caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة الأعراف، آيت ١٨٧

مڪي · نزول جي ترتيب ٣٩ · 7:187

يَسْـَٔلُونَكَ عَنِ ٱلسَّاعَةِ أَيَّانَ مُرْسَىٰهَا قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِندَ رَبِّى لَا يُجَلِّيهَا لِوَقْتِهَآ إِلَّا هُوَ ثَقُلَتْ فِى ٱلسَّمَٰوَٰتِ وَٱلْأَرْضِ لَا تَأْتِيكُمْ إِلَّا بَغْتَةً يَسْـَٔلُونَكَ كَأَنَّكَ حَفِىٌّ عَنْهَا قُلْ إِنَّمَا عِلْمُهَا عِندَ ٱللَّهِ وَلَٰكِنَّ أَكْثَرَ ٱلنَّاسِ لَا يَعْلَمُونَ

Taj Mehmood Amroti(اي پيغمبر) توکان قيامت بابت پُڇن ٿا ته ڪھڙي مھل اچڻي آھي؟ چؤ ته انھيء جي خبر رڳو منھنجي پالڻھار وٽ آھي، الله کانسواءِ کيس سندس وقت تي ڪو پڌرو نه ڪندو، (اُنجي اچڻ جي مھل جي ڄاڻپ) آسمانن ۽ زمين ۾ ڳري ٿي آھي (يعني ڪو سمجھي نه ٿو سگھي)، اُھا ته اوھان وٽ اوچتو ئي ايندي، (اي پيغمبر) توکان (ائين) پڇن ٿا جو ڄڻڪ تون اُنھن جو کوٽيندڙ (يعني جاچي معلوم ڪندڙ) آھين، چؤ ته اُن جي خبر الله کانسواءِ ٻئي ڪنھن وٽ نه آھي پر گھڻا ماڻھو نه ڄاڻندا آھن.
Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70