتِهِمْ حَتَّىٰ حِينٍ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (اي پيغمبر) کين سندن غفلت ۾ ھڪ حد تائين ڇڏي ڏي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَيَحْسَبُونَ أَنَّمَا نُمِدُّهُم بِهِۦ مِن مَّالٍ وَبَنِينَ

Taj Mehmood Amrotiجنھن مال ۽ اولاد سان کين زيادتي ڏني سون تنھن کي ڀانئيندا آھن ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

نُسَارِعُ لَهُمْ فِى ٱلْخَيْرَٰتِ بَل لَّا يَشْعُرُونَ

Taj Mehmood Amrotiته ڪا انھن لاءِ چڱاين ڏيڻ ۾ تڪر ٿا ڪريون، (نه!) بلڪ نه سمجھندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلَّذِينَ هُم مِّنْ خَشْيَةِ رَبِّهِم مُّشْفِقُونَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي ڀَوَ کان ڊڄندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ هُم بِـَٔايَٰتِ رَبِّهِمْ يُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار جي نشانين تي ايمان آڻيندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ هُم بِرَبِّهِمْ لَا يُشْرِكُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي پنھنجي پالڻھار سان شريڪ مُقرّر نه ڪندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ يُؤْتُونَ مَآ ءَاتَوا۟ وَّقُلُوبُهُمْ وَجِلَةٌ أَنَّهُمْ إِلَىٰ رَبِّهِمْ رَٰجِعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھي جيڪي (اُھي) ڏيندا آھن جيڪي (سندس واٽ ۾) ڏيندا آھن ۽ سندن دليون انھي ڪري ڏڪنديون آھن ته اُھي پنھنجي پالڻھار ڏانھن موٽڻ وارا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أُو۟لَٰٓئِكَ يُسَٰرِعُونَ فِى ٱلْخَيْرَٰتِ وَهُمْ لَهَا سَٰبِقُونَ

Taj Mehmood Amrotiاھي (ماڻھو) چڱاين ۾ تڪڙائي ڪندا آھن ۽ اُھي اُن لاءِ اڳرائي ڪندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا نُكَلِّفُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَا وَلَدَيْنَا كِتَٰبٌ يَنطِقُ بِٱلْحَقِّ وَهُمْ لَا يُظْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (اسين) ڪنھن به جيءَ تي سندس طاقت کانسواءِ تڪليف نه ٿا رکون ۽ اسان وٽ ھڪ ڪتاب آھي جو سچ ڳالھائيندو آھي ۽ انھن تي ظلم نه ڪبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بَلْ قُلُوبُهُمْ فِى غَمْرَةٍ مِّنْ هَٰذَا وَلَهُمْ أَعْمَٰلٌ مِّن دُونِ ذَٰلِكَ هُمْ لَهَا عَٰمِلُونَ

Taj Mehmood Amrotiبلڪ سندن دليون انھن (ڳالھين) کان غفلت ۾ آھن ۽ ھن کانسواءِ انھن جا ٻيا ڪرتوت به آھن جي اُھي ڪندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

حَتَّىٰٓ إِذَآ أَخَذْنَا مُتْرَفِيهِم بِٱلْعَذَابِ إِذَا هُمْ يَجْـَٔرُونَ

Taj Mehmood Amrotiتان جو منجھائن آسودن (ماڻھن) کي جڏھن عذاب سان پڪڙيوسون تڏھن دانھون ڪندا رھيا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَا تَجْـَٔرُوا۟ ٱلْيَوْمَ إِنَّكُم مِّنَّا لَا تُنصَرُونَ

Taj Mehmood Amroti(چيوسون) ته اڄ دانھون نه ڪريو، ڇوته اسان کان اوھان کي مدد نه ملندي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَدْ كَانَتْ ءَايَٰتِى تُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ فَكُنتُمْ عَلَىٰٓ أَعْقَٰبِكُمْ تَنكِصُونَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اوھان کي منھنجيون آيتون پڙھي ٻڌائبيون ھيون تڏھن اوھين پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي ڀڄندا ھُيؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مُسْتَكْبِرِينَ بِهِۦ سَٰمِرًا تَهْجُرُونَ

Taj Mehmood Amrotiاُن (قرآن) کان وڏائي ڪندڙ (۽) آکاڻين ۾ مشغول ٿي (کيس) ڇڏيوَ ٿي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَلَمْ يَدَّبَّرُوا۟ ٱلْقَوْلَ أَمْ جَآءَهُم مَّا لَمْ يَأْتِ ءَابَآءَهُمُ ٱلْأَوَّلِينَ

Taj Mehmood Amrotiھن ڳالھ (قرآن) کي نه سوچيائون ڇا يا وٽن اھڙي شيء آئي آھي جا سندن اڳين پيءُ ڏاڏن وٽ نه آئي ھُئي؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ لَمْ يَعْرِفُوا۟ رَسُولَهُمْ فَهُمْ لَهُۥ مُنكِرُونَ

Taj Mehmood Amrotiيا پنھنجي پيغمبر کي نه سڃاتائون ڇا تنھنڪري اُھي سندس مُنڪر (ٿيا) آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ يَقُولُونَ بِهِۦ جِنَّةٌۢ بَلْ جَآءَهُم بِٱلْحَقِّ وَأَكْثَرُهُمْ لِلْحَقِّ كَٰرِهُونَ

Taj Mehmood Amrotiيا چوندا آھن ته کيس چريائي آھي، (نه!) بلڪ (پيغمبر) وٽن سچي ڳالھ آندي آھي ۽ منجھائن گھڻا سچ کي بُرو ڀائيندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَوِ ٱتَّبَعَ ٱلْحَقُّ أَهْوَآءَهُمْ لَفَسَدَتِ ٱلسَّمَٰوَٰتُ وَٱلْأَرْضُ وَمَن فِيهِنَّ بَلْ أَتَيْنَٰهُم بِذِكْرِهِمْ فَهُمْ عَن ذِكْرِهِم مُّعْرِضُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن الله سَندن سَڌن تي ھلي ھا ته آسمان ۽ زمين ۾ جيڪي منجھن آھي سي ويران ٿين ھا، (نه!) بلڪ سندين نصيحت وٽن آندي سون ۽ اُھي پنھنجيءَ نصيحت (ڪتاب) کان مُنھن موڙيندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَمْ تَسْـَٔلُهُمْ خَرْجًا فَخَرَاجُ رَبِّكَ خَيْرٌ وَهُوَ خَيْرُ ٱلرَّٰزِقِينَ

Taj Mehmood Amrotiيا کائن ڪو اُجورو گھرندو آھين ڇا؟ پوءِ تنھنجي پالڻھار جو اُجورو (ڏئڻ) ڀلو آھي، ۽ اُھو چڱو روزي ڏيندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّكَ لَتَدْعُوهُمْ إِلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ تون سڌيءَ واٽ ڏانھن کين سڏيندو آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّ ٱلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ بِٱلْـَٔاخِرَةِ عَنِ ٱلصِّرَٰطِ لَنَٰكِبُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ جيڪي آخرت کي نه مڃيندا آھن سي سڌي واٽ کان پاسيرا ٿيندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَوْ رَحِمْنَٰهُمْ وَكَشَفْنَا مَا بِهِم مِّن ضُرٍّ لَّلَجُّوا۟ فِى طُغْيَٰنِهِمْ يَعْمَهُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن مٿن رحم ڪريون ھا ۽ جيڪو کين ڏک پُھتو سو لاھيون ھا ته (به) سدائين پنھنجيءَ گمراھيءَ ۾ حيران رھن ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ أَخَذْنَٰهُم بِٱلْعَذَابِ فَمَا ٱسْتَكَانُوا۟ لِرَبِّهِمْ وَمَا يَتَضَرَّعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ کين عذاب سان پڪڙيوسون پوءِ (به) پنھنجي پالڻھار جي اڳيان نه نِوڙيا ۽ نڪي عاجزي ڪيائون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

حَتَّىٰٓ إِذَا فَتَحْنَا عَلَيْهِم بَابًا ذَا عَذَابٍ شَدِيدٍ إِذَا هُمْ فِيهِ مُبْلِسُونَ

Taj Mehmood Amroti(پنھنجي غفلت ۾ رھيا) تانجو جنھن مھل مٿن سخت عذاب وارو دروازو کوليوسون (تنھن مھل) اُتي جو اُتي اُنھي ۾ نا اُميد ٿيا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهُوَ ٱلَّذِىٓ أَنشَأَ لَكُمُ ٱلسَّمْعَ وَٱلْأَبْصَٰرَ وَٱلْأَفْـِٔدَةَ قَلِيلًا مَّا تَشْكُرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان لاءِ ڪن ۽ اکيون ۽ دليون بڻايون، (پر اوھين تمام) ٿورو شڪر ڪندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهُوَ ٱلَّذِى ذَرَأَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ وَإِلَيْهِ تُحْشَرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (الله) اُھو آھي جنھن اوھان کي زمين ۾ پيدا ڪيو ۽ ڏانھس وري گڏ ڪيا ويندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهُوَ ٱلَّذِى يُحْىِۦ وَيُمِيتُ وَلَهُ ٱخْتِلَٰفُ ٱلَّيْلِ وَٱلنَّهَارِ أَفَلَا تَعْقِلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (الله) اُھو آھي جيڪو جياري ٿو ۽ ماري ٿو ۽ رات ۽ ڏينھن جو ڦير ڦار ڪرڻ ان جو (ڪم) آھي، پوءِ نه سمجھندا آھيو ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بَلْ قَالُوا۟ مِثْلَ مَا قَالَ ٱلْأَوَّلُونَ

Taj Mehmood Amrotiبلڪ جئن اڳين چيو ته تئين چوندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ أَءِذَا مِتْنَا وَكُنَّا تُرَابًا وَعِظَٰمًا أَءِنَّا لَمَبْعُوثُونَ

Taj Mehmood Amrotiچون ٿا ته ھان جڏھن مرنداسون ۽ مٽي ۽ ھڏا ٿينداسون (تڏھن) وري جيئل ٿي اٿنداسون ڇا؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَقَدْ وُعِدْنَا نَحْنُ وَءَابَآؤُنَا هَٰذَا مِن قَبْلُ إِنْ هَٰذَآ إِلَّآ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اسان کي ۽ اسان جي ابن ڏاڏن کي ھن کان اڳ انھي (ڳالھ) جو انجام ڏنو ويو آھي اھي رڳو اڳين جا قصّا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُل لِّمَنِ ٱلْأَرْضُ وَمَن فِيهَآ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiچؤ ته جيڪڏھن اوھين ڄاڻندا آھيو ته زمين ۽ جيڪي منجھس آھي سو ڪنھن جو آھي؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

سَيَقُولُونَ لِلَّهِ قُلْ أَفَلَا تَذَكَّرُونَ

Taj Mehmood Amrotiسگھوئي چوندا ته (اُھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه نصيحت وٺندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ مَن رَّبُّ ٱلسَّمَٰوَٰتِ ٱلسَّبْعِ وَرَبُّ ٱلْعَرْشِ ٱلْعَظِيمِ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر کين) چؤ ته ستن آسمانن جو پالڻھار ۽ وڏي عرش جو پالڻھار ڪير آھي؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

سَيَقُولُونَ لِلَّهِ قُلْ أَفَلَا تَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amrotiسگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جو آھي، چؤ ته پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ مَنۢ بِيَدِهِۦ مَلَكُوتُ كُلِّ شَىْءٍ وَهُوَ يُجِيرُ وَلَا يُجَارُ عَلَيْهِ إِن كُنتُمْ تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti(کين) چؤ ته (اُھو) ڪير آھي جنھنجي ھٿ ۾ سڀڪنھن شيء جي حڪومت آھي ۽ اُھو پناھ ڏيندو آھي ۽ اُن (جي عذاب) کان ڪنھن کي پناھ نه ڏيئي سگھبي آھي جيڪڏھن ڄاڻندا آھيو (ته ڏسيو).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

سَيَقُولُونَ لِلَّهِ قُلْ فَأَنَّىٰ تُسْحَرُونَ

Taj Mehmood Amrotiسگھوئي چوندا ته (اھو سڀ) الله جي (ھٿ ۾) آھي، (کين) چؤ ته پوءِ اوھين ڪٿان ٺڳجو ٿا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

بَلْ أَتَيْنَٰهُم بِٱلْحَقِّ وَإِنَّهُمْ لَكَٰذِبُونَ

Taj Mehmood Amrotiبلڪ وٽن سچي (ڳالھ) آندي اٿئون ۽ بيشڪ اُھي ڪوڙا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَا ٱتَّخَذَ ٱللَّهُ مِن وَلَدٍ وَمَا كَانَ مَعَهُۥ مِنْ إِلَٰهٍ إِذًا لَّذَهَبَ كُلُّ إِلَٰهٍۭ بِمَا خَلَقَ وَلَعَلَا بَعْضُهُمْ عَلَىٰ بَعْضٍ سُبْحَٰنَ ٱللَّهِ عَمَّا يَصِفُونَ

Taj Mehmood Amrotiالله نڪي (پاڻ لاءِ) پٽ ڪري ورتو آھي ۽ نڪي ساڻس ڪو (ٻيو) معبود آھي (جيڪڏھن ائين ھجي ھا) ته ھر ڪو معبود پنھنجي بڻائي کي وٺيو وڃي ھا ۽ اُھي ھڪ ٻئي تي ڏاڍ ڪن ھا، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن تنھن کان الله پاڪ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

عَٰلِمِ ٱلْغَيْبِ وَٱلشَّهَٰدَةِ فَتَعَٰلَىٰ عَمَّا يُشْرِكُونَ

Taj Mehmood Amrotiڳجھ ۽ ظاھر جو ڄاڻندڙ آھي جنھن کي (اُن سان) شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان مٿاھون آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُل رَّبِّ إِمَّا تُرِيَنِّى مَا يُوعَدُونَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار جيڪو انجام ڪرين ٿو سو جيڪر مون کي ڏيکارين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَبِّ فَلَا تَجْعَلْنِى فِى ٱلْقَوْمِ ٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiاي منھنجا پالڻھار مون کي ظالمن جي قوم ۾ (داخل) نه ڪر.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّا عَلَىٰٓ أَن نُّرِيَكَ مَا نَعِدُهُمْ لَقَٰدِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪو کين انجام ڏيون ٿا تنھن جي توکي ڏيکارڻ تي بيشڪ اسين وسوارا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱدْفَعْ بِٱلَّتِى هِىَ أَحْسَنُ ٱلسَّيِّئَةَ نَحْنُ أَعْلَمُ بِمَا يَصِفُونَ

Taj Mehmood Amrotiڏاڍي چڱيءَ عادت سان مدائي کي ٽار، (ڪافر) جيڪي بيان ڪندا آھن سو اسين وڌيڪ ڄاڻندڙ آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقُل رَّبِّ أَعُوذُ بِكَ مِنْ هَمَزَٰتِ ٱلشَّيَٰطِينِ

Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) چؤ ته اي منھنجا پالڻھار شيطانن جي وسوسن کان تنھنجي پناھ گھران ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَعُوذُ بِكَ رَبِّ أَن يَحْضُرُونِ

Taj Mehmood Amroti۽ اي منھنجا پالڻھار پاڻ وٽ انھن جي ويجھي ٿيڻ کان (به) تنھنجي پناھ وٺان ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَ أَحَدَهُمُ ٱلْمَوْتُ قَالَ رَبِّ ٱرْجِعُونِ

Taj Mehmood Amroti(ڪافر پنھنجي ويسلائي ۾ ھوندا) تانجو جنھن مھل منجھانئن ڪنھن کي موت ايندو (تنھن مھل) چوندو ته اي منھنجا پالڻھار مون کي دنيا ۾ (ورائي) موٽاءِ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَعَلِّىٓ أَعْمَلُ صَٰلِحًا فِيمَا تَرَكْتُ كَلَّآ إِنَّهَا كَلِمَةٌ هُوَ قَآئِلُهَا وَمِن وَرَآئِهِم بَرْزَخٌ إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ

Taj Mehmood Amrotiته جيڪر جيڪي (اُتي) ڇڏيم ته آءٌ چڱا عمل ڪريان ائين (ڪڏھن ٿيڻو) نه آھي، بيشڪ اِھا ڳالھ آھي جا ھو چوندڙ آھي، ۽ سندن اڳيان ھڪ پردو (عالَم قبر) انھيءَ ڏينھن تائين رھندو (جنھن ڏينھن قيامت ۾) اُٿاريا ويندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِذَا نُفِخَ فِى ٱلصُّورِ فَلَآ أَنسَابَ بَيْنَهُمْ يَوْمَئِذٍ وَلَا يَتَسَآءَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن مھل صور ۾ ڦوڪبو (تنھن مھل) اُن ڏينھن سندن وچ ۾ نه ذاتيون رھنديون ۽ نڪي پاڻ ۾ پُڇا ڳاڇا ڪندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَن ثَقُلَتْ مَوَٰزِينُهُۥ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن (جي نيڪيءَ) جو تراڙو ڳرو ٿيو سي ئي ڇُٽل آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَنْ خَفَّتْ مَوَٰزِينُهُۥ فَأُو۟لَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ خَسِرُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ فِى جَهَنَّمَ خَٰلِدُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جنھن جو تراڙو ھلڪو ٿيو سي اُھي آھن جن پاڻ کي ڇيئو لاتو (اُھي) دوزخ ۾ سدائين رھندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تَلْفَحُ وُجُوهَهُمُ ٱلنَّارُ وَهُمْ فِيهَا كَٰلِحُونَ

Taj Mehmood Amrotiسندن مُنھن کي باھ ساڙيندي ۽ اُھي منجھس بد شڪلا ٿيندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَلَمْ تَكُنْ ءَايَٰتِى تُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ فَكُنتُم بِهَا تُكَذِّبُونَ

Taj Mehmood Amroti(چيو ويندن ته) منھنجون آيتون اوھان کي نه پڙھي ٻڌائبيون ھيون ڇا؟ پوءِ اوھين انھن کي ڪوڙو ڀائيندا ھيؤ؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ رَبَّنَا غَلَبَتْ عَلَيْنَا شِقْوَتُنَا وَكُنَّا قَوْمًا ضَآلِّينَ

Taj Mehmood Amrotiچوندا ته اي اسان جا پالڻھار اسان جي بدبختي اسان تي غالب ٿي وئي ۽ گمراھ قوم ھياسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَبَّنَآ أَخْرِجْنَا مِنْهَا فَإِنْ عُدْنَا فَإِنَّا ظَٰلِمُونَ

Taj Mehmood Amrotiچوندا ته اي اسان جا پالڻھار ھتان اسان کي ٻاھر ڪڍ پوءِ جيڪڏھن موٽي (ڪفر) ڪريون ته بيشڪ اسين ظالم ٿيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ ٱخْسَـُٔوا۟ فِيهَا وَلَا تُكَلِّمُونِ

Taj Mehmood Amroti(الله) فرمائيندو ته منجھس خوار پيا رھو ۽ مون سان نه ڳالھايو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّهُۥ كَانَ فَرِيقٌ مِّنْ عِبَادِى يَقُولُونَ رَبَّنَآ ءَامَنَّا فَٱغْفِرْ لَنَا وَٱرْحَمْنَا وَأَنتَ خَيْرُ ٱلرَّٰحِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiڇوته منھنجن ٻانھن مان ھڪ ٽولي ھئي جا چوندي ھئي ته اي اسان جا پالڻھار اسان ايمان آندو تنھنڪري اسان کي بخش ۽ اسان تي رحم ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو ٻاجھارو آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱتَّخَذْتُمُوهُمْ سِخْرِيًّا حَتَّىٰٓ أَنسَوْكُمْ ذِكْرِى وَكُنتُم مِّنْهُمْ تَضْحَكُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ايسين کين ٺـٺولي ڪري ورتوَ جيسين (سندن دشمنيءَ) اوھان (جي دل) کان منھنجي يادگيري وسارائي ۽ اوھين مٿن کِليؤ ٿي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنِّى جَزَيْتُهُمُ ٱلْيَوْمَ بِمَا صَبَرُوٓا۟ أَنَّهُمْ هُمُ ٱلْفَآئِزُونَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اڄ کين چڱو بدلو انھي ڪري ڏنم جو صبر ڪيو ھئائون جو اُھي مراد ماڻيندڙ آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَٰلَ كَمْ لَبِثْتُمْ فِى ٱلْأَرْضِ عَدَدَ سِنِينَ

Taj Mehmood Amroti(الله) فرمائيندو ته زمين ۾ (اوھين) ڪيترا ورھ رھيؤ؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ لَبِثْنَا يَوْمًا أَوْ بَعْضَ يَوْمٍ فَسْـَٔلِ ٱلْعَآدِّينَ

Taj Mehmood Amrotiچوندا ته ھڪ ڏينھن يا ڏينھن جو ڀاڱو رھياسون پوءِ ڳڻيندڙن کان پُڇا ڪر.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَٰلَ إِن لَّبِثْتُمْ إِلَّا قَلِيلًا لَّوْ أَنَّكُمْ كُنتُمْ تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti(الله) فرمائيندو ته ٿوريءَ (دير) کانسواءِ نه رھيا ھيؤ جيڪر اوھين ڄاڻو ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَحَسِبْتُمْ أَنَّمَا خَلَقْنَٰكُمْ عَبَثًا وَأَنَّكُمْ إِلَيْنَا لَا تُرْجَعُونَ

Taj Mehmood Amrotiاوھين ڀانيو ٿا ڇا ته اوھان کي اجايو بڻايو اٿئون ۽ اوھين اسان ڏانھن وري نه موٽايا ويندؤ؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَتَعَٰلَى ٱللَّهُ ٱلْمَلِكُ ٱلْحَقُّ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ رَبُّ ٱلْعَرْشِ ٱلْكَرِيمِ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ الله سچو بادشاھ تمام مٿاھون آھي، اُن کانسواءِ ڪو عبادت جو لائق نه آھي (اھو) سڳوري عرش جو پالڻھار آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَن يَدْعُ مَعَ ٱللَّهِ إِلَٰهًا ءَاخَرَ لَا بُرْهَٰنَ لَهُۥ بِهِۦ فَإِنَّمَا حِسَابُهُۥ عِندَ رَبِّهِۦٓ إِنَّهُۥ لَا يُفْلِحُ ٱلْكَٰفِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪو الله سان گڏ ٻئي معبود کي سڏيندو جنھن جو کيس ڪو دليل ڪونھي تنھن جو حساب سندن پالڻھار وٽ ئي آھي، سچ آھي ته ڪافر نه ڇُٽندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقُل رَّبِّ ٱغْفِرْ وَٱرْحَمْ وَأَنتَ خَيْرُ ٱلرَّٰحِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ چؤ ته اي منھنجا پالڻھار بخش ۽ رحم ڪر ۽ تون (سڀني) ٻاجھارن کان چڱو آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70