قَدِ ٱفْتَرَيْنَا عَلَى ٱللَّهِ كَذِبًا إِنْ عُدْنَا فِى مِلَّتِكُم بَعْدَ إِذْ نَجَّىٰنَا ٱللَّهُ مِنْهَا وَمَا يَكُونُ لَنَآ أَن نَّعُودَ فِيهَآ إِلَّآ أَن يَشَآءَ ٱللَّهُ رَبُّنَا وَسِعَ رَبُّنَا كُلَّ شَىْءٍ عِلْمًا عَلَى ٱللَّهِ تَوَكَّلْنَا رَبَّنَا ٱفْتَحْ بَيْنَنَا وَبَيْنَ قَوْمِنَا بِٱلْحَقِّ وَأَنتَ خَيْرُ ٱلْفَٰتِحِينَ
Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن اسين اوھان جي پر ۾ اُنھيءَ کانپوءِ جو الله اسان کي کانئس ڇڏايو موٽي اچون ته بيشڪ الله تي ڪُوڙ چيوسون، ۽ اسان جي پالڻھار الله جي گھُر کان سواءِ اسان کي منجھس موٽڻ نه جڳائيندو آھي، اسان جي پالڻھار جي علم سڀني شيئن کي سمايو آھي، اسين الله تي ڀروسو ڪريون ٿا، اي اسانجا پالڻھار اسان جي ۽ اسان جي قوم جي وچ ۾ انصاف سان فيصلو ڪر ۽ تون چڱو فيصلو ڪندڙ آھين.