caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الأعراف، آيت ١٤٣

مڪي · نزول جي ترتيب ٣٩ · 7:143

وَلَمَّا جَآءَ مُوسَىٰ لِمِيقَٰتِنَا وَكَلَّمَهُۥ رَبُّهُۥ قَالَ رَبِّ أَرِنِىٓ أَنظُرْ إِلَيْكَ قَالَ لَن تَرَىٰنِى وَلَٰكِنِ ٱنظُرْ إِلَى ٱلْجَبَلِ فَإِنِ ٱسْتَقَرَّ مَكَانَهُۥ فَسَوْفَ تَرَىٰنِى فَلَمَّا تَجَلَّىٰ رَبُّهُۥ لِلْجَبَلِ جَعَلَهُۥ دَكًّا وَخَرَّ مُوسَىٰ صَعِقًا فَلَمَّآ أَفَاقَ قَالَ سُبْحَٰنَكَ تُبْتُ إِلَيْكَ وَأَنَا۠ أَوَّلُ ٱلْمُؤْمِنِينَ

Taj Mehmood Amroti۽ جنھن مھل مُوسىٰ اسان جي انجام واري ھنڌ آيو ۽ سندس پالڻھار ساڻس ڳالھايو (تنھن مھل) چيائين ته اي منھنجا پالڻھار مونکي پاڻ ڏيکار ته آءٌ توکي ڏسان، (الله) چيو ته مونکي ڪڏھن نه ڏسي سگھندين پر جبل ڏانھن نھار پوءِ جيڪڏھن پنھنجي جاءِ ٽڪاءُ ڪيو ته تون مونکي ڏسي سگھندين، پوءِ جنھن مھل سندس پالڻھار جبل ڏانھن تجلّو ڪيو (ته) اُن کي ٽڪر ٽڪر ڪري ڇڏيائين ۽ موسىٰ بيھوش ٿي ڪري پيو، پوءِ جنھن مھل ھوش ۾ آيو (ته) چوڻ لڳو ته توکي پاڪائي جڳائي تنھنجي درگاہ ۾ توبه ڪيم ۽ آءٌ (سڀ کان) پھريون مؤمن آھيان.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70