مُک صفحو › سورتون › سورة الحج
سورة الحج الحج
٧٨ آيتون · مدني · نزول جي ترتيب ١٠٣
بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ ٱتَّقُوا۟ رَبَّكُمْ إِنَّ زَلْزَلَةَ ٱلسَّاعَةِ شَىْءٌ عَظِيمٌ
Taj Mehmood Amroti اي ماڻھؤ پنھنجي پالڻھار کان ڊڄو، ڇوته قيامت وارو ڌڪاءُ وڏي شيء آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَوْمَ تَرَوْنَهَا تَذْهَلُ كُلُّ مُرْضِعَةٍ عَمَّآ أَرْضَعَتْ وَتَضَعُ كُلُّ ذَاتِ حَمْلٍ حَمْلَهَا وَتَرَى ٱلنَّاسَ سُكَٰرَىٰ وَمَا هُم بِسُكَٰرَىٰ وَلَٰكِنَّ عَذَابَ ٱللَّهِ شَدِيدٌ
Taj Mehmood Amroti جنھن ڏينھن اُن کي ڏسندؤ (تنھن ڏينھن) سڀڪا کير پياريندڙ جنھن کي کير پياريندي ھوندي تنھن کي (دھشت کان) وساريندي ۽ سڀڪا ڳڀ واري پنھنجي ڳڀ کي ڪيريندي ۽ ماڻھن کي بيھوش ڏسندين حالانڪ اُھي بيھوش نه ھوندا پر الله جو عذاب سخت آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يُجَٰدِلُ فِى ٱللَّهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَيَتَّبِعُ كُلَّ شَيْطَٰنٍ مَّرِيدٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي شان ۾ بي سمجھيءَ سان تڪرار ڪندو آھي ۽ سڀڪنھن شيطان تڙيل جي پٺيان لڳندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كُتِبَ عَلَيْهِ أَنَّهُۥ مَن تَوَلَّاهُ فَأَنَّهُۥ يُضِلُّهُۥ وَيَهْدِيهِ إِلَىٰ عَذَابِ ٱلسَّعِيرِ
Taj Mehmood Amroti اُن (شيطان) تي لازم ڪيو ويو آھي ته جيڪو کيس دوست رکندو تنھن کي بيشڪ اُھو گمراھ ڪندو ۽ ان کي دوزخ جي عذاب ڏانھن سڌو رستو ڏيکاريندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ إِن كُنتُمْ فِى رَيْبٍ مِّنَ ٱلْبَعْثِ فَإِنَّا خَلَقْنَٰكُم مِّن تُرَابٍ ثُمَّ مِن نُّطْفَةٍ ثُمَّ مِنْ عَلَقَةٍ ثُمَّ مِن مُّضْغَةٍ مُّخَلَّقَةٍ وَغَيْرِ مُخَلَّقَةٍ لِّنُبَيِّنَ لَكُمْ وَنُقِرُّ فِى ٱلْأَرْحَامِ مَا نَشَآءُ إِلَىٰٓ أَجَلٍ مُّسَمًّى ثُمَّ نُخْرِجُكُمْ طِفْلًا ثُمَّ لِتَبْلُغُوٓا۟ أَشُدَّكُمْ وَمِنكُم مَّن يُتَوَفَّىٰ وَمِنكُم مَّن يُرَدُّ إِلَىٰٓ أَرْذَلِ ٱلْعُمُرِ لِكَيْلَا يَعْلَمَ مِنۢ بَعْدِ عِلْمٍ شَيْـًٔا وَتَرَى ٱلْأَرْضَ هَامِدَةً فَإِذَآ أَنزَلْنَا عَلَيْهَا ٱلْمَآءَ ٱهْتَزَّتْ وَرَبَتْ وَأَنۢبَتَتْ مِن كُلِّ زَوْجٍۭ بَهِيجٍ
Taj Mehmood Amroti اي ماڻھؤ جيڪڏھن وري جيئري ٿئڻ کان اوھين شڪ ۾ پيل آھيو ته اسان اوھان کي مٽيءَ مان بڻايو وري نُطفي مان وري رت جي دڳ مان وري گوشت جي ٻوٽيءَ مان پورو بڻايل ۽ اڌ گابرو بڻايل ھن لاءِ ته اوھان کي کولي ٻڌايون، ۽ جنھن کي گھرندا آھيون تنھن کي مُقرر مُدّت تائين ڳڀيرڻين ۾ ٺھرائيندا آھيون وري ٻار بڻائي اوھان کي ٻاھر ڪڍندا آھيون وري نپائيندا آھيون ته اوھين پنھنجي جواني کي پھچو، ۽ اوھان مان ڪو اڳي مرندو آھي ۽ اوھان مان ڪنھن کي (جھورائي جي) نڪميءَ ڄمار ڏانھن ھن لاءِ ورايو ويندو آھي ته ڄاڻپ کانپوءِ ڪجھ نه ڄاڻي، ۽ زمين کي غير آباد ڏسندو آھين پوءِ جڏھن مٿس پاڻي وسائيندا آھيون تڏھن تازي ٿيندي ۽ اُڀامندي آھي ۽ سڀڪنھن جنس مان چڱا اوڀڙ ڄمائيندي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْحَقُّ وَأَنَّهُۥ يُحْىِ ٱلْمَوْتَىٰ وَأَنَّهُۥ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ
Taj Mehmood Amroti اِھو (بيان) ھن لاءِ آھي جو الله (جو ئي ھجڻ) حق آھي جو اُھو مُئن کي جياريندو آھي ۽ اُھو سڀڪنھن شيء تي وس وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَنَّ ٱلسَّاعَةَ ءَاتِيَةٌ لَّا رَيْبَ فِيهَا وَأَنَّ ٱللَّهَ يَبْعَثُ مَن فِى ٱلْقُبُورِ
Taj Mehmood Amroti ۽ ته قيامت اچڻي آھي منجھس ڪو شڪ نه آھي ۽ ته جيڪي قبرن ۾ ھوندا تن کي الله اُٿاريندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يُجَٰدِلُ فِى ٱللَّهِ بِغَيْرِ عِلْمٍ وَلَا هُدًى وَلَا كِتَٰبٍ مُّنِيرٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي شان ۽ ڄاڻپ ۽ ھدايت ۽ پڌري ڪتاب ڌاران تڪرار ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثَانِىَ عِطْفِهِۦ لِيُضِلَّ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ لَهُۥ فِى ٱلدُّنْيَا خِزْىٌ وَنُذِيقُهُۥ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ عَذَابَ ٱلْحَرِيقِ
Taj Mehmood Amroti (وڏائيءَ کان) ڪنڌ موڙيندڙ ٿي ھن لاءِ ته (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان گمراھ ڪري، ان لاءِ دنيا ۾ خواري آھي ۽ قيامت جي ڏينھن کيس سڙڻ جو عذاب چکائينداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكَ بِمَا قَدَّمَتْ يَدَاكَ وَأَنَّ ٱللَّهَ لَيْسَ بِظَلَّٰمٍ لِّلْعَبِيدِ
Taj Mehmood Amroti (چئبس ته) اھا سزا انھن ڪمن جي ڪري آھي جو تنھنجي ھٿن اڳي موڪليا آھن ۽ (انھيءَ ڪري) ته الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمِنَ ٱلنَّاسِ مَن يَعْبُدُ ٱللَّهَ عَلَىٰ حَرْفٍ فَإِنْ أَصَابَهُۥ خَيْرٌ ٱطْمَأَنَّ بِهِۦ وَإِنْ أَصَابَتْهُ فِتْنَةٌ ٱنقَلَبَ عَلَىٰ وَجْهِهِۦ خَسِرَ ٱلدُّنْيَا وَٱلْـَٔاخِرَةَ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلْخُسْرَانُ ٱلْمُبِينُ
Taj Mehmood Amroti ۽ ماڻھن مان ڪو اھڙو آھي جو الله جي عبادت آسيري پاسيري ڪندو آھي، پوءِ جيڪڏھن کيس ڪو نفعو پھچندو آھي ته اُن (عبادت) سان آرامي ٿيندو آھي، ۽ جيڪڏھن کيس ڪو ڏک پھچندو آھي ته پنھنجي مُنھن ڀر ڦرندو آھي، دُنيا ۽ آخرت گنوايائين، اھوئي پڌرو ڇيئو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَدْعُوا۟ مِن دُونِ ٱللَّهِ مَا لَا يَضُرُّهُۥ وَمَا لَا يَنفَعُهُۥ ذَٰلِكَ هُوَ ٱلضَّلَٰلُ ٱلْبَعِيدُ
Taj Mehmood Amroti (اُھو) الله کانسواءِ اُنھي کي سڏيندو آھي جيڪو کيس نڪي نقصان لائيندو آھي ۽ نڪي کيس نفعو ڏيندو آھي، اِھا ئي وڏي گمراھي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَدْعُوا۟ لَمَن ضَرُّهُۥٓ أَقْرَبُ مِن نَّفْعِهِۦ لَبِئْسَ ٱلْمَوْلَىٰ وَلَبِئْسَ ٱلْعَشِيرُ
Taj Mehmood Amroti انھيءَ کي سڏيندو آھي جنھن جو نقصان سندس نفعي کان وڌيڪ ويجھو آھي، بيشڪ (اھڙو) سائين بڇڙو آھي ۽ (اھڙو) ھمراھ (به) بڇڙو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱللَّهَ يُدْخِلُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ جَنَّٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ إِنَّ ٱللَّهَ يَفْعَلُ مَا يُرِيدُ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون وھنديون آھن، بيشڪ الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَن كَانَ يَظُنُّ أَن لَّن يَنصُرَهُ ٱللَّهُ فِى ٱلدُّنْيَا وَٱلْـَٔاخِرَةِ فَلْيَمْدُدْ بِسَبَبٍ إِلَى ٱلسَّمَآءِ ثُمَّ لْيَقْطَعْ فَلْيَنظُرْ هَلْ يُذْهِبَنَّ كَيْدُهُۥ مَا يَغِيظُ
Taj Mehmood Amroti جيڪو ڀائيندو آھي ته الله پيغمبر کي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪڏھن مدد نه ڪندو تنھن کي گھرجي ته آسمان ڏانھن رسيءَ سان چڙھي وري گھرجيس ته ڇني پوءِ نھاري ته اُنھي جي حيلي اُن کي وڃايو (يا نه) جنھن اُن کي ڪاوڙايو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَذَٰلِكَ أَنزَلْنَٰهُ ءَايَٰتٍۭ بَيِّنَٰتٍ وَأَنَّ ٱللَّهَ يَهْدِى مَن يُرِيدُ
Taj Mehmood Amroti ۽ اھڙي طرح اُن (قرآن) کي پڌريون آيتون ڪري نازل ڪيوسون ۽ الله جنھن کي گھرندو آھي تنھن کي ھدايت ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَٱلَّذِينَ هَادُوا۟ وَٱلصَّٰبِـِٔينَ وَٱلنَّصَٰرَىٰ وَٱلْمَجُوسَ وَٱلَّذِينَ أَشْرَكُوٓا۟ إِنَّ ٱللَّهَ يَفْصِلُ بَيْنَهُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ إِنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ شَهِيدٌ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ جن ايمان آندو ۽ جيڪي يھودي ۽ صابي ۽ نصارىٰ ۽ مجوسي ۽ مشرڪ آھن تن (سڀني) جي وچ ۾ الله قيامت جي ڏينھن نبيرو ڪندو، ڇوته الله سڀڪنھن شيء تي حاضر آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ يَسْجُدُ لَهُۥ مَن فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَن فِى ٱلْأَرْضِ وَٱلشَّمْسُ وَٱلْقَمَرُ وَٱلنُّجُومُ وَٱلْجِبَالُ وَٱلشَّجَرُ وَٱلدَّوَآبُّ وَكَثِيرٌ مِّنَ ٱلنَّاسِ وَكَثِيرٌ حَقَّ عَلَيْهِ ٱلْعَذَابُ وَمَن يُهِنِ ٱللَّهُ فَمَا لَهُۥ مِن مُّكْرِمٍ إِنَّ ٱللَّهَ يَفْعَلُ مَا يَشَآءُ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) نه ڏٺئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۾ آھن ۽ جيڪي زمين ۾ آھن سي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا ۽ جبل ۽ وڻ ۽ ڍور ۽ ماڻھن مان گھڻا الله کي سجدو ڪندا آھن، ۽ گھڻا (ماڻھو) آھن جن تي عذاب لازم ٿيو آھي، ۽ جنھن کي الله خوار ڪري تنھن کي ڪو مانُ ڏيڻ وارو ڪونھي، ڇو ته الله جيڪي گھرندو آھي سو ڪندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
هَٰذَانِ خَصْمَانِ ٱخْتَصَمُوا۟ فِى رَبِّهِمْ فَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ قُطِّعَتْ لَهُمْ ثِيَابٌ مِّن نَّارٍ يُصَبُّ مِن فَوْقِ رُءُوسِهِمُ ٱلْحَمِيمُ
Taj Mehmood Amroti اِھي ٻئي ٽوليون پاڻ ۾ ويري آھن پنھنجي پالڻھار بابت تڪرار ڪندڙ آھن، پوءِ جن ڪفر ڪيو تن لاءِ باھ جا ڪپڙا ورڇيا ويندا، (۽) سندن مٿن جي مٿان ٽھڪندڙ پاڻي ھاربو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يُصْهَرُ بِهِۦ مَا فِى بُطُونِهِمْ وَٱلْجُلُودُ
Taj Mehmood Amroti جيڪي سندن پيٽن ۾ ھوندو سو ۽ کَلون اُن سان ڳاربيون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَهُم مَّقَٰمِعُ مِنْ حَدِيدٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ اُنھن جي ڪُٽڻ لاءِ لوھ جا وڏاڻ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
كُلَّمَآ أَرَادُوٓا۟ أَن يَخْرُجُوا۟ مِنْهَا مِنْ غَمٍّ أُعِيدُوا۟ فِيهَا وَذُوقُوا۟ عَذَابَ ٱلْحَرِيقِ
Taj Mehmood Amroti جڏھن ڪڏھن منجھانئس ڏک جي ڪري نڪرڻ گھُرندا تڏھن منجھس ورائبا، ۽ (چيو ويندن ته) سڙڻ جو عذاب چکو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱللَّهَ يُدْخِلُ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ جَنَّٰتٍ تَجْرِى مِن تَحْتِهَا ٱلْأَنْهَٰرُ يُحَلَّوْنَ فِيهَا مِنْ أَسَاوِرَ مِن ذَهَبٍ وَلُؤْلُؤًا وَلِبَاسُهُمْ فِيهَا حَرِيرٌ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن کي الله اھڙن باغن ۾ داخل ڪندو جن جي ھيٺان واھيون پيون وھنديون منجھن سون جا زيور ۽ موتي پارائبا، ۽ منجھن سندين پوشاڪ پَٽَ جي ھوندي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَهُدُوٓا۟ إِلَى ٱلطَّيِّبِ مِنَ ٱلْقَوْلِ وَهُدُوٓا۟ إِلَىٰ صِرَٰطِ ٱلْحَمِيدِ
Taj Mehmood Amroti ۽ (دُنيا ۾) کين چڱي ڳالھ ڏانھن رستو ڏيکاريو ويو ھو، ۽ الله ساراھيل جي واٽ ڏانھن رستي لاتا ويا ھوا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَيَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ وَٱلْمَسْجِدِ ٱلْحَرَامِ ٱلَّذِى جَعَلْنَٰهُ لِلنَّاسِ سَوَآءً ٱلْعَٰكِفُ فِيهِ وَٱلْبَادِ وَمَن يُرِدْ فِيهِ بِإِلْحَادٍۭ بِظُلْمٍ نُّذِقْهُ مِنْ عَذَابٍ أَلِيمٍ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ جن ڪفر ڪيو ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ ۽ اُنھي تعظيم واريءَ مسجد کان جھليندا آھن جا ماڻھن لاءِ بڻائي سون جنھن ۾ شھري ۽ ٻھراڙيءَ وارا ھڪ جھڙا آھن، ۽ جيڪو منجھس ظلم سان زيادتيءَ جو ارادو ڪندو تنھن کي ڏکوئيندڙ عذاب چکائينداسون.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذْ بَوَّأْنَا لِإِبْرَٰهِيمَ مَكَانَ ٱلْبَيْتِ أَن لَّا تُشْرِكْ بِى شَيْـًٔا وَطَهِّرْ بَيْتِىَ لِلطَّآئِفِينَ وَٱلْقَآئِمِينَ وَٱلرُّكَّعِ ٱلسُّجُودِ
Taj Mehmood Amroti ۽ (ياد ڪر) جڏھن ابراھيم لاءِ بَيۡتُ الله جو ھنڌ مقرّر ڪيوسون، (۽ سمجھايوسون) ته مون سان ڪنھن کي شريڪ نه ڪر ۽ منھنجي گھر کي طواف ڪندڙن ۽ بيھندڙن ۽ رڪوع ڪندڙن (۽) سجدي ڪندڙن لاءِ پاڪ رک.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَذِّن فِى ٱلنَّاسِ بِٱلْحَجِّ يَأْتُوكَ رِجَالًا وَعَلَىٰ كُلِّ ضَامِرٍ يَأْتِينَ مِن كُلِّ فَجٍّ عَمِيقٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ ماڻھن ۾ حج جو پڙھو ڏي ته توڏانھن پيادا ۽ ڏٻرن اُٺن تي چڙھي ايندا جو ڏورين واٽن کان (ھِن لاءِ) ايندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِّيَشْهَدُوا۟ مَنَٰفِعَ لَهُمْ وَيَذْكُرُوا۟ ٱسْمَ ٱللَّهِ فِىٓ أَيَّامٍ مَّعْلُومَٰتٍ عَلَىٰ مَا رَزَقَهُم مِّنۢ بَهِيمَةِ ٱلْأَنْعَٰمِ فَكُلُوا۟ مِنْهَا وَأَطْعِمُوا۟ ٱلْبَآئِسَ ٱلْفَقِيرَ
Taj Mehmood Amroti ته پنھنجي فائدي جي ھنڌ تي پھچن ۽ ڍورن مان جيڪا روزي کين الله ڏني تنھن تي ڄاڻايلن ڏينھن ۾ (ذبح مھل) الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ انھن منجھان (پاڻ به) کائو ۽ عاجز فقير کي به کارايو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ثُمَّ لْيَقْضُوا۟ تَفَثَهُمْ وَلْيُوفُوا۟ نُذُورَهُمْ وَلْيَطَّوَّفُوا۟ بِٱلْبَيْتِ ٱلْعَتِيقِ
Taj Mehmood Amroti وري ڀلي ته پنھنجي (جسي جي) مَرُّ لاھين ۽ پنھنجيون مڃتائون پوريون ڪن ۽ ھن قديم گھر جو طواف ڪن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكَ وَمَن يُعَظِّمْ حُرُمَٰتِ ٱللَّهِ فَهُوَ خَيْرٌ لَّهُۥ عِندَ رَبِّهِۦ وَأُحِلَّتْ لَكُمُ ٱلْأَنْعَٰمُ إِلَّا مَا يُتْلَىٰ عَلَيْكُمْ فَٱجْتَنِبُوا۟ ٱلرِّجْسَ مِنَ ٱلْأَوْثَٰنِ وَٱجْتَنِبُوا۟ قَوْلَ ٱلزُّورِ
Taj Mehmood Amroti اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي عبادت جي رڪنن جو ادب ڪندو تنھن لاءِ اُھو سندن پالڻھار وٽ ڀلو آھي، ۽ جيڪي اوھان کي پڙھي ٻڌائبو تنھن کانسواءِ ٻيا ڍور اوھان تي حلال ڪيا ويا تنھنڪري بُتن جي پليتيءَ کان پاسو ڪريو ۽ ڪوڙي ڳالھ کان (به) پاسو ڪريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
حُنَفَآءَ لِلَّهِ غَيْرَ مُشْرِكِينَ بِهِۦ وَمَن يُشْرِكْ بِٱللَّهِ فَكَأَنَّمَا خَرَّ مِنَ ٱلسَّمَآءِ فَتَخْطَفُهُ ٱلطَّيْرُ أَوْ تَهْوِى بِهِ ٱلرِّيحُ فِى مَكَانٍ سَحِيقٍ
Taj Mehmood Amroti الله ڏانھن ھڪ طرفا ٿي (۽) ساڻس شريڪ مُقرّر ڪندڙ نه ٿي (پاسو ڪريو)، ۽ جيڪو الله سان شريڪ مقرّر ڪندو سو آسمان کان ڪِريو جنھن کي (مردار خور) پکي کڻي ويا يا کيس واءُ (اُڏائي) پري ھنڌ اُڇليو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكَ وَمَن يُعَظِّمْ شَعَٰٓئِرَ ٱللَّهِ فَإِنَّهَا مِن تَقْوَى ٱلْقُلُوبِ
Taj Mehmood Amroti اِھو (حُڪم) آھي، ۽ جيڪو الله جي (عبادت جي) نشانين جو اَدب ڪري (۽ بُتن ۽ ڪوڙ کان پاڻ پَلي سو پرھيزگار آھي) ڇوته اِھو (ڪم) دلين جي پرھيزگاريءَ سان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَكُمْ فِيهَا مَنَٰفِعُ إِلَىٰٓ أَجَلٍ مُّسَمًّى ثُمَّ مَحِلُّهَآ إِلَى ٱلْبَيْتِ ٱلْعَتِيقِ
Taj Mehmood Amroti اوھان لاءِ انھن (ڍورن) ۾ گھڻا نفعا مقرّر مُدت تائين آھن وري قديم گھر ڏانھن (ڪسڻ لاءِ) پھچڻ جو ھنڌ اٿن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلِكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلْنَا مَنسَكًا لِّيَذْكُرُوا۟ ٱسْمَ ٱللَّهِ عَلَىٰ مَا رَزَقَهُم مِّنۢ بَهِيمَةِ ٱلْأَنْعَٰمِ فَإِلَٰهُكُمْ إِلَٰهٌ وَٰحِدٌ فَلَهُۥٓ أَسْلِمُوا۟ وَبَشِّرِ ٱلْمُخْبِتِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ قرباني جي طرح ھن لاءِ مقرر ڪئي سون ته کين ڍورن مان جيڪي روزي الله ڏني تنھن تي الله جو نالو ياد ڪن، پوءِ اوھان جو معبود ھڪ خُدا آھي تنھنڪري سندس حُڪم مڃيو، ۽ انھن عاجزي ڪندڙن کي خوشخبري ڏي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ إِذَا ذُكِرَ ٱللَّهُ وَجِلَتْ قُلُوبُهُمْ وَٱلصَّٰبِرِينَ عَلَىٰ مَآ أَصَابَهُمْ وَٱلْمُقِيمِى ٱلصَّلَوٰةِ وَمِمَّا رَزَقْنَٰهُمْ يُنفِقُونَ
Taj Mehmood Amroti جن جون دليون جڏھن الله کي ياد ڪبو آھي (تڏھن) ٿَڙڪنديون آھن ۽ (پڻ انھن ماڻھن کي جو) جيڪي مٿانِ آيو تنھن تي صبر ڪندڙ آھن ۽ نماز پڙھندڙ آھن ۽ کين جيڪا روزي ڏني سون تنھن مان خرچيندا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلْبُدْنَ جَعَلْنَٰهَا لَكُم مِّن شَعَٰٓئِرِ ٱللَّهِ لَكُمْ فِيهَا خَيْرٌ فَٱذْكُرُوا۟ ٱسْمَ ٱللَّهِ عَلَيْهَا صَوَآفَّ فَإِذَا وَجَبَتْ جُنُوبُهَا فَكُلُوا۟ مِنْهَا وَأَطْعِمُوا۟ ٱلْقَانِعَ وَٱلْمُعْتَرَّ كَذَٰلِكَ سَخَّرْنَٰهَا لَكُمْ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ قربانيءَ وارن اُٺن کي اوھان لاءِ الله جي عبادت جي نشانين مان ڪيوسون منجھس اوھان لاءِ ڀلائي آھي، پوءِ قطاري مٿن الله جو نالو ياد ڪريو (يعني ذبح ڪريو)، پوءِ جڏھن اُھي پاسي ڀر ليٽن تڏھن منجھائن کائو ۽ (فقيرن) نه سوال ڪندڙ ۽ سوال ڪندڙ کي کارايو، اھڙي طرح اوھان کي اُھي تابع ڪري ڏناسون ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَن يَنَالَ ٱللَّهَ لُحُومُهَا وَلَا دِمَآؤُهَا وَلَٰكِن يَنَالُهُ ٱلتَّقْوَىٰ مِنكُمْ كَذَٰلِكَ سَخَّرَهَا لَكُمْ لِتُكَبِّرُوا۟ ٱللَّهَ عَلَىٰ مَا هَدَىٰكُمْ وَبَشِّرِ ٱلْمُحْسِنِينَ
Taj Mehmood Amroti نڪي اُنھن (قربانين) جو گوشت ۽ نڪي اُنھن جو رتُ الله کي پھچندو آھي پر اوھان جي پرھيزگاري الله کي پھچندي آھي، اھڙي طرح ھو اوھان کي تابع ڪري ڏنائين ته اوھين الله جي وڏائي (ھن شڪراني سببان) بيان ڪريو جو اوھان کي ھدايت ڪيائين، ۽ ڀلارن کي خوشخبري ڏي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
إِنَّ ٱللَّهَ يُدَٰفِعُ عَنِ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ كُلَّ خَوَّانٍ كَفُورٍ
Taj Mehmood Amroti بيشڪ الله مؤمنن کان (سندن ويري) ٽاريندو آھي، ڇوته الله سڀڪنھن خيانت ڪندڙ بي شڪر کي دوست نه رکندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أُذِنَ لِلَّذِينَ يُقَٰتَلُونَ بِأَنَّهُمْ ظُلِمُوا۟ وَإِنَّ ٱللَّهَ عَلَىٰ نَصْرِهِمْ لَقَدِيرٌ
Taj Mehmood Amroti جن سان (ڪافر) وڙھندا آھن تن کي (جھاد لاءِ) انھيءَ ڪري موڪل ڏني وئي جو انھن تي ظلم ڪيو ويو آھي، ۽ بيشڪ الله کين مدد ڏيڻ تي وس وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ أُخْرِجُوا۟ مِن دِيَٰرِهِم بِغَيْرِ حَقٍّ إِلَّآ أَن يَقُولُوا۟ رَبُّنَا ٱللَّهُ وَلَوْلَا دَفْعُ ٱللَّهِ ٱلنَّاسَ بَعْضَهُم بِبَعْضٍ لَّهُدِّمَتْ صَوَٰمِعُ وَبِيَعٌ وَصَلَوَٰتٌ وَمَسَٰجِدُ يُذْكَرُ فِيهَا ٱسْمُ ٱللَّهِ كَثِيرًا وَلَيَنصُرَنَّ ٱللَّهُ مَن يَنصُرُهُۥٓ إِنَّ ٱللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزِيزٌ
Taj Mehmood Amroti جن کي پنھنجن ديسن مان ناحق لوڌيو ويو تن (ھن) چوڻ کانسواءِ (ٻيو) نه چيو ته اسانجو پالڻھار الله آھي، ۽ جيڪڏھن ڪن ماڻھن سان ڪن کي الله نه ٽاري ھا ته (جيڪر) خانقاھون ۽ گرجائون ۽ ڪليسا ۽ مسجدون جن ۾ الله جو نالو گھڻو ياد ڪبو آھي سي ضرور ڊاٺيون وڃن ھا، ۽ جيڪو الله (جي دين) جي مدد ڪندو آھي تنھنکي الله ضرور مدد ڏيندو آھي، ڇو ته الله ضرور ڏاڍو ۽ غالب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلَّذِينَ إِن مَّكَّنَّٰهُمْ فِى ٱلْأَرْضِ أَقَامُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتَوُا۟ ٱلزَّكَوٰةَ وَأَمَرُوا۟ بِٱلْمَعْرُوفِ وَنَهَوْا۟ عَنِ ٱلْمُنكَرِ وَلِلَّهِ عَٰقِبَةُ ٱلْأُمُورِ
Taj Mehmood Amroti انھن ماڻھن کي جو جيڪڏھن کين زمين ۾ غلبو ڏينداسون ته نماز پڙھندا ۽ زڪوٰة ڏيندا ۽ چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندا ۽ مدن ڪمن کان منع ڪندا، ۽ سڀني ڪمن جي پڇاڙي الله لاءِ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِن يُكَذِّبُوكَ فَقَدْ كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوحٍ وَعَادٌ وَثَمُودُ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن توکي ڪوڙو ڀانئين ٿا ته بيشڪ کائن اڳ نوح جي قوم ۽ عادين ثمودين (پيغمبرن کي) ڪوڙ ڄاتو ھو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَقَوْمُ إِبْرَٰهِيمَ وَقَوْمُ لُوطٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ ابراھيم جي قوم ۽ لُوط جي قوم (به).
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَأَصْحَٰبُ مَدْيَنَ وَكُذِّبَ مُوسَىٰ فَأَمْلَيْتُ لِلْكَٰفِرِينَ ثُمَّ أَخَذْتُهُمْ فَكَيْفَ كَانَ نَكِيرِ
Taj Mehmood Amroti ۽ مَدۡيَن وارن (به پنھنجي پيغمبرن کي ڪُوڙو ڄاتو)، ۽ مُوسىٰ کي (به) ڪوڙو ڄاتو ويو پوءِ انھن ڪافرن کي ڍر ڏنم وري کين پڪڙيم، پوءِ منھنجي سزا ڪھڙي (نه سخت) ھُئي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَكَأَيِّن مِّن قَرْيَةٍ أَهْلَكْنَٰهَا وَهِىَ ظَالِمَةٌ فَهِىَ خَاوِيَةٌ عَلَىٰ عُرُوشِهَا وَبِئْرٍ مُّعَطَّلَةٍ وَقَصْرٍ مَّشِيدٍ
Taj Mehmood Amroti پوءِ ڪيترائي ڳوٺ آھن جن کي ناس ڪيوسون ۽ اُھي ظالم ھوا پوءِ اُھي پنھنجي ڇتن سميت ڊٺل آھن، ۽ گھڻا کُوھ اُجڙيل ۽ گھڻيون بلند ماڙيون سُڃيون پيون آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَفَلَمْ يَسِيرُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ فَتَكُونَ لَهُمْ قُلُوبٌ يَعْقِلُونَ بِهَآ أَوْ ءَاذَانٌ يَسْمَعُونَ بِهَا فَإِنَّهَا لَا تَعْمَى ٱلْأَبْصَٰرُ وَلَٰكِن تَعْمَى ٱلْقُلُوبُ ٱلَّتِى فِى ٱلصُّدُورِ
Taj Mehmood Amroti پوءِ مُلڪ ۾ نه گھميا آھن ڇا؟ ته کين (اھڙيون) دليون ھجن جن سان اُھي سمجھن يا کين (اھڙا) ڪن ھجن جن سان ٻُڌن، بيشڪ ھي (حالت) آھي ته سندن اکيون انڌيون نه آھن پر دليون انڌيون اٿن جيڪي سندن سينن ۾ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَسْتَعْجِلُونَكَ بِٱلْعَذَابِ وَلَن يُخْلِفَ ٱللَّهُ وَعْدَهُۥ وَإِنَّ يَوْمًا عِندَ رَبِّكَ كَأَلْفِ سَنَةٍ مِّمَّا تَعُدُّونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اي پيغمبر) توکان عذاب جو جلد اچڻ گھرندا آھن ۽ الله پنھنجو انجام ڪڏھن اُبتڙ نه ڪندو، ۽ تنھنجي پالڻھار وٽ ھڪ ڏينھن اوھان جي ڳاڻيٽي جي ھزار ورھ جي برابر آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَكَأَيِّن مِّن قَرْيَةٍ أَمْلَيْتُ لَهَا وَهِىَ ظَالِمَةٌ ثُمَّ أَخَذْتُهَا وَإِلَىَّ ٱلْمَصِيرُ
Taj Mehmood Amroti ۽ گھڻا ڳوٺ آھن جن کي مُھلت ڏنم ۽ اُھي ظالم ھوا وري کين پڪڙيم، ۽ مون ڏانھن موٽڻ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
قُلْ يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ إِنَّمَآ أَنَا۠ لَكُمْ نَذِيرٌ مُّبِينٌ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) چؤ ته اي ماڻھؤ آءٌ اوھان کي رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھيان.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
فَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَهُم مَّغْفِرَةٌ وَرِزْقٌ كَرِيمٌ
Taj Mehmood Amroti پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا تن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ سَعَوْا۟ فِىٓ ءَايَٰتِنَا مُعَٰجِزِينَ أُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلْجَحِيمِ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪي اسان جي آيتن جي جھڪي ڪرڻ ۾ ڊوڙيا سي دوزخي آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَمَآ أَرْسَلْنَا مِن قَبْلِكَ مِن رَّسُولٍ وَلَا نَبِىٍّ إِلَّآ إِذَا تَمَنَّىٰٓ أَلْقَى ٱلشَّيْطَٰنُ فِىٓ أُمْنِيَّتِهِۦ فَيَنسَخُ ٱللَّهُ مَا يُلْقِى ٱلشَّيْطَٰنُ ثُمَّ يُحْكِمُ ٱللَّهُ ءَايَٰتِهِۦ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ (اي پيغمبر) توکان اڳ نه ڪوئي پيغمبر ۽ نه ڪوئي نبي موڪليوسون پر جڏھن ڪا (انساني) آرزو ڪيائين تڏھن شيطان سندن آرزوءِ ۾ (حرڪت) وجھڻ لڳو، پوءِ جيڪو شيطان وڌو سو الله مٽائيندو رھيو وري الله پنھنجين آيتن کي مُحڪم ڪري ٿو، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِّيَجْعَلَ مَا يُلْقِى ٱلشَّيْطَٰنُ فِتْنَةً لِّلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ وَٱلْقَاسِيَةِ قُلُوبُهُمْ وَإِنَّ ٱلظَّٰلِمِينَ لَفِى شِقَاقٍۭ بَعِيدٍ
Taj Mehmood Amroti ھن لاءِ ته شيطان جيڪا حرڪت وڌي تنھن سان انھن کي ڌار ڪري پرکي جن جي دلين ۾ بيماري آھي ۽ سندين دليون سخت آھن، ۽ بيشڪ ظالم وڏي ڦيٽي ۾ آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلِيَعْلَمَ ٱلَّذِينَ أُوتُوا۟ ٱلْعِلْمَ أَنَّهُ ٱلْحَقُّ مِن رَّبِّكَ فَيُؤْمِنُوا۟ بِهِۦ فَتُخْبِتَ لَهُۥ قُلُوبُهُمْ وَإِنَّ ٱللَّهَ لَهَادِ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِلَىٰ صِرَٰطٍ مُّسْتَقِيمٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ ته جن کي علم ڏنو ويو سي ڄاڻن ته اُھو تنھنجي پالڻھار وٽان سچ آھي پوءِ اُن تي ايمان آڻين ۽ سندن دليون الله لاءِ عاجزي ڪن، ۽ بيشڪ الله مؤمنن کي سڌي واٽ ڏانھن ضرور سڌو رستو ڏيکاريندو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَلَا يَزَالُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فِى مِرْيَةٍ مِّنْهُ حَتَّىٰ تَأْتِيَهُمُ ٱلسَّاعَةُ بَغْتَةً أَوْ يَأْتِيَهُمْ عَذَابُ يَوْمٍ عَقِيمٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ ڪافر اُنھيءَ (وحي) کان (ايسين) سدائين شڪ ۾ ھوندا جيسين اوچتو وٽن قيامت پھچي يا ندوري ڏينھن جو عذاب وٽن پھچي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱلْمُلْكُ يَوْمَئِذٍ لِّلَّهِ يَحْكُمُ بَيْنَهُمْ فَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ فِى جَنَّٰتِ ٱلنَّعِيمِ
Taj Mehmood Amroti اُنھيءَ ڏينھن الله جي بادشاھي آھي، (اُھو) سندن وچ ۾ نبيرو ڪندو، پوءِ جن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيا سي نعمتن وارن باغن ۾ ھوندا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَكَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا فَأُو۟لَٰٓئِكَ لَهُمْ عَذَابٌ مُّهِينٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن انڪار ڪيو ۽ اسان جي آيتن کي ڪوڙو ڀانيو سي اُھي آھن جن لاءِ خواريءَ وارو عذاب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَٱلَّذِينَ هَاجَرُوا۟ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ ثُمَّ قُتِلُوٓا۟ أَوْ مَاتُوا۟ لَيَرْزُقَنَّهُمُ ٱللَّهُ رِزْقًا حَسَنًا وَإِنَّ ٱللَّهَ لَهُوَ خَيْرُ ٱلرَّٰزِقِينَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جن الله جي واٽ ۾ ديس ڇڏيو وري ڪُسجي ويا يا مُئا تن کي الله چڱو رِزق ڏيندو، ۽ الله چڱو روزي ڏيندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَيُدْخِلَنَّهُم مُّدْخَلًا يَرْضَوْنَهُۥ وَإِنَّ ٱللَّهَ لَعَلِيمٌ حَلِيمٌ
Taj Mehmood Amroti جو ھنڌ ھنن کي وڻندو تنھن ۾ ضرور کين داخل ڪندو، ۽ بيشڪ الله ضرور ڄاڻندڙ بُردبار آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكَ وَمَنْ عَاقَبَ بِمِثْلِ مَا عُوقِبَ بِهِۦ ثُمَّ بُغِىَ عَلَيْهِ لَيَنصُرَنَّهُ ٱللَّهُ إِنَّ ٱللَّهَ لَعَفُوٌّ غَفُورٌ
Taj Mehmood Amroti اِھو (حڪم) آھي، ۽ جيڪو جيترو ايذايو ويو اوترو ايذائي وري مٿس زيادتي ڪئي وڃي ته اُن (ايذايل) کي الله مدد ڏيندو، بيشڪ الله معافي ڏيندڙ بخشڻھار آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱللَّهَ يُولِجُ ٱلَّيْلَ فِى ٱلنَّهَارِ وَيُولِجُ ٱلنَّهَارَ فِى ٱلَّيْلِ وَأَنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌۢ بَصِيرٌ
Taj Mehmood Amroti اِھا (مدد) ھن سببان آھي ته الله رات کي ڏينھن ۾ وجھندو آھي ۽ ڏينھن کي رات ۾ وجھندو آھي ۽ (ھن ڪري) ته الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْحَقُّ وَأَنَّ مَا يَدْعُونَ مِن دُونِهِۦ هُوَ ٱلْبَٰطِلُ وَأَنَّ ٱللَّهَ هُوَ ٱلْعَلِىُّ ٱلْكَبِيرُ
Taj Mehmood Amroti اِھا (مدد) ھن ڪري آھي ته الله پاڻ برحق آھي ۽ الله کانسواءِ جنھن کي سڏيندا آھن سو ڪوڙو آھي ۽ (ھن ڪري) ته الله ئي مٿاھون وڏو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ أَنزَلَ مِنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً فَتُصْبِحُ ٱلْأَرْضُ مُخْضَرَّةً إِنَّ ٱللَّهَ لَطِيفٌ خَبِيرٌ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته الله آسمانن مان (مينھن جو) پاڻي وسايو، پوءِ زمين ساول واري ٿيندي آھي، ڇوته الله لُطف ڪندڙ خبر رکندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لَّهُۥ مَا فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَمَا فِى ٱلْأَرْضِ وَإِنَّ ٱللَّهَ لَهُوَ ٱلْغَنِىُّ ٱلْحَمِيدُ
Taj Mehmood Amroti جيڪي آسمانن ۾ آھي ۽ جيڪي زمين ۾ آھي سو الله جو آھي، ۽ الله ضروربي پرواھ ساراھيل آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ تَرَ أَنَّ ٱللَّهَ سَخَّرَ لَكُم مَّا فِى ٱلْأَرْضِ وَٱلْفُلْكَ تَجْرِى فِى ٱلْبَحْرِ بِأَمْرِهِۦ وَيُمْسِكُ ٱلسَّمَآءَ أَن تَقَعَ عَلَى ٱلْأَرْضِ إِلَّا بِإِذْنِهِۦٓ إِنَّ ٱللَّهَ بِٱلنَّاسِ لَرَءُوفٌ رَّحِيمٌ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) نه ڏٺو اٿئي ڇا ته جيڪي زمين ۾ آھي سو الله اوھان لاءِ نوايو آھي ۽ ٻيڙيون درياءَ ۾ سندس حُڪم سان تَرنديون آھن، ۽ آسمان کي زمين تي ڪرڻ کان جھليندو آھي پر (جي ڪيرائيس ته) سندس اختيار آھي، بيشڪ الله ماڻھن تي بخشڻھار مھربان آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَهُوَ ٱلَّذِىٓ أَحْيَاكُمْ ثُمَّ يُمِيتُكُمْ ثُمَّ يُحْيِيكُمْ إِنَّ ٱلْإِنسَٰنَ لَكَفُورٌ
Taj Mehmood Amroti ۽ اُھوئي آھي جنھن اوھان کي جياريو، وري اوھان کي ماريندو وري اوھان کي جياريندو، بيشڪ ماڻھو بي شڪر آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
لِّكُلِّ أُمَّةٍ جَعَلْنَا مَنسَكًا هُمْ نَاسِكُوهُ فَلَا يُنَٰزِعُنَّكَ فِى ٱلْأَمْرِ وَٱدْعُ إِلَىٰ رَبِّكَ إِنَّكَ لَعَلَىٰ هُدًى مُّسْتَقِيمٍ
Taj Mehmood Amroti سڀڪنھن ٽوليءَ لاءِ ھڪ شريعت مقرر ڪئي سون جنھن تي اُھي عمل ڪندڙ آھن پوءِ جڳائين ته ھِن ڪم ۾ جھڳڙو نه ڪن ۽ (تون) پنھنجي پالڻھار ڏانھن (ماڻھن کي) سڏيندو رھ، بيشڪ تون سڌيءَ واٽ تي آھين.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِن جَٰدَلُوكَ فَقُلِ ٱللَّهُ أَعْلَمُ بِمَا تَعْمَلُونَ
Taj Mehmood Amroti ۽ جيڪڏھن توسان جھڳڙو ڪن ته چؤ جيڪي ڪندا آھيو تنھنکي الله چڱو ڄاڻندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱللَّهُ يَحْكُمُ بَيْنَكُمْ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ فِيمَا كُنتُمْ فِيهِ تَخْتَلِفُونَ
Taj Mehmood Amroti جنھن بابت اوھين تڪرار ڪندا آھيو تنھن بابت قيامت جي ڏينھن الله اوھان جي وچ ۾ نبيرو ڪندو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
أَلَمْ تَعْلَمْ أَنَّ ٱللَّهَ يَعْلَمُ مَا فِى ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ إِنَّ ذَٰلِكَ فِى كِتَٰبٍ إِنَّ ذَٰلِكَ عَلَى ٱللَّهِ يَسِيرٌ
Taj Mehmood Amroti (اي پيغمبر) معلوم نه اٿئي ڇا ته جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آھي سو الله ڄاڻندو آھي؟ بيشڪ اِھا (ڳالھ) ڪتاب (لوح محفوظ) ۾ لکيل آھي، بيشڪ اُھو الله کي سولو آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَيَعْبُدُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ مَا لَمْ يُنَزِّلْ بِهِۦ سُلْطَٰنًا وَمَا لَيْسَ لَهُم بِهِۦ عِلْمٌ وَمَا لِلظَّٰلِمِينَ مِن نَّصِيرٍ
Taj Mehmood Amroti ۽ (ڪافر) الله کانسواءِ اُنھيءَ کي پوڄيندا آھن جنھن لاءِ ڪا سند نه لاٿي اٿس ۽ (پڻ) انھيءَ کي (پوڄيندا آھن) جنھن جي کين ڪا خبر نه آھي، ۽ ظالمن جو ڪو مددگار ڪونه آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ ءَايَٰتُنَا بَيِّنَٰتٍ تَعْرِفُ فِى وُجُوهِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ٱلْمُنكَرَ يَكَادُونَ يَسْطُونَ بِٱلَّذِينَ يَتْلُونَ عَلَيْهِمْ ءَايَٰتِنَا قُلْ أَفَأُنَبِّئُكُم بِشَرٍّ مِّن ذَٰلِكُمُ ٱلنَّارُ وَعَدَهَا ٱللَّهُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ
Taj Mehmood Amroti ۽ جڏھن اسان جيون چٽيون آيتون کين پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن ڪافرن جي منھن ۾ ناراضپو معلوم ڪندو آھين، جيڪي مٿن اسان جون آيتون پڙھندا آھن تن تي ڪاھي پوڻ لاءِ ويجھا ٿيندا آھن، (اي پيغمبر کين) چؤ ته ھن کان وڌيڪ بڇڙي ڳالھ جي سُڌ اوھان کي ڏيان ڇا؟ (اُھا) باھ آھي جنھن جو الله ڪافرن کي انجام ڏنو آھي، اُھا جاءِ بُڇڙي آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ ضُرِبَ مَثَلٌ فَٱسْتَمِعُوا۟ لَهُۥٓ إِنَّ ٱلَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ لَن يَخْلُقُوا۟ ذُبَابًا وَلَوِ ٱجْتَمَعُوا۟ لَهُۥ وَإِن يَسْلُبْهُمُ ٱلذُّبَابُ شَيْـًٔا لَّا يَسْتَنقِذُوهُ مِنْهُ ضَعُفَ ٱلطَّالِبُ وَٱلْمَطْلُوبُ
Taj Mehmood Amroti اي ماڻھؤ ھڪ مثال بيان ڪجي ٿو اُھو اوھين ٻڌو، بيشڪ الله کانسواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي ڪا مَک پيدا نه ڪندا آھن توڻيڪ اُن (جي بڻائڻ) لاءِ گھڻا گڏ ٿين، ۽ جيڪڏھن مَک کانئن ڪا شيء وٺي ته اُھا کانئس ڇڏائي نه سگھندا، طالب ۽ مطلوب (پوڄارا ۽ بت ٻئي) ھيڻا آھن.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
مَا قَدَرُوا۟ ٱللَّهَ حَقَّ قَدْرِهِۦٓ إِنَّ ٱللَّهَ لَقَوِىٌّ عَزِيزٌ
Taj Mehmood Amroti جھڙو الله جو قدر آھي (تھڙو) سندس قدر بجاءِ نه آندائون، بيشڪ الله ڏاڍو غالب آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
ٱللَّهُ يَصْطَفِى مِنَ ٱلْمَلَٰٓئِكَةِ رُسُلًا وَمِنَ ٱلنَّاسِ إِنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌۢ بَصِيرٌ
Taj Mehmood Amroti الله ملائڪن ۽ ماڻھن مان پيغام پھچائڻ وارا چونڊيندو آھي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڏسندڙ آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَعْلَمُ مَا بَيْنَ أَيْدِيهِمْ وَمَا خَلْفَهُمْ وَإِلَى ٱللَّهِ تُرْجَعُ ٱلْأُمُورُ
Taj Mehmood Amroti جيڪي سندن اڳيان ۽ سندن پويان آھي سو الله ڄاڻندو آھي، ۽ الله ڏانھن سڀ ڪم موٽايا وڃن ٿا.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱرْكَعُوا۟ وَٱسْجُدُوا۟ وَٱعْبُدُوا۟ رَبَّكُمْ وَٱفْعَلُوا۟ ٱلْخَيْرَ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ
Taj Mehmood Amroti اي ايمان وارؤ رڪوع ڪريو ۽ سجدو ڪريو ۽ پنھنجي پالڻھار جي عبادت ڪريو ۽ چڱا ڪم ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
وَجَٰهِدُوا۟ فِى ٱللَّهِ حَقَّ جِهَادِهِۦ هُوَ ٱجْتَبَىٰكُمْ وَمَا جَعَلَ عَلَيْكُمْ فِى ٱلدِّينِ مِنْ حَرَجٍ مِّلَّةَ أَبِيكُمْ إِبْرَٰهِيمَ هُوَ سَمَّىٰكُمُ ٱلْمُسْلِمِينَ مِن قَبْلُ وَفِى هَٰذَا لِيَكُونَ ٱلرَّسُولُ شَهِيدًا عَلَيْكُمْ وَتَكُونُوا۟ شُهَدَآءَ عَلَى ٱلنَّاسِ فَأَقِيمُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ وَءَاتُوا۟ ٱلزَّكَوٰةَ وَٱعْتَصِمُوا۟ بِٱللَّهِ هُوَ مَوْلَىٰكُمْ فَنِعْمَ ٱلْمَوْلَىٰ وَنِعْمَ ٱلنَّصِيرُ
Taj Mehmood Amroti ۽ الله (جي دين) ۾ اھڙو جھاد ڪريو جھڙو اُن جي جھاد جو حق آھي، اُنھيءَ اوھان کي پسند ڪيو ۽ اوھان تي دين ۾ ڪا اوکائي نه ڪيائين، اوھان جي پيءُ ابراھيم جو دين (اوھان جو دين ڪيائين)، الله اوھان جو نالو ھن کان اڳ ۽ ھن (قرآن) ۾ مسلمان ھن لاءِ رکيو آھي ته پيغمبر (ﷴ رسُول ﷺ) اوھان تي شاھد ھجي ۽ اوھين ماڻھن تي شاھد ھجو، پوءِ نماز پڙھو ۽ زڪوٰة ڏيو ۽ الله کي چنبڙي وٺو، (جو) اُھو اوھان جو سائين آھي، پوءِ چڱو سائين ۽ چڱو مددگار آھي.
هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →
→ سورة الأنبياء
سورة المؤمنون ←
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
→
Arabic text and translations via Tanzil and QuranEnc — verbatim, unmodified · Translations belong to their translators and are not the Qur'an itself
هي تحقيق جو مددگار آهي، فتويٰ جو ذريعو ناهي.