caseriqقرآن مجيد ۾ معنيٰ جي ڳولا

سورة العاديات العاديات

١١ آيتون · مڪي · نزول جي ترتيب ١٤

بِسْمِ ٱللَّهِ ٱلرَّحْمَٰنِ ٱلرَّحِيمِ وَٱلْعَٰدِيَٰتِ ضَبْحًا

Taj Mehmood Amrotiھانبارو ھڻي ڊوڙندڙن گھوڙن جو قَسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱلْمُورِيَٰتِ قَدْحًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ پھڻن تي نعلن ھڻڻ سان چڻنگن ڪڍندڙن (گھوڙن) جوقسم آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَٱلْمُغِيرَٰتِ صُبْحًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ صبح جي مھل لُٽ ڪندڙ (گھوڙن) جو قسم آھي

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَأَثَرْنَ بِهِۦ نَقْعًا

Taj Mehmood Amrotiجو اُن مھل رئي اُٿارين.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

فَوَسَطْنَ بِهِۦ جَمْعًا

Taj Mehmood Amrotiپوءِ اُن گھڙي (دشمنن جي) ٽوليءَ جي وچ ۾ پون.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ ٱلْإِنسَٰنَ لِرَبِّهِۦ لَكَنُودٌ

Taj Mehmood Amrotiته بيشڪ ماڻھو پنھنجي پالڻھار جو وڏو بي شُڪر آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّهُۥ عَلَىٰ ذَٰلِكَ لَشَهِيدٌ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اُھو پاڻ انھن تي شاھد آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَإِنَّهُۥ لِحُبِّ ٱلْخَيْرِ لَشَدِيدٌ

Taj Mehmood Amroti۽ بيشڪ اھو مال جي محبت ۾ ڏاڍو آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

أَفَلَا يَعْلَمُ إِذَا بُعْثِرَ مَا فِى ٱلْقُبُورِ

Taj Mehmood Amroti(اُنھيءَ وقت کي) نه ڄاڻندو آھي ڇا جنھن وقت انھن کي اُٿاربو جيڪي قبرن ۾ نه آھن.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

وَحُصِّلَ مَا فِى ٱلصُّدُورِ

Taj Mehmood Amroti۽ جيڪي سينن ۾ آھي سو پڌرو ڪبو.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

إِنَّ رَبَّهُم بِهِمْ يَوْمَئِذٍ لَّخَبِيرٌۢ

Taj Mehmood Amrotiبيشڪ اُن ڏينھن سندن پالڻھار سندن (حال جي) خبر رکندڙ آھي.

هن آيت جا سڀ ترجما ڏسو →

Looking for a topic? Try the meaning search — your question is scanned across all 6,236 verses.
ٻولي — 70