caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الأنفال الأنفال

٧٥ آيتون · مدني · نزول جي ترتيب ٨٨

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ يَسْـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلْأَنفَالِ قُلِ ٱلْأَنفَالُ لِلَّهِ وَٱلرَّسُولِ فَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ وَأَصْلِحُوا۟ ذَاتَ بَيْنِكُمْ وَأَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥٓ إِن كُنتُم مُّؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) غنيمت جي مال بابت توکان پڇن ٿا، چؤ ته غنيمت جو مال الله ۽ پيغمبر جو آھي، پوءِ الله کان ڊڄو ۽ اوھين پاڻ ۾ ٺھراءُ ڪريو، ۽ جيڪڏھن مؤمن آھيو ته الله ۽ سندس رَسُول جي فرمانبرداري ڪريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّمَا ٱلْمُؤْمِنُونَ ٱلَّذِينَ إِذَا ذُكِرَ ٱللَّهُ وَجِلَتْ قُلُوبُهُمْ وَإِذَا تُلِيَتْ عَلَيْهِمْ ءَايَٰتُهُۥ زَادَتْهُمْ إِيمَٰنًا وَعَلَىٰ رَبِّهِمْ يَتَوَكَّلُونَ

Taj Mehmood Amrotiمُؤمن اُھي ئي آھن جن جون دليون جڏھن الله ياد ڪيو ويندو آھي (ته) ڊڄنديون آھن ۽ جڏھن سندس آيتون انھن کي پڙھي ٻڌائبيون آھن تڏھن اُھي سندن ايمان کي وڌائينديون آھن ۽ پنھنجي پالڻھار تي ڀروسو ڪندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ يُقِيمُونَ ٱلصَّلَوٰةَ وَمِمَّا رَزَقْنَٰهُمْ يُنفِقُونَ

Taj Mehmood Amrotiاُھي نماز پڙھندا آھن ۽ جيڪي کين رزق ڏنوسون تنھن مان خرچيندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُؤْمِنُونَ حَقًّا لَّهُمْ دَرَجَٰتٌ عِندَ رَبِّهِمْ وَمَغْفِرَةٌ وَرِزْقٌ كَرِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiاِھي ئي پڪا مؤمن آھن، انھن لاءِ سندن پالڻھار وٽ (وڏا) درجا ۽ بخشش ۽ چڱي روزي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَمَآ أَخْرَجَكَ رَبُّكَ مِنۢ بَيْتِكَ بِٱلْحَقِّ وَإِنَّ فَرِيقًا مِّنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ لَكَٰرِهُونَ

Taj Mehmood Amrotiجئن تنھنجي رب توکي تنھنجي گھر (مدينه) مان سچي تدبير لاءِ ٻاھر آندو، ۽ بيشڪ مؤمنن منجھان ھڪ ٽولي ضرور ناراض ھئي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يُجَٰدِلُونَكَ فِى ٱلْحَقِّ بَعْدَ مَا تَبَيَّنَ كَأَنَّمَا يُسَاقُونَ إِلَى ٱلْمَوْتِ وَهُمْ يَنظُرُونَ

Taj Mehmood Amrotiاُھي سچي ڳالھه بابت ان جي پڌري ٿيڻ کانپوءِ (به) توسان گفتگو ڪندا رھيا ڄڻ ته اُھي (اکين سان) ڏسندي موت ڏانھن ھڪاليا وڃن ٿا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ يَعِدُكُمُ ٱللَّهُ إِحْدَى ٱلطَّآئِفَتَيْنِ أَنَّهَا لَكُمْ وَتَوَدُّونَ أَنَّ غَيْرَ ذَاتِ ٱلشَّوْكَةِ تَكُونُ لَكُمْ وَيُرِيدُ ٱللَّهُ أَن يُحِقَّ ٱلْحَقَّ بِكَلِمَٰتِهِۦ وَيَقْطَعَ دَابِرَ ٱلْكَٰفِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ (ياد ڪريو) ته جڏھن الله اوھان سان انجام ڪيو ته (ڪافرن جي) ٻن ٽولين مان ھڪ اوھان کي ھٿ لڳندي ۽ اوھان گھريو ٿي ته بي ھٿيار (ٽولي) اوھان لاءِ ھُجي ۽ الله گھريو ٿي ته پنھنجي حُڪم سان حق کي ثابت ڪري ۽ ڪافرن جي پاڙ ھِنَ لاءِ وڍي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لِيُحِقَّ ٱلْحَقَّ وَيُبْطِلَ ٱلْبَٰطِلَ وَلَوْ كَرِهَ ٱلْمُجْرِمُونَ

Taj Mehmood Amrotiته حق کي ثابت ڪري ۽ باطل کي باطل ڪري توڻيڪ گنھگار ناراض رھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ تَسْتَغِيثُونَ رَبَّكُمْ فَٱسْتَجَابَ لَكُمْ أَنِّى مُمِدُّكُم بِأَلْفٍ مِّنَ ٱلْمَلَٰٓئِكَةِ مُرْدِفِينَ

Taj Mehmood Amrotiجڏھن جو پنھنجي پالڻھار کي فرياد ٿي ڪيوَ ته (اُھا) اوھانجي (فرياد) قبول ڪيائين (فرمايائين) ته آءٌ لڳولڳ ھڪ ٻئي پٺيان ايندڙن ھڪ ھزار ملائڪن سان اوھان جي مدد ڪندڙ آھيان.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا جَعَلَهُ ٱللَّهُ إِلَّا بُشْرَىٰ وَلِتَطْمَئِنَّ بِهِۦ قُلُوبُكُمْ وَمَا ٱلنَّصْرُ إِلَّا مِنْ عِندِ ٱللَّهِ إِنَّ ٱللَّهَ عَزِيزٌ حَكِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiالله ان (مدد) کي رڳو خوشخبري ڪيو ھو ۽ ته اُن سان اوھان جون دليون تسلّي واريون ٿين، ۽ الله (جي پار کان) سواءِ (ٻئي ھنڌان) مدد ملڻي نه آھي، ڇوته الله غالب حڪمت وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ يُغَشِّيكُمُ ٱلنُّعَاسَ أَمَنَةً مِّنْهُ وَيُنَزِّلُ عَلَيْكُم مِّنَ ٱلسَّمَآءِ مَآءً لِّيُطَهِّرَكُم بِهِۦ وَيُذْهِبَ عَنكُمْ رِجْزَ ٱلشَّيْطَٰنِ وَلِيَرْبِطَ عَلَىٰ قُلُوبِكُمْ وَيُثَبِّتَ بِهِ ٱلْأَقْدَامَ

Taj Mehmood Amroti(ياد ڪر) جنھن مھل پنھنجي طرف کان امن ڏيڻ لاءِ اوھان کي اوجھراڪي ڍڪايائين ۽ اوھان تي آسمان مان پاڻي ھِن لاءِ وسايائين ته اُن سان اوھان کي پاڪ ڪري ۽ اوھان کان شيطان جي پليتي نئي ۽ اوھان جي دلين کي مُحڪم رکي ۽ ان سان (اوھان جي) قدمن کي مُحڪم ڪري.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ يُوحِى رَبُّكَ إِلَى ٱلْمَلَٰٓئِكَةِ أَنِّى مَعَكُمْ فَثَبِّتُوا۟ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ سَأُلْقِى فِى قُلُوبِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ٱلرُّعْبَ فَٱضْرِبُوا۟ فَوْقَ ٱلْأَعْنَاقِ وَٱضْرِبُوا۟ مِنْهُمْ كُلَّ بَنَانٍ

Taj Mehmood Amroti(ياد ڪر) جڏھن تنھنجي پالڻھار ملائڪن ڏانھن وحي ڪيو ته آءٌ اوھان سان آھيان تنھنڪري مؤمنن کي ھمٿايو، ڪافرن کي دل ۾ سگھو دھشت وجھندس پوءِ (اي مؤمنؤ) گردنين تي ڌڪ ھڻونِ ۽ اُنھن جي آڱرين جا سنڌ ڀڃو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذَٰلِكَ بِأَنَّهُمْ شَآقُّوا۟ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ وَمَن يُشَاقِقِ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ فَإِنَّ ٱللَّهَ شَدِيدُ ٱلْعِقَابِ

Taj Mehmood Amrotiاِھو (حُڪم) ھن سببان آھي جو انھن الله ۽ سندس پيغمبر جي مخالفت ڪئي، ۽ جيڪو الله ۽ سندس پيغمبر جي مُخالفت ڪندو ته بيشڪ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذَٰلِكُمْ فَذُوقُوهُ وَأَنَّ لِلْكَٰفِرِينَ عَذَابَ ٱلنَّارِ

Taj Mehmood Amrotiاھا (سزا اٿو) پوءِ ان کي چکو ۽ پڪ ڄاڻو ته ڪافرن لاءِ باھ جو عذاب آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا لَقِيتُمُ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ زَحْفًا فَلَا تُوَلُّوهُمُ ٱلْأَدْبَارَ

Taj Mehmood Amrotiاي مؤمنؤ جڏھن (ويڙھ ۾) ڪافرن جي مُچي سان آمھون سامھون ٿيو تڏھن اُنھن کي پٺي ڏئي نه ڦرو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَن يُوَلِّهِمْ يَوْمَئِذٍ دُبُرَهُۥٓ إِلَّا مُتَحَرِّفًا لِّقِتَالٍ أَوْ مُتَحَيِّزًا إِلَىٰ فِئَةٍ فَقَدْ بَآءَ بِغَضَبٍ مِّنَ ٱللَّهِ وَمَأْوَىٰهُ جَهَنَّمُ وَبِئْسَ ٱلْمَصِيرُ

Taj Mehmood Amroti۽ اُنھيءَ ڏينھن لڙائيءَ جي کيڏاريءَ يا (پنھنجي لشڪر جي) ڪنھن ٽوليءَ ڏانھن ڀر وٺندڙ کانسواءِ جيڪو انھن کي پٺي ڏئي ڦِرندو سو بيشڪ الله جي ڏمر ھيٺ آيو ۽ سندس جاءِ دوزخ آھي، ۽ اُھا بڇڙي جاءِ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَلَمْ تَقْتُلُوهُمْ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ قَتَلَهُمْ وَمَا رَمَيْتَ إِذْ رَمَيْتَ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ رَمَىٰ وَلِيُبْلِىَ ٱلْمُؤْمِنِينَ مِنْهُ بَلَآءً حَسَنًا إِنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌ عَلِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ کين اوھان نه ڪُٺو پر الله کين ڪٺو آھي، ۽ (اي پيغمبر) جڏھن تو (ڌوڙ جي مُٺ) اُڇلي ته (اُھا) تو نه اُڇلي پر الله اڇلي، ۽ (ھن لاءِ) ته پاڻ وٽان مؤمنن کي (نعمت ڏيڻ سان) چڱي طرح آزمائي، بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذَٰلِكُمْ وَأَنَّ ٱللَّهَ مُوهِنُ كَيْدِ ٱلْكَٰفِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiاِھو (حال) آھي ۽ الله ڪافرن جي مڪر کي سُست ڪندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِن تَسْتَفْتِحُوا۟ فَقَدْ جَآءَكُمُ ٱلْفَتْحُ وَإِن تَنتَهُوا۟ فَهُوَ خَيْرٌ لَّكُمْ وَإِن تَعُودُوا۟ نَعُدْ وَلَن تُغْنِىَ عَنكُمْ فِئَتُكُمْ شَيْـًٔا وَلَوْ كَثُرَتْ وَأَنَّ ٱللَّهَ مَعَ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti(اي ڪافرؤ) جڏھن (بدر جي لڙائيءَ جي سنبرڻ مھل ڪُفر ۽ اسلام جي سچائي پرکڻ لاءِ) سوڀ گھريوَ ته بيشڪ اوھان جي آڏو (اسلام کي) سوڀ آئي، ۽ جيڪڏھن اوھين (اسلام جي سچائي سمجھي ڪفر کان) بس ڪندؤ ته اھو اوھان لاءِ چڱو آھي ۽ جيڪڏھن ٻيھر (ويڙھ لاءِ) ايندؤ ته وري (اسلام کي فتح) ڏينداسون، ۽ اوھانجو لشڪر جيتوڻيڪ گھڻو ھوندو ته به اوھان کان ڪُجھ ٽاري نه سگھندو ۽ بيشڪ الله مؤمنن سان (ساڻ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ أَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ وَلَا تَوَلَّوْا۟ عَنْهُ وَأَنتُمْ تَسْمَعُونَ

Taj Mehmood Amrotiاي ايمان وارؤ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ اُن کان منھن نه موڙيو حالانڪ اوھين (قُرآن) ٻُڌو ٿا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا تَكُونُوا۟ كَٱلَّذِينَ قَالُوا۟ سَمِعْنَا وَهُمْ لَا يَسْمَعُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ انھن (ڪافرن ۽ منافقن) جھڙا نه ٿيو جن چيو ته ٻُڌوسون ۽ اُھي نه ٿا ٻڌن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ شَرَّ ٱلدَّوَآبِّ عِندَ ٱللَّهِ ٱلصُّمُّ ٱلْبُكْمُ ٱلَّذِينَ لَا يَعْقِلُونَ

Taj Mehmood Amrotiالله وٽ (سڀني) جاندارن مان تمام بڇڙا ٻوڙا ۽ گونگا آھن جي (ڪُجھ به) نه سمجھندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَوْ عَلِمَ ٱللَّهُ فِيهِمْ خَيْرًا لَّأَسْمَعَهُمْ وَلَوْ أَسْمَعَهُمْ لَتَوَلَّوا۟ وَّهُم مُّعْرِضُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن الله منجھس ڪا چڱائي ڄاڻي ھا ته ضرور کين ٻُڌائي ھا، ۽ جيڪڏھن کين ٻُڌائي ھا ته اُھي مُنھن موڙيندڙ ٿي ڦرن ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ ٱسْتَجِيبُوا۟ لِلَّهِ وَلِلرَّسُولِ إِذَا دَعَاكُمْ لِمَا يُحْيِيكُمْ وَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ يَحُولُ بَيْنَ ٱلْمَرْءِ وَقَلْبِهِۦ وَأَنَّهُۥٓ إِلَيْهِ تُحْشَرُونَ

Taj Mehmood Amrotiاي مسلمانؤ الله ۽ پيغمبر جو حُڪم قبول ڪريو جڏھن (پيغمبر) اوھان کي ھن لاءِ سڏي ٿو ته اوھانکي جيئرو ڪري، ۽ ڄاڻو ته الله آدمي جي ۽ سندس دل جي وچ ۾ اوٽ ھوندو آھي ۽ ڏانھس گڏ ڪبؤ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱتَّقُوا۟ فِتْنَةً لَّا تُصِيبَنَّ ٱلَّذِينَ ظَلَمُوا۟ مِنكُمْ خَآصَّةً وَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ شَدِيدُ ٱلْعِقَابِ

Taj Mehmood Amroti۽ اُنھيءَ فتني کان ڊڄو جو اوھان مان جن ظلم ڪيو تن کي خلاصو نه پھچندو (بلڪ عام ھوندو)، ۽ ڄاڻو ته الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱذْكُرُوٓا۟ إِذْ أَنتُمْ قَلِيلٌ مُّسْتَضْعَفُونَ فِى ٱلْأَرْضِ تَخَافُونَ أَن يَتَخَطَّفَكُمُ ٱلنَّاسُ فَـَٔاوَىٰكُمْ وَأَيَّدَكُم بِنَصْرِهِۦ وَرَزَقَكُم مِّنَ ٱلطَّيِّبَٰتِ لَعَلَّكُمْ تَشْكُرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ (اي مھاجرؤ سندس احسانن کي) ياد ڪريو جڏھن زمين (مُلڪ) ۾ اوھين ٿورڙا (۽) ھيڻا ھيؤ ڊنؤ ٿي ته متان ماڻھو اوھان کي تڪڙو کڻي وٺن، پوءِ اوھان کي جاءِ ڏنائين ۽ اوھان کي پنھنجي مدد سان سگھ ڏنائين ۽ اوھان کي سٺين شين مان روزي ڏنائين ته مانَ اوھين شڪرانو ڪريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ لَا تَخُونُوا۟ ٱللَّهَ وَٱلرَّسُولَ وَتَخُونُوٓا۟ أَمَٰنَٰتِكُمْ وَأَنتُمْ تَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amrotiاي مؤمنؤ الله ۽ پيغمبر جي خيانت نه ڪريو ۽ اوھين ڄاڻي واڻي پاڻ ۾ (ھڪ ٻئي جي) امانت جي خيانت (به) نه ڪريو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّمَآ أَمْوَٰلُكُمْ وَأَوْلَٰدُكُمْ فِتْنَةٌ وَأَنَّ ٱللَّهَ عِندَهُۥٓ أَجْرٌ عَظِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ ڄاڻو ته اوھان جا مال ۽ اوھان جو اولاد رڳو پَرک آھن ۽ الله ئي وٽ وڏو اَجر آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِن تَتَّقُوا۟ ٱللَّهَ يَجْعَل لَّكُمْ فُرْقَانًا وَيُكَفِّرْ عَنكُمْ سَيِّـَٔاتِكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ وَٱللَّهُ ذُو ٱلْفَضْلِ ٱلْعَظِيمِ

Taj Mehmood Amrotiاي ايمان وارؤ جيڪڏھن الله کان ڊڄندا رھندؤ ته اوھان لاءِ (اوھان جي دلين ۾ حق ۽ باطل کي) نکيڙيندڙ (نُور) پيدا ڪندو ۽ اوھانجا گناھ اوھان کان ٽاريندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله وڏي فضل وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ يَمْكُرُ بِكَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ لِيُثْبِتُوكَ أَوْ يَقْتُلُوكَ أَوْ يُخْرِجُوكَ وَيَمْكُرُونَ وَيَمْكُرُ ٱللَّهُ وَٱللَّهُ خَيْرُ ٱلْمَٰكِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ (اي پيغمبر ياد ڪر) جنھن مھل تولاءِ ڪافرن رٿ ٿي ڪئي ته توکي بند ڪن يا توکي شھيد ڪن يا توکي ڪڍي ڇڏين، ۽ (بڇڙي) رٿ ڪيائون ٿي ۽ الله (به) رٿ ڪئي ٿي، ۽ الله چڱو رٿ ڪندڙن مان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذَا تُتْلَىٰ عَلَيْهِمْ ءَايَٰتُنَا قَالُوا۟ قَدْ سَمِعْنَا لَوْ نَشَآءُ لَقُلْنَا مِثْلَ هَٰذَآ إِنْ هَٰذَآ إِلَّآ أَسَٰطِيرُ ٱلْأَوَّلِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن اسان جون آيتون کين پڙھي ٻڌائجن ٿيون (ته) چوندا آھن ته ٻڌوسون جيڪڏھن گھُرون ته اُنھي جھڙو (اسين به) چئون ته ھيءُ ته رڳو اڳين جون آکاڻيون آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ قَالُوا۟ ٱللَّهُمَّ إِن كَانَ هَٰذَا هُوَ ٱلْحَقَّ مِنْ عِندِكَ فَأَمْطِرْ عَلَيْنَا حِجَارَةً مِّنَ ٱلسَّمَآءِ أَوِ ٱئْتِنَا بِعَذَابٍ أَلِيمٍ

Taj Mehmood Amroti۽ (ياد ڪريو) جڏھن (ڪافرن) چيو ته اي الله جيڪڏھن ھي (قرآن) تو وٽان حق آھي ته اسان تي آسمان کان پَھڻ وساءِ يا ڪو ڏکوئيندڙ عذاب اسان تي آڻ.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا كَانَ ٱللَّهُ لِيُعَذِّبَهُمْ وَأَنتَ فِيهِمْ وَمَا كَانَ ٱللَّهُ مُعَذِّبَهُمْ وَهُمْ يَسْتَغْفِرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ الله کي نه جڳائيندو آھي جو منجھن تنھنجي ھوندي کين عذاب ڪري، ۽ الله کي (ھي به) نه جڳائيندو آھي جو کين ھن ھوندي عذاب ڪري جو اُھي بخشش گھرندا ھجن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا لَهُمْ أَلَّا يُعَذِّبَهُمُ ٱللَّهُ وَهُمْ يَصُدُّونَ عَنِ ٱلْمَسْجِدِ ٱلْحَرَامِ وَمَا كَانُوٓا۟ أَوْلِيَآءَهُۥٓ إِنْ أَوْلِيَآؤُهُۥٓ إِلَّا ٱلْمُتَّقُونَ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَهُمْ لَا يَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ کين ڇا (ٿيو) آھي جو الله کين (پيغمبر جي ھجرت کانپوءِ) عذاب نه ڪري ھن ھوندي جو اُھي تعظيم واريءَ مسجد کان (ماڻھن کي) جھلن ٿا ۽ اُن جا مُتولّي نه آھن، پرھيزگارن کانسواءِ ٻيو ڪو اُن جو متولّي نه آھي پر انھن مان گھڻا نه ڄاڻندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَمَا كَانَ صَلَاتُهُمْ عِندَ ٱلْبَيْتِ إِلَّا مُكَآءً وَتَصْدِيَةً فَذُوقُوا۟ ٱلْعَذَابَ بِمَا كُنتُمْ تَكْفُرُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ سندين نماز الله جي گھر وٽ سيٽين ۽ تاڙين ھڻڻ کانسواءِ (ڪُجھ) نه آھي، پوءِ انھيءَ سببان جو ڪفر ڪندا آھيو عذاب چکو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ يُنفِقُونَ أَمْوَٰلَهُمْ لِيَصُدُّوا۟ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ فَسَيُنفِقُونَهَا ثُمَّ تَكُونُ عَلَيْهِمْ حَسْرَةً ثُمَّ يُغْلَبُونَ وَٱلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِلَىٰ جَهَنَّمَ يُحْشَرُونَ

Taj Mehmood Amroti(۽) ڪافر پنھنجا مال ھن لاءِ خرچين ٿا ته (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلين، پوءِ اھو سگھو انھن (مالن) کي خرچ ڪندا وري (اھو خرچڻ) مٿن ارمان ٿيندو وري مغلوب ڪيا ويندا، ۽ ڪافر دوزخ ڏانھن گڏ ڪيا ويندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لِيَمِيزَ ٱللَّهُ ٱلْخَبِيثَ مِنَ ٱلطَّيِّبِ وَيَجْعَلَ ٱلْخَبِيثَ بَعْضَهُۥ عَلَىٰ بَعْضٍ فَيَرْكُمَهُۥ جَمِيعًا فَيَجْعَلَهُۥ فِى جَهَنَّمَ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْخَٰسِرُونَ

Taj Mehmood Amrotiته الله پليت کي پاڪ کان ڌار ڪري ۽ پليت کي ھڪ ٻئي تي رکي پوءِ ھيڪاندو ڍير ڪري پوءِ اُن کي دوزخ ۾ وجھي، اِھي ئي ڇيئي وارا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

قُل لِّلَّذِينَ كَفَرُوٓا۟ إِن يَنتَهُوا۟ يُغْفَرْ لَهُم مَّا قَدْ سَلَفَ وَإِن يَعُودُوا۟ فَقَدْ مَضَتْ سُنَّتُ ٱلْأَوَّلِينَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) ڪافرن کي چؤ ته جيڪڏھن اوھين مُڙندؤ ته جو ڪُجھ گذريو سو کين بخشبو، ۽ جيڪڏھن ٻيھر ويڙھ ڪندا ته بيشڪ اڳين جي (اھا) عادت ٿي گذري آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَقَٰتِلُوهُمْ حَتَّىٰ لَا تَكُونَ فِتْنَةٌ وَيَكُونَ ٱلدِّينُ كُلُّهُۥ لِلَّهِ فَإِنِ ٱنتَهَوْا۟ فَإِنَّ ٱللَّهَ بِمَا يَعْمَلُونَ بَصِيرٌ

Taj Mehmood Amroti۽ (اي مؤمنؤ) اُنھن سان (ايستائين) لڙائي ڪريو جيسين (ڪفر جو) غلبو نه رھي ۽ سموري حڪومت رڳو الله جي ٿئي (يعني قانونِ الاھي جو عمل ھلي)، پوءِ جيڪڏھن مڙي وڃن ته جيڪي ڪندا آھن سو الله ڏسندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِن تَوَلَّوْا۟ فَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّ ٱللَّهَ مَوْلَىٰكُمْ نِعْمَ ٱلْمَوْلَىٰ وَنِعْمَ ٱلنَّصِيرُ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن مُنھن موڙيائون (۽ باز نه آيا) ته ڄاڻو ته الله اوھان جو سنڀاليندڙ آھي، (۽ اُھو) چڱو سنڀاليندڙ ۽ چڱو مددگار آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱعْلَمُوٓا۟ أَنَّمَا غَنِمْتُم مِّن شَىْءٍ فَأَنَّ لِلَّهِ خُمُسَهُۥ وَلِلرَّسُولِ وَلِذِى ٱلْقُرْبَىٰ وَٱلْيَتَٰمَىٰ وَٱلْمَسَٰكِينِ وَٱبْنِ ٱلسَّبِيلِ إِن كُنتُمْ ءَامَنتُم بِٱللَّهِ وَمَآ أَنزَلْنَا عَلَىٰ عَبْدِنَا يَوْمَ ٱلْفُرْقَانِ يَوْمَ ٱلْتَقَى ٱلْجَمْعَانِ وَٱللَّهُ عَلَىٰ كُلِّ شَىْءٍ قَدِيرٌ

Taj Mehmood Amroti۽ (ھيءَ ڳالھ) ڄاڻو ته جيڪو مال (ڪافرن تي فتح لھڻ کانپوءِ) اوھان جي ھٿ ۾ آيو تنھنجو پنجون حصّو الله ۽ پيغمبر ۽ (پيغمبر جي) عزيزن ۽ يتيمن ۽ مسڪينن ۽ مسافرن لاءِ آھي جيڪڏھن اوھان الله کي مڃيو آھي ۽ (پڻ) جيڪو پنھنجي ٻانھي (ﷴ) تي فيصلي جي ڏينھن جنھن ڏينھن ٻئي ٽوليون پاڻ ۾ مقابل ٿيون نازل ڪيوسون (تنھن تي يقين رکندا آھيو ته اُن حُڪم تي عمل ڪريو)، ۽ الله سڀڪنھن شيء تي وسوارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ أَنتُم بِٱلْعُدْوَةِ ٱلدُّنْيَا وَهُم بِٱلْعُدْوَةِ ٱلْقُصْوَىٰ وَٱلرَّكْبُ أَسْفَلَ مِنكُمْ وَلَوْ تَوَاعَدتُّمْ لَٱخْتَلَفْتُمْ فِى ٱلْمِيعَٰدِ وَلَٰكِن لِّيَقْضِىَ ٱللَّهُ أَمْرًا كَانَ مَفْعُولًا لِّيَهْلِكَ مَنْ هَلَكَ عَنۢ بَيِّنَةٍ وَيَحْيَىٰ مَنْ حَىَّ عَنۢ بَيِّنَةٍ وَإِنَّ ٱللَّهَ لَسَمِيعٌ عَلِيمٌ

Taj Mehmood Amroti(اِھو اُھو وقت ھو) جنھن مھل اوھين اورين ڀر ۽ ھو پرينءَ ڀر ھوا ۽ قافلو اوھان کان ھيٺين ڀَر (ھليو ويو)، ۽ جيڪڏھن پاڻ ۾ انجام ڪريو ھا ته ضرور انجام ۾ برخلاف ٿيو ھا پر ھِن لاءِ ته جيڪو ڪم الله کي ڪرڻو ھو سو پورو ڪري (ته حق پڌرو ٿئي، ۽) ھن لاءِ ته جيڪو ھلاڪ (گمراہ) ٿئي سو چٽائي کانپوءِ مرته ھلاڪ ٿئي ۽ جيڪو جيئرو ٿئي (يعني حق کي پروڙي) سو چٽائي کانپوءِ مرته جيئرو رھي، ۽ بيشڪ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ يُرِيكَهُمُ ٱللَّهُ فِى مَنَامِكَ قَلِيلًا وَلَوْ أَرَىٰكَهُمْ كَثِيرًا لَّفَشِلْتُمْ وَلَتَنَٰزَعْتُمْ فِى ٱلْأَمْرِ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ سَلَّمَ إِنَّهُۥ عَلِيمٌۢ بِذَاتِ ٱلصُّدُورِ

Taj Mehmood Amroti(ياد ڪر) جنھن مھل الله تنھنجي خواب ۾ توکي اُھي (ڪافر) ٿورا ڏيکاريا، ۽ جيڪڏھن توکي اُھي گھڻا ڏيکاري ھا ته ضرور بي ھمّت ٿيو ھا ۽ ضرور (اُن) ڪم ۾ ھڪٻئي سان تڪرار ڪريو ھا پر الله (اُن تڪرار کان اوھان کي) بچايو، بيشڪ اُھو سينن وارو (ڀيد) ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ يُرِيكُمُوهُمْ إِذِ ٱلْتَقَيْتُمْ فِىٓ أَعْيُنِكُمْ قَلِيلًا وَيُقَلِّلُكُمْ فِىٓ أَعْيُنِهِمْ لِيَقْضِىَ ٱللَّهُ أَمْرًا كَانَ مَفْعُولًا وَإِلَى ٱللَّهِ تُرْجَعُ ٱلْأُمُورُ

Taj Mehmood Amroti۽ (ياد ڪريو) جڏھن اوھين ھڪٻئي جي سامھون ٿيؤ تڏھن (الله) اوھان جي اکين ۾ اُھي ٿورڙا ڪري ڏيکاريا ٿي ۽ انھن (ڪافرن) جي نگاھن ۾ اوھانکي ٿورڙا ڪري ڏيکاريائين ٿي ھن لاءِ ته الله اھو پورو ڪري جيڪو ڪرڻو ھو، ۽ الله ڏانھن (سڀ) ڪم موٽايا ويندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلَّذِينَ ءَامَنُوٓا۟ إِذَا لَقِيتُمْ فِئَةً فَٱثْبُتُوا۟ وَٱذْكُرُوا۟ ٱللَّهَ كَثِيرًا لَّعَلَّكُمْ تُفْلِحُونَ

Taj Mehmood Amrotiاي ايمان وارؤ! جڏھن ڪنھن (ڪافر) ٽوليءَ سان (جنگ ۾) مقابلو ڪريو تڏھن ثابت قدم رھو ۽ الله کي گھڻو ياد ڪريو ته مانَ اوھين ڇُٽو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَطِيعُوا۟ ٱللَّهَ وَرَسُولَهُۥ وَلَا تَنَٰزَعُوا۟ فَتَفْشَلُوا۟ وَتَذْهَبَ رِيحُكُمْ وَٱصْبِرُوٓا۟ إِنَّ ٱللَّهَ مَعَ ٱلصَّٰبِرِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ الله ۽ سندس پيغمبر جي فرمانبرداري ڪريو ۽ پاڻ ۾ تڪرار نه ڪريو نه ته سست ٿيندؤ ۽ اوھان جي ((اتفاق جي) بوءِ ھلي ويندي ۽ صبر ڪريو، بيشڪ الله صابرن سان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا تَكُونُوا۟ كَٱلَّذِينَ خَرَجُوا۟ مِن دِيَٰرِهِم بَطَرًا وَرِئَآءَ ٱلنَّاسِ وَيَصُدُّونَ عَن سَبِيلِ ٱللَّهِ وَٱللَّهُ بِمَا يَعْمَلُونَ مُحِيطٌ

Taj Mehmood Amroti۽ اوھين اُنھن (بدر وارن ڪافرن) وانگر نه ٿيو جيڪي پنھنجي ديس مان تڪبر سان ۽ ماڻھن جي ڏيکاري لاءِ نڪتا ۽ (ماڻھن کي) الله جي واٽ کان جھلڻ لڳا، ۽ جيڪي ڪندا آھن تنھن کي الله گھيروڪندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِذْ زَيَّنَ لَهُمُ ٱلشَّيْطَٰنُ أَعْمَٰلَهُمْ وَقَالَ لَا غَالِبَ لَكُمُ ٱلْيَوْمَ مِنَ ٱلنَّاسِ وَإِنِّى جَارٌ لَّكُمْ فَلَمَّا تَرَآءَتِ ٱلْفِئَتَانِ نَكَصَ عَلَىٰ عَقِبَيْهِ وَقَالَ إِنِّى بَرِىٓءٌ مِّنكُمْ إِنِّىٓ أَرَىٰ مَا لَا تَرَوْنَ إِنِّىٓ أَخَافُ ٱللَّهَ وَٱللَّهُ شَدِيدُ ٱلْعِقَابِ

Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن شيطان سندن ڪرتوت اُنھن لاءِ سينگاريا ۽ (ڪافرن کي) کي چيائين ته اڄ ماڻھن مان ڪوبه اوھان تي غالب (ٿيڻو) نه آھي ۽ بيشڪ آءٌ اوھان جو واھرو آھيان، پوءِ جڏھن ٻئي لشڪر آمھون سامھون ٿيا ته (شيطان) پنھنجين کڙين (ڀرپوءِ) تي ڀڳو ۽ چيائين ته آءٌ اوھان کان بيزار آھيان تحقيق جيڪي مان ڏسان ٿو سو اوھين نٿا ڏسو تحقيق آءٌ الله کان ڊڄان ٿو، ۽ الله سخت سزا ڏيندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِذْ يَقُولُ ٱلْمُنَٰفِقُونَ وَٱلَّذِينَ فِى قُلُوبِهِم مَّرَضٌ غَرَّ هَٰٓؤُلَآءِ دِينُهُمْ وَمَن يَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ فَإِنَّ ٱللَّهَ عَزِيزٌ حَكِيمٌ

Taj Mehmood Amroti(اُھو وقت ياد ڪريو) جنھن مھل منافقن ۽ جن جي دلين ۾ بيماري ھئي تن چيو ته ھنن (مسلمانن) کي سندن دين ٺڳيو آھي، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو آھي ته بيشڪ الله غالب حڪمت وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَوْ تَرَىٰٓ إِذْ يَتَوَفَّى ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ ٱلْمَلَٰٓئِكَةُ يَضْرِبُونَ وُجُوهَهُمْ وَأَدْبَٰرَهُمْ وَذُوقُوا۟ عَذَابَ ٱلْحَرِيقِ

Taj Mehmood Amroti(اي ڏسندڙ) جيڪڏھن (اُنھي مھل) ڏسين جنھن وقت ملائڪ ڪافرن جو ساہ ڪڍندا آھن (۽) سندن مُنھن ۽ پٺين کي سٽيندا ڪٽيندا آھن (ته عجب ڪرين) ۽ (چوندا اٿن ته ھاڻي) ساڙيندڙ عذاب (جو مزو) چکو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذَٰلِكَ بِمَا قَدَّمَتْ أَيْدِيكُمْ وَأَنَّ ٱللَّهَ لَيْسَ بِظَلَّٰمٍ لِّلْعَبِيدِ

Taj Mehmood Amrotiاِھو ھن سببان آھي جو جيڪي اوھان جي ھٿن اڳي موڪليو آھي ۽ بيشڪ الله ٻانھن تي ظلم ڪندڙ نه آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَدَأْبِ ءَالِ فِرْعَوْنَ وَٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ كَفَرُوا۟ بِـَٔايَٰتِ ٱللَّهِ فَأَخَذَهُمُ ٱللَّهُ بِذُنُوبِهِمْ إِنَّ ٱللَّهَ قَوِىٌّ شَدِيدُ ٱلْعِقَابِ

Taj Mehmood Amroti(انھن جو حال) فرعونين ۽ انھن جھڙو آھي جيڪي کانئن اڳ ھوا، (جو) الله جي آيتن کي نه مڃيائون پوءِ الله سندن گناھن سببان کين پڪڙيو، بيشڪ الله سگھارو سخت سزا ڏيندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ذَٰلِكَ بِأَنَّ ٱللَّهَ لَمْ يَكُ مُغَيِّرًا نِّعْمَةً أَنْعَمَهَا عَلَىٰ قَوْمٍ حَتَّىٰ يُغَيِّرُوا۟ مَا بِأَنفُسِهِمْ وَأَنَّ ٱللَّهَ سَمِيعٌ عَلِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiاھو ھن سببان آھي جو الله جا نعمت ڪنھن قوم کي عطا ڪندو آھي تنھن کي (اُھو) ايستائين ڪڏھن نه مٽائيندو آھي جيسين جيڪي سندن دلين ۾ آھي سو (پاڻ نه) مٽائيندا آھن ۽ الله ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

كَدَأْبِ ءَالِ فِرْعَوْنَ وَٱلَّذِينَ مِن قَبْلِهِمْ كَذَّبُوا۟ بِـَٔايَٰتِ رَبِّهِمْ فَأَهْلَكْنَٰهُم بِذُنُوبِهِمْ وَأَغْرَقْنَآ ءَالَ فِرْعَوْنَ وَكُلٌّ كَانُوا۟ ظَٰلِمِينَ

Taj Mehmood Amroti(انھن جو حال) فرعونين ۽ پڻ جيڪي کانئن اڳ ھوا تن جھڙو آھي، (جو) پنھنجي پالڻھار جي آيتن کي ڪوڙ ڄاتائون تنھنڪري انھن کي سندن گناھن سببان ھلاڪ ڪيوسون ۽ فرعونين کي ٻوڙيوسون، مڙئي ظالم ھوا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ شَرَّ ٱلدَّوَآبِّ عِندَ ٱللَّهِ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ فَهُمْ لَا يُؤْمِنُونَ

Taj Mehmood Amrotiجاندارن مان (سڀ کان) بڇڙا الله وٽ ڪافر آھن پوءِ اُھي ايمان نه ٿا آڻين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلَّذِينَ عَٰهَدتَّ مِنْهُمْ ثُمَّ يَنقُضُونَ عَهْدَهُمْ فِى كُلِّ مَرَّةٍ وَهُمْ لَا يَتَّقُونَ

Taj Mehmood Amrotiانھن مان جن سان (صلح جو) انجام ڪيو اٿيئي پوءِ وري ھر ڀيري پنھنجو انجام ڀڃيندا آھن ۽ اُھي نه ڊڄندا آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَإِمَّا تَثْقَفَنَّهُمْ فِى ٱلْحَرْبِ فَشَرِّدْ بِهِم مَّنْ خَلْفَهُمْ لَعَلَّهُمْ يَذَّكَّرُونَ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪڏھن لڙائيءَ ۾ کين لھين ته (انھن کي اھڙي سزا ڏي جنھن جي ڪري) جيڪي سندن پوئتان ھجن تن کي ڀڄاءِ ته مانَ اھي ياد ڪن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِمَّا تَخَافَنَّ مِن قَوْمٍ خِيَانَةً فَٱنۢبِذْ إِلَيْهِمْ عَلَىٰ سَوَآءٍ إِنَّ ٱللَّهَ لَا يُحِبُّ ٱلْخَآئِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن ڪنھن قوم جي (انجام ڀڃڻ جي) خيانت کان ڊڄين ته اُنھن ڏانھن (سندن انجام) پوري ٿيڻ مھل بيزاريءَ جو اطلاع موڪل، ڇوته الله خيانت ڪندڙن کي دوست نه رکندو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَلَا يَحْسَبَنَّ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ سَبَقُوٓا۟ إِنَّهُمْ لَا يُعْجِزُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ ڪافر (ايئن) نه ڀائين ته (ڪو) اڳرائي ڪيائون، بيشڪ اُھي نه ٿڪائيندا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَعِدُّوا۟ لَهُم مَّا ٱسْتَطَعْتُم مِّن قُوَّةٍ وَمِن رِّبَاطِ ٱلْخَيْلِ تُرْهِبُونَ بِهِۦ عَدُوَّ ٱللَّهِ وَعَدُوَّكُمْ وَءَاخَرِينَ مِن دُونِهِمْ لَا تَعْلَمُونَهُمُ ٱللَّهُ يَعْلَمُهُمْ وَمَا تُنفِقُوا۟ مِن شَىْءٍ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ يُوَفَّ إِلَيْكُمْ وَأَنتُمْ لَا تُظْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti۽ انھن لاءِ (لڙائي جي ھٿيارن جي) سگھ مان ۽ گھوڙن جي تيار رکڻ مان جيڪي ٿي سگھيوَ سو الله جي ويرين ۽ پنھنجن ويرين کي دھشت ڏيڻ لاءِ تيار رکو ۽ انھي کانسواءِ ٻي قوم کي (به) کين نه ڄاڻندا آھيو، اُنھن کي الله ڄاڻندو آھي، ۽ جيڪي ڪنھن شيء مان الله جي واٽ ۾ خرچيو سو اوھان کي پورو ڏبو ۽ اوھان کي گھٽ نه ڏبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِن جَنَحُوا۟ لِلسَّلْمِ فَٱجْنَحْ لَهَا وَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ إِنَّهُۥ هُوَ ٱلسَّمِيعُ ٱلْعَلِيمُ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن صلح لاءِ لاڙو ڪن ته (تون به) اُن ڏانھن لاڙو ڪر ۽ الله تي ڀروسو ڪر، بيشڪ اُھو ٻڌندڙ ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِن يُرِيدُوٓا۟ أَن يَخْدَعُوكَ فَإِنَّ حَسْبَكَ ٱللَّهُ هُوَ ٱلَّذِىٓ أَيَّدَكَ بِنَصْرِهِۦ وَبِٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن توکي دولاب ڏيڻ جو ارادو ڪن ٿا ته بيشڪ تو لاءِ الله ڪافي آھي، (۽) اُھوئي آھي جنھن توکي ۽ مؤمنن کي پنھنجي مدد سان سگھ ڏني.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَأَلَّفَ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ لَوْ أَنفَقْتَ مَا فِى ٱلْأَرْضِ جَمِيعًا مَّآ أَلَّفْتَ بَيْنَ قُلُوبِهِمْ وَلَٰكِنَّ ٱللَّهَ أَلَّفَ بَيْنَهُمْ إِنَّهُۥ عَزِيزٌ حَكِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ اُنھن (مؤمنن) جي دلين ۾ ميلاپ ڏنائين، جيڪي زمين ۾ آھي سو مڙئي جيڪڏھن تون خرچين ھا ته سندين دلين ۾ ميلاپ ڏئي نه سگھين ھا پر الله سندن وچ ۾ ميلاپ ڏنون، بيشڪ اُھو غالب حڪمت وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ حَسْبُكَ ٱللَّهُ وَمَنِ ٱتَّبَعَكَ مِنَ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amrotiاي پيغمبر توکي ۽ پڻ مؤمنن مان جن تنھنجي تابعداري ڪئي تن کي الله ڪافي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ حَرِّضِ ٱلْمُؤْمِنِينَ عَلَى ٱلْقِتَالِ إِن يَكُن مِّنكُمْ عِشْرُونَ صَٰبِرُونَ يَغْلِبُوا۟ مِا۟ئَتَيْنِ وَإِن يَكُن مِّنكُم مِّا۟ئَةٌ يَغْلِبُوٓا۟ أَلْفًا مِّنَ ٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بِأَنَّهُمْ قَوْمٌ لَّا يَفْقَهُونَ

Taj Mehmood Amrotiاي پيغمبر مؤمنن کي لڙائيءَ تي ھمتاءِ، جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا وِيھ آھن ته ٻن سَون تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان سَو آھن ته ھڪ ھزار ڪافرن تي غالب ٿيندا ھن ڪري جو اُھا اھڙي قوم آھي جا نه سمجھندي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

ٱلْـَٰٔنَ خَفَّفَ ٱللَّهُ عَنكُمْ وَعَلِمَ أَنَّ فِيكُمْ ضَعْفًا فَإِن يَكُن مِّنكُم مِّا۟ئَةٌ صَابِرَةٌ يَغْلِبُوا۟ مِا۟ئَتَيْنِ وَإِن يَكُن مِّنكُمْ أَلْفٌ يَغْلِبُوٓا۟ أَلْفَيْنِ بِإِذْنِ ٱللَّهِ وَٱللَّهُ مَعَ ٱلصَّٰبِرِينَ

Taj Mehmood Amrotiھاڻي الله اوھان تان بار ھلڪو ڪيو ۽ اوھان ۾ ھيڻائي معلوم ڪيائين، پوءِ جيڪڏھن اوھان مان صبر وارا سَو ھوندا ته ٻن سون تي غالب ٿيندا، ۽ جيڪڏھن اوھان مان ھزار ھوندا ته ٻن ھزارن تي الله جي حڪم سان غالب ٿيندا، ۽ الله صابرن ساڻ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

مَا كَانَ لِنَبِىٍّ أَن يَكُونَ لَهُۥٓ أَسْرَىٰ حَتَّىٰ يُثْخِنَ فِى ٱلْأَرْضِ تُرِيدُونَ عَرَضَ ٱلدُّنْيَا وَٱللَّهُ يُرِيدُ ٱلْـَٔاخِرَةَ وَٱللَّهُ عَزِيزٌ حَكِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiپيغمبر کي نه جڳائيندو آھي جو وٽس قيدي ھجن (بلڪ ڪُٺا وڃن) جيستائين مُلڪ ۾ (ڪافرن جي عام) خونريزي نه ڪري، (اوھين) دنيا جو سامان گھرندا آھيو، ۽ الله آخرت (جو ثواب ڏيڻ) گھرندو آھي، ۽ الله غالب حِڪمت وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

لَّوْلَا كِتَٰبٌ مِّنَ ٱللَّهِ سَبَقَ لَمَسَّكُمْ فِيمَآ أَخَذْتُمْ عَذَابٌ عَظِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiجيڪڏھن خدا جي تقدير ۾ اڳي لکيل نه ھجي ھا ته اوھان جيڪي (فديو) ورتو تنھن ۾ اوھان کي ضرور وڏو عذاب پھچي ھا.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَكُلُوا۟ مِمَّا غَنِمْتُمْ حَلَٰلًا طَيِّبًا وَٱتَّقُوا۟ ٱللَّهَ إِنَّ ٱللَّهَ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiپوءِ جيڪي اوھان مال غنيمت ورتو سو پاڪ حلال (ڀانيو ۽) کائو، ۽ الله کان ڊڄو، بيشڪ الله بخشڻھار مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

يَٰٓأَيُّهَا ٱلنَّبِىُّ قُل لِّمَن فِىٓ أَيْدِيكُم مِّنَ ٱلْأَسْرَىٰٓ إِن يَعْلَمِ ٱللَّهُ فِى قُلُوبِكُمْ خَيْرًا يُؤْتِكُمْ خَيْرًا مِّمَّآ أُخِذَ مِنكُمْ وَيَغْفِرْ لَكُمْ وَٱللَّهُ غَفُورٌ رَّحِيمٌ

Taj Mehmood Amrotiاي پيغمبر، قيدين مان جيڪي اوھان جي ھٿن ۾ آھن تن کي چؤ ته جيڪڏھن الله اوھان جي دلين ۾ ڪا چڱائي ڄاتي ته جيڪي اوھان کان ورتو ويو تنھن کان چڱو اوھان کي ڏيندو ۽ اوھان کي بخشيندو، ۽ الله بخشڻھار مھربان آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِن يُرِيدُوا۟ خِيَانَتَكَ فَقَدْ خَانُوا۟ ٱللَّهَ مِن قَبْلُ فَأَمْكَنَ مِنْهُمْ وَٱللَّهُ عَلِيمٌ حَكِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪڏھن توسان خيانت ڪرڻ گھرندا ته بيشڪ الله سان (به) اڳ خيانت ڪئي ھوائون پوءِ (اوھان کي) انھن تي سگھارو ڪيائين، ۽ الله ڄاڻندڙ حڪمت وارو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَهَاجَرُوا۟ وَجَٰهَدُوا۟ بِأَمْوَٰلِهِمْ وَأَنفُسِهِمْ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ وَٱلَّذِينَ ءَاوَوا۟ وَّنَصَرُوٓا۟ أُو۟لَٰٓئِكَ بَعْضُهُمْ أَوْلِيَآءُ بَعْضٍ وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَلَمْ يُهَاجِرُوا۟ مَا لَكُم مِّن وَلَٰيَتِهِم مِّن شَىْءٍ حَتَّىٰ يُهَاجِرُوا۟ وَإِنِ ٱسْتَنصَرُوكُمْ فِى ٱلدِّينِ فَعَلَيْكُمُ ٱلنَّصْرُ إِلَّا عَلَىٰ قَوْمٍۭ بَيْنَكُمْ وَبَيْنَهُم مِّيثَٰقٌ وَٱللَّهُ بِمَا تَعْمَلُونَ بَصِيرٌ

Taj Mehmood Amrotiجن ايمان آندو ۽ حجرت ڪئي ۽ پنھنجن مالن ۽ پنھنجن جندن سان الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اھي ھڪ ٻئي جا دوست آھن، ۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت نه ڪئي اوھان تي انھن جي دوستيءَ جو ڪو حق نه آھي جيسين ھجرت ڪن، ۽ جيڪڏھن دين (جي ڪم) ۾ اوھان کان مدد گھُرن ته اوھان کي انھيءَ قوم کانسواءِ ٻي قوم تي مدد ڏيڻ لازم آھي جن جو اوھانجي ۽ ھنن جي وچ ۾ انجام ٿيل ھجي، ۽ جيڪي ڪندا آھيو سو الله ڏسندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ كَفَرُوا۟ بَعْضُهُمْ أَوْلِيَآءُ بَعْضٍ إِلَّا تَفْعَلُوهُ تَكُن فِتْنَةٌ فِى ٱلْأَرْضِ وَفَسَادٌ كَبِيرٌ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي ڪافر آھن تن مان ھڪڙا ٻين جا سنگتي آھن، پر (اي مسلمانؤ) جيڪڏھن اوھين (ائين) نه ڪندؤ ته مُلڪ ۾ فتنو ۽ وڏو فساد ٿيندو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ وَهَاجَرُوا۟ وَجَٰهَدُوا۟ فِى سَبِيلِ ٱللَّهِ وَٱلَّذِينَ ءَاوَوا۟ وَّنَصَرُوٓا۟ أُو۟لَٰٓئِكَ هُمُ ٱلْمُؤْمِنُونَ حَقًّا لَّهُم مَّغْفِرَةٌ وَرِزْقٌ كَرِيمٌ

Taj Mehmood Amroti۽ جن ايمان آندو ۽ ھجرت ڪئي ۽ الله جي واٽ ۾ جھاد ڪيو ۽ جن جاءِ ڏني ۽ مدد ڪئي اِھي ئي سچا مؤمن آھن، اُنھن لاءِ بخشش ۽ سڳوري روزي آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَٱلَّذِينَ ءَامَنُوا۟ مِنۢ بَعْدُ وَهَاجَرُوا۟ وَجَٰهَدُوا۟ مَعَكُمْ فَأُو۟لَٰٓئِكَ مِنكُمْ وَأُو۟لُوا۟ ٱلْأَرْحَامِ بَعْضُهُمْ أَوْلَىٰ بِبَعْضٍ فِى كِتَٰبِ ٱللَّهِ إِنَّ ٱللَّهَ بِكُلِّ شَىْءٍ عَلِيمٌۢ

Taj Mehmood Amroti۽ جن (انھن کان) پوءِ ايمان آندو ۽ ھِجرت ڪئي ۽ اوھان سان گڏ جھاد ڪيو سي به اوھان مان آھن، ۽ مائٽيءَ وارا الله جي حُڪم موجب (پاڻ ۾) ھڪ ٻئي جا وڌيڪ حقدار آھن، ڇوته الله سڀڪنھن شيء کي ڄاڻندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70