وَٱذْكُرُوٓا۟ إِذْ جَعَلَكُمْ خُلَفَآءَ مِنۢ بَعْدِ عَادٍ وَبَوَّأَكُمْ فِى ٱلْأَرْضِ تَتَّخِذُونَ مِن سُهُولِهَا قُصُورًا وَتَنْحِتُونَ ٱلْجِبَالَ بُيُوتًا فَٱذْكُرُوٓا۟ ءَالَآءَ ٱللَّهِ وَلَا تَعْثَوْا۟ فِى ٱلْأَرْضِ مُفْسِدِينَ
Taj Mehmood Amroti۽ جڏھن اوھان کي عادين کانپوءِ پيڙھيءَ تي وھاريائين (سو احسان به) ياد ڪريو ۽ اوھان کي مُلڪ ۾ جاءِ ڏنائين (۽) اُن جي پٽن مان ماڙيون بڻائيندا آھيو ۽ ٽڪرن کي ٽُڪي گھر بڻائيندا آھيو، تنھنڪري الله جو نعمتون ياد ڪريو ۽ (اوھين) مُلڪ ۾ فسادي ٿي بگيڙو نه وجھو.