caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الأعراف الأعراف

٢٠٦ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ٣٩

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ الٓمٓصٓ

Taj Mehmood Amrotiالٓمّٓصٓ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كِتَٰبٌ أُنزِلَ إِلَيْكَ فَلَا يَكُن فِى صَدْرِكَ حَرَجٌ مِّنْهُ لِتُنذِرَ بِهِۦ وَذِكْرَىٰ لِلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر ھيء) ڪتاب توڏانھن لاٿو ويو ته ساڻس (ماڻھن) کي ڊيڄارين تنھنڪري ان بابت تنھنجي سيني ۾ ڪا اوکائي ٿيڻ نه گھرجي ۽ مؤمنن لاءِ نصيحت آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱتَّبِعُوا۟ مَآ أُنزِلَ إِلَيْكُم مِّن رَّبِّكُمْ وَلَا تَتَّبِعُوا۟ مِن دُونِهِۦٓ أَوْلِيَآءَ قَلِيلًا مَّا تَذَكَّرُونَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي اوھان ڏانھن اوھان جي پالڻھار کان لاٿو ويو تنھن جي پيروي ڪريو ۽ اُن (الله) کانسواءِ ٻـين دوستن جي پيروي نه ڪريو، اوھان (تمام) ٿوري نصيحت وٺندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَكَم مِّن قَرْيَةٍ أَهْلَكْنَٰهَا فَجَآءَهَا بَأْسُنَا بَيَٰتًا أَوْ هُمْ قَآئِلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ گھڻا ئي ڳوٺ ھئا جي ويران ڪياسون پوءِ (يا) راتوواہ (سمھڻ مھل) اُنھن کي اسان جو عذاب پُھتو يا اُھي منجھند جو ننڊ ڪرڻ وارا ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَا كَانَ دَعْوَىٰهُمْ إِذْ جَآءَهُم بَأْسُنَآ إِلَّآ أَن قَالُوٓا۟ إِنَّا كُنَّا ظَٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن کين اسان جو عذاب پھتو (تڏھن) سندن پڪار ھن چوڻ کانسواءِ نه ھئي ته اسين پاڻ تي ظلم ڪندا ھواسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَنَسْـَٔلَنَّ ٱلَّذِينَ أُرْسِلَ إِلَيْهِمْ وَلَنَسْـَٔلَنَّ ٱلْمُرْسَلِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جن ڏانھن پيغمبر موڪليا ويا تن کان (به) ضرور پُڇنداسون ۽ پيغمبرن کان (به) ضرور پُڇنداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَنَقُصَّنَّ عَلَيْهِم بِعِلْمٍ وَمَا كُنَّا غَآئِبِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (سندن ڪرتوت) مٿن علم سان بيان ڪنداسون ۽ اسين پري نه ھواسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلْوَزْنُ يَوْمَئِذٍ ٱلْحَقُّ فَمَن ثَقُلَتْ مَوَٰزِينُهُۥ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُن ڏينھن (عملن جي) تور سچ آھي، پوءِ جن جا تراڙا ڳرا ٿيا سي ئي ڇُٽل آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَنْ خَفَّتْ مَوَٰزِينُهُۥ فَأُو۟لَٰٓئِكَ ٱلَّذِينَ خَسِرُوٓا۟ أَنفُسَهُم بِمَا كَانُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا يَظْلِمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جن جا تراڙا ھلڪا ٿيا سي اُھي آھن جن پاڻ کي انھيءَ سببان ڇيئو لاتو جو اسان جي آيتن بابت انڪار ڪندا ھئا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ مَكَّنَّٰكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ وَجَعَلْنَا لَكُمْ فِيهَا مَعَٰيِشَ قَلِيلًا مَّا تَشْكُرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اوھان کي زمين ۾ ٽڪايوسون ۽ منجھس اوھان لاءِ گذران (جو اُپاءُ) رکيوسون، (پر اوھين) ٿورو شڪر ڪندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ خَلَقْنَٰكُمْ ثُمَّ صَوَّرْنَٰكُمْ ثُمَّ قُلْنَا لِلْمَلَٰٓئِكَةِ ٱسْجُدُوا۟ لِـَٔادَمَ فَسَجَدُوٓا۟ إِلَّآ إِبْلِيسَ لَمْ يَكُن مِّنَ ٱلسَّٰجِدِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اوھان کي پيدا ڪيوسون وري اوھان جي شڪل بڻائي سون وري ملائڪن کي چيوسون ته آدم کي سجدو ڪريو، پوءِ شيطان کانسواءِ (ٻـين) سجدو ڪيو، شيطان سجدي ڪندڙن مان نه ٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ مَا مَنَعَكَ أَلَّا تَسْجُدَ إِذْ أَمَرْتُكَ قَالَ أَنَا۠ خَيْرٌ مِّنْهُ خَلَقْتَنِى مِن نَّارٍ وَخَلَقْتَهُۥ مِن طِينٍ

Taj Mehmood Amroti(الله) چيو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪھڙي (ڳالھ) جھليو؟ جڏھن ته توکي حُڪم (به) ڪيم، چيائين ته آءٌ کانئس ڀلو آھيان، مون کي باہ مان پيدا ڪيو اٿئي ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ فَٱهْبِطْ مِنْهَا فَمَا يَكُونُ لَكَ أَن تَتَكَبَّرَ فِيهَا فَٱخْرُجْ إِنَّكَ مِنَ ٱلصَّٰغِرِينَ

Taj Mehmood Amroti(الله) چيو ته اُن (آسمان) مان ھيٺ لھي وڃ توکي منجھس وڏائي ڪرڻ نه جڳائيندي آھي تنھنڪري (تون) نِڪر ڇوته تون خوار ٿيلن مان آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ أَنظِرْنِىٓ إِلَىٰ يَوْمِ يُبْعَثُونَ

Taj Mehmood Amrotiچيائين ته قيامت جي ڏينھن تائين مون کي مُھلت ڏي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ إِنَّكَ مِنَ ٱلْمُنظَرِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائين ته تون مُھلت ڏنلن مان آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ فَبِمَآ أَغْوَيْتَنِى لَأَقْعُدَنَّ لَهُمْ صِرَٰطَكَ ٱلْمُسْتَقِيمَ

Taj Mehmood Amrotiچيائين انھيءَ سببان جو تو مونکي گمراہ ڪيو (آءٌ ته) ماڻھن لاءِ تنھنجي سڌي واٽ تي ضرور وھندس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ لَـَٔاتِيَنَّهُم مِّنۢ بَيْنِ أَيْدِيهِمْ وَمِنْ خَلْفِهِمْ وَعَنْ أَيْمَٰنِهِمْ وَعَن شَمَآئِلِهِمْ وَلَا تَجِدُ أَكْثَرَهُمْ شَٰكِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ سندن اڳيان ۽ سندن پوئتان ۽ سندن سڄي پاسي کان ۽ سندن کٻي پاسي کان وٽن ايندس، ۽ منجھائن گھڻا شڪر ڪندڙ نه لھندين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ ٱخْرُجْ مِنْهَا مَذْءُومًا مَّدْحُورًا لَّمَن تَبِعَكَ مِنْهُمْ لَأَمْلَأَنَّ جَهَنَّمَ مِنكُمْ أَجْمَعِينَ

Taj Mehmood Amroti(الله) فرمايو ته تون آسمانن مان خوار (۽) تڙيل ٿي نڪري وڃ، انھن مان جيڪو تنھنجي تابعداري ڪندو (تنھنکي ۽ توکي دوزخ ۾ وجھي) اوھان مڙني مان دوزخ ضرور ڀريندس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَيَٰٓـَٔادَمُ ٱسْكُنْ أَنتَ وَزَوْجُكَ ٱلْجَنَّةَ فَكُلَا مِنْ حَيْثُ شِئْتُمَا وَلَا تَقْرَبَا هَٰذِهِ ٱلشَّجَرَةَ فَتَكُونَا مِنَ ٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ (چيوسون ته) اي آدم تون ۽ تنھنجي زال بھشت ۾ وڃي رھو ۽ (جيڪي وڻيوَ سو) جتان وڻيوَ تِتان کائو ۽ ھن وڻ کي ويجھا نه وڃو نه ته ظالمن مان ٿيندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَوَسْوَسَ لَهُمَا ٱلشَّيْطَٰنُ لِيُبْدِىَ لَهُمَا مَا وُۥرِىَ عَنْهُمَا مِن سَوْءَٰتِهِمَا وَقَالَ مَا نَهَىٰكُمَا رَبُّكُمَا عَنْ هَٰذِهِ ٱلشَّجَرَةِ إِلَّآ أَن تَكُونَا مَلَكَيْنِ أَوْ تَكُونَا مِنَ ٱلْخَٰلِدِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ شيطان انھن کي ھن لاءِ وسوسو وڌو ته سندن اوگھڙن مان جيڪي ڍڪيل ھو سو اُنھن لاءِ پڌرو ڪري ۽ چيائين ته اوھان جي پالڻھار اوھان کي ھن وڻ کان رڳو ھن ڪري جھليو آھي ته (متان) اوھين ملائڪ ٿي پئو يا (اُن ۾) سدائين رھڻ وارا ٿي پئو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَاسَمَهُمَآ إِنِّى لَكُمَا لَمِنَ ٱلنَّٰصِحِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ سُنھن کڻي انھن کي چيائين ته آءٌ (ته) اوھان جو خيرخواہ آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَدَلَّىٰهُمَا بِغُرُورٍ فَلَمَّا ذَاقَا ٱلشَّجَرَةَ بَدَتْ لَهُمَا سَوْءَٰتُهُمَا وَطَفِقَا يَخْصِفَانِ عَلَيْهِمَا مِن وَرَقِ ٱلْجَنَّةِ وَنَادَىٰهُمَا رَبُّهُمَآ أَلَمْ أَنْهَكُمَا عَن تِلْكُمَا ٱلشَّجَرَةِ وَأَقُل لَّكُمَآ إِنَّ ٱلشَّيْطَٰنَ لَكُمَا عَدُوٌّ مُّبِينٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُنھن کي ٺڳيءَ سان لاڙي وڌائين، پوءِ جنھن مھل وڻ مان چکيائون (ته) سندين اوگھڙ کين پڌري ٿي پئي ۽ بھشت جي وڻ مان پن ھڪ ٻئي سان ڳنڍي پاڻ تي ويڙھڻ لڳا، ۽ سندن پالڻھار انھن کي سڏيو (۽ چيائين ته) اوھان کي ھن وڻ کان نه جھليو ھوم ڇا؟ ۽ اوھان کي نه چيو ھوم ڇا ته شيطان اوھان جو پڌرو ويري آھي؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَا رَبَّنَا ظَلَمْنَآ أَنفُسَنَا وَإِن لَّمْ تَغْفِرْ لَنَا وَتَرْحَمْنَا لَنَكُونَنَّ مِنَ ٱلْخَٰسِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته اي اسان جا پالڻھار اسان پاڻ تي ظلم ڪيو آھي ۽ جيڪڏھن (تون) اسان کي نه بخشيندين ۽ اسان تي ٻاجھ نه ڪندين ته ضرور ڇيئي وارن مان ٿينداسين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ ٱهْبِطُوا۟ بَعْضُكُمْ لِبَعْضٍ عَدُوٌّ وَلَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ مُسْتَقَرٌّ وَمَتَٰعٌ إِلَىٰ حِينٍ

Taj Mehmood Amroti(الله) فرمايو ته ھيٺ لھي وڃو اوھين پاڻ ۾ ھڪ ٻئي جا ويري آھيو، ۽ اوھان لاءِ زمين ۾ رھڻ جو ھنڌ ۽ (گذران جو) سامان (ھڪ) وقت تائين (ٺھرايل) آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ فِيهَا تَحْيَوْنَ وَفِيهَا تَمُوتُونَ وَمِنْهَا تُخْرَجُونَ

Taj Mehmood Amroti(الله) چيو ته اوھين ان ۾ حياتي گذاريندؤ ۽ منجھس مرندؤ ۽ منجھانئس (جيئرا ٿي) نڪرندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰبَنِىٓ ءَادَمَ قَدْ أَنزَلْنَا عَلَيْكُمْ لِبَاسًا يُوَٰرِى سَوْءَٰتِكُمْ وَرِيشًا وَلِبَاسُ ٱلتَّقْوَىٰ ذَٰلِكَ خَيْرٌ ذَٰلِكَ مِنْ ءَايَٰتِ ٱللَّهِ لَعَلَّهُمْ يَذَّكَّرُونَ

Taj Mehmood Amrotiاي آدم جي اولاد تحقيق اوھان تي ھڪ پوشاڪ بيشڪ لاٿي سون جا اوھان جي اوگھڙن کي ڍڪيندي ۽ سينگار جا ڪپڙا، ۽ پرھيزگاري جي پوشاڪ اھا (سڀني کان) ڀلي آھي، اھا الله جي نشانين مان آھي مانَ اُھي نصيحت وٺن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰبَنِىٓ ءَادَمَ لَا يَفْتِنَنَّكُمُ ٱلشَّيْطَٰنُ كَمَآ أَخْرَجَ أَبَوَيْكُم مِّنَ ٱلْجَنَّةِ يَنزِعُ عَنْهُمَا لِبَاسَهُمَا لِيُرِيَهُمَا سَوْءَٰتِهِمَآ إِنَّهُۥ يَرَىٰكُمْ هُوَ وَقَبِيلُهُۥ مِنْ حَيْثُ لَا تَرَوْنَهُمْ إِنَّا جَعَلْنَا ٱلشَّيَٰطِينَ أَوْلِيَآءَ لِلَّذِينَ لَا يُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiاي آدم جا اولاد شيطان اوھان کي اھڙيءَ طرح خرابيءَ ۾ نه وجھي جھڙي طرح اوھان جي ماءُ پيءُ کي بھشت مان ٻاھر ڪڍيائين جو سندين پوشاڪ کانئن ھن لاءِ ڇڪي لاٿائين ٿي ته کين سندين اوگھڙ ڏيکاري، سچ آھي ته اُھو پاڻ ۽ سندس لشڪر جتان اوھين انھن کي نه ڏسي سگھندا آھيو (تِتان اُھي) اوھان کي ڏسندا آھن، جيڪي نه مڃيندا آھن تن جو اسان شيطانن کي دوست بڻايو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا فَعَلُوا۟ فَٰحِشَةً قَالُوا۟ وَجَدْنَا عَلَيْهَآ ءَابَآءَنَا وَٱللَّهُ أَمَرَنَا بِهَا قُلْ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يَأْمُرُ بِٱلْفَحْشَآءِ أَتَقُولُونَ عَلَى ٱللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (پڻ انھن جا دوست جي) جڏھن ڪو بي حيائي جو ڪم ڪن ٿا (ته) چون ٿا ته اُن (واٽ) تي اسان جا ابا ڏاڏا (ھلندا) ڏٺاسون ۽ الله اسانکي اُنھن (جي ڪرڻ) جو حُڪم ڪيو آھي، (اي پيغمبر کين) چؤ ته بيشڪ الله بيحيائيءَ جي ڪمن جو حُڪم نه ڪندو آھي، اوھين الله تي (اھو ڪوڙ) ڇو چوندا آھيو جنھن جي (سند) اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ أَمَرَ رَبِّى بِٱلْقِسْطِ وَأَقِيمُوا۟ وُجُوهَكُمْ عِندَ كُلِّ مَسْجِدٍ وَٱدْعُوهُ مُخْلِصِينَ لَهُ ٱلدِّينَ كَمَا بَدَأَكُمْ تَعُودُونَ

Taj Mehmood Amrotiچؤ ته منھنجي پالڻھار انصاف جو حُڪم ڪيو آھي، ۽ (حُڪم ڪيو اٿس ته) پنھنجا مُنھن سڀڪنھن نماز مھل (الله ڏانھن) سِڌا ڪريو ۽ اُن لاءِ سچا فرمانبردار ٿي سندس عبادت ڪريو، جئن پھريون اوھان کي پيدا ڪيائين تئن (اوھين) موٽندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَرِيقًا هَدَىٰ وَفَرِيقًا حَقَّ عَلَيْهِمُ ٱلضَّلَٰلَةُ إِنَّهُمُ ٱتَّخَذُوا۟ ٱلشَّيَٰطِينَ أَوْلِيَآءَ مِن دُونِ ٱللَّهِ وَيَحْسَبُونَ أَنَّهُم مُّهْتَدُونَ

Taj Mehmood Amrotiھڪ ٽوليءَ کي ھدايت ڪيائين ۽ ٻي ٽوليءَ تي گمراھي لازم ٿي چڪي آھي، ڇوته اُنھن الله کانسواءِ شيطانن کي مددگار ڪري ورتو آھي ۽ ڀائيندا آھن ته پاڻ ھدايت وارا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰبَنِىٓ ءَادَمَ خُذُوا۟ زِينَتَكُمْ عِندَ كُلِّ مَسْجِدٍ وَكُلُوا۟ وَٱشْرَبُوا۟ وَلَا تُسْرِفُوٓا۟ إِنَّهُۥ لَا يُحِبُّ ٱلْمُسْرِفِينَ

Taj Mehmood Amrotiاي آدم جا اولاد سڀڪنھن نماز مھل پنھنجي زينت (جي پوشاڪ) ڍڪيو ۽ کائو ۽ پيئو ۽ اجايو نه وڃايو، ڇوته الله اجائي وڃائيندڙن کي دوست نه رکندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ مَنْ حَرَّمَ زِينَةَ ٱللَّهِ ٱلَّتِىٓ أَخْرَجَ لِعِبَادِهِۦ وَٱلطَّيِّبَٰتِ مِنَ ٱلرِّزْقِ قُلْ هِىَ لِلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا خَالِصَةً يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ كَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ ٱلْـَٔايَٰتِ لِقَوْمٍ يَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) چؤ ته الله جي (بڻايل) زينت جيڪا جيڪا پنھنجن ٻانھن لاءِ پيدا ڪئي اٿس ۽ روزيءَ مان سٺيون شيون ڪنھن حرام ڪيون آھن؟ چؤ ته اُھي (شيون) دُنيا جي حياتي ۾ (۽) خلاصيون قيامت جي ڏينھن مؤمنن لاءِ آھن، اھڙيءَ طرح جا قوم ڄڻندي آھي تنھن لاءِ نشانيون بيان ڪندا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ إِنَّمَا حَرَّمَ رَبِّىَ ٱلْفَوَٰحِشَ مَا ظَهَرَ مِنْهَا وَمَا بَطَنَ وَٱلْإِثْمَ وَٱلْبَغْىَ بِغَيْرِ ٱلْحَقِّ وَأَن تُشْرِكُوا۟ بِٱللَّهِ مَا لَمْ يُنَزِّلْ بِهِۦ سُلْطَٰنًا وَأَن تَقُولُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) چؤ ته منھنجي پالڻھار بي حيائيءَ جي ڪمن مان جيڪي پڌرو ھجي ۽ جيڪي ڳجھو ھجي ۽ (سڀ) گناہ ۽ ناحق حد کان لنگھڻ ۽ اھڙي شيء کي اوھان جو الله سان شريڪ ڪرڻ جنھن بابت ڪا حُجّت نه لاٿي اٿس ۽ جيڪي نه ڄاڻندا آھيو سو اوھان جو الله تي چوڻ اھي ئي حرام ڪيون آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلِكُلِّ أُمَّةٍ أَجَلٌ فَإِذَا جَآءَ أَجَلُهُمْ لَا يَسْتَأْخِرُونَ سَاعَةً وَلَا يَسْتَقْدِمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ ھر ڪنھن اُمّت جو ھڪ وقت ٺھرايل آھي، پوءِ جڏھن سندن مُدّت پھچندي (ته) ھڪ گھڙي نڪي دير ڪندا ۽ نڪي اڳڀرو ويندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰبَنِىٓ ءَادَمَ إِمَّا يَأْتِيَنَّكُمْ رُسُلٌ مِّنكُمْ يَقُصُّونَ عَلَيْكُمْ ءَايَٰتِى فَمَنِ ٱتَّقَىٰ وَأَصْلَحَ فَلَا خَوْفٌ عَلَيْهِمْ وَلَا هُمْ يَحْزَنُونَ

Taj Mehmood Amroti(چيو ويو ته) اي آدم جا اولاد جيڪڏھن اوھان وٽ اوھان مان پيغمبر اچن (جي) اوھان کي منھنجون آيتون پڙھي ٻڌائين ته جيڪي ڊڄندا ۽ پاڻ سڌاريندا تن کي نڪي ڀؤ آھي ۽ نڪي اُھي غمگين رھندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا وَٱسْتَكْبَرُوا۟ عَنْهَآ أُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلنَّارِ هُمْ فِيهَا خَٰلِدُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ ان جي (قبولڻ) کان وڏائي ڪئي سي دوزخي آھن، اُھي اُن ۾ سدائين رھڻ وارا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَمَنْ أَظْلَمُ مِمَّنِ ٱفْتَرَىٰ عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا أَوْ كَذَّبَ بِـَٔايَٰتِهِۦٓ أُو۟لَٰٓئِكَ يَنَالُهُمْ نَصِيبُهُم مِّنَ ٱلْكِتَٰبِ حَتَّىٰٓ إِذَا جَآءَتْهُمْ رُسُلُنَا يَتَوَفَّوْنَهُمْ قَالُوٓا۟ أَيْنَ مَا كُنتُمْ تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ قَالُوا۟ ضَلُّوا۟ عَنَّا وَشَهِدُوا۟ عَلَىٰٓ أَنفُسِهِمْ أَنَّهُمْ كَانُوا۟ كَٰفِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiجنھن الله تي ڪوڙو ٺاھ ٺاھيو يا سندس آيتن کي ڪوڙ ڀانيو تنھن کان وڌيڪ ظالم ڪير آھي؟ اُنھن کي (لوح محفوظ ۾) لکيل مان سندن حِصّو (سُک ۽ ڏُک جو) ملندو رھندو، ايتري قدر جو جنھن مھل اسان جا قاصد (ملائڪ) سندن رُوح ڪڍڻ لاءِ ايندا چوندا ته اوھين الله کانسواءِ جن کي سڏيندا ھيؤ سي ڪٿي آھن؟ (تنھن مھل چوندا) ته اسان کان لڪي ويا ۽ پاڻ تي شاھدي ڏيندا ته پاڻ ڪافر ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ ٱدْخُلُوا۟ فِىٓ أُمَمٍ قَدْ خَلَتْ مِن قَبْلِكُم مِّنَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ فِى ٱلنَّارِ كُلَّمَا دَخَلَتْ أُمَّةٌ لَّعَنَتْ أُخْتَهَا حَتَّىٰٓ إِذَا ٱدَّارَكُوا۟ فِيهَا جَمِيعًا قَالَتْ أُخْرَىٰهُمْ لِأُولَىٰهُمْ رَبَّنَا هَٰٓؤُلَآءِ أَضَلُّونَا فَـَٔاتِهِمْ عَذَابًا ضِعْفًا مِّنَ ٱلنَّارِ قَالَ لِكُلٍّ ضِعْفٌ وَلَٰكِن لَّا تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti(الله) چوندو ته اُنھي ٽولي سان دوزخ ۾ گھڙو جيڪي اوھان کان اڳ جنن ۽ ماڻھن مان گذري ويا، جنھن مھل ھڪ ٽولي پئي گھڙندي تنھن مھل پنھنجي سنگت تي لعنت پئي ڪندي، تان جو جڏھن منجھس مڙئي گھڙندا ته (اُن وقت) سندين پوئين ٽولي پنھنجي پھرين ٽوليءَ لاءِ چوندي ته اي اسانجا پالڻھار ھنن اسان کي گمراہ ڪيو ھو تنھنڪري اُنھن کي باھ جو ٻيڻو عذاب ڏي، (الله) چوندو ته سڀڪنھن لاءِ ٻيڻو عذاب آھي پر اوھين نه ٿا ڄاڻو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالَتْ أُولَىٰهُمْ لِأُخْرَىٰهُمْ فَمَا كَانَ لَكُمْ عَلَيْنَا مِن فَضْلٍ فَذُوقُوا۟ ٱلْعَذَابَ بِمَا كُنتُمْ تَكْسِبُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ منجھانئن پھرين (ٽولي) اُنھن مان پوئينءَ لاءِ چوندي ته اسان تي اوھان جي ڪا وڏائي نه آھي تنھنڪري جيڪي ڪمايو ھيؤ تنھن سببان عذاب (جو مزو) چکو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا وَٱسْتَكْبَرُوا۟ عَنْهَا لَا تُفَتَّحُ لَهُمْ أَبْوَٰبُ ٱلسَّمَآءِ وَلَا يَدْخُلُونَ ٱلْجَنَّةَ حَتَّىٰ يَلِجَ ٱلْجَمَلُ فِى سَمِّ ٱلْخِيَاطِ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُجْرِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiجن اسان جي حُڪمن کي ڪوڙ ڀانيو ۽ کانئن وڏائي ڪئي تن لاءِ آسمان جا دروازا نه کوليا ويندا ۽ نڪي ايستائين بھشت ۾ گھڙندا جيستائين اُٺ سُئي جي پاکي مان لنگھي، ۽ اھڙي طرح ڏوھارين کي سزا ڏيندا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَهُم مِّن جَهَنَّمَ مِهَادٌ وَمِن فَوْقِهِمْ غَوَاشٍ وَكَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiاُنھن لاءِ وڇاڻو (به) دوزخ جو ھوندو ۽ سندن مٿان پوش (به دوزخ جو) رھندو، ۽ اھڙي طرح ظالمن کي سزا ڏيندا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَعَمِلُوا۟ ٱلصَّٰلِحَٰتِ لَا نُكَلِّفُ نَفْسًا إِلَّا وُسْعَهَآ أُو۟لَٰٓئِكَ أَصْحَٰبُ ٱلْجَنَّةِ هُمْ فِيهَا خَٰلِدُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا ڪنھن ماڻھوءَ کي سندس وس کان وڌيڪ تڪليف ڏيندا ئي نه آھيون، اُھي بھشتي آھن، اُھي منجھس سدائين رھڻ وارا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَنَزَعْنَا مَا فِى صُدُورِهِم مِّنْ غِلٍّ تَجْرِى مِن تَحْتِهِمُ ٱلْأَنْهَٰرُ وَقَالُوا۟ ٱلْحَمْدُ لِلَّهِ ٱلَّذِى هَدَىٰنَا لِهَٰذَا وَمَا كُنَّا لِنَهْتَدِىَ لَوْلَآ أَنْ هَدَىٰنَا ٱللَّهُ لَقَدْ جَآءَتْ رُسُلُ رَبِّنَا بِٱلْحَقِّ وَنُودُوٓا۟ أَن تِلْكُمُ ٱلْجَنَّةُ أُورِثْتُمُوهَا بِمَا كُنتُمْ تَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪو غير سندين دلين ۾ ھوندو سو ڪڍي ڇڏينداسون سندين (ماڙين جي) ھيٺان واھيون پيون وھنديون، ۽ چوندا ته سڀ ساراہ انھي کي جڳائي جنھن اسان کي ھن (بھشت) ڏانھن رستو لاتو، جيڪڏھن الله اسان کي ھدايت نه ڪري ھا ته ڪڏھن اسين ھدايت نه لھون ھا، بيشڪ اسان وٽ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ وٺي آيا، ۽ سڏيو ويندو ته ھي بھشت (اوھان کي ڏنو ويو) اُن جا اُنھيءَ سببان (اوھين) وارث آھيو جو (چڱائي) ڪندا ھيؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَنَادَىٰٓ أَصْحَٰبُ ٱلْجَنَّةِ أَصْحَٰبَ ٱلنَّارِ أَن قَدْ وَجَدْنَا مَا وَعَدَنَا رَبُّنَا حَقًّا فَهَلْ وَجَدتُّم مَّا وَعَدَ رَبُّكُمْ حَقًّا قَالُوا۟ نَعَمْ فَأَذَّنَ مُؤَذِّنٌۢ بَيْنَهُمْ أَن لَّعْنَةُ ٱللَّهِ عَلَى ٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ بھشتي دوزخين کي سڏيندا (۽ چوندا) ته اسان جي پالڻھار اسان سان جيڪي انجام ڪيو ھو سو بيشڪ سچو لڌوسون پوءِ اوھان جي پالڻھار اوھان سان جيڪو انجام ڪيو ھو سو سچو (نه) لڌوَ ڇا؟ چوندا ته ھائو! پوءِ سڏيندڙ سندن وچ ۾ سڏيندو ته اُنھن ظالمن تي الله جي لعنت آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ يَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ وَيَبْغُونَهَا عِوَجًا وَهُم بِٱلْـَٔاخِرَةِ كَٰفِرُونَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي الله جي واٽ کان (ماڻھن کي) جھليندا رھيا ۽ ان جي واٽ جي ڏنگائي گھرندا رھيا، ۽ اُھي آخرت کي نه مڃيندڙ ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَبَيْنَهُمَا حِجَابٌ وَعَلَى ٱلْأَعْرَافِ رِجَالٌ يَعْرِفُونَ كُلًّۢا بِسِيمَىٰهُمْ وَنَادَوْا۟ أَصْحَٰبَ ٱلْجَنَّةِ أَن سَلَٰمٌ عَلَيْكُمْ لَمْ يَدْخُلُوهَا وَهُمْ يَطْمَعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ سندن وچ ۾ پردو ڪيو ويندو، ۽ اَعراف ۾ اھڙا ماڻھو ھوندا جو سڀڪنھن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا، ۽ بھشتين کي سڏي اَلسّلَامُ عَلَيۡڪُمۡ چوندا، (اڃا) اُن ۾ (پاڻ) نه گھڙيا ھوندا ۽ اُھي اميدوار ھوندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا صُرِفَتْ أَبْصَٰرُهُمْ تِلْقَآءَ أَصْحَٰبِ ٱلنَّارِ قَالُوا۟ رَبَّنَا لَا تَجْعَلْنَا مَعَ ٱلْقَوْمِ ٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن سندن اکيون دوزخين ڏانھن ڦيرايون وينديون (ته) چوندا اي اسان جا پالڻھار اسان کي ظالم ٽوليءَ سان گڏ نه ڪر.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَنَادَىٰٓ أَصْحَٰبُ ٱلْأَعْرَافِ رِجَالًا يَعْرِفُونَهُم بِسِيمَىٰهُمْ قَالُوا۟ مَآ أَغْنَىٰ عَنكُمْ جَمْعُكُمْ وَمَا كُنتُمْ تَسْتَكْبِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اَعراف وارا جن مُڙسن کي سندين پيشانين مان سڃاڻندا تن کي سڏيندا چوندا ته اوھان جيڪي گڏ ڪيو ھو سو ۽ جيڪا وڏائي ڪندا ھيؤ تنھن اوھان کان ڪجھ به نه ٽاريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَهَٰٓؤُلَآءِ ٱلَّذِينَ أَقْسَمْتُمْ لَا يَنَالُهُمُ ٱللَّهُ بِرَحْمَةٍ ٱدْخُلُوا۟ ٱلْجَنَّةَ لَا خَوْفٌ عَلَيْكُمْ وَلَآ أَنتُمْ تَحْزَنُونَ

Taj Mehmood Amrotiھيءُ اُھي (ماڻھو) آھن ڇا جن لاءِ اوھين (دنيا ۾) قسم کڻندا ھيؤ ته الله مٿن ٻاجھ نه ڪندو، (کين چئبو ته) بھشت ۾ گھڙو اوھان کي ڪو ڀؤ نه آھي ۽ نڪي اوھين غمگين رھندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَنَادَىٰٓ أَصْحَٰبُ ٱلنَّارِ أَصْحَٰبَ ٱلْجَنَّةِ أَنْ أَفِيضُوا۟ عَلَيْنَا مِنَ ٱلْمَآءِ أَوْ مِمَّا رَزَقَكُمُ ٱللَّهُ قَالُوٓا۟ إِنَّ ٱللَّهَ حَرَّمَهُمَا عَلَى ٱلْكَٰفِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ دوزخي بھشتين کي سڏيندا (چوندا) ته ڪجھ پاڻي اسان تي پلٽيو يا الله اوھان کي جيڪي رزق ڏنو آھي تنھن مان (ڪجھ ڏيو)، چوندا ته اُھي ٻئي ڪافرن تي الله حرام ڪيا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ دِينَهُمْ لَهْوًا وَلَعِبًا وَغَرَّتْهُمُ ٱلْحَيَوٰةُ ٱلدُّنْيَا فَٱلْيَوْمَ نَنسَىٰهُمْ كَمَا نَسُوا۟ لِقَآءَ يَوْمِهِمْ هَٰذَا وَمَا كَانُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا يَجْحَدُونَ

Taj Mehmood Amrotiجن پنھنجي دين کي کِل ۽ راند ڪري ورتو ۽ انھن کي دُنيا جي حياتي ٺڳيو، پوءِ اُنھن کي اڄ ايئن وساريوسون جئن (اُنھن) منھنجي ھن ڏينھن جي ملڻ کي وساريو ھو ۽ (جئن) اسان جي آيتن جو انڪار ڪندا ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ جِئْنَٰهُم بِكِتَٰبٍ فَصَّلْنَٰهُ عَلَىٰ عِلْمٍ هُدًى وَرَحْمَةً لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ انھن کي ھڪ ڪتاب ڏنوسون جنھن کي دانائيءَ سان کولي بيان ڪيوسون (۽) اُنھيءَ قوم لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ آھي جي مڃيندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هَلْ يَنظُرُونَ إِلَّا تَأْوِيلَهُۥ يَوْمَ يَأْتِى تَأْوِيلُهُۥ يَقُولُ ٱلَّذِينَ نَسُوهُ مِن قَبْلُ قَدْ جَآءَتْ رُسُلُ رَبِّنَا بِٱلْحَقِّ فَهَل لَّنَا مِن شُفَعَآءَ فَيَشْفَعُوا۟ لَنَآ أَوْ نُرَدُّ فَنَعْمَلَ غَيْرَ ٱلَّذِى كُنَّا نَعْمَلُ قَدْ خَسِرُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ وَضَلَّ عَنْهُم مَّا كَانُوا۟ يَفْتَرُونَ

Taj Mehmood Amroti(ڪافر) ھن کانسواءِ انتظار نه ڪندا آھن ته اُن (جي وعدہ) جي مُراد اچي، جنھن ڏينھن سندس مراد ايندي (تنھن ڏينھن) جن ان کي اڳي وساريو سي چوندا ته بيشڪ اسان جي پالڻھار جا پيغمبر سچ سان آيا، پوءِ (اڄ) اسان لاءِ ڪي سفارش ڪرڻ وارا آھن؟ جو اسان لاءِ پارت ڪن يا وري موٽايا وڃون ته جيڪي (عمل) ڪياسون تن کانسواءِ ٻيا (چڱا) عمل ڪريون، بيشڪ پاڻ کي ڇيئو لاتائون ۽ جيڪو ٺاھ ٺاھيندا ھوا سو کانئن ڀلجي ويو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ رَبَّكُمُ ٱللَّهُ ٱلَّذِى خَلَقَ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضَ فِى سِتَّةِ أَيَّامٍ ثُمَّ ٱسْتَوَىٰ عَلَى ٱلْعَرْشِ يُغْشِى ٱلَّيْلَ ٱلنَّهَارَ يَطْلُبُهُۥ حَثِيثًا وَٱلشَّمْسَ وَٱلْقَمَرَ وَٱلنُّجُومَ مُسَخَّرَٰتٍۭ بِأَمْرِهِۦٓ أَلَا لَهُ ٱلْخَلْقُ وَٱلْأَمْرُ تَبَارَكَ ٱللَّهُ رَبُّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiاوھان جو پالڻھار اھو الله آھي جنھن آسمانن ۽ زمين کي ڇھن ڏينھن ۾ بڻايو وري عرش ڏي متوجه ٿيو، رات کي ڏينھن سان ڍڪيندو آھي ۽ سج ۽ چنڊ ۽ تارا سندس حُڪم سان نوايل آھن، خبردار پيدا ڪرڻ ۽ حُڪم ڪرڻ اُن جو (ڪم) آھي، جھانن جو پالڻھار وڏي برڪت وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱدْعُوا۟ رَبَّكُمْ تَضَرُّعًا وَخُفْيَةً إِنَّهُۥ لَا يُحِبُّ ٱلْمُعْتَدِينَ

Taj Mehmood Amrotiپنھنجي پالڻھار کي زاري ڪندڙ ۽ ڳجھا ٿي سڏيو، ڇوته اُھو حد کان لنگھندڙن کي دوست نه رکندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا تُفْسِدُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ بَعْدَ إِصْلَٰحِهَا وَٱدْعُوهُ خَوْفًا وَطَمَعًا إِنَّ رَحْمَتَ ٱللَّهِ قَرِيبٌ مِّنَ ٱلْمُحْسِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ اوھين مُلڪ ۾ ان جي سڌاري کانپوءِ فساد نه وجھو ۽ اُن (الله) کي (کانئس) ڊڄي ۽ طمع رکي سڏيو، بيشڪ الله جي ٻاجھ ڀلارن کي ويجھي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَهُوَ ٱلَّذِى يُرْسِلُ ٱلرِّيَٰحَ بُشْرًۢا بَيْنَ يَدَىْ رَحْمَتِهِۦ حَتَّىٰٓ إِذَآ أَقَلَّتْ سَحَابًا ثِقَالًا سُقْنَٰهُ لِبَلَدٍ مَّيِّتٍ فَأَنزَلْنَا بِهِ ٱلْمَآءَ فَأَخْرَجْنَا بِهِۦ مِن كُلِّ ٱلثَّمَرَٰتِ كَذَٰلِكَ نُخْرِجُ ٱلْمَوْتَىٰ لَعَلَّكُمْ تَذَكَّرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھو (الله) آھي جو ھوائن کي پنھنجي رحمت (واريءَ برسات) جي اڳيان خوشخبري ڏيندڙ ڪري گھلائيندو آھي، ايتري قدر جو جنھن مھل (اُھي) ڳرن ڪڪرن کي کڻن ٿيون ته انھن کي ڪنھن غير آباد ٿيل ڏيہ ڏانھن روانو ڪريون ٿا پوءِ انھن (ڪڪرن) مان پاڻي وسايون ٿا پوءِ اُن سان ھر جنس جا ميوا ڄمايون ٿا، اھڙي طرح اسين مُئن کي (قبرن مان) ٻاھر ڪڍنداسون ته مانَ اوھين نصيحت وٺو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلْبَلَدُ ٱلطَّيِّبُ يَخْرُجُ نَبَاتُهُۥ بِإِذْنِ رَبِّهِۦ وَٱلَّذِى خَبُثَ لَا يَخْرُجُ إِلَّا نَكِدًا كَذَٰلِكَ نُصَرِّفُ ٱلْـَٔايَٰتِ لِقَوْمٍ يَشْكُرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (جا) سٺي زمين (آھي تنھن) جا سَلا سندس پالڻھار جي حُڪم سان ڄمندا آھن، ۽ جيڪا اَدنىٰ آھي (تنھن جا سَلَا) خراب سَلَن کان سواءِ ٻيا نه ڄمندا آھن، اھڙي طرح جيڪا قوم شُڪرانو ڪندڙ آھي تنھن لاءِ نشانيون طرحين طرحين بيان ڪندا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَقَدْ أَرْسَلْنَا نُوحًا إِلَىٰ قَوْمِهِۦ فَقَالَ يَٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُۥٓ إِنِّىٓ أَخَافُ عَلَيْكُمْ عَذَابَ يَوْمٍ عَظِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ نوح کي سندس قوم ڏانھن پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو اوھان جو خدا نه آھي، آءٌ اوھان تي وڏي ڏينھن جي عذاب (اچڻ) کان ڊڄان ٿو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ ٱلْمَلَأُ مِن قَوْمِهِۦٓ إِنَّا لَنَرَىٰكَ فِى ضَلَٰلٍ مُّبِينٍ

Taj Mehmood Amrotiسندس قوم جي سردارن چيو ته اسين توکي پڌريءَ گمراھيءَ ۾ (پيل) ڏسون ٿا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ يَٰقَوْمِ لَيْسَ بِى ضَلَٰلَةٌ وَلَٰكِنِّى رَسُولٌ مِّن رَّبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائين ته اي منھنجي قوم مون کي ڪا گمراھي ڪانه آھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أُبَلِّغُكُمْ رِسَٰلَٰتِ رَبِّى وَأَنصَحُ لَكُمْ وَأَعْلَمُ مِنَ ٱللَّهِ مَا لَا تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiاوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچائيندو آھيان ۽ اوھان کي نصيحت ڪندو آھيان ۽ الله (جي پار) کان اُھو ڄاڻندو آھيان جيڪي اوھين نه ڄاڻندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوَعَجِبْتُمْ أَن جَآءَكُمْ ذِكْرٌ مِّن رَّبِّكُمْ عَلَىٰ رَجُلٍ مِّنكُمْ لِيُنذِرَكُمْ وَلِتَتَّقُوا۟ وَلَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiاوھان کي (ھن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا ته اوھان جي پالڻھار کان ھڪ سمجھاڻي اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان اوھان وٽ ھِن لاءِ آئي ته اوھان کي ڊيڄاري ۽ تان ته اوھين پرھيزگار ٿيو ۽ ته اوھان تي ٻاجھ ڪئي وڃي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَكَذَّبُوهُ فَأَنجَيْنَٰهُ وَٱلَّذِينَ مَعَهُۥ فِى ٱلْفُلْكِ وَأَغْرَقْنَا ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَآ إِنَّهُمْ كَانُوا۟ قَوْمًا عَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ کيس ڪوڙو ڀانيائون پوءِ اُن کي ۽ جيڪي ساڻس ھُيا تن کي ٻيڙيءَ ۾ بچايوسون ۽ اسان جي آيتن کي جن ڪُوڙ ڄاتو تن کي ٻوڙيوسون، ڇوته اُھا انڌي قوم ھُئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِلَىٰ عَادٍ أَخَاهُمْ هُودًا قَالَ يَٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُۥٓ أَفَلَا تَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ عاد (قوم) ڏانھن سندن ڀاءُ ھود (پيغمبر ڪري موڪليوسون) چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اُن (الله) کانسواءِ ڪو ٻيو اوھان جو خُدا نه آھي، پوءِ ڇونه ڊڄندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ ٱلْمَلَأُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن قَوْمِهِۦٓ إِنَّا لَنَرَىٰكَ فِى سَفَاهَةٍ وَإِنَّا لَنَظُنُّكَ مِنَ ٱلْكَٰذِبِينَ

Taj Mehmood Amrotiسندس قوم مان ڪافرن سردارن چيو ته اسين بلاشڪ توکي بي سمجھيءَ ۾ ڏسندا آھيون ۽ اسين بلاشڪ توکي ڪوڙن مان ڀائيندا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ يَٰقَوْمِ لَيْسَ بِى سَفَاهَةٌ وَلَٰكِنِّى رَسُولٌ مِّن رَّبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائين ته اي منھنجي قوم مونکي ڪابه بي سمجھي ڪونھي پر آءٌ جھانن جي پالڻھار جو موڪليل آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أُبَلِّغُكُمْ رِسَٰلَٰتِ رَبِّى وَأَنَا۠ لَكُمْ نَاصِحٌ أَمِينٌ

Taj Mehmood Amrotiاوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايان آءٌ اوھان لاءِ امين نصيحت ڪندڙ آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوَعَجِبْتُمْ أَن جَآءَكُمْ ذِكْرٌ مِّن رَّبِّكُمْ عَلَىٰ رَجُلٍ مِّنكُمْ لِيُنذِرَكُمْ وَٱذْكُرُوٓا۟ إِذْ جَعَلَكُمْ خُلَفَآءَ مِنۢ بَعْدِ قَوْمِ نُوحٍ وَزَادَكُمْ فِى ٱلْخَلْقِ بَصْۜطَةً فَٱذْكُرُوٓا۟ ءَالَآءَ ٱللَّهِ لَعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ

Taj Mehmood Amroti(ھِن ڳالھ جو) عجب لڳو ڇا جو اوھان جي پالڻھار کان اوھان مان ھڪ مڙس جي ھٿان سمجھاڻي ھن لاءِ اوھان وٽ آئي ته اوھان کي ڊيڄاري؟ ۽ (اوھين اُھو وقت به) ياد ڪريو جڏھن اوھان کي نُوح جي قوم کان پوءِ (سندن) پيڙھي تي وھاريائين ۽ اوھان جي جُسن ۾ سگھ وڌايائين، تنھنڪري الله جون نعمتون ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇٽو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ أَجِئْتَنَا لِنَعْبُدَ ٱللَّهَ وَحْدَهُۥ وَنَذَرَ مَا كَانَ يَعْبُدُ ءَابَآؤُنَا فَأْتِنَا بِمَا تَعِدُنَآ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّٰدِقِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته (تون) ھن لاءِ اسان وٽ آيو آھين ڇا؟ ته رڳو ھڪ الله جي عبادت ڪريون ۽ اسانجا ابا ڏاڏا جن کي پوڄيندا ھئا تن کي ڇڏي ڏيون؟ جيڪڏھن تون سچو آھين ته جنھن (عذاب) کان اسانکي ڊيڄارين ٿو سو آڻ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ قَدْ وَقَعَ عَلَيْكُم مِّن رَّبِّكُمْ رِجْسٌ وَغَضَبٌ أَتُجَٰدِلُونَنِى فِىٓ أَسْمَآءٍ سَمَّيْتُمُوهَآ أَنتُمْ وَءَابَآؤُكُم مَّا نَزَّلَ ٱللَّهُ بِهَا مِن سُلْطَٰنٍ فَٱنتَظِرُوٓا۟ إِنِّى مَعَكُم مِّنَ ٱلْمُنتَظِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائين ته بيشڪ اوھان تي اوھان جي پالڻھار وٽان عذاب ۾ ڏمر لازم ٿي چڪو آھي، اوھين مون ساڻ رڳو (انھن) نالن ۾ ڇو جھيڙو ڪندا آھيو جن تي اوھان ۽ اوھان جي ابن ڏاڏن ڇڙو نالو رکيو آھي جن جي مڃڻ بابت الله ڪو دليل نه لاٿو آھي؟ پوءِ انتظار ڪريو بيشڪ آءٌ (به) اوھان سان گڏ انتظار ڪندڙ آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَنجَيْنَٰهُ وَٱلَّذِينَ مَعَهُۥ بِرَحْمَةٍ مِّنَّا وَقَطَعْنَا دَابِرَ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا وَمَا كَانُوا۟ مُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ان کي ۽ جيڪي ساڻس ھوا تن کي پنھنجي ٻاجھ سان بچايوسين ۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جي پاڙ پٽي ڇڏي سون ۽ اُھي مؤمن نه هُئا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِلَىٰ ثَمُودَ أَخَاهُمْ صَٰلِحًا قَالَ يَٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُۥ قَدْ جَآءَتْكُم بَيِّنَةٌ مِّن رَّبِّكُمْ هَٰذِهِۦ نَاقَةُ ٱللَّهِ لَكُمْ ءَايَةً فَذَرُوهَا تَأْكُلْ فِىٓ أَرْضِ ٱللَّهِ وَلَا تَمَسُّوهَا بِسُوٓءٍ فَيَأْخُذَكُمْ عَذَابٌ أَلِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ ثمودين ڏانھن سندن ڀاءُ صالِح (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کانسواءِ ٻيو ڪو خُدا نه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان ھڪ مُعجزو آيو آھي، ھيءَ الله جي ڏاچي اوھان لاءِ نشاني آھي تنھنڪري اُنھيءَ کي ڇڏي ڏيو (ته) الله جي زمين ۾ چَرندي رھي ۽ اُن کي ڪو ايذاءُ نه پُھچائجو نه ته اوھان کي ڏکوئيندڙ عذاب وٺندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱذْكُرُوٓا۟ إِذْ جَعَلَكُمْ خُلَفَآءَ مِنۢ بَعْدِ عَادٍ وَبَوَّأَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ تَتَّخِذُونَ مِن سُهُولِهَا قُصُورًا وَتَنْحِتُونَ ٱلْجِبَالَ بُيُوتًا فَٱذْكُرُوٓا۟ ءَالَآءَ ٱللَّهِ وَلَا تَعْثَوْا۟ فِى ٱلْأَرْضِ مُفْسِدِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن اوھان کي عادين کانپوءِ پيڙھيءَ تي وھاريائين (سو احسان به) ياد ڪريو ۽ اوھان کي مُلڪ ۾ جاءِ ڏنائين (۽) اُن جي پٽن مان ماڙيون بڻائيندا آھيو ۽ ٽڪرن کي ٽُڪي گھر بڻائيندا آھيو، تنھنڪري الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ (اوھين) مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ ٱلْمَلَأُ ٱلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوا۟ مِن قَوْمِهِۦ لِلَّذِينَ ٱسْتُضْعِفُوا۟ لِمَنْ ءَامَنَ مِنْهُمْ أَتَعْلَمُونَ أَنَّ صَٰلِحًا مُّرْسَلٌ مِّن رَّبِّهِۦ قَالُوٓا۟ إِنَّا بِمَآ أُرْسِلَ بِهِۦ مُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiسندس قوم مان وڏائي ڪندڙ سردارن انھن کي چيو جن منجھائن ھيڻن (ماڻھن) ايمان آندو ھو ته اوھين ڄاڻندا آھيو ڇا ته صالِح پنھنجي پالڻھار (جي طرف) کان موڪليل آھي، اُنھن چيو ته جنھن (شريعت) سان اُنکي موڪليو ويو آھي تنھن تي اسين ايمان آڻيندڙ آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ ٱلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوٓا۟ إِنَّا بِٱلَّذِىٓ ءَامَنتُم بِهِۦ كَٰفِرُونَ

Taj Mehmood Amrotiوڏائي ڪندڙن چيو ته جنھن تي اوھان ايمان آندو آھي تنھن جا اسين مُنڪر آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَعَقَرُوا۟ ٱلنَّاقَةَ وَعَتَوْا۟ عَنْ أَمْرِ رَبِّهِمْ وَقَالُوا۟ يَٰصَٰلِحُ ٱئْتِنَا بِمَا تَعِدُنَآ إِن كُنتَ مِنَ ٱلْمُرْسَلِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ ڏاچيءَ جون کُچون ڪپي ڇڏيائون ۽ پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان بي فرمان ٿيا ۽ (چٿر ڪري) چيائون ته اي صالِح جيڪڏھن پيغمبرن مان آھين ته جنھن (عذاب) جو اسان سان انجام ڪيو اٿيئي سو اسان تي آڻ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَخَذَتْهُمُ ٱلرَّجْفَةُ فَأَصْبَحُوا۟ فِى دَارِهِمْ جَٰثِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ زلزلي (جي عذاب) ورتن پوءِ جنھن گھرن ۾ گوڏن ڀر ڪرڻ وارا ٿيا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَتَوَلَّىٰ عَنْهُمْ وَقَالَ يَٰقَوْمِ لَقَدْ أَبْلَغْتُكُمْ رِسَالَةَ رَبِّى وَنَصَحْتُ لَكُمْ وَلَٰكِن لَّا تُحِبُّونَ ٱلنَّٰصِحِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (صالِح) کانئن مُنھن موڙيو ۽ چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جو پيغام پھچايم ۽ اوھان کي نصيحت ڪيم پر اوھين نصيحت ڪندڙن کي دوست نه رکندا آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلُوطًا إِذْ قَالَ لِقَوْمِهِۦٓ أَتَأْتُونَ ٱلْفَٰحِشَةَ مَا سَبَقَكُم بِهَا مِنْ أَحَدٍ مِّنَ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ لُوط کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون) جڏھن پنھنجي قوم کي چيائين ته اوھين اھڙي بي حيائي ڇو ڪندا آھيو جا اوھان کان اڳ ساري جھان (جي ماڻھن) مان ڪنھن ھڪ به نه ڪئي آھي؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّكُمْ لَتَأْتُونَ ٱلرِّجَالَ شَهْوَةً مِّن دُونِ ٱلنِّسَآءِ بَلْ أَنتُمْ قَوْمٌ مُّسْرِفُونَ

Taj Mehmood Amrotiجو اوھين زالن کي ڇڏي مڙسن ڏانھن شھوت سان ويندا آھيو، بلڪ اوھين حد کان لنگھندڙ قوم آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا كَانَ جَوَابَ قَوْمِهِۦٓ إِلَّآ أَن قَالُوٓا۟ أَخْرِجُوهُم مِّن قَرْيَتِكُمْ إِنَّهُمْ أُنَاسٌ يَتَطَهَّرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ سندس قوم جي ورندي ھن کانسواءِ نه ھُئي ته اُنھن کي (لُوط سميت) پنھنجن ڳوٺن مان لوڌي ڇڏيو، ڇوته اُھي ماڻھو پاڪ بڻبا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَنجَيْنَٰهُ وَأَهْلَهُۥٓ إِلَّا ٱمْرَأَتَهُۥ كَانَتْ مِنَ ٱلْغَٰبِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اسان لُوط کي ۽ سندس گھر وارن کي سندس زال کانسواءِ بچايوسون (اُھا) رھيلن مان ھُئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَمْطَرْنَا عَلَيْهِم مَّطَرًا فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلْمُجْرِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ مٿن (پھڻن جو) مينھن وسايوسون، پوءِ (اي پيغمبر) ڏس ته ڏوھارين جي پڇاڙي ڪھڙي (خراب) ٿي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِلَىٰ مَدْيَنَ أَخَاهُمْ شُعَيْبًا قَالَ يَٰقَوْمِ ٱعْبُدُوا۟ ٱللَّهَ مَا لَكُم مِّنْ إِلَٰهٍ غَيْرُهُۥ قَدْ جَآءَتْكُم بَيِّنَةٌ مِّن رَّبِّكُمْ فَأَوْفُوا۟ ٱلْكَيْلَ وَٱلْمِيزَانَ وَلَا تَبْخَسُوا۟ ٱلنَّاسَ أَشْيَآءَهُمْ وَلَا تُفْسِدُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ بَعْدَ إِصْلَٰحِهَا ذَٰلِكُمْ خَيْرٌ لَّكُمْ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ مَدين (وارن) ڏانھن سندن ڀاءُ شعيب کي (پيغمبر ڪري موڪليوسون)، چيائين ته اي منھنجي قوم الله جي عبادت ڪريو اوھان جو الله کان سواءِ ٻيو ڪو خُدا ڪونه آھي، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان (چٽيون) نشانيون آيون آھن تنھنڪري ماڻ ۽ تور پوري ڏيو وٺو ۽ ماڻھن کي سنديون شيون گھٽ نه ڏيو ۽ مُلڪ ۾ اُن جي سُڌاري کان پوءِ فساد نه وجھو، جيڪڏھن اوھين مؤمن آھيو ته اِھو اوھان لاءِ ڀلو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا تَقْعُدُوا۟ بِكُلِّ صِرَٰطٍ تُوعِدُونَ وَتَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ مَنْ ءَامَنَ بِهِۦ وَتَبْغُونَهَا عِوَجًا وَٱذْكُرُوٓا۟ إِذْ كُنتُمْ قَلِيلًا فَكَثَّرَكُمْ وَٱنظُرُوا۟ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلْمُفْسِدِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ سڀ ڪنھن رستي تي ھن لاءِ نه وھو ته جيڪو الله کي کي مڃي تنھن کي ڌمڪايو ۽ الله جي واٽ کان جھليو ۽ اُن (واٽ) جي ڏنگائي گھرو، ۽ ياد ڪريو جڏھن اوھين ٿورڙا ھيؤ تڏھن اوھان کي وڌايائين، ۽ ڏسو ته فساد وجھندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي (بڇڙي) ٿي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِن كَانَ طَآئِفَةٌ مِّنكُمْ ءَامَنُوا۟ بِٱلَّذِىٓ أُرْسِلْتُ بِهِۦ وَطَآئِفَةٌ لَّمْ يُؤْمِنُوا۟ فَٱصْبِرُوا۟ حَتَّىٰ يَحْكُمَ ٱللَّهُ بَيْنَنَا وَهُوَ خَيْرُ ٱلْحَٰكِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن اوھان مان ھڪ ٽوليءَ انھن کي مڃيو آھي جنھن سان موڪليو ويو آھيان ۽ ٻي ٽوليءَ نه مڃيو آھي ته (اوھان کي جڳائي ته ايستائين) صبر ڪريو جيسين اسان جي وچ ۾ الله حُڪم ڪري، ۽ اُھو چڱو حُڪم ڪندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ ٱلْمَلَأُ ٱلَّذِينَ ٱسْتَكْبَرُوا۟ مِن قَوْمِهِۦ لَنُخْرِجَنَّكَ يَٰشُعَيْبُ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مَعَكَ مِن قَرْيَتِنَآ أَوْ لَتَعُودُنَّ فِى مِلَّتِنَا قَالَ أَوَلَوْ كُنَّا كَٰرِهِينَ

Taj Mehmood Amrotiسندس قوم مان ھٺيلن سردارن چيو ته اي شعيب توکي ۽ جن توکي مڃيو آُھي تن کي پنھنجي شھر مان ضرور لوڌيندا سون يا ته اوھين اسان جي پر ۾ موٽي اچو، (شعيب) چيو ته جيتوڻيڪ اسان اوھانجي دين کي بُڇان ڀائيندڙ آھيون (ته به موٽنداسون ڇا؟)

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَدِ ٱفْتَرَيْنَا عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا إِنْ عُدْنَا فِى مِلَّتِكُم بَعْدَ إِذْ نَجَّىٰنَا ٱللَّهُ مِنْهَا وَمَا يَكُونُ لَنَآ أَن نَّعُودَ فِيهَآ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ رَبُّنَا وَسِعَ رَبُّنَا كُلَّ شَىْءٍ عِلْمًا عَلَى ٱللَّهِ تَوَكَّلْنَا رَبَّنَا ٱفْتَحْ بَيْنَنَا وَبَيْنَ قَوْمِنَا بِٱلْحَقِّ وَأَنتَ خَيْرُ ٱلْفَٰتِحِينَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن اسين اوھان جي پر ۾ اُنھيءَ کانپوءِ جو الله اسان کي کانئس ڇڏايو موٽي اچون ته بيشڪ الله تي ڪُوڙ چيوسون، ۽ اسان جي پالڻھار الله جي گھُر کان سواءِ اسان کي منجھس موٽڻ نه جڳائيندو آھي، اسان جي پالڻھار جي علم سڀني شيئن کي سمايو آھي، اسين الله تي ڀروسو ڪريون ٿا، اي اسانجا پالڻھار اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ تون چڱو فيصلو ڪندڙ آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالَ ٱلْمَلَأُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ مِن قَوْمِهِۦ لَئِنِ ٱتَّبَعْتُمْ شُعَيْبًا إِنَّكُمْ إِذًا لَّخَٰسِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ سندس قوم مان ڪافرن جي ٽوليءَ (پنھنجي يارن کي) چيو ته جيڪڏھن اوھين شعيب جي تابعداري ڪندؤ ته اوھين اُتي جو اُتي ڇيئي وارا ٿيندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَخَذَتْهُمُ ٱلرَّجْفَةُ فَأَصْبَحُوا۟ فِى دَارِهِمْ جَٰثِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُنھن کي زلزلي (جي عذاب) ورتو پوءِ پنھنجي جاين ۾ گوڏن ڀر ڪري مري ويا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ شُعَيْبًا كَأَن لَّمْ يَغْنَوْا۟ فِيهَا ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ شُعَيْبًا كَانُوا۟ هُمُ ٱلْخَٰسِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiجن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي ڄڻڪ اُنھن (ڳوٺن) ۾ رھيا ئي نه ھوا، جن شعيب کي ڪوڙو ڀانيو سي ڇيئي وارا ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَتَوَلَّىٰ عَنْهُمْ وَقَالَ يَٰقَوْمِ لَقَدْ أَبْلَغْتُكُمْ رِسَٰلَٰتِ رَبِّى وَنَصَحْتُ لَكُمْ فَكَيْفَ ءَاسَىٰ عَلَىٰ قَوْمٍ كَٰفِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ کائن مُنھن موڙيائين ۽ چيائين ته اي منھنجي قوم بيشڪ اوھان کي پنھنجي پالڻھار جا پيغام پھچايا اٿم ۽ اوھانجي خيرخواھي ڪيم، تنھنڪري (ھاڻي) ڪافر قوم تي ڇالاءِ ڏک ڪريان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَآ أَرْسَلْنَا فِى قَرْيَةٍ مِّن نَّبِىٍّ إِلَّآ أَخَذْنَآ أَهْلَهَا بِٱلْبَأْسَآءِ وَٱلضَّرَّآءِ لَعَلَّهُمْ يَضَّرَّعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ ڪنھن ڳوٺ ۾ پيغمبرن مان ڪوبه نه موڪليوسون پر اُتي جي رھاڪن کي (پيغمبرن جي نافرماني سبب) سختي ۽ مصيبت ۾ پڪڙيندا رھياسون ته مانَ اُھي عاجزي ڪن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ بَدَّلْنَا مَكَانَ ٱلسَّيِّئَةِ ٱلْحَسَنَةَ حَتَّىٰ عَفَوا۟ وَّقَالُوا۟ قَدْ مَسَّ ءَابَآءَنَا ٱلضَّرَّآءُ وَٱلسَّرَّآءُ فَأَخَذْنَٰهُم بَغْتَةً وَهُمْ لَا يَشْعُرُونَ

Taj Mehmood Amrotiوري (ايستائين) ڏک جي بجاءِ سُک مٽائي ڏنوسون جيستائين آسودا ٿيا ۽ چيائون ته بيشڪ اسان جن ابن ڏاڏن کي (ايئن) ڏک سُک پھتو ھو پوءِ اوچتو ئي اُنھن کي سندن بيخبريءَ جي حالت ۾ پڪڙيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَوْ أَنَّ أَهْلَ ٱلْقُرَىٰٓ ءَامَنُوا۟ وَٱتَّقَوْا۟ لَفَتَحْنَا عَلَيْهِم بَرَكَٰتٍ مِّنَ ٱلسَّمَآءِ وَٱلْأَرْضِ وَلَٰكِن كَذَّبُوا۟ فَأَخَذْنَٰهُم بِمَا كَانُوا۟ يَكْسِبُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن اُنھن ڳوٺن وارا ايمان آڻين ھا ۽ پرھيزگار بڻجن ھا ته مٿن آسمانن ۽ زمين کان برڪتون ضرور کوليون ھا پر ڪوڙ ڀانيائون تنھنڪري انھن جيڪي ڪيو تنھن سببان کين پڪڙيوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَأَمِنَ أَهْلُ ٱلْقُرَىٰٓ أَن يَأْتِيَهُم بَأْسُنَا بَيَٰتًا وَهُمْ نَآئِمُونَ

Taj Mehmood Amrotiڳوٺن وارا جنھن حال ۾ سمھيل ھجن تنھن مھل راتوواہ پاڻ تي اسانجي عذاب پھچڻ کان ڇو بي پرواہ ٿيا آھن؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوَأَمِنَ أَهْلُ ٱلْقُرَىٰٓ أَن يَأْتِيَهُم بَأْسُنَا ضُحًى وَهُمْ يَلْعَبُونَ

Taj Mehmood Amrotiيا ڳوٺن وارا ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟ جو اسان جو عذاب ڏينھن چڙھي مھل وٽن اچي ۽ اُھي راند ۾ مشغول ھجن؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَأَمِنُوا۟ مَكْرَ ٱللَّهِ فَلَا يَأْمَنُ مَكْرَ ٱللَّهِ إِلَّا ٱلْقَوْمُ ٱلْخَٰسِرُونَ

Taj Mehmood Amrotiالله جي رٿ کان ڇو بي ڀوا ٿيا آھن؟ جو ڇيئي واريءَ قوم کانسواءِ (ٻيو) ڪو الله جي رٿ کان بي ڀئو نه ٿيندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوَلَمْ يَهْدِ لِلَّذِينَ يَرِثُونَ ٱلْأَرْضَ مِنۢ بَعْدِ أَهْلِهَآ أَن لَّوْ نَشَآءُ أَصَبْنَٰهُم بِذُنُوبِهِمْ وَنَطْبَعُ عَلَىٰ قُلُوبِهِمْ فَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي مُلڪ جي رھندڙن کانپوءِ وارث ٿين ٿا تن کي پڌرو نه ٿيو آھي ڇا ته جيڪڏھن گھرون ھا ته کين سندن گناھن سببان سزا ڏيون ھا، ۽ سندين دلين تي مُھر ھئين ان کان جنھنڪري اُھي نٿا ٻُڌن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

تِلْكَ ٱلْقُرَىٰ نَقُصُّ عَلَيْكَ مِنْ أَنۢبَآئِهَا وَلَقَدْ جَآءَتْهُمْ رُسُلُهُم بِٱلْبَيِّنَٰتِ فَمَا كَانُوا۟ لِيُؤْمِنُوا۟ بِمَا كَذَّبُوا۟ مِن قَبْلُ كَذَٰلِكَ يَطْبَعُ ٱللَّهُ عَلَىٰ قُلُوبِ ٱلْكَٰفِرِينَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) اُھي ڳوٺ آھن جن جون خبرون توکي بيان ڪريون ٿا، ۽ بيشڪ وٽن سندن پيغمبر پڌرن معجزن سان آيا، پوءِ اُنھيءَ سببان جو اڳي ڪُوڙ ڀانيائون اُھي ڪڏھن به نه مڃيندا ھئا، اھڙي طرح الله ڪافرن جي دلين تي مُھر ھڻندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا وَجَدْنَا لِأَكْثَرِهِم مِّنْ عَهْدٍ وَإِن وَجَدْنَآ أَكْثَرَهُمْ لَفَٰسِقِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ منجھائن گھڻن کي انجام پاڙيندڙ نه ڏٺوسون، ۽ منجھائن گھڻن کي بي دين ڏٺوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ثُمَّ بَعَثْنَا مِنۢ بَعْدِهِم مُّوسَىٰ بِـَٔايَٰتِنَآ إِلَىٰ فِرْعَوْنَ وَمَلَإِي۟هِۦ فَظَلَمُوا۟ بِهَا فَٱنظُرْ كَيْفَ كَانَ عَٰقِبَةُ ٱلْمُفْسِدِينَ

Taj Mehmood Amrotiوري کائن پوءِ مُوسىٰ کي فرعون ۽ سندس سردارن ڏانھن پنھنجن مُعجزن سان پيغمبر ڪري موڪليوسون پوءِ اُنھن (نه مڃڻ سببان) آيتن تي ظلم ڪيو، (اي پيغمبر) ڏس ته فساد ڪندڙن جي پڇاڙي ڪھڙي طرح ٿي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالَ مُوسَىٰ يَٰفِرْعَوْنُ إِنِّى رَسُولٌ مِّن رَّبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ موسىٰ (فرعون کي) چيو ته اي فرعون آءٌ جھانن جي پالڻھار جو پيغمبر آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

حَقِيقٌ عَلَىٰٓ أَن لَّآ أَقُولَ عَلَى ٱللَّهِ إِلَّا ٱلْحَقَّ قَدْ جِئْتُكُم بِبَيِّنَةٍ مِّن رَّبِّكُمْ فَأَرْسِلْ مَعِىَ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ

Taj Mehmood Amrotiھن (ڳالھ) تي قائم آھيان ته الله تي سچ کانسواءِ ڪي ڪين چوان، بيشڪ اوھان وٽ اوھان جي پالڻھار کان چٽي مُعجزي سان آيو آھيان تنھنڪري بني اسرائيلن کي مون سان (ھلڻ جي) موڪل ڏي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ إِن كُنتَ جِئْتَ بِـَٔايَةٍ فَأْتِ بِهَآ إِن كُنتَ مِنَ ٱلصَّٰدِقِينَ

Taj Mehmood Amroti(فرعون) چيو ته جيڪڏھن ڪو معجزو آندو اٿئي ته جيڪڏھن سچن مان آھين ته اُھو آڻ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَلْقَىٰ عَصَاهُ فَإِذَا هِىَ ثُعْبَانٌ مُّبِينٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ پنھنجي لٺ اُڇليائين ته اُڇلڻ سان ئي اُھو پڌرو واسينگ (نانگ) ٿي پيئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَنَزَعَ يَدَهُۥ فَإِذَا هِىَ بَيْضَآءُ لِلنَّٰظِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجو ھٿ ٻاھر ڪڍيائين ته اُھو ڪڍڻ سان ئي ڏسندڙن لاءِ روشن ٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ ٱلْمَلَأُ مِن قَوْمِ فِرْعَوْنَ إِنَّ هَٰذَا لَسَٰحِرٌ عَلِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiفرعون جي قوم مان سردار ماڻھو چوڻ لڳا ته ھيءُ پڪو داناءُ جادوگر آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يُرِيدُ أَن يُخْرِجَكُم مِّنْ أَرْضِكُمْ فَمَاذَا تَأْمُرُونَ

Taj Mehmood Amrotiاوھان کي اوھان جي مُلڪ مان ڪڍي ڇڏڻ گھري ٿو، تنھنڪري اوھين ڇا ٿا صلاح ڏيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ أَرْجِهْ وَأَخَاهُ وَأَرْسِلْ فِى ٱلْمَدَآئِنِ حَٰشِرِينَ

Taj Mehmood Amroti(فرعون کي) چيائون ته کيس ۽ ڀاڻس کي ترساءِ ۽ ڪوٺيندڙ شھرن ڏانھن موڪل.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَأْتُوكَ بِكُلِّ سَٰحِرٍ عَلِيمٍ

Taj Mehmood Amrotiته تو وٽ سڀئي داناء جادوگر آڻين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَجَآءَ ٱلسَّحَرَةُ فِرْعَوْنَ قَالُوٓا۟ إِنَّ لَنَا لَأَجْرًا إِن كُنَّا نَحْنُ ٱلْغَٰلِبِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ فرعون وٽ جادوگر آيا چوڻ لڳا ته جيڪڏھن اسين غالب ٿيون ته اسان لاءِ ضرور (ڪو) انعام (ھئڻ) گھرجي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ نَعَمْ وَإِنَّكُمْ لَمِنَ ٱلْمُقَرَّبِينَ

Taj Mehmood Amrotiفرعون چيو ته ھائو (انعام به ڏبو) ۽ بيشڪ مرتبي وارن مان (به) ٿيندؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوا۟ يَٰمُوسَىٰٓ إِمَّآ أَن تُلْقِىَ وَإِمَّآ أَن نَّكُونَ نَحْنُ ٱلْمُلْقِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته اي موسىٰ توکي (جادوءَ جي شيء) اڇلڻ گھرجي يا (پھرين) اسين اڇليندڙ ٿيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ أَلْقُوا۟ فَلَمَّآ أَلْقَوْا۟ سَحَرُوٓا۟ أَعْيُنَ ٱلنَّاسِ وَٱسْتَرْهَبُوهُمْ وَجَآءُو بِسِحْرٍ عَظِيمٍ

Taj Mehmood Amroti(موسى) چيو ته (اوھين) اُڇليو، پوءِ جنھن مھل اُڇليائون (ته) ماڻھن جون اکيون جادوءَ سان بند ڪيائون ۽ انھن کي ڊيڄاريائون ۽ وڏا جادو آندائون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَوْحَيْنَآ إِلَىٰ مُوسَىٰٓ أَنْ أَلْقِ عَصَاكَ فَإِذَا هِىَ تَلْقَفُ مَا يَأْفِكُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ مُوسىٰ ڏانھن وحي موڪليوسون ته پنھنجي لٺ اُڇل، پوءِ جيڪو جادو ڪيائون تنھنکي اُھا اُنھيءَ مھل ئي ڳھندا وئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَوَقَعَ ٱلْحَقُّ وَبَطَلَ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ سچ پڌرو ٿيو ۽ جيڪي ڪندا رھيا سو ڪوڙو ٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَغُلِبُوا۟ هُنَالِكَ وَٱنقَلَبُوا۟ صَٰغِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ (فرعون وارا) اُن ھنڌ مغلوب ٿيا ۽ خوار ٿي موٽيا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأُلْقِىَ ٱلسَّحَرَةُ سَٰجِدِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جادوگر سجدي ۾ ڪري پيا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ ءَامَنَّا بِرَبِّ ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته جھانن جي پالڻھار تي ايمان آندوسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

رَبِّ مُوسَىٰ وَهَٰرُونَ

Taj Mehmood Amroti(جو) مُوسىٰ ۽ ھارون جو پالڻھار (آھي).

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ فِرْعَوْنُ ءَامَنتُم بِهِۦ قَبْلَ أَنْ ءَاذَنَ لَكُمْ إِنَّ هَٰذَا لَمَكْرٌ مَّكَرْتُمُوهُ فِى ٱلْمَدِينَةِ لِتُخْرِجُوا۟ مِنْهَآ أَهْلَهَا فَسَوْفَ تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiفرعون چيو ته اوھان منھنجي موڪل کان اڳي ئي اُن تي ايمان ڇو آندو آھي؟ ھيء (اوھان جو) فريب آھي (جو پاڻ ۾ گڏجي) ھن ڪري (ھن) شھر ۾ ڪيو اٿو ته سندس رھاڪن کي منجھانئس ڪڍي ڇڏيو، پوءِ سگھو کي ڄاڻندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَأُقَطِّعَنَّ أَيْدِيَكُمْ وَأَرْجُلَكُم مِّنْ خِلَٰفٍ ثُمَّ لَأُصَلِّبَنَّكُمْ أَجْمَعِينَ

Taj Mehmood Amrotiاوھان جا ھٿ ءِ اوھان جا پير اُبتڙ سبتڙ ضرور وڍيندس وري اوھان مڙني کي ضرور سوريءَ چاڙھيندس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ إِنَّآ إِلَىٰ رَبِّنَا مُنقَلِبُونَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته بيشڪ اسان پنھنجي پالڻھار ڏانھن ضرور موٽندڙ آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا تَنقِمُ مِنَّآ إِلَّآ أَنْ ءَامَنَّا بِـَٔايَٰتِ رَبِّنَا لَمَّا جَآءَتْنَا رَبَّنَآ أَفْرِغْ عَلَيْنَا صَبْرًا وَتَوَفَّنَا مُسْلِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ تون رڳو ھن ڪري اسان سان وير ٿو رکين ته اسان جي پالڻھار جا حُڪم جڏھن اسان وٽ آيا (تڏھن) اسان مڃيا آھن، اي اسان جا پالڻھار اسان تي صبر پلٽ ۽ اسان کي مسلمان ڪري مار.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالَ ٱلْمَلَأُ مِن قَوْمِ فِرْعَوْنَ أَتَذَرُ مُوسَىٰ وَقَوْمَهُۥ لِيُفْسِدُوا۟ فِى ٱلْأَرْضِ وَيَذَرَكَ وَءَالِهَتَكَ قَالَ سَنُقَتِّلُ أَبْنَآءَهُمْ وَنَسْتَحْىِۦ نِسَآءَهُمْ وَإِنَّا فَوْقَهُمْ قَٰهِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ فرعون جي قوم جي سردارن (کيس) چيو ته موسىٰ ۽ سندس قوم کي ھن لاءِ ڇڏي ڏئين ٿو ڇا؟ ته مُلڪ ۾ فساد وجھن ۽ توکي ۽ تنھنجي معبودن (جي عبادت) کي ڇڏي ڏين؟ چيائين ته سندن پٽ سگھوئي ڪھنداسون ۽ سندين ڌيئرون ڇڏي ڏينداسون، ۽ اسين سندن مٿان بيشڪ زور وارا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ مُوسَىٰ لِقَوْمِهِ ٱسْتَعِينُوا۟ بِٱللَّهِ وَٱصْبِرُوٓا۟ إِنَّ ٱلْأَرْضَ لِلَّهِ يُورِثُهَا مَن يَشَآءُ مِنْ عِبَادِهِۦ وَٱلْعَٰقِبَةُ لِلْمُتَّقِينَ

Taj Mehmood Amrotiمُوسىٰ پنھنجي قوم کي (دلگير ڏسي) چيو ته الله کان مدد گھرو ۽ صبر ڪريو، ڇوته ساري زمين الله جي آھي، پنھنجي ٻانھن مان جنھن کي گھرندو آھي تنھنکي اُن جو وارث بڻائيندو آھي، ۽ (چڱي) عاقبت پرھيزگارن لاءِ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالُوٓا۟ أُوذِينَا مِن قَبْلِ أَن تَأْتِيَنَا وَمِنۢ بَعْدِ مَا جِئْتَنَا قَالَ عَسَىٰ رَبُّكُمْ أَن يُهْلِكَ عَدُوَّكُمْ وَيَسْتَخْلِفَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ فَيَنظُرَ كَيْفَ تَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiچيائون ته اسين تنھنجي اچڻ کان اڳ (به) ۽ تنھنجي اچڻ کان پوءِ (به) ايذايا ويا آھيون، (مُوسى) چين ته اُميد آھي ته اوھانجو پالڻھار اوھان جي دشمن کي ناس ڪري ڇڏيندو ۽ مُلڪ ۾ اوھان کي پيڙھيءَ تي وھاريندو پوءِ ڏسندؤ ته (اوھين) ڪھڙي طرح عمل ٿا ڪريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ أَخَذْنَآ ءَالَ فِرْعَوْنَ بِٱلسِّنِينَ وَنَقْصٍ مِّنَ ٱلثَّمَرَٰتِ لَعَلَّهُمْ يَذَّكَّرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ فرعون جي قوم کي ڏڪار ۽ ميون جي گھٽتائيءَ ۾ گرفتار ڪيوسون ته مانَ اُھي نصيحت وٺن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِذَا جَآءَتْهُمُ ٱلْحَسَنَةُ قَالُوا۟ لَنَا هَٰذِهِۦ وَإِن تُصِبْهُمْ سَيِّئَةٌ يَطَّيَّرُوا۟ بِمُوسَىٰ وَمَن مَّعَهُۥٓ أَلَآ إِنَّمَا طَٰٓئِرُهُمْ عِندَ ٱللَّهِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جڏھن اُنھن کي سُک پھتو ٿي ته چيائون ٿي ته ھيء اسان جو (لائق) آھي، ۽ جيڪڏھن اُنھن کي ڪو ڏک پھچندو ھو ته موسىٰ ۽ سندس سنگت کي نڀاڳو ڀائيندا ھوا، خبردار الله وٽ سندين ئي نڀاڳائي آھي پر منجھائن گھڻا نه ٿا ڄاڻن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَالُوا۟ مَهْمَا تَأْتِنَا بِهِۦ مِنْ ءَايَةٍ لِّتَسْحَرَنَا بِهَا فَمَا نَحْنُ لَكَ بِمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ چيائون ته (اي موسى) جڏھن ڪڏھن ڪابه نشاني اسان وٽ ھن لاءِ آڻيندين ته اُن سان اسان تي جادو ڪرين ته اسين توکي مڃڻ وارا نه آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمُ ٱلطُّوفَانَ وَٱلْجَرَادَ وَٱلْقُمَّلَ وَٱلضَّفَادِعَ وَٱلدَّمَ ءَايَٰتٍ مُّفَصَّلَٰتٍ فَٱسْتَكْبَرُوا۟ وَكَانُوا۟ قَوْمًا مُّجْرِمِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ مٿن طوفان ۽ ماڪڙ ۽ جونء ۽ ڏيڏر ۽ رت کليل مُعجزا موڪلياسون، پوءِ وڏائي ڪيائون ۽ (اُھا) ڏوھاري قوم ھئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَمَّا وَقَعَ عَلَيْهِمُ ٱلرِّجْزُ قَالُوا۟ يَٰمُوسَى ٱدْعُ لَنَا رَبَّكَ بِمَا عَهِدَ عِندَكَ لَئِن كَشَفْتَ عَنَّا ٱلرِّجْزَ لَنُؤْمِنَنَّ لَكَ وَلَنُرْسِلَنَّ مَعَكَ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن مٿن سزا پھتي ته (تڏھن) چيائون ٿي ته اي موسىٰ پنھنجي پالڻھار کان انھيءَ وعدي سان جو توسان ڪيو اٿس اسان لاءِ دُعا گھُر، ته جيڪڏھن اسان تان عذاب لاٿئي ته توتي ضرور ايمان آڻينداسون ۽ بني اسرائيلن کي (به) ضرور توسان ھلڻ جي موڪل ڏينداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَمَّا كَشَفْنَا عَنْهُمُ ٱلرِّجْزَ إِلَىٰٓ أَجَلٍ هُم بَٰلِغُوهُ إِذَا هُمْ يَنكُثُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن مھل عذاب جيڪو کين ٺھرايل مدت توڻي پھچڻو ھو سو کانئن لاٿوسون ٿي (ته) اُتي جو اُتي انھن اَنجام ڀڳو ٿي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱنتَقَمْنَا مِنْهُمْ فَأَغْرَقْنَٰهُمْ فِى ٱلْيَمِّ بِأَنَّهُمْ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا وَكَانُوا۟ عَنْهَا غَٰفِلِينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اسان کانئن پورو وير ورتو جو انھن کي سمنڊ ۾ انھيءَ ڪري ٻوڙيوسون جو اُنھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو ۽ اُن کان بي خبر ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَوْرَثْنَا ٱلْقَوْمَ ٱلَّذِينَ كَانُوا۟ يُسْتَضْعَفُونَ مَشَٰرِقَ ٱلْأَرْضِ وَمَغَٰرِبَهَا ٱلَّتِى بَٰرَكْنَا فِيهَا وَتَمَّتْ كَلِمَتُ رَبِّكَ ٱلْحُسْنَىٰ عَلَىٰ بَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ بِمَا صَبَرُوا۟ وَدَمَّرْنَا مَا كَانَ يَصْنَعُ فِرْعَوْنُ وَقَوْمُهُۥ وَمَا كَانُوا۟ يَعْرِشُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُھا قوم جيڪا ھيڻي ڀانئبي ھئي تنھن کي اُنھيءَ اوڀر ۽ اولھ جي زمين (يعني شام ۽ مِصر) جو وارث ڪيوسون جنھن ۾ برڪت رکي ھئي سون، ۽ تنھنجي پالڻھار جو بني اسرائيلن سان چڱو انجام انھي سببان پورو ٿيو جو صَبر ڪيائون، ۽ فرعون ۽ سندس قوم جيڪي بڻايو ۽ جيڪا (اڏاوت) بلند ڪئي ھوائون سا (سڀ) ناس ڪري ڇڏي سون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَجَٰوَزْنَا بِبَنِىٓ إِسْرَٰٓءِيلَ ٱلْبَحْرَ فَأَتَوْا۟ عَلَىٰ قَوْمٍ يَعْكُفُونَ عَلَىٰٓ أَصْنَامٍ لَّهُمْ قَالُوا۟ يَٰمُوسَى ٱجْعَل لَّنَآ إِلَٰهًا كَمَا لَهُمْ ءَالِهَةٌ قَالَ إِنَّكُمْ قَوْمٌ تَجْهَلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بني اسرائيل کي سمنڊ کان پار لنگھايوسون پوءِ اُھي ھڪڙي اھڙي قوم تي پُھتا جو پنھنجي بتن جا مجاور ھوا، (موسى) کي چيائون ته اي موسىٰ اسان لاءِ (به) ھڪڙو اھڙو خُدا بڻاءِ جھڙا ھنن لاءِ خُدا آھن، (موسى) چيو ته بيشڪ اوھين جاھل قوم آھيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ هَٰٓؤُلَآءِ مُتَبَّرٌ مَّا هُمْ فِيهِ وَبَٰطِلٌ مَّا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amrotiھيء ماڻھو پاڻ جنھن (مذھب) ۾ پيل آھن سو رد آھي ۽ جيڪي ڪندا رھندا آھن سو غلط آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ أَغَيْرَ ٱللَّهِ أَبْغِيكُمْ إِلَٰهًا وَهُوَ فَضَّلَكُمْ عَلَى ٱلْعَٰلَمِينَ

Taj Mehmood Amrotiمُوسىٰ چيو ته الله کانسواءِ اوھان لاءِ ٻيو معبود ڇو گھران؟ جنھن اوھان کي جھانن جي ماڻھن کان ڀلو ڪيو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ أَنجَيْنَٰكُم مِّنْ ءَالِ فِرْعَوْنَ يَسُومُونَكُمْ سُوٓءَ ٱلْعَذَابِ يُقَتِّلُونَ أَبْنَآءَكُمْ وَيَسْتَحْيُونَ نِسَآءَكُمْ وَفِى ذَٰلِكُم بَلَآءٌ مِّن رَّبِّكُمْ عَظِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ (ياد ڪر) جڏھن اوھان کي فرعون جي ماڻھن کان ڇڏايوسين جن اوھان کي بڇڙو عذاب چکايو ٿي، جو اوھان جا پٽ ڪُھندا ھوا ۽ اوھان جو ڌيئر جيئريون ڇڏيندا ھوا، ۽ اُن ۾ اوھان جي پالڻھار کان اوھان لاءِ وڏي پرک ھُئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَوَٰعَدْنَا مُوسَىٰ ثَلَٰثِينَ لَيْلَةً وَأَتْمَمْنَٰهَا بِعَشْرٍ فَتَمَّ مِيقَٰتُ رَبِّهِۦٓ أَرْبَعِينَ لَيْلَةً وَقَالَ مُوسَىٰ لِأَخِيهِ هَٰرُونَ ٱخْلُفْنِى فِى قَوْمِى وَأَصْلِحْ وَلَا تَتَّبِعْ سَبِيلَ ٱلْمُفْسِدِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ مُوسىٰ کي ٽيھن راتين جو انجام ڏنوسون ۽ انھي کي (ٻـين) ڏھن سان پورو ڪيوسون پوءِ سندس پالڻھار جو انجام چاليھن راتين جو پورو ٿيو، ۽ مُوسىٰ پنھنجي ڀاءُ ھارون کي چيو ته منھنجي قوم ۽ منھنجي پوئتان خليفو ٿي ۽ سڌارو ڪج ۽ فسادين جي واٽ تي نه ھلج.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَمَّا جَآءَ مُوسَىٰ لِمِيقَٰتِنَا وَكَلَّمَهُۥ رَبُّهُۥ قَالَ رَبِّ أَرِنِىٓ أَنظُرْ إِلَيْكَ قَالَ لَن تَرَىٰنِى وَلَٰكِنِ ٱنظُرْ إِلَى ٱلْجَبَلِ فَإِنِ ٱسْتَقَرَّ مَكَانَهُۥ فَسَوْفَ تَرَىٰنِى فَلَمَّا تَجَلَّىٰ رَبُّهُۥ لِلْجَبَلِ جَعَلَهُۥ دَكًّا وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا فَلَمَّآ أَفَاقَ قَالَ سُبْحَٰنَكَ تُبْتُ إِلَيْكَ وَأَنَا۠ أَوَّلُ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جنھن مھل مُوسىٰ اسان جي انجام واري ھنڌ آيو ۽ سندس پالڻھار ساڻس ڳالھايو (تنھن مھل) چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مونکي پاڻ ڏيکار ته آءٌ توکي ڏسان، (الله) چيو ته مونکي ڪڏھن نه ڏسي سگھندين پر جبل ڏانھن نھار پوءِ جيڪڏھن پنھنجي جاءِ ٽڪاءُ ڪيو ته تون مونکي ڏسي سگھندين، پوءِ جنھن مھل سندس پالڻھار جبل ڏانھن تجلّو ڪيو (ته) اُن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسىٰ بيھوش ٿي ڪري پيو، پوءِ جنھن مھل ھوش ۾ آيو (ته) چوڻ لڳو ته توکي پاڪائي جڳائي تنھنجي درگاہ ۾ توبه ڪيم ۽ آءٌ (سڀ کان) پھريون مؤمن آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ يَٰمُوسَىٰٓ إِنِّى ٱصْطَفَيْتُكَ عَلَى ٱلنَّاسِ بِرِسَٰلَٰتِى وَبِكَلَٰمِى فَخُذْ مَآ ءَاتَيْتُكَ وَكُن مِّنَ ٱلشَّٰكِرِينَ

Taj Mehmood Amroti(الله) فرمايو ته اي موسىٰ مون توکي پنھنجي پيغمبريءَ ۽ پنھنجي ڳالھائڻ سان ماڻھن کان ڀلارو ڪيو آھي، جيڪو (توريت) توکي ڏنو اٿم سو وٺ ۽ شڪر ڪندڙن مان ھُج.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَكَتَبْنَا لَهُۥ فِى ٱلْأَلْوَاحِ مِن كُلِّ شَىْءٍ مَّوْعِظَةً وَتَفْصِيلًا لِّكُلِّ شَىْءٍ فَخُذْهَا بِقُوَّةٍ وَأْمُرْ قَوْمَكَ يَأْخُذُوا۟ بِأَحْسَنِهَا سَأُو۟رِيكُمْ دَارَ ٱلْفَٰسِقِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُن (مُوسى) لاءِ سڀڪنھن شيء جي نصيحت واسطي ۽ سڀڪنھن شيء جي ڌار ڌار بيان واسطي (توريت) تختن ۾ لکي ڏنوسون، (۽ چيو ويس ته) اُن کي پختائيءَ سان وٺ ۽ پنھنجي قوم کي حڪم ڪر ته اُن جون چڱيون ڳالھيون (عمل ۾) وٺندا رھن، اوھان کي بدڪارن جي جاءِ سگھو ڏيکاريندس.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

سَأَصْرِفُ عَنْ ءَايَٰتِىَ ٱلَّذِينَ يَتَكَبَّرُونَ فِى ٱلْأَرْضِ بِغَيْرِ ٱلْحَقِّ وَإِن يَرَوْا۟ كُلَّ ءَايَةٍ لَّا يُؤْمِنُوا۟ بِهَا وَإِن يَرَوْا۟ سَبِيلَ ٱلرُّشْدِ لَا يَتَّخِذُوهُ سَبِيلًا وَإِن يَرَوْا۟ سَبِيلَ ٱلْغَىِّ يَتَّخِذُوهُ سَبِيلًا ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا وَكَانُوا۟ عَنْهَا غَٰفِلِينَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي زمين ۾ ناحق وڏائي ڪندا رھندا آھن تن کي سگھو پنھنجي آيتن (جي سمجھ) کان جھليندس، ۽ جيڪڏھن سڀ نشانيون ڏسندا ته (به) انھن تي ايمان نه آڻيندا، ۽ جيڪڏھن ھدايت جي واٽ ڏسندا ته ان کي واٽ نه بڻائيندا، ۽ جيڪڏھن گمراھي جي واٽ ڏسندا ته ان کي واٽ بڻائيندا، اِھو ھن سببان آھي جو اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڀانيائون ۽ انھن کان غافل رھيا ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا وَلِقَآءِ ٱلْـَٔاخِرَةِ حَبِطَتْ أَعْمَٰلُهُمْ هَلْ يُجْزَوْنَ إِلَّا مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جن اسان جي آيتن کي ۽ آخرت جي ملڻ کي ڪوڙ ڄاتو تن جا اَعمال ناس ٿيا، جيڪي ڪمائيندا آھن تنھن کانسواءِ ٻيو ڪو بدلو نه ڏبن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱتَّخَذَ قَوْمُ مُوسَىٰ مِنۢ بَعْدِهِۦ مِنْ حُلِيِّهِمْ عِجْلًا جَسَدًا لَّهُۥ خُوَارٌ أَلَمْ يَرَوْا۟ أَنَّهُۥ لَا يُكَلِّمُهُمْ وَلَا يَهْدِيهِمْ سَبِيلًا ٱتَّخَذُوهُ وَكَانُوا۟ ظَٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ مُوسىٰ جي قوم کانئس پوءِ انھن (قبطين) جي زيورن مان گابي جو بوتو اھڙو ٺاھي ورتو جنھن کي رنڀ ھئي، نه ٿي ڏٺائون ڇا ته اُھو ساڻن نه ڳالھائيندو ھو ۽ نڪي انھن کي واٽ ڏيکاريندو ھو؟ اُن کي (خدا ڪري) ورتائون ۽ ظالم ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَمَّا سُقِطَ فِىٓ أَيْدِيهِمْ وَرَأَوْا۟ أَنَّهُمْ قَدْ ضَلُّوا۟ قَالُوا۟ لَئِن لَّمْ يَرْحَمْنَا رَبُّنَا وَيَغْفِرْ لَنَا لَنَكُونَنَّ مِنَ ٱلْخَٰسِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن پشيمان ٿيا ۽ سمجھيائون ته اُھي پڪ گمراہ ٿيا (ته) چيائون ته جيڪڏھن اسان جو پالڻھار اسان تي ٻاجھ نه ڪندو ۽ اسان کي نه بخشيندو ته ضرور ڇيئي وارن مان ٿينداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَمَّا رَجَعَ مُوسَىٰٓ إِلَىٰ قَوْمِهِۦ غَضْبَٰنَ أَسِفًا قَالَ بِئْسَمَا خَلَفْتُمُونِى مِنۢ بَعْدِىٓ أَعَجِلْتُمْ أَمْرَ رَبِّكُمْ وَأَلْقَى ٱلْأَلْوَاحَ وَأَخَذَ بِرَأْسِ أَخِيهِ يَجُرُّهُۥٓ إِلَيْهِ قَالَ ٱبْنَ أُمَّ إِنَّ ٱلْقَوْمَ ٱسْتَضْعَفُونِى وَكَادُوا۟ يَقْتُلُونَنِى فَلَا تُشْمِتْ بِىَ ٱلْأَعْدَآءَ وَلَا تَجْعَلْنِى مَعَ ٱلْقَوْمِ ٱلظَّٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن مُوسىٰ پنھنجي قوم ڏانھن ڏمريل افسوس ڪندڙ ٿي موٽيو (تڏھن) چيائين ته جيڪي منھنجي پرپٺ مون کانپوءِ ڪيو سو بڇڙو آھي، پنھنجي پالڻھار جي حُڪم کان (اڳ) ڇو تڪڙ ڪيوَ؟ ۽ ڦرھيون اُڇليائين ۽ پنھنجي ڀاءُ جي مٿي (جي وارن) کان وٺي کيس پاڻ ڏانھن ڇڪڻ لڳو، (ھارون) چيو ته اي مُنھنجا ڀاءُ بيشڪ (ھن) قوم مون کي ھيڻو ڀانيو ۽ مُنھنجي مارڻ تي سنبريا، تنھنڪري مون تي دشمن نه کلاءِ ۽ نڪي مون کي ظالم قوم سان گڏ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قَالَ رَبِّ ٱغْفِرْ لِى وَلِأَخِى وَأَدْخِلْنَا فِى رَحْمَتِكَ وَأَنتَ أَرْحَمُ ٱلرَّٰحِمِينَ

Taj Mehmood Amroti(موسى) چيو اي منھنجا پالڻھار مون کي ۽ مُنھنجي ڀاءُ کي بخش ۽ اسان کي پنھنجي ٻاجھ ۾ داخل ڪر، ۽ تون (سڀني) ٻاجھ وارن کان ٻاجھ وارو آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلَّذِينَ ٱتَّخَذُوا۟ ٱلْعِجْلَ سَيَنَالُهُمْ غَضَبٌ مِّن رَّبِّهِمْ وَذِلَّةٌ فِى ٱلْحَيَوٰةِ ٱلدُّنْيَا وَكَذَٰلِكَ نَجْزِى ٱلْمُفْتَرِينَ

Taj Mehmood Amrotiجن گابي کي (خُدا ڪري) ورتو تن کي سندن پالڻھار وٽان ڏمر ۽ دُنيا جي حياتيءَ ۾ خواري سگھو پھچندي، ۽ اھڙيءَ طرح ٺاھ ٺاھيندڙن کي سزا ڏيندا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ عَمِلُوا۟ ٱلسَّيِّـَٔاتِ ثُمَّ تَابُوا۟ مِنۢ بَعْدِهَا وَءَامَنُوٓا۟ إِنَّ رَبَّكَ مِنۢ بَعْدِهَا لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) جن بڇڙا ڪم ڪيا وري اُن کان پوءِ توبه ڪيائون ۽ ايمان آندائون، (تن کي) تنھنجو پالڻھار اُن (توبه) کان پوءِ بخشڻھار مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَمَّا سَكَتَ عَن مُّوسَى ٱلْغَضَبُ أَخَذَ ٱلْأَلْوَاحَ وَفِى نُسْخَتِهَا هُدًى وَرَحْمَةٌ لِّلَّذِينَ هُمْ لِرَبِّهِمْ يَرْهَبُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن مُوسىٰ کان ڏمر لٿو تڏھن (توريت جون) ڦرھيون ورتائين، ان جي لکيي ۾ اُنھن لاءِ ھدايت ۽ ٻاجھ ھُئي جيڪي پنھنجي پالڻھار کان ڊڄندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱخْتَارَ مُوسَىٰ قَوْمَهُۥ سَبْعِينَ رَجُلًا لِّمِيقَٰتِنَا فَلَمَّآ أَخَذَتْهُمُ ٱلرَّجْفَةُ قَالَ رَبِّ لَوْ شِئْتَ أَهْلَكْتَهُم مِّن قَبْلُ وَإِيَّٰىَ أَتُهْلِكُنَا بِمَا فَعَلَ ٱلسُّفَهَآءُ مِنَّآ إِنْ هِىَ إِلَّا فِتْنَتُكَ تُضِلُّ بِهَا مَن تَشَآءُ وَتَهْدِى مَن تَشَآءُ أَنتَ وَلِيُّنَا فَٱغْفِرْ لَنَا وَٱرْحَمْنَا وَأَنتَ خَيْرُ ٱلْغَٰفِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ مُوسىٰ پنھنجي قوم مان ستر ڄڻا اسان جي انجام جي وقت لاءِ چونڊيا، پوءِ جنھن مھل انھن کي زلزلي ورتو (ته موسى) چيو ته اي منھنجا پالڻھار جيڪڏھن (تون) گھرين ھا ته ھن کان اڳ انھن کي ۽ خاص مونکي ھلاڪ ڪري ڇڏين ھا، اسان منجھان بي عقلن جيڪي ڪيو تنھن سببان اسانکي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟ اِھا تنھنجي پرک (حڪمت) کانسواءِ نه آھي، جنھن کي گھرين تنھن کي ان سان گمراھ ڪندو آھين ۽ جنھن کي گھرندو آھين ھدايت ڪندو آھين، تون اسان جو سنڀاليندڙ آھين تنھنڪري اسانکي بخش ۽ اسان تي ٻاجھ ڪر ۽ تون (سڀ کان) چڱو بخشيندڙ آھين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱكْتُبْ لَنَا فِى هَٰذِهِ ٱلدُّنْيَا حَسَنَةً وَفِى ٱلْـَٔاخِرَةِ إِنَّا هُدْنَآ إِلَيْكَ قَالَ عَذَابِىٓ أُصِيبُ بِهِۦ مَنْ أَشَآءُ وَرَحْمَتِى وَسِعَتْ كُلَّ شَىْءٍ فَسَأَكْتُبُهَا لِلَّذِينَ يَتَّقُونَ وَيُؤْتُونَ ٱلزَّكَوٰةَ وَٱلَّذِينَ هُم بِـَٔايَٰتِنَا يُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اسان لاءِ ھن دُنيا ۾ ۽ آخرت ۾ چڱائي لک ڇوته اسين توڏانھن رُجوع ٿيا آھيون، (الله) فرمايو ته آءٌ پنھنجو عذاب جنھن لاءِ وڻندو اٿم تنھنکي پھچائيندو آھيان، ۽ منھنجي ٻاجھ سڀڪنھن شيء کي شامل آھي، ۽ پوءِ آءٌ پنھنجي ٻاجھ انھن لاءِ لکندس جيڪي پرھيزگاري ڪندا آھن ۽ زڪواة ڏيندا آھن ۽ جيڪي منھنجي آيتن تي ايمان آڻيندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ يَتَّبِعُونَ ٱلرَّسُولَ ٱلنَّبِىَّ ٱلْأُمِّىَّ ٱلَّذِى يَجِدُونَهُۥ مَكْتُوبًا عِندَهُمْ فِى ٱلتَّوْرَىٰةِ وَٱلْإِنجِيلِ يَأْمُرُهُم بِٱلْمَعْرُوفِ وَيَنْهَىٰهُمْ عَنِ ٱلْمُنكَرِ وَيُحِلُّ لَهُمُ ٱلطَّيِّبَٰتِ وَيُحَرِّمُ عَلَيْهِمُ ٱلْخَبَٰٓئِثَ وَيَضَعُ عَنْهُمْ إِصْرَهُمْ وَٱلْأَغْلَٰلَ ٱلَّتِى كَانَتْ عَلَيْهِمْ فَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ بِهِۦ وَعَزَّرُوهُ وَنَصَرُوهُ وَٱتَّبَعُوا۟ ٱلنُّورَ ٱلَّذِىٓ أُنزِلَ مَعَهُۥٓ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُفْلِحُونَ

Taj Mehmood Amroti(۽ پڻ آخرت جي رحمت اُنھن لاءِ لکندس) جيڪي انھيء نبّي اُمّي پيغمبر جي تابعداري ڪندا آھن جنھن جون وصفون توريت ۽ انجيل ۾ پاڻ وٽ لکيلون لھندا آھن، (اُھو) اُنھن کي چڱن ڪمن جو حُڪم ڪندو آھي ۽ مندن ڪمن کان اُنھن کي جھليندو آھي ۽ سٺيون شيون اُنھن لاءِ حلال ڪندو آھي ۽ پليت شيون مٿن حرام ڪندو آھي ۽ سندن ڳرو بار ۽ جيڪي تڪليفون مٿن ھيون سي کانئن لاھيندو آھي، پوءِ جن اُن تي ايمان آندو ۽ سندس تعظيم ڪئي ۽ کيس مدد ڏنائون ۽ اُنھيءَ نُور (ڪلام الله) جي تابعداري ڪيائون جيڪو ساڻس لاٿو ويو سي ئي ڇٽل آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُلْ يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّاسُ إِنِّى رَسُولُ ٱللَّهِ إِلَيْكُمْ جَمِيعًا ٱلَّذِى لَهُۥ مُلْكُ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ لَآ إِلَٰهَ إِلَّا هُوَ يُحْىِۦ وَيُمِيتُ فَـَٔامِنُوا۟ بِٱللَّهِ وَرَسُولِهِ ٱلنَّبِىِّ ٱلْأُمِّىِّ ٱلَّذِى يُؤْمِنُ بِٱللَّهِ وَكَلِمَٰتِهِۦ وَٱتَّبِعُوهُ لَعَلَّكُمْ تَهْتَدُونَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) چؤ ته اي انسانؤ آءٌ اوھان مڙني ڏانھن اُن الله جو پيغمبر (ٿي آيو) آھيان جنھن جي آسمانن ۽ زمين ۾ بادشاھي آھي، اُن الله کانسواءِ (ٻيو) ڪو عبادت جو لائق نه آھي اُھو جياريندو آھي ۽ ماريندو آھي، تنھنڪري الله ۽ سندس انھي اُمّي نبيء تي ايمان آڻيو جيڪو الله ۽ سندس حُڪمن کي مڃيندو آھي ۽ اُن جي تابعداري ڪريو ته مانَ اوھين سڌي واٽ لھو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمِن قَوْمِ مُوسَىٰٓ أُمَّةٌ يَهْدُونَ بِٱلْحَقِّ وَبِهِۦ يَعْدِلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ مُوسىٰ جي قوم مان ھڪڙي اھڙي ٽولي آھي جو (ماڻھن کي) سڌو رستو ڏيکاريندي آھي ۽ اُھي ان سان انصاف تي ھلندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَطَّعْنَٰهُمُ ٱثْنَتَىْ عَشْرَةَ أَسْبَاطًا أُمَمًا وَأَوْحَيْنَآ إِلَىٰ مُوسَىٰٓ إِذِ ٱسْتَسْقَىٰهُ قَوْمُهُۥٓ أَنِ ٱضْرِب بِّعَصَاكَ ٱلْحَجَرَ فَٱنۢبَجَسَتْ مِنْهُ ٱثْنَتَا عَشْرَةَ عَيْنًا قَدْ عَلِمَ كُلُّ أُنَاسٍ مَّشْرَبَهُمْ وَظَلَّلْنَا عَلَيْهِمُ ٱلْغَمَٰمَ وَأَنزَلْنَا عَلَيْهِمُ ٱلْمَنَّ وَٱلسَّلْوَىٰ كُلُوا۟ مِن طَيِّبَٰتِ مَا رَزَقْنَٰكُمْ وَمَا ظَلَمُونَا وَلَٰكِن كَانُوٓا۟ أَنفُسَهُمْ يَظْلِمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بني اسرائيلن مان ٻارھن پاڙا ٽوليون ڪري جدا ڪياسون، جڏھن موسىٰ کان سندس قوم پاڻي گھريو تڏھن ڏانھس وحي موڪليوسون ته پنھنجي لٺ پھڻ کي ھڻ، پوءِ (ھنيائين ته) اُن مان ٻارھن واھيون وھيون، بيشڪ سڀڪنھن ماڻھوءَ پنھنجي پاڻي ڀرڻ جي جاءِ ڄاتي ٿي، ۽ اسان مٿن ڪڪر جي ڇانو ڪئي ۽ مٿن مَن ۽ سَلۡوىٰ لاٿاسون، (۽ چيوسون ته) جيڪا اوھان جي سٺي روزي بڻائي اٿون تنھن مان کائو، ۽ اسان جو ڪُجھ نه وڃائون پر پاڻ کي نقصان ٿي لاٿائون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ قِيلَ لَهُمُ ٱسْكُنُوا۟ هَٰذِهِ ٱلْقَرْيَةَ وَكُلُوا۟ مِنْهَا حَيْثُ شِئْتُمْ وَقُولُوا۟ حِطَّةٌ وَٱدْخُلُوا۟ ٱلْبَابَ سُجَّدًا نَّغْفِرْ لَكُمْ خَطِيٓـَٰٔتِكُمْ سَنَزِيدُ ٱلْمُحْسِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن انھن کي چيو ٿي ويو ته ھن ڳوٺ ۾ وڃي ٽڪو ۽ منجھانئس جتان وڻيو تتان کائو ۽ چؤ ته بخش (ڪر) ۽ دروازي کان سجدو ڪندڙ ٿي لنگھو ته اوھان کي اوھان جون خطائون بخشيون، ڀلارن کي وڌيڪ (چڱائي) ڏينداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَبَدَّلَ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ مِنْهُمْ قَوْلًا غَيْرَ ٱلَّذِى قِيلَ لَهُمْ فَأَرْسَلْنَا عَلَيْهِمْ رِجْزًا مِّنَ ٱلسَّمَآءِ بِمَا كَانُوا۟ يَظْلِمُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ انھن (بني اسرائيلن) مان جيڪي ظالم ھئا تن کي جيڪا ڳالھ چئي وئي سا انھن مٽائي ٻي ڳالھ چئي پوءِ مٿن آسمان کان انھيءَ سببان سزا موڪلي سون جو ظلم ٿي ڪيائون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَسْـَٔلْهُمْ عَنِ ٱلْقَرْيَةِ ٱلَّتِى كَانَتْ حَاضِرَةَ ٱلْبَحْرِ إِذْ يَعْدُونَ فِى ٱلسَّبْتِ إِذْ تَأْتِيهِمْ حِيتَانُهُمْ يَوْمَ سَبْتِهِمْ شُرَّعًا وَيَوْمَ لَا يَسْبِتُونَ لَا تَأْتِيهِمْ كَذَٰلِكَ نَبْلُوهُم بِمَا كَانُوا۟ يَفْسُقُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) کائن اُن ڳوٺ (جي حال) بابت پڇا ڪر جيڪو درياءَ جي ڪناري تي ھو، جڏھن (اُھي منع ھوندي) ڇنڇر (جي حُڪم) ۾ حُڪم عدولي ڪرڻ لڳا جڏھن انھن جون مَڇيون سندن ڇنڇر ڏينھن (پاڻي جي مٿان) سندن سامھون پڌريون ٿي اينديون ھيون ۽ جنھن ڏينھن ڇنڇر نه ڪندا ھئا تنھن ڏينھن (ٻاھر نه) اينديون ھيون، اھڙي طرح اُنھن کي انھي سببان پرکيوسون جو نافرماني ٿي ڪيائون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ قَالَتْ أُمَّةٌ مِّنْهُمْ لِمَ تَعِظُونَ قَوْمًا ٱللَّهُ مُهْلِكُهُمْ أَوْ مُعَذِّبُهُمْ عَذَابًا شَدِيدًا قَالُوا۟ مَعْذِرَةً إِلَىٰ رَبِّكُمْ وَلَعَلَّهُمْ يَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن منجھائن ھڪ ٽوليء (نصيحت ڪندڙن کي) چيو ته اھڙي قوم کي اوھين ڇو نصيحت ڪندا آھيو جن کي الله ھلاڪ ڪندڙ آھي يا کين سخت عذاب ڪندڙ آھي؟ (تڏھن) چيائون ته (اسان جي نصيحت) اوھانجي پالڻھار وٽ عذر آھي ۽ مانَ اُھي ڊڄن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَمَّا نَسُوا۟ مَا ذُكِّرُوا۟ بِهِۦٓ أَنجَيْنَا ٱلَّذِينَ يَنْهَوْنَ عَنِ ٱلسُّوٓءِ وَأَخَذْنَا ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ بِعَذَابٍۭ بَـِٔيسٍۭ بِمَا كَانُوا۟ يَفْسُقُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪا (نصيحت) ڏني وئي ھُين سا جنھن مھل وساريائون اُنھي مھل اُنھن ماڻھن کي بچايوسون جيڪي مدائي کان جھليندا ھُين ۽ ظالمن کي سخت عذاب سان انھيء ڪري پڪڙيوسون جو ھو بدڪار ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَمَّا عَتَوْا۟ عَن مَّا نُهُوا۟ عَنْهُ قُلْنَا لَهُمْ كُونُوا۟ قِرَدَةً خَٰسِـِٔينَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن کان جھليو ويو ھُين تنھن کان جڏھن حد کان لنگھي ويا ته چيوسون ته خوار ٿيل ڀولڙا ٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ تَأَذَّنَ رَبُّكَ لَيَبْعَثَنَّ عَلَيْهِمْ إِلَىٰ يَوْمِ ٱلْقِيَٰمَةِ مَن يَسُومُهُمْ سُوٓءَ ٱلْعَذَابِ إِنَّ رَبَّكَ لَسَرِيعُ ٱلْعِقَابِ وَإِنَّهُۥ لَغَفُورٌ رَّحِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ (ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار (يھودين کي) سُڌ ڏني ته (اُھو) مٿن قيامت تائين (اھڙو حاڪم) ضرور مقرر ڪندو جيڪو انھن کي بڇڙي سزا چکائيندو رھندو، ڇوته تنھنجو پالڻھار سَگھو سزا ڏيندڙ آھي، ۽ اُھو بخشڻھار مھربان (به) آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَطَّعْنَٰهُمْ فِى ٱلْأَرْضِ أُمَمًا مِّنْهُمُ ٱلصَّٰلِحُونَ وَمِنْهُمْ دُونَ ذَٰلِكَ وَبَلَوْنَٰهُم بِٱلْحَسَنَٰتِ وَٱلسَّيِّـَٔاتِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُنھن (بني اسرائيلن) کي ملڪ ۾ ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيوسون، منجھائن ڪي سُڌريل ۽ ڪي اَڻ سڌريل آھن، ۽ اُنھن کي سکن ۽ ڏکن سان پرکيوسون ته مانَ اُھي موٽن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَخَلَفَ مِنۢ بَعْدِهِمْ خَلْفٌ وَرِثُوا۟ ٱلْكِتَٰبَ يَأْخُذُونَ عَرَضَ هَٰذَا ٱلْأَدْنَىٰ وَيَقُولُونَ سَيُغْفَرُ لَنَا وَإِن يَأْتِهِمْ عَرَضٌ مِّثْلُهُۥ يَأْخُذُوهُ أَلَمْ يُؤْخَذْ عَلَيْهِم مِّيثَٰقُ ٱلْكِتَٰبِ أَن لَّا يَقُولُوا۟ عَلَى ٱللَّهِ إِلَّا ٱلْحَقَّ وَدَرَسُوا۟ مَا فِيهِ وَٱلدَّارُ ٱلْـَٔاخِرَةُ خَيْرٌ لِّلَّذِينَ يَتَّقُونَ أَفَلَا تَعْقِلُونَ

Taj Mehmood Amrotiوري کائن پوءِ اھڙا بُڇڙا اُنھن جي جاڳھن تي ويٺا جو ڪتاب (توريت) جا (ڇڙا) وارث بڻيا ھن دنيا جو سامان اختيار ڪندا آھن ۽ چوندا آھن ته بخشبا سون، ۽ جيڪڏھن وٽن ڪو اھڙو سامان ايندو آھي ته (اُھي پشيمان نه ٿيندا آھن ۽) اُھو وٺندا رھندا آھن، کائن ڪتاب (توريت) ۾ ھي انجام نه ورتو ويو ھو ڇا ته سچ کانسواءِ الله تي ڪي به ڪين چون؟ ۽ جيڪي منجھس آھي سو پڙھيو به اٿن، ۽ آخرت جو مُلڪ اُنھن لاءِ ڀلو آھي جيڪي پرھيزگار آھن، پوءِ ڇونه سمجھندا آھيو؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ يُمَسِّكُونَ بِٱلْكِتَٰبِ وَأَقَامُوا۟ ٱلصَّلَوٰةَ إِنَّا لَا نُضِيعُ أَجْرَ ٱلْمُصْلِحِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي ڪتاب کي مُحڪم وٺن ٿا ۽ نماز پڙھن ٿا، (اھڙن) نيڪن جو اجر اسين نه وڃائيندا آھيون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ نَتَقْنَا ٱلْجَبَلَ فَوْقَهُمْ كَأَنَّهُۥ ظُلَّةٌ وَظَنُّوٓا۟ أَنَّهُۥ وَاقِعٌۢ بِهِمْ خُذُوا۟ مَآ ءَاتَيْنَٰكُم بِقُوَّةٍ وَٱذْكُرُوا۟ مَا فِيهِ لَعَلَّكُمْ تَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (ياد ڪر) جڏھن انھن جي مٿان جبل کي ٽنگيوسون ڄڻ ته اُھو ڇٽي ھو ۽ ڀانيائون ته اُھو مٿن ڪرندو، (کين چيوسون ته) جيڪي اسان اوھان کي ڏنو آھي سو مُحڪم ڪري وٺو ۽ جيڪي منجھس آھي سو ياد ڪندا رھو ته مانَ اوھين (عذاب کان) بچو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ أَخَذَ رَبُّكَ مِنۢ بَنِىٓ ءَادَمَ مِن ظُهُورِهِمْ ذُرِّيَّتَهُمْ وَأَشْهَدَهُمْ عَلَىٰٓ أَنفُسِهِمْ أَلَسْتُ بِرَبِّكُمْ قَالُوا۟ بَلَىٰ شَهِدْنَآ أَن تَقُولُوا۟ يَوْمَ ٱلْقِيَٰمَةِ إِنَّا كُنَّا عَنْ هَٰذَا غَٰفِلِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار آدم جي اولاد مان (يعني) پٺين مان سندن اولاد کي پيدا ڪيو ۽ سندن وجود کي مٿن شاھد ڪيائين، (۽ پڇيائين) ته (آءٌ) اوھانجو پالڻھار نه آھيان ڇا؟ چيائون ته ھائو (آھين)، گواہ ٿيا آھيون، (اھا گواھي ھن لاءِ وٺڻي ھئي) ته متان قيامت جي ڏينھن چئو ته اسين ھن (ڳالھ) کان بي خبر ھئاسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوْ تَقُولُوٓا۟ إِنَّمَآ أَشْرَكَ ءَابَآؤُنَا مِن قَبْلُ وَكُنَّا ذُرِّيَّةً مِّنۢ بَعْدِهِمْ أَفَتُهْلِكُنَا بِمَا فَعَلَ ٱلْمُبْطِلُونَ

Taj Mehmood Amrotiيا متان چئو ته اڳئي شرڪ اسان جي ابن ڏاڏن ڪيو ھو ۽ اسين کائن پوءِ اولاد ھئاسون، تنھنڪري جيڪي بيھودن ڪيو تنھن سببان اسان کي ڇو ٿو ھلاڪ ڪرين؟

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَكَذَٰلِكَ نُفَصِّلُ ٱلْـَٔايَٰتِ وَلَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اھڙي طرح اسين آيتون کليل طرح بيان ڪندا آھيون ته مانَ اُھي موٽن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱتْلُ عَلَيْهِمْ نَبَأَ ٱلَّذِىٓ ءَاتَيْنَٰهُ ءَايَٰتِنَا فَٱنسَلَخَ مِنْهَا فَأَتْبَعَهُ ٱلشَّيْطَٰنُ فَكَانَ مِنَ ٱلْغَاوِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) تون اُن (ماڻھو) جو قصو کين پڙھي ٻڌاءِ جنھن کي پنھنجين آيتن جو علم ڏنوھوسون (اُھو) اُن (آيتن جي علم) مان نڪتو پوءِ شيطان سندس پُٺيان لڳو پوءِ (اُھو) گمراھن مان ٿيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَوْ شِئْنَا لَرَفَعْنَٰهُ بِهَا وَلَٰكِنَّهُۥٓ أَخْلَدَ إِلَى ٱلْأَرْضِ وَٱتَّبَعَ هَوَىٰهُ فَمَثَلُهُۥ كَمَثَلِ ٱلْكَلْبِ إِن تَحْمِلْ عَلَيْهِ يَلْهَثْ أَوْ تَتْرُكْهُ يَلْهَث ذَّٰلِكَ مَثَلُ ٱلْقَوْمِ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا فَٱقْصُصِ ٱلْقَصَصَ لَعَلَّهُمْ يَتَفَكَّرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن گھرون ھا ته کيس انھن (آيتن) سان ضرور مٿاھون ڪريون ھا پر ھُن (ھيٺ) زمين ڏانھن لاڙو ڪيو ۽ پنھنجن سڌن پٺيان لڳو، پوءِ سندس مثال ڪُتي جي مثال وانگر ٿيو، (جو) جيڪڏھن (تون) مٿس (ڪا شيء) اولارين ته سھڪي يا جي ڇڏي ڏئين ته (به) سھڪي، اھو انھي قوم جو مثال آھي جن اسان جي آيتن کي ڪُوڙ ڄاتو، پوءِ (اي پيغمبر انھن کي) اِھا نصيحت پڙھي ٻڌاءِ ته مانَ اُھي سوچ ڪن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

سَآءَ مَثَلًا ٱلْقَوْمُ ٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا وَأَنفُسَهُمْ كَانُوا۟ يَظْلِمُونَ

Taj Mehmood Amrotiجن ماڻھن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن جو حال بڇڙو آھي ۽ اُنھن پاڻ تي ئي ظلم ڪيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَن يَهْدِ ٱللَّهُ فَهُوَ ٱلْمُهْتَدِى وَمَن يُضْلِلْ فَأُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْخَٰسِرُونَ

Taj Mehmood Amrotiجنھن کي الله ھدايت ڪئي سو ھدايت وارو آھي، ۽ جنھن کي ڀلايائين سي ئي ڇيئي وارا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَقَدْ ذَرَأْنَا لِجَهَنَّمَ كَثِيرًا مِّنَ ٱلْجِنِّ وَٱلْإِنسِ لَهُمْ قُلُوبٌ لَّا يَفْقَهُونَ بِهَا وَلَهُمْ أَعْيُنٌ لَّا يُبْصِرُونَ بِهَا وَلَهُمْ ءَاذَانٌ لَّا يَسْمَعُونَ بِهَآ أُو۟لَٰٓئِكَ كَٱلْأَنْعَٰمِ بَلْ هُمْ أَضَلُّ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْغَٰفِلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ دوزخ لاءِ جنن ۽ ماڻھن مان گھڻا پيدا ڪيا اٿون، انھن جو اھڙيون دليون آھن جو انھن سان (الله جو حُڪم) نه سمجھندا آھن، ۽ اُنھن جون اھڙيون اکيون آھن جو اُنھن سان (حقانيت) ڏسي نه سگھندا آھن، ۽ اُنھن جا اھڙا ڪن آھن جو انھن سان (حق کي) ٻڌي نه سگھندا آھن، اھي ڍورن وانگر آھن بلڪ اُنھن کان وڌيڪ گمراہ آھن، اُھي ئي غافل آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلِلَّهِ ٱلْأَسْمَآءُ ٱلْحُسْنَىٰ فَٱدْعُوهُ بِهَا وَذَرُوا۟ ٱلَّذِينَ يُلْحِدُونَ فِىٓ أَسْمَٰٓئِهِۦ سَيُجْزَوْنَ مَا كَانُوا۟ يَعْمَلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ الله جا چڱا نالا آھن انھن نالن سان کيس سڏيو، ۽ جيڪي سندس نالن ۾ ڏنگائي ھلندا آھن تن کي ڇڏي ڏيو، (۽) جيڪي ڪندا آھن تنھنجي سگھو سزا ڏبين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمِمَّنْ خَلَقْنَآ أُمَّةٌ يَهْدُونَ بِٱلْحَقِّ وَبِهِۦ يَعْدِلُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي اسان پيدا ڪيا آھن تن مان ھڪ ٽولي آھي جا سچي (دين) جو رستو ڏيکاريندي آھي ۽ اُن (دين) سان انصاف ڪندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِنَا سَنَسْتَدْرِجُهُم مِّنْ حَيْثُ لَا يَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جن اسان جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتو تن کي سگھو وڌائي وڌائي (اُتاھون) سزا ڏينداسون جتان ڄاڻندا ئي نه.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأُمْلِى لَهُمْ إِنَّ كَيْدِى مَتِينٌ

Taj Mehmood Amroti۽ اُنھن کي مُھلت ڏيندس، ڇوته اسان جي رٿ پڪي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوَلَمْ يَتَفَكَّرُوا۟ مَا بِصَاحِبِهِم مِّن جِنَّةٍ إِنْ هُوَ إِلَّا نَذِيرٌ مُّبِينٌ

Taj Mehmood Amroti(اُھي) ڌيان نه ڪندا آھن ڇا ته سندن سنگتي (ﷴ ﷺ) کي ڪا چريائي ڪانه آھي، اُھو ته رڳو پڌرو ڊيڄاريندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَوَلَمْ يَنظُرُوا۟ فِى مَلَكُوتِ ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ وَمَا خَلَقَ ٱللَّهُ مِن شَىْءٍ وَأَنْ عَسَىٰٓ أَن يَكُونَ قَدِ ٱقْتَرَبَ أَجَلُهُمْ فَبِأَىِّ حَدِيثٍۭ بَعْدَهُۥ يُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiآسمانن ۽ زمين جي بادشاھيءَ (۾) ۽ الله ھر جنس مان جيڪي پيدا ڪيو آھي تنھن ۾ نه نھاريندا آھن ڇا؟ ۽ ته متان سندن (موت جي) ٺھرايل مُدّت پوري ٿيڻ تي ھجي، پوءِ قرآن پڄاڻا ڪھڙي ڳالھ تي ايمان آڻيندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَن يُضْلِلِ ٱللَّهُ فَلَا هَادِىَ لَهُۥ وَيَذَرُهُمْ فِى طُغْيَٰنِهِمْ يَعْمَهُونَ

Taj Mehmood Amrotiجنھن کي الله گمراہ ڪندو آھي تنھن کي ڪو ھدايت ڪرڻ وارو ڪونھي، ۽ الله اُنھن کي سندن گمراھيءَ ۾ حيران ٿيل ڇڏي ڏيندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَسْـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلسَّاعَةِ أَيَّانَ مُرْسَىٰهَا قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِندَ رَبِّى لَا يُجَلِّيهَا لِوَقْتِهَآ إِلَّا هُوَ ثَقُلَتْ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ لَا تَأْتِيكُمْ إِلَّا بَغْتَةً يَسْـَٔلُونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنْهَا قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِندَ ٱللَّهِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته ڪھڙي مھل اچڻي آھي؟ چؤ ته انھيء جي خبر رڳو منھنجي پالڻھار وٽ آھي، الله کانسواءِ کيس سندس وقت تي ڪو پڌرو نه ڪندو، (اُنجي اچڻ جي مھل جي ڄاڻپ) آسمانن ۽ زمين ۾ ڳري ٿي آھي (يعني ڪو سمجھي نه ٿو سگھي)، اُھا ته اوھان وٽ اوچتو ئي ايندي، (اي پيغمبر) توکان (ائين) پڇن ٿا جو ڄڻڪ تون اُنھن جو کوٽيندڙ (يعني جاچي معلوم ڪندڙ) آھين، چؤ ته اُن جي خبر الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن وٽ نه آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُل لَّآ أَمْلِكُ لِنَفْسِى نَفْعًا وَلَا ضَرًّا إِلَّا مَا شَآءَ ٱللَّهُ وَلَوْ كُنتُ أَعْلَمُ ٱلْغَيْبَ لَٱسْتَكْثَرْتُ مِنَ ٱلْخَيْرِ وَمَا مَسَّنِىَ ٱلسُّوٓءُ إِنْ أَنَا۠ إِلَّا نَذِيرٌ وَبَشِيرٌ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiچؤ ته الله جي گھُر ڌاران آءٌ پاڻ کي نڪي فائدو ۽ نڪي نقصان پھچائي سگھان ٿو، ۽ جيڪڏھن ڳُجھ ڄاڻان ھا ته گھڻيون چڱايون گڏ ڪريان ھا، ۽ مون کي ڪو ڏک نه پھچي ھا، آءٌ ته قوم مؤمنن لاءِ رڳو ڊيڄاريندڙ ۽ خوشخبري ڏيندڙ (پيغمبر) آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

هُوَ ٱلَّذِى خَلَقَكُم مِّن نَّفْسٍ وَٰحِدَةٍ وَجَعَلَ مِنْهَا زَوْجَهَا لِيَسْكُنَ إِلَيْهَا فَلَمَّا تَغَشَّىٰهَا حَمَلَتْ حَمْلًا خَفِيفًا فَمَرَّتْ بِهِۦ فَلَمَّآ أَثْقَلَت دَّعَوَا ٱللَّهَ رَبَّهُمَا لَئِنْ ءَاتَيْتَنَا صَٰلِحًا لَّنَكُونَنَّ مِنَ ٱلشَّٰكِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiاُھو (الله) آھي جنھن اوھان کي ھڪ وجود مان بڻايو ۽ منجھانئس سندس زال ھن لاءِ بڻايائين ته ساڻس آرام وٺي، پوءِ جنھن مھل (اُھو) گڏ ٿيندو آھي ته اُھا ھلڪي بار سان ڳورھاري ٿيندي آھي ۽ اُن سان گھمندي رھندي آھي، وري جنھن مھل ڏاڍي ڳري ٿيندي آھي (تنھن مھل) ٻئي پنھنجي پالڻھار کي سڏيندا آھن (ته قسم آھي) ته جيڪڏھن اسان کي صحيح سالم ٻار ڏيندين ته ضرور شڪر ڪندڙن مان ٿينداسون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَمَّآ ءَاتَىٰهُمَا صَٰلِحًا جَعَلَا لَهُۥ شُرَكَآءَ فِيمَآ ءَاتَىٰهُمَا فَتَعَٰلَى ٱللَّهُ عَمَّا يُشْرِكُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جنھن مھل انھن کي صحيح سالم ٻار ڏيندو آھي (ته) جيڪي اُنھن کي ڏنائين تنھن ۾ الله سان شريڪ مقرر ڪندا آھن، ۽ جنھن شيء کي الله سان شريڪ بڻائيندا آھن تنھن کان الله جو شان مٿاھون آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَيُشْرِكُونَ مَا لَا يَخْلُقُ شَيْـًٔا وَهُمْ يُخْلَقُونَ

Taj Mehmood Amroti(ھي مشرڪ) اھڙن کي ڇو ٿا شريڪ بڻائين جي ڪجھ بڻائي نه سگھندا آھن ۽ اُھي پاڻ خلقيل آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا يَسْتَطِيعُونَ لَهُمْ نَصْرًا وَلَآ أَنفُسَهُمْ يَنصُرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ نڪي انھن کي ڪا مدد ڏيئي سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي (ئي) مدد ڏيئي سگھندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِن تَدْعُوهُمْ إِلَى ٱلْهُدَىٰ لَا يَتَّبِعُوكُمْ سَوَآءٌ عَلَيْكُمْ أَدَعَوْتُمُوهُمْ أَمْ أَنتُمْ صَٰمِتُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) جيڪڏھن اُنھن کي ھدايت ڏانھن سڏيندؤ ته اوھان جي تابعداري نه ڪندا، اوھان تي ھڪ جھڙو آھي ته انھن کي سڏيو يا اوھين ماٺ ڪريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِ ٱللَّهِ عِبَادٌ أَمْثَالُكُمْ فَٱدْعُوهُمْ فَلْيَسْتَجِيبُوا۟ لَكُمْ إِن كُنتُمْ صَٰدِقِينَ

Taj Mehmood Amrotiالله کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان جھڙا ئي ٻانھا آھن تنھنڪري جيڪڏھن (اوھين) سچا آھيو ته انھن کي سڏيو ته ڀلي اوھان کي ورندي ڏين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَلَهُمْ أَرْجُلٌ يَمْشُونَ بِهَآ أَمْ لَهُمْ أَيْدٍ يَبْطِشُونَ بِهَآ أَمْ لَهُمْ أَعْيُنٌ يُبْصِرُونَ بِهَآ أَمْ لَهُمْ ءَاذَانٌ يَسْمَعُونَ بِهَا قُلِ ٱدْعُوا۟ شُرَكَآءَكُمْ ثُمَّ كِيدُونِ فَلَا تُنظِرُونِ

Taj Mehmood Amrotiاُنھن (بتن) کي ڪي پير آھن ڇا جن سان گھمندا آھن، يا انھن کي ڪي ھٿ آھن ڇا جن سان وٺندا آھن، يا انھن کي ڪي اکيون آھن ڇا جن سان ڏسندا آھن، يا اُنھن کي ڪي ڪن آھن ڇا جن سان ٻڌندا آھن؟ چؤ ته (اوھين) پنھنجن بتن کي سڏيو پوءِ مون لاءِ جيڪا رٿ اچيو سا رٿيو ۽ مون کي مُھلت نه ڏيو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ وَلِـِّۧىَ ٱللَّهُ ٱلَّذِى نَزَّلَ ٱلْكِتَٰبَ وَهُوَ يَتَوَلَّى ٱلصَّٰلِحِينَ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ منھنجو مددگار اُھو الله آھي جنھن ڪتاب نازل ڪيو، ۽ اُھو نيڪن کي مدد ڏيندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ تَدْعُونَ مِن دُونِهِۦ لَا يَسْتَطِيعُونَ نَصْرَكُمْ وَلَآ أَنفُسَهُمْ يَنصُرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ ان (الله) کان سواءِ جن کي سڏيندا آھيو سي اوھان کي ڪا مدد ڏيئي نه سگھندا آھن ۽ نڪي پاڻ کي مدد ڏيئي سگھندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِن تَدْعُوهُمْ إِلَى ٱلْهُدَىٰ لَا يَسْمَعُوا۟ وَتَرَىٰهُمْ يَنظُرُونَ إِلَيْكَ وَهُمْ لَا يُبْصِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن اوھين انھن کي ھدايت ڏانھن سڏيو ته ڪين ٻڌندا، کين ڏسندو آھين (ته ڄڻ) ته توڏانھن تڪين ٿا مگر اُھي ڏسندا ئي نه آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

خُذِ ٱلْعَفْوَ وَأْمُرْ بِٱلْعُرْفِ وَأَعْرِضْ عَنِ ٱلْجَٰهِلِينَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) معافي ڏيڻ جي عادت ڪر ۽ چڱي ڪم ڪرڻ جو حُڪم ڪر ۽ جاھلن کان منھن موڙ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِمَّا يَنزَغَنَّكَ مِنَ ٱلشَّيْطَٰنِ نَزْغٌ فَٱسْتَعِذْ بِٱللَّهِ إِنَّهُۥ سَمِيعٌ عَلِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن توکي شيطان کان ڪو وسوسو پوي ته الله کان پناھ گھر، بيشڪ اُھو ٻُڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلَّذِينَ ٱتَّقَوْا۟ إِذَا مَسَّهُمْ طَٰٓئِفٌ مِّنَ ٱلشَّيْطَٰنِ تَذَكَّرُوا۟ فَإِذَا هُم مُّبْصِرُونَ

Taj Mehmood Amrotiجيڪي پرھيزگار آھن تن کي جڏھن شيطان کان ڪو وسوسو پھچندو آھي تڏھن الله کي ياد ڪندا آھن پوءِ اُھي اُنھيءَ ئي مھل ڏسندڙ ٿيندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِخْوَٰنُهُمْ يَمُدُّونَهُمْ فِى ٱلْغَىِّ ثُمَّ لَا يُقْصِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ اُنھن (شيطانن) جا ڀائر کين گمراھيءَ ۾ ڇڪيندا آھن وري نه گھٽائيندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا لَمْ تَأْتِهِم بِـَٔايَةٍ قَالُوا۟ لَوْلَا ٱجْتَبَيْتَهَا قُلْ إِنَّمَآ أَتَّبِعُ مَا يُوحَىٰٓ إِلَىَّ مِن رَّبِّى هَٰذَا بَصَآئِرُ مِن رَّبِّكُمْ وَهُدًى وَرَحْمَةٌ لِّقَوْمٍ يُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر) جڏھن وٽن ڪا آيت نه آڻيندو آھين (ته) چوندا آھن ته (پاڻون) ڇونه ٺاھيندو آھين؟ چؤ ته جيڪي مون ڏانھن پنھنجي پالڻھار جو وحي ٿيندو آھي تنھن کانسواءِ (ڪنھن جي) تابعداري نه ڪندو آھيان، ھي (قرآن) اسانجي پالڻھار وٽان سوجھرو ۽ ھدايت ۽ ٻاجھ انھيءَ قوم لاءِ آھي جي مڃيندي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا قُرِئَ ٱلْقُرْءَانُ فَٱسْتَمِعُوا۟ لَهُۥ وَأَنصِتُوا۟ لَعَلَّكُمْ تُرْحَمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن قرآن پڙھيو وڃي (ته) اُھو ڪن ڏيئي ٻڌو ۽ چُپ ڪريو مانَ ٻاجھ ڪيا وڃو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱذْكُر رَّبَّكَ فِى نَفْسِكَ تَضَرُّعًا وَخِيفَةً وَدُونَ ٱلْجَهْرِ مِنَ ٱلْقَوْلِ بِٱلْغُدُوِّ وَٱلْـَٔاصَالِ وَلَا تَكُن مِّنَ ٱلْغَٰفِلِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ پنھنجي پالڻھار کي پنھنجي دل ۾ عاجزيءَ ۽ ڀو سان وڏي آواز ڌاران صبح ۽ سانجھيءَ جو ياد ڪر ۽ غافلن مان نه ھُج.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلَّذِينَ عِندَ رَبِّكَ لَا يَسْتَكْبِرُونَ عَنْ عِبَادَتِهِۦ وَيُسَبِّحُونَهُۥ وَلَهُۥ يَسْجُدُونَ

Taj Mehmood Amrotiتحقيق جيڪي تنھنجي پالڻھار وٽ (ويجھا) آھن (سي) سندس عبادت کان وڏائي نه ڪندا آھن ۽ ان جي پاڪائي بيان ڪندا آھن ۽ ان کي سجدو ڪندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70