وَقَطَّعْنَٰهُمْ فِى ٱلْأَرْضِ أُمَمًا مِّنْهُمُ ٱلصَّٰلِحُونَ وَمِنْهُمْ دُونَ ذَٰلِكَ وَبَلَوْنَٰهُم بِٱلْحَسَنَٰتِ وَٱلسَّيِّـَٔاتِ لَعَلَّهُمْ يَرْجِعُونَ
Taj Mehmood Amroti۽ اُنھن (بني اسرائيلن) کي ملڪ ۾ ٽوليون ٽوليون ڪري ڇڙو ڇڙ ڪري ڇڏيوسون، منجھائن ڪي سُڌريل ۽ ڪي اَڻ سڌريل آھن، ۽ اُنھن کي سکن ۽ ڏکن سان پرکيوسون ته مانَ اُھي موٽن.